محترم امر جليل سان هڪ سُرهي شام ڇنڇر 14 مئي 2016ع ، شام ڇهين وڳي روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ، ڪراچي

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ شاخ، ڪراچيءَ پاران سنڌ ڌرتيءَ جي مشهور دانشور، اديب، ڪهاڻيڪار، ناولنگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار ۽ تعليمي ماهر محترم امر جليل سان هڪ سُرهي شام ڇنڇر 14 مئي 2016ع ، شام ڇهين وڳي روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ ۾ ملهائي پئي وڃي .
    هن پروگرام جا خاص مهمان مشهور سفرناما نگار محترم الطاف شيخ جن هوندا . اوهان کي دل جي گهراين سان پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

    [​IMG]
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    بهترين
    انشا الله اچبو
     
  3. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    آيو پهتو..........انشاءَالله اچڻ نہ وساربو
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سچل ڳوٺ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) سچل ڳوٺ شاخ پاران امر جليل ۽ ڄڳ مشهور سفرنامن جي ليکڪ الطاف شيخ جي مان ۾ منعقد ڪيل شام کي خطاب ڪندي امر جليل چيو ته هن سائنسي دور ۾ انسان جيتوڻيڪ بي پناهه ترقي ڪئي آهي پر قدرت جي نطام بابت سندس ڄاڻ اڄ به تر جيتري آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ مذهبي لڙائين کي مقدس لڙايون سمجهيو وڃي ٿو پر حقيقت اها آهي ته اهي لڙايون معيشت ۽ گروهي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهيون ويون ۽ مذهب جو رڳو نالو استعمال ڪيو ويو ۽ ايئن ڪرڻ سان مذهب جو نالو استعمال ڪيو ويو ۽ مذهب جو به استحصال ڪيو ويو. امر جليل چيو ته محمود غزنوي 17 ڀيرا سومناٿ تي حملو ڪيو جنهن جو مقصد هندستان جي دولت لُٽي افغانستان کڻي وڃڻ هو، بلڪل اهڙيءَ طرح آمريڪا عراق تي حملو تيل جي ذخيرن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪيو. هن چيو ته اڄوڪي دور ۾ ڪنهن به ملڪ کي طاقت جي زور تي قائم نه ٿو رکي سگهجي. هن چيو ته روس جي ٽٽڻ وقت وٽس، آمريڪا ۽ يورپ وٽ گڏيل طور ائٽم بم موجود هئا، پر اهي به روس کي ٽٽڻ کان بچائي نه سگهيا. امر جليل چيو ته جن ماڻهن وٽ دليل جو جواب دليل سان نه هوندو آهي سي دليل جو جواب هٿيار سان ڏيندا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ جهيڙي جو بنيادي ڪارڻ انسان جي اها سوچ آهي ته ”هو ئي سڀني کان وڌيڪ بهتر آهي“. هن چيو ته اسانکي گهرجي ته جڏهن به تعليمي ۽ سائنسي بحث ڪجي ته مذهبن کي پاسيرو رکجي. امر جليل وڌيڪ چيو ته صوفين جو تعلق سڌيءَ طرح خدا تعالى سان هوندو آهي. جيڪو اڪيلو ئي هن سموري ڪائنات جو خالق آهي. هن چيو ته اسلام، هندو، عيسائيت، يهوديت ۽ ٻُڌ ڌرم ۾ تصوف جو تصور موجود آهي ۽ تصوف جي باني هئڻ جو اعزاز ٻڌ ڌرم جي باني گوتم ٻڌ کي حاصل آهي.الطاف شيخ جي سفرنامن جو ذڪر ڪندي، هن چيو ته سفرنامن جو مطالعو انسان جي زندگيءَ کي ڪامياب بڻائي ٿو. هن چيو ته سفرناما ذهني عياشي نه پر دنيا جي ملڪن جي ماحول ۽ اتان جي نظام کي سمجهڻ ۽ ان مان گهڻو ڪجهه پرائڻ جو اهم ذريعو آهن. هن چيو ته دنيا جا وڏا ڏاها ۽ مفڪر سياح رهيا آهن. هن چيو ته الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ذريعي سموري دنيا جي حالتن کي سميٽي سنڌ واسين کي گهر ويٺي آگاهه ڪيو آهي جيڪو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. سچل ڳوٺ جو ذڪر ڪندي، امر جليل چيو ته سچل ڳوٺ صحيح معنى ۾ سچل ٽائون ۽ سچل سٽي آهي هتان جو ماحول ڏسي کيس خوشي ٿي آهي.
    ان موقعي تي الطاف شيخ خطاب ڪندي چيو ته سچل ڳوٺ، بمبئيءَ جي الهاس نگر وانگر آهي، سچل ڳوٺ جي علمي ماحول مان سنڌ کي وڏيون اميدون آهن. هن چيو ته هن زندگيءَ مان جيڪي سبق سکيا آهن تن ۾ اهو سبق به سکيو آهي ته اسان سنڌين کي پنهنجي ٻارن کي جديد تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هنري سکيا به لازمي طور ڏيڻ گهرجي جنهن کانسواءِ ڪاميابي ممڪن نه آهي.
    تقريب کي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي چيئرمين رفيق احمد جعفري، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر سليم ميمڻ، پيرل کوسو، منظور حسين اڄڻ، سِگا سچل ڳوٺ شاخ جي صدر ربنواز ڀٽو، تاج محمد وساڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو. سنڌ سلامت جي آرگنائزر محمد سليمان وساڻ ان موقعي تي امر جليل ۽ الطاف شيخ جي قلمي پورهئي تي روشني وڌي. تقريب ۾ سڄي سنڌ، اسلام آباد ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ جي مختلف علائقن مان سِگا جي ساٿين، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن، فلم، ٽي وي ۽ ريڊيو سان تعلق رکندڙ فنڪارن، اديبن، دانشورن، شاگردن ۽ صحافين جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    وڌيڪ تصويرن لاءِ فيسبوڪ البم
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀاء محمد سليمان وساڻ صاحب منهنجي به هڪ ٻه تصوير محترم ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري صاحب سائين امر جليل ۽ الطاف شيخ صاحب سان ورتي هئي اها اگر اسان سان سنڌ سلامت يا فيس بڪ تي ونڊ ڪندو ته توهان جي مهرباني.
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اسلام عليڪم محترم ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري صاحب

    اسان سان ملڻ جي سڪ ڏيکاري ۽ اسان سائين امر جليل صاحب سان ملهايل شام واري پروگرام ۾ سچل ڳوٺ ڪراچي پهتاسين، جنهن جي دعوت اسان جي دوست محترم سليمان وساڻ صاحب جن ڏني هئي، ۽ توهان سان ملاقات پڻ ڪئي سين، جيڪا روشن تارا اسڪول ۾ داخل ٿيڻ وقت ٿئي هئي، جنهن ۾ محترم محمد سليمان وساڻ صاحب پڻ هئا، ۽ شايد چار پنج سالن جي انتظار کان پوء توهان سان ڪالهه تاريخ 14.05.2016 تي سچل ڳوٺ ۾ زندگي جي پهرين ملاقات ٿئي، مگر افسوس جو سنڌ سلامت فورم تي ايتري سڪ محبت ۽ اڪير ، چاهت ڏيکاريندڙ ڊاڪــــــٽر عبدالــــــحفيظ لغــــــاري صــــاحب پروگرام جي مصروفيت جي ڪري اسان سان ٻه منٽ به ويهي نه سگهيو،۽ رسمي ڪا ڪچهري به نه ڪئي، جنهن جو ارمان ۽ ڏک به ٿيو، ۽ فڪر به ٿيو ته ائين ڇو ٿيو.خير، باقي ڀاء توهان ۽ محترم ســــــــــــليمان وســـــــــاڻ، سندس وساڻ بـــــــــرادري، ۽ ســــــگا جي پوري ٽيم تمام سٺو ڪم ڪيو آهي،۽ پروگرام تمام سٺو ٿيو،جنهن جي تعريف نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندي،ماشاءالله سان پروگرام جو بندو بست، ريفريشمينٽ جو بندو بست. ويهڻ جو بندو بست، پکن جو بندو بست پڻ بهترين هو،جنهن لاء اوهان تمام ساٿين کي سلام هجي، اهڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن، ۽ انهن پروگرامن جي نه ٿيڻ اسان سنڌين سان زيادتي هجڻ جي برابر آهي.

