وڏيري پير ملان جي اجايو مخالفت ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سائين محترم نهايت پياري احمد سومري کي ان جي پوسٽ جي جواب ۾
    _________________________________
    جي سائين توهان جو جذبو جس لهڻو پر هتي مير پير ڪهڙي نموني ماڻهن کي غريب ڪيو آ اچو ته ڪجه سوچون ...سائين هڪ وڏيرو آ جنهن جي زمين 1000 هزار ايڪڙ آ هو زمين آباد ڪرائي ٿو جنهن ۾ هو برابر جي بنياد تي ونڊ ورهاست ڪري ٿو ٻج کان وٺي ڀاڻ يوريا تائين حصو اڌو اڌ خرچ ڪيو وڃي ٿو يعني جنهن ضميدار ،وڏيري جي 1000 ايڪڙ زمين هئي جنهن جو هن کي 500 پنج سو ايڪڙ جي اپت ملي ٿي ۽ 500 ايڪڙ جي ان هاري کي جيڪو اها کيڙي ٿو جنهن وٽ پنهنجي زمين نه آهي ...سو هي ڀٽيي صاحب جي زرعي اصلاحن جو نتيجو آهي جيڪو بهترين ۽ ڪارآمد طريقو آهي ......هن ملڪ ۾ سنڌ سان هميشه دوکو ٿيندو آيو آهي جنهن ۾ هن وقت جي هن نظام جو قصور آهي جنهن ۾ تيڪس ،زرعي آبيانو ،ڪسٽم تيل گيس جو پيسو رايلٽي وغيره وفاق پوين 67 سالن کان ڦريندو ٿو اچي جنهن ۾ هاڻي تائين هر سال 2100 ارب جنهن منجهان 423 جي لڳ ڀڳ سنڌ کي واپس ٿو ڪري اسان چونٿا ته هي ڏن جيڪو تاريخ ۾ سنڌ ٻين غير سنڌين حملا آورن کي ڏيندي رهي آ ڪڏهن ڪڏهن اهو ٻين صوبن جي ڏيڻ جيترو هجي جيڪو تقريبن 500 ارب ٿئي ٿو پو جيڪي سنڌ وٽ پيسا بچندا جيڪي لڳ ڀڳ 1600 اربن تائين جي رقم هر سال سنڌ تي خرچ ڪبي ته سنڌ جا روڊ به سونا هوندا جيئن دبئي ....ها اها تيڪس وڏيرو نه پير مير نه پر هي غير سنڌي پيا ڦرن سو وڏيرو هي پير مير سنڌ جو آهي هن مٽي جو سو هتي هتان جو اصلوب هلندو ليننزم يامارڪسزم يا مائوزيزم يا سوشل ازم يا قادياني ازم يا ڪو ٻيو طريقو نه هلندو بلڪ سنڌ جا پنهنجا اصول صدين جي تهذيبي اهڃاڻ ئي هتي هلندا جنهن ۾ گهر جو وڏو پاڙي جو وڏي پو ذاتين جو مقدم رئئيس ان کان پو سردار ۽ ان کان پو چيف سردار هي ڪو عياشي جي لاءِ نه پر هڪ معاشرتي ضميواري جو ڪم آهي هي جوڙ جڪ صدين کان هلي پئي سو جيڪهن بلوچ سردار پنجابي چوڌري ڪي پي ڪي جو پختون وٽ هي اسانجي سنڌ ۾ جيڪو وڏيرن جي خلاف اڪسائڻ نه آهي ته پو هتي سنڌ ۾ به نه هجي ...اڃا به هي وکر ورجائبو ته جيڪي چون ٿا ته اسان هيٺين طبقي کي حڪومت ۾ آڻينداسين سو اهو هڪ سهڻو خواب ته آهي پر حقيقت نه آهي ڇو ته 6 ڪروڙ آبادي ۾ 99 سيڪڙو غريب سڀ جا سڀ ڪيئن حڪومت ۾ شامل ٿي سگهندا جڏهن ته صوبائي ۽ وفاقي وزارتن ۾ 300 يا 400 جي ضرورت آهي ...جي نه ته التو وانگر ففٽي موٽر سائيڪل کان پو ٽرلينس جو مالڪ ٿي غداري ڪرڻ جو موقعو هوندو ...سو حقيقت ڳاله ڪجي نه ڪي رومانوي داستان وانگر خيالي پلاءُ کائجي ۽ کارائجي ...صرف سنڌ ۾ سنڌي آبادي ،وسيلن جي مالڪي روينيو ڪليڪشن جي مالڪي ۽ استعمال جو حق ئي سنڌي ماڻهو کي آسودو ڪري ٿو سگهجي ...ٻيو ڪو به آپشن نه هلندو ۽ نه ڪامياب ٿيندو ......
    ها هي جيڪي ڪنهن هڪ وڏيري يا هڪ ملا مولوي جي ڪمزوري جيڪا هن جي جبلت آ جي پويا سڀني وڏيرن سڀني پيرن سڀني ملائن جي خلاف ٿي بيهڻ سمجه کان ٻاهر آهي ڇو ته ڪاوڙ غصو نا انصافي هر فرد هر ماڻهو جي جبلت ۾ شامل آهي ان جي عادتن جي ڪيفيت ۾ شامل آ ته پو سڀ جا سڀ گناهن ۾ آهيون سڀني جي اصلاح هجڻ گهرجي نه ڪي ڪنهن ملي مولوي وڏيري سردار يا پير جي هٿ ڏوئي لڳجي ....معاف ڪجو هاڻي هي وڏيرن جو ڊرامو ختم ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ وڏيرو به ويڏري جي ڳاله ڪري معاشري کي وڏيري سان نفسياتي نفرت تي پڄايو آ هالانڪ هي جنهن جي مخالفت ڪجي ٿي سو به هن مٽي جو ماڻهو آهي سڀني ٻين سنڌين جهڙو حق ٿو رکي ۽ جي ملان جو ڏوه نظر اچي ٿو ته عام ماڻهو جو ڏوه به ظاهر ڪجي جنهن ۾ اهو شراب پيڻ جوا کيڏڻ رنڊي بازي ڪرڻ زنا ڪرڻ وڙهڻ جهيڙڻ دغا ڏيڻ ۽ غدار ٿيڻ جا انيڪ ڏوه ڪري ٿو .....سو سياڻا ٿيو ۽ پنهنجي سنڌي مٽي جو مان ڪيو ۽ سڀ مڙي مٺ ٿيو جيئن قوم پرستي جي وصف ۾ اهو پير به اچي وڃي ٿو ته اهو وڏيرو به اچي وڃي ٿو اهو هندو به اچي وڃي ٿو ته باهو عيسائي به اچي وڃي ٿو ته اهو مينگهواڙ به اچي وڃي ٿو ته اهو ڪولهي به اچي وڃي ٿو ......اميد ته ڳاله سمجه ۾ اچي وئي هوندي .....
    فقط سنڌ جو همدرد عاشق
    لبستم دائودپوