اسلام عليڪم محترم ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري صاحب
اسان سان ملڻ جي سڪ ڏيکاري ۽ اسان سائين امر جليل صاحب سان ملهايل شام واري پروگرام ۾ سچل ڳوٺ ڪراچي پهتاسين، جنهن جي دعوت اسان جي دوست محترم سليمان وساڻ صاحب جن ڏني هئي، ۽ توهان سان ملاقات پڻ ڪئي سين، جيڪا روشن تارا اسڪول ۾ داخل ٿيڻ وقت ٿئي هئي، جنهن ۾ محترم محمد سليمان وساڻ صاحب پڻ هئا، ۽ شايد چار پنج سالن جي انتظار کان پوء توهان سان ڪالهه تاريخ 14.05.2016 تي سچل ڳوٺ ۾ زندگي جي پهرين ملاقات ٿئي، مگر افسوس جو سنڌ سلامت فورم تي ايتري سڪ محبت ۽ اڪير ، چاهت ڏيکاريندڙ
ڊاڪــــــٽر عبدالــــــحفيظ لغــــــاري صــــاحب پروگرام جي مصروفيت جي ڪري اسان سان ٻه منٽ به ويهي نه سگهيو،۽ رسمي ڪا ڪچهري به نه ڪئي، جنهن جو ارمان ۽ ڏک به ٿيو، ۽ فڪر به ٿيو ته ائين ڇو ٿيو.خير، باقي ڀاء
توهان ۽ محترم ســــــــــــليمان وســـــــــاڻ، سندس وساڻ بـــــــــرادري، ۽ ســــــگا جي پوري ٽيم تمام سٺو ڪم ڪيو آهي،۽ پروگرام تمام سٺو ٿيو،
جنهن جي تعريف نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندي،ماشاءالله سان پروگرام جو بندو بست، ريفريشمينٽ جو بندو بست. ويهڻ جو بندو بست، پکن جو بندو بست پڻ بهترين هو،جنهن لاء اوهان تمام ساٿين کي سلام هجي، اهڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن، ۽ انهن پروگرامن جي نه ٿيڻ اسان سنڌين سان زيادتي هجڻ جي برابر آهي.
پروگرام جا مهمان ..... محترم امر جليل صاحب سنڌ جي عظيم شخصيت، جيڪا جهڙي ٻاهران صاف سٿري ۽ اڇي اجري آهي اهڙي اندران صاف سٿري ۽ اڇي اجري آهي، بلڪل ڪليئر ماڻهون آهي،۽ ايمانداري جو پتلوآهي. سندس ڪردار سنڌ جي ماڻهن لاء هڪ بهترين مثال آهي، مان ته کيس روحاني رهبر تسليم ڪندو آهيان، مگر افسوس جو اسان کي روحاني رهبر به اهي گهرجن جيڪي چند پيئسن جي عيوض اسان کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي اجازت ڏين جنهن جي مذهبي ۽ اخلاقي طور منع آهي.۽ اسان جيسوچ اهيا آهي ته
اسان جا رهبر اسان جا مرشد، اسان جا استاد، اسان جا دانشور اسان جي زندگي ۾ جيڪي ذهني ڪينسر آهن انهن جو علاج نه ڪن ۽ اسان جي انهن بيمارين کي لڪائيندا رهن۽ بيمارين کي ڊائگنوز نه ڪن. ۽ بس اسان جي رضا ۾ راضي رهن. حقيقت ته هي آهي ته امر جليل صاحب اسان جي قوم جو اهو سرمايو آهي ، جنهن جو ڪو به ملهه ڪونهي،مون کي ياد آهي ته اڄ کان تقريبن 20 سال پهرين پي ٽي وي تان ڊرامو هلندو هو،
مٽـــــــــي جــــــا ماڻـــــــــهون.... جيڪو مان سڀ ڪم ڇڏي ڪري وڏي چاهه سان ڏسندو هئس،۽ اهو ڊرامو مون کي هڪ قسم جو اتساهه ڏيندو هو، حق جي ڳالهه ڪرڻ لاء، ان ڊرامي ۾ تمام ڪڙا سچ ڳالهايا ويا آهن، جيڪو ڪمال
سائين محترم امر جليل صاحب جو آهي ان ڊرامي ۾ زبردست ڊائلاگ استعمال ٿيل آهن، جنهن مان هڪ مٿال پيش ڪريان ٿو،..
هڪ سين ۾ سنڌي اردو ڊرامن جو ڀلوڙ اداڪار جناب گلاب چانڊيوصاحب چوندو آهي ته منهنجو نالو همير آهي، پر مان پرائمري ماستر آهيان، ۽ منهنجو هڪ ڀاء آهي، ان جو نالو روشن آهي مگر اهو اکين کان نابين آهي، ۽ منهنجي هڪ ڀيڻ آهي، جنهن جو نالو شهزادي آهي مگر ويچاري پورو ڏينهن چنڊ پيهندي آهي سندس انهن مڪالمن مون کي موهي ڇڏيومطلب ته سندس هڪ هڪ ڪردار پنهنجو پاڻ نڀايو آهي، ۽ سندس ان ڊرامي کانپوء مان محترم سائين امر جليل صاحب کي سڃاڻڻ لڳس،۽ سندس مداح ٿئي پيس، ۽ ان عمر کان وٺي مون کي سائين سان ملڻ جو شوق هو، مگر حالات جي مجبورين جي ڪري چاهيندي به مان سائين امر جليل صاحب سان ملي نه سگهيو هئس،۽ مون پنهنجي دوست عبدالحفيظ مهيسر صاحب کان جليل صاحب جو نمبر پڻ ورتو، مگر ان جي باوجود منهنجي سائين سان ملاقات ممڪن ٿئي نه سگهي هئي،۽ مون وڏا وس ڪيا ته سائين امر جليل صاحب سان بس زندگي ۾ هڪ ڀيرو ئي صحيح پر ملاقات ٿئي،۽ اهيا سالن جي سڪ محبت اڪير 14.05.2016 تي سچل ڳوٺ وٺي آئي،۽ ۽ سائين امر جليل صاحب سان روبرو ملاقات ٿئي، سائين اٿي ڪري ڀاڪر پائي مون سان ته ائين مليا ڄڻ ڪو مان سندن پراڻو واقف آهيان، سندس اخلاق لحاظ مروت جو بهترين مثال هو، ۽ ان دوران مان ڪنهن فوٽو گرافر کي ڳوليندو رهيس مگر ڪو سامهون نه آيو، مگر گهڙي کانپوء محترم ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري صاحب سامهون آيو، جنهن منهنجي سائين امر جليل صاحب ۽ جناب محترم سائين الطاف شيخ صاحب سان منهنجي تصوير ڪڍي جيڪا مون کي گهبل آهي، اگر لغاري صاحب مهرباني ڪندو ته ملي ويندي، سائين امر جليل ۽ الطاف شيخ صاحب سان زندگي جي اهيا پهرين ملاقات هئي، جيڪي بهترين ملاقات هئي....
. ســـــــــچل ڳـــــوٺ سان منهنجون ٻٽيهه دليون آهن، ۽ ڪراچي جي شروعاتي ڏينهن جون ساروڻيون به منهنجو سچل ڳوٺ سان واڳيل آهن، ۽ اڄ کان تقريبن تيرنهن چوڏنهن سال پهرين سچل ڳوٺ ڪٽپر چونڪ وٽ ڪرائي تي دوستن سان گڏ بيچلر رهندو هئس، جڏهن سچل ڳوٺ هاڻي وارو سچل ڳوٺ نه هو، ۽ بيدل مسرور صاحب جو گهر به هڪ ويران ميدان واري جڳهه تي هوندو هو، جنهن گهر جي دروازي تي لکيل هوندو هو، آشيانه مسرور...