    پروگرام جا مهمان ..... محترم امر جليل صاحب سنڌ جي عظيم شخصيت، جيڪا جهڙي ٻاهران صاف سٿري ۽ اڇي اجري آهي اهڙي اندران صاف سٿري ۽ اڇي اجري آهي، بلڪل ڪليئر ماڻهون آهي،۽ ايمانداري جو پتلوآهي. سندس ڪردار سنڌ جي ماڻهن لاء هڪ بهترين مثال آهي، مان ته کيس روحاني رهبر تسليم ڪندو آهيان، مگر افسوس جو اسان کي روحاني رهبر به اهي گهرجن جيڪي چند پيئسن جي عيوض اسان کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي اجازت ڏين جنهن جي مذهبي ۽ اخلاقي طور منع آهي.۽ اسان جيسوچ اهيا آهي ته اسان جا رهبر اسان جا مرشد، اسان جا استاد، اسان جا دانشور اسان جي زندگي ۾ جيڪي ذهني ڪينسر آهن انهن جو علاج نه ڪن ۽ اسان جي انهن بيمارين کي لڪائيندا رهن۽ بيمارين کي ڊائگنوز نه ڪن. ۽ بس اسان جي رضا ۾ راضي رهن. حقيقت ته هي آهي ته امر جليل صاحب اسان جي قوم جو اهو سرمايو آهي ، جنهن جو ڪو به ملهه ڪونهي،مون کي ياد آهي ته اڄ کان تقريبن 20 سال پهرين پي ٽي وي تان ڊرامو هلندو هو، مٽـــــــــي جــــــا ماڻـــــــــهون.... جيڪو مان سڀ ڪم ڇڏي ڪري وڏي چاهه سان ڏسندو هئس،۽ اهو ڊرامو مون کي هڪ قسم جو اتساهه ڏيندو هو، حق جي ڳالهه ڪرڻ لاء، ان ڊرامي ۾ تمام ڪڙا سچ ڳالهايا ويا آهن، جيڪو ڪمال سائين محترم امر جليل صاحب جو آهي ان ڊرامي ۾ زبردست ڊائلاگ استعمال ٿيل آهن، جنهن مان هڪ مٿال پيش ڪريان ٿو،..هڪ سين ۾ سنڌي اردو ڊرامن جو ڀلوڙ اداڪار جناب گلاب چانڊيوصاحب چوندو آهي ته منهنجو نالو همير آهي، پر مان پرائمري ماستر آهيان، ۽ منهنجو هڪ ڀاء آهي، ان جو نالو روشن آهي مگر اهو اکين کان نابين آهي، ۽ منهنجي هڪ ڀيڻ آهي، جنهن جو نالو شهزادي آهي مگر ويچاري پورو ڏينهن چنڊ پيهندي آهي سندس انهن مڪالمن مون کي موهي ڇڏيومطلب ته سندس هڪ هڪ ڪردار پنهنجو پاڻ نڀايو آهي، ۽ سندس ان ڊرامي کانپوء مان محترم سائين امر جليل صاحب کي سڃاڻڻ لڳس،۽ سندس مداح ٿئي پيس، ۽ ان عمر کان وٺي مون کي سائين سان ملڻ جو شوق هو، مگر حالات جي مجبورين جي ڪري چاهيندي به مان سائين امر جليل صاحب سان ملي نه سگهيو هئس،۽ مون پنهنجي دوست عبدالحفيظ مهيسر صاحب کان جليل صاحب جو نمبر پڻ ورتو، مگر ان جي باوجود منهنجي سائين سان ملاقات ممڪن ٿئي نه سگهي هئي،۽ مون وڏا وس ڪيا ته سائين امر جليل صاحب سان بس زندگي ۾ هڪ ڀيرو ئي صحيح پر ملاقات ٿئي،۽ اهيا سالن جي سڪ محبت اڪير 14.05.2016 تي سچل ڳوٺ وٺي آئي،۽ ۽ سائين امر جليل صاحب سان روبرو ملاقات ٿئي، سائين اٿي ڪري ڀاڪر پائي مون سان ته ائين مليا ڄڻ ڪو مان سندن پراڻو واقف آهيان، سندس اخلاق لحاظ مروت جو بهترين مثال هو، ۽ ان دوران مان ڪنهن فوٽو گرافر کي ڳوليندو رهيس مگر ڪو سامهون نه آيو، مگر گهڙي کانپوء محترم ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري صاحب سامهون آيو، جنهن منهنجي سائين امر جليل صاحب ۽ جناب محترم سائين الطاف شيخ صاحب سان منهنجي تصوير ڪڍي جيڪا مون کي گهبل آهي، اگر لغاري صاحب مهرباني ڪندو ته ملي ويندي، سائين امر جليل ۽ الطاف شيخ صاحب سان زندگي جي اهيا پهرين ملاقات هئي، جيڪي بهترين ملاقات هئي..... ســـــــــچل ڳـــــوٺ سان منهنجون ٻٽيهه دليون آهن، ۽ ڪراچي جي شروعاتي ڏينهن جون ساروڻيون به منهنجو سچل ڳوٺ سان واڳيل آهن، ۽ اڄ کان تقريبن تيرنهن چوڏنهن سال پهرين سچل ڳوٺ ڪٽپر چونڪ وٽ ڪرائي تي دوستن سان گڏ بيچلر رهندو هئس، جڏهن سچل ڳوٺ هاڻي وارو سچل ڳوٺ نه هو، ۽ بيدل مسرور صاحب جو گهر به هڪ ويران ميدان واري جڳهه تي هوندو هو، جنهن گهر جي دروازي تي لکيل هوندو هو، آشيانه مسرور...
    ماشاءالله سان سڄو سچل ڳوٺ وڌي ويو آهي ۽ ترقي ڪري ويو آهي، مگر جڏهن پروگرام ۾ نماز جي وقفي دوران روشن تارا اسڪول ڀرسان مسجد ويس ۽ نماز ادا ڪيم ۽ ڏٺم ته مسجد ساڳن انهن حالن ۾ آهي، جيڪا تيرنهن چونهن سال پهرين هئي، ۽ اهيو حال صرف سچل ڳوٺ جي مسجد جو نه آهي پر تمام سنڌي آبادين وارين مسجدن جو آهي،جنهن لاء ڇا چئجي،
    محترم الطاف شيخ صاحب مون کي ياد آهي ته جڏهن سنڌ سلامت جا شروعاتي ڏينهن هئا ته مون هڪ مضمون سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو، جنهن جو عنوان مون ڏنو هو سنڌ جو سيلاني، شايد اهو مضمون سنڌ سلامت تي موجود به هوندو. الطاف شيخ صاحب سان ته ڪافي سالن کان فون تي ڳالهه ٻولهه دعا سلام ٿيندي رهندي هئي، مگر ڪڏهن ملاقات نه ٿئي سگهي هئي، جڏهن ته پاڻ ڪيترا ڀيرا مون کي اهيو به چيائون ته ڇنڇر واري ڏينهن تي توهان مون وٽ گهر گذري لين ڪراچي اچي سگهو ٿا، مگر پرائيويٽ نوڪري هجڻ جي ڪري ملاقات لاء ٽائيم نه ملي سگهيو،بس پوء ملاقات جو اوسيئڙو ئي رهيو.الطاف صاحب ڪيترن سالن کان پنهنجي سفرنامن جون اي ميلونEmails پڻ ڪندا رهيا آهن، جيڪي تصويرن سان گڏ هونديون هيون.الطاف شيخ صاحب جڏهن ايران هئا تڏهن به کيس سان فون تي سلام دعا ٿيندي رهي هئي،۽ جڏهن 14.05.2016 تي سچل ڳوٺ ۾ ٿيل پروگرام ۾ سائين الطاف شيخ صاحب سان مليس ته پاڻ سهڻي نموني مليا، ۽ جڏهن وري مون کين ٻڌايو ته سائين مان ممتاز علي وگهيو، ته پاڻ وري مون سان ڀاڪر پائي مليا ۽ مون سان سهني نموني سلام دعا ڪيائون.۽ پنهنجو ڪارڊ پڻ ڏنائون، الطاف شيخ صاحب سنڌ جو گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيه آهن،پاڻ پوري دنيا گهمي آيا آهن مگر مجال جو ڪڏهن سندس چهري تي ڪو تڪبر نظر آيو هجي،پاڻ انتهائي سادا، رلڻا ملڻا شخص آهن،پاڻ انتهائي ذهين ماڻهون آهن هميشه ٻاهرين دنيا ۾ رهي ڪري به پنهنجي سنڌ جي وستي وستي واهڻ واهڻ شهر، شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ کي ياد رکيو اٿن.مطلب ته پروگرام تمام سٺو هو،واپسي ۾ حــــاڪم علي مري، عبدالحفيظ مهيسر، سينگار علي، مختيار بڙدي گڏجي سنڌ سلامت هوٽل تي ماني کاڌيسين،جيڪا هوٽل اسان جي سنڌ سلامت جي ساٿي نثار ابڙو صاحب جن جي آهي، ۽ اتفاق سان ان سان به ملاقات نه ٿئي