ماشاءالله سان سڄو سچل ڳوٺ وڌي ويو آهي ۽ ترقي ڪري ويو آهي، مگر جڏهن پروگرام ۾ نماز جي وقفي دوران روشن تارا اسڪول ڀرسان مسجد ويس ۽ نماز ادا ڪيم ۽ ڏٺم ته مسجد ساڳن انهن حالن ۾ آهي، جيڪا تيرنهن چونهن سال پهرين هئي، ۽ اهيو حال صرف سچل ڳوٺ جي مسجد جو نه آهي پر تمام سنڌي آبادين وارين مسجدن جو آهي،جنهن لاء ڇا چئجي،
محترم الطاف شيخ صاحب مون کي ياد آهي ته جڏهن سنڌ سلامت جا شروعاتي ڏينهن هئا ته مون هڪ مضمون سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو، جنهن جو عنوان مون ڏنو هو سنڌ جو سيلاني، شايد اهو مضمون سنڌ سلامت تي موجود به هوندو. الطاف شيخ صاحب سان ته ڪافي سالن کان فون تي ڳالهه ٻولهه دعا سلام ٿيندي رهندي هئي، مگر ڪڏهن ملاقات نه ٿئي سگهي هئي، جڏهن ته پاڻ ڪيترا ڀيرا مون کي اهيو به چيائون ته ڇنڇر واري ڏينهن تي توهان مون وٽ گهر
گذري لين ڪراچي اچي سگهو ٿا، مگر پرائيويٽ نوڪري هجڻ جي ڪري ملاقات لاء ٽائيم نه ملي سگهيو،بس پوء ملاقات جو اوسيئڙو ئي رهيو.الطاف صاحب ڪيترن سالن کان پنهنجي سفرنامن جون اي ميلونEmails پڻ ڪندا رهيا آهن، جيڪي تصويرن سان گڏ هونديون هيون.الطاف شيخ صاحب جڏهن ايران هئا تڏهن به کيس سان فون تي سلام دعا ٿيندي رهي هئي،۽ جڏهن 14.05.2016 تي سچل ڳوٺ ۾ ٿيل پروگرام ۾ سائين الطاف شيخ صاحب سان مليس ته پاڻ سهڻي نموني مليا، ۽ جڏهن وري مون کين ٻڌايو ته سائين مان ممتاز علي وگهيو، ته پاڻ وري مون سان ڀاڪر پائي مليا ۽ مون سان سهني نموني سلام دعا ڪيائون.۽ پنهنجو ڪارڊ پڻ ڏنائون،
الطاف شيخ صاحب سنڌ جو گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيه آهن،پاڻ پوري دنيا گهمي آيا آهن مگر مجال جو ڪڏهن سندس چهري تي ڪو تڪبر نظر آيو هجي،پاڻ انتهائي سادا، رلڻا ملڻا شخص آهن،پاڻ انتهائي ذهين ماڻهون آهن هميشه ٻاهرين دنيا ۾ رهي ڪري به پنهنجي سنڌ جي وستي وستي واهڻ واهڻ شهر، شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ کي ياد رکيو اٿن.مطلب ته پروگرام تمام سٺو هو،واپسي ۾ حــــاڪم علي مري، عبدالحفيظ مهيسر، سينگار علي، مختيار بڙدي گڏجي سنڌ سلامت هوٽل تي ماني کاڌيسين،جيڪا هوٽل اسان جي سنڌ سلامت جي ساٿي نثار ابڙو صاحب جن جي آهي، ۽ اتفاق سان ان سان به ملاقات نه ٿئي
نوٽ.. هي تحرير لکڻ کانپوء محترم محمد سليمان وساڻ صاحب مون ڏانهن هي تصويرون موڪلي ڏنيون آهن، جنهن لاء مان سندس جو ۽ لغاري صاحب جو ٿورائتو آهيان.