    [​IMG]
    [​IMG]
    نوٽ.. هي تحرير لکڻ کانپوء محترم محمد سليمان وساڻ صاحب مون ڏانهن هي تصويرون موڪلي ڏنيون آهن، جنهن لاء مان سندس جو ۽ لغاري صاحب جو ٿورائتو آهيان.
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]


     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 مئي 2016
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    پيارا سڀ کان پهرين ته اوهان جا وڏا وڙ جو اوهان قُرب جا قدم ڀري آيا. اوهان سان ٻه منٽ ڇا ڪيئي ڪلاڪ ويهڻ تي دل گهُري ٿي پر ان پروگرام واري ڏينهن ڪُجهه ذميداريون اهڙيون هُيون جن کان هڪ منٽ به منهن موڙڻ ممڪن نه هو. ٻيو ته رش اوهان پاڻ ئي ڏٺي پئي ته ڪيئي ناليواريون شخصيتون بيٺيون رهيون. ويهڻ جي جاءِ نه هُئي. اوهان جون تصويرون ڪيئن نڪتيون اهو اوهان پاڻ ڏٺو.
    مون کي چيو ويو هو ته امر جليل ۽ الطاف شيخ صاحب جن جي خواهش تي ڪنهن کي به وٽن اچڻ کان منع نه ڪرڻي هُئي. پر ساڳي وقت جهونن جو خيال به رکڻو هو ته ڪٿي پيهه ۾ کين الله نه ڪري ڪو نُقصان نه ٿي پئي. هڪ ئي وقت اسٽيج تي 50 ماڻهن جي وچ ۾ ڪنهن کي سنڀالڻ وري فوٽو گرافي به ڪندو رهڻ هڪ چئلينج هو.
    ان کان پوءي مهمانن جي خاطرادريءَ ۾ وقت گُذريو. اوهان ڪهڙي ٽائم نڪري ويا خبر ئي نه پئي.
    بهرالحال اوهان کي دل سان دعوت آهي. اوهان وت ڪڍي اسان وٽ جڏهن به فرصت جي لمحن ۾ اچو اوهان لاءِ جيءَ ۾ جايون آهن. هن ڪاڄ ۾ وقت نه ڏيئي سگهڻ تي انتهائي مُعذرت.
    اوهان الطاف بابت جيڪو ليک لکيو هو اهو مون پڙهيو هو. ان کان وڌيڪ جامع ليک گهٽ ۾ گهٽ مون اڄ تائين ناهي پڙهيو.
    هڪ وڌيڪ عرض ته اوهان جي لکي ۾ تصويرون صحيح ظاهر نه پيون ٿين. توڙي جو جلد تصويرن کي سنڌ سلامت جي ذاتي سرور تي رکڻ جو بندوبست ڪيو ويندو پر جيسيتائين اهو ٿئي اوهان مهرباني ڪري سنڌ سلامت ۾ تصويرون شامل ڪريو وارو آپشن استعمال ڪندي تصويرون ڳنڍيو. ڇو ته ان جا سرور وڌيڪ بهتر آحن ٻين جون لنڪس ڪڏهن غائب ڪڏهن تبديل ٿي وڃن ٿيون.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    بهترين پروگرام هيو مزو آيو منهنجو هڪ آفيس جو دوست جيڪو شڪارپور جو آهي ان جي وڏي خواهش هئي ته امر جليل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪجي پر ٺيڪ هلڻ وقت آفيس کان ڪال اچي ويس هو ان محل آفيس جي ڪم سان هليو ويو جهنن کي پروگرام ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي افسوس ٿيو
    بهترين پروگرام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سگا سچل ڳوٺ پاران امر جليل سان سُرهي شام

    (رپورٽ : محمد سليمان وساڻ)

    ________


    امر جليل جنهن سان نوجوان، پوڙها، عورتون، استاد ۽ شاگرد ايتري عقيدت ۽ پيار ڪن ٿا جو سندس تقريب لاءِ سجايل پنڊال پورا نه ٿا پون. امر جليل جيڪو سچ جو ساٿاري آهي ۽ پنهنجي قلم ذريعي سچايون بيان ڪري ٿو. اهڙي شخص لاءِ جڏهن سچل ڳوٺ ۾ شام ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو ته هڪ دفعو وري اسڪول جو گرائونڊ ماڻهن سان ڀرجي ويو، ماڻهو بيٺا رهيا ۽ ڪمال جي نظم ۽ ضبط سان بيهي پنهنجي محبوب ليکڪ کي ٻڌندا رهيا. سچل ڳوٺ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) سچل ڳوٺ شاخ پاران 14 اپريل 2016ع تي سنڌ ڌرتيءَ جي مشهور دانشور، اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار۽ تعليمي ماهرمحترم امر جليل سان شام ملهائي وئي. هن پروگرام جا خاص مهمان مشهور سفرناما نگار محترم الطاف شيخ جن هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي امر جليل چيو ته دنيا جي ڀيٽ ۾ سنڌي قوم جي تعليم پٺتي پيل آهي، سنڌي قوم جيستائين تعليم تي توجهه نه ڏيندي تيستائين سندس ترقي ڪانه ٿيندي. هن چيو ته سائنسي دور ۾ انسان جيتوڻيڪ بي پناهه ترقي ڪئي آهي پر قدرت جي نطام بابت سندس ڄاڻ اڄ به تِر جيتري آهي. امر جليل چيو ته تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ لڙايون مذهب جي بنياد تي وڙهيون ويون آهن. مذهبي لڙائين کي مقدس لڙايون سمجهيو وڃي ٿو پر حقيقت اها آهي ته اهي لڙايون، مال، معيشت ۽ گروهي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهيون ويون ۽ مذهب جو رڳو نالو استعمال ڪيو ويو ۽ مذهب جو به استحصال ڪيو ويو. امر جليل چيو ته محمود غزنوي 17 ڀيرا سومناٿ تي حملو ڪيو جنهن جو مقصد هندستان جي دولت لُٽي افغانستان کڻي وڃڻ هو، بلڪل اهڙيءَ طرح آمريڪا عراق تي حملو تيل جي ذخيرن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪيو. هن چيو ته اڄوڪي دور ۾ ڪنهن به ملڪ کي طاقت جي زور تي قائم نه ٿو رکي سگهجي. هن چيو ته روس جي ٽٽڻ وقت وٽس، آمريڪا ۽ يورپ وٽ گڏيل طور ائٽم بم موجود هئا، پر اهي به روس کي ٽٽڻ کان بچائي نه سگهيا. امر جليل چيو ته جن ماڻهن وٽ دليل جو جواب دليل سان نه هوندو آهي، اهي دليل جو جواب هٿيار سان ڏيندا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ جهيڙي جو بنيادي ڪارڻ انسان جي اها سوچ آهي ته ”هو ئي سڀني کان وڌيڪ صحيح آهي ۽ ٻيا غلط آهن“. هن چيو ته اسانکي گهرجي ته جڏهن به تعليمي ۽ سائنسي بحث ڪجي ته مذهبن کي پاسيرو رکجي. امر جليل وڌيڪ چيو ته صوفين جو تعلق سڌيءَ طرح خدا تعالى سان هوندو آهي. جيڪو اڪيلو ئي هن سموري ڪائنات جو خالق آهي. هن چيو ته اسلام، هندو، عيسائيت، يهوديت ۽ ٻُڌ ڌرم ۾ تصوف جو تصور موجود آهي ۽ تصوف جي باني هئڻ جو اعزاز ٻڌ ڌرم جي باني گوتم ٻڌ کي حاصل آهي.

    الطاف شيخ جي سفرنامن جو ذڪر ڪندي، هن چيو ته سفرنامن جو مطالعو انسان جي زندگيءَ کي ڪامياب بڻائي ٿو. هن چيو ته سفرناما ذهني عياشي نه پر دنيا جي ملڪن جي ماحول ۽ اتان جي نظام کي سمجهڻ ۽ ان مان گهڻو ڪجهه پرائڻ جو اهم ذريعو آهن. هن چيو ته دنيا جا وڏا ڏاها ۽ مفڪر سياح رهيا آهن. هن چيو ته الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ذريعي سموري دنيا جي حالتن کي سميٽي سنڌ واسين کي گهر ويٺي آگاهه ڪيو آهي، جيڪو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. سچل ڳوٺ جو ذڪر ڪندي، امر جليل چيو ته سچل ڳوٺ صحيح معنى ۾ سچل ٽائون ۽ سچل سٽي آهي هتان جو ماحول ڏسي کيس خوشي ٿي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي امر جليل چيو ته سنڌي ادب تيستائين زنده رهندو جيستائين سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي رهندي. هن چيو ته ادب جي واڌاري ۽ ادب جي مقبوليت جا پيمانا ادبي رسالا هوندا آهن جيڪي باقائدگي سان ڇپبا رهن پر سنڌيءَ ۾ سوجهري کانپوءِ هاڻي ڪوبه معياري رسالو ڪونه ٿو ڇپجي. هن چيو ته ساڳي حالت اردو ادب جي به آهي پر اردو ادب هندستان ۾ وڌي ويجهي پيو.

    الطاف شيخ تقرير ڪندي چيو ته سچل ڳوٺ، بمبئيءَ جي الهاس نگر وانگر آهي، سچل ڳوٺ جي علمي ماحول مان سنڌ کي وڏيون اميدون آهن. هن چيو ته هن زندگيءَ مان جيڪي سبق سکيا آهن تن ۾ اهو سبق به سکيو آهي ته اسان سنڌين کي پنهنجي ٻارن کي جديد تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هنري سکيا به لازمي طور ڏيڻ گهرجي جنهن کانسواءِ ڪاميابي ممڪن نه آهي. هن چيو ته دنيا ۾ اديبن جو قدر آهي ۽ اسان به خوشنصيب آهيون جو امر جليل جهڙو ليکڪ اسان وٽ موجود آهي.

    تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي چيئرمين رفيق احمد جعفريءَ چيو ته امر جليل ۽ الطاف شيخ جو شايد ئي ڪو اهڙوڪتاب هجي جيڪوهن نه پڙهيو هجي. هن چيو ته امر جي لکڻين ۾ شاهه ۽ سچل جو فڪر نظر اچي ٿو. امر جليل اسان جي نوجوانن جو پسنديده ليکڪ آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر سليم ميمڻ چيو ته امر جليل جي ڪهاڻين جا عنوان، ڪردار ۽ مڪالما ۽ اسلوب بيان زبردست آهي. سندس ناول نيٺ گونگي ڳالهايو جو نالو ئي سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري. هن چيو ته الطاف شيخ نه صرف سفرناما پر افسانا پڻ لکيا آهن. تقريب کي سِگا جي وائيس چيئرمين پيرل کوسو، سيڪريٽري جنرل منظور حسين اڄڻ، سِگا سچل ڳوٺ شاخ جي صدر ربنواز ڀٽو، تاج محمد وساڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو. سنڌ سلامت جي آرگنائزر محمد سليمان وساڻ ان موقعي تي امر جليل ۽ الطاف شيخ جي قلمي پورهئي تي روشني وڌي. هن چيو ته امر جليل هن وقت سنڌي ٻوليءَ جو سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي جيڪو 60 سالن کان مسلسل لکي رهيو آهي، جڏهن ته الطاف شيخ 89 ڪتاب لکي مرزا قليچ بيگ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جا سڀ کان وڌيڪ ڪتاب لکندڙ ليکڪ آهي. هن پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض سِگا سچل شاخ جي جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنا سر انجام ڏنا ۽ غلام سرور ڀُٽي شاهه جي وائي پيش ڪئي.

    تقريب ۾ اسلام آباد ۽ سڄي سنڌ خاص ڪري ڪراچيءَ جي مختلف علائقن مان سِگا جي عهديدارن، ميمبرن جي هڪ وڏي انگ، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن، فلم، ٽي وي ۽ ريڊيو سان تعلق رکندڙ فنڪارن، اديبن، دانشورن، شاگردن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناميارو ليکڪ ۽ محقق گل حسن ڪلمتي، ليکڪ ۽ ناول نگار اسحاق انصاري، شبنم موتي، سيد عابد مظهر شاهه، پروفيسر شير مهراڻي، ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻرڙو، بيدل مسرور، بينا مسرور، عباس منگي، خليل چنا،خادم حسين ڪانڌڙو، ولي محمد روشن، جاويد احمد انڙ، تاج بلوچ،محمد اسماعيل پهنور، يوسف ميمڻ، نصير گوپانگ، غلام نبي بهراڻي، قمر ڀٽي، مولا بخش چنڊ، عبرت گروپ جو صالح بلوچ ۽ پروفيسر علي انور بالادي پڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي امر جليل ۽ الطاف شيخ کي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران مڃتا شيلڊز، اجرڪن ۽ گلدستن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
     
  10. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    بهترين لکڻيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو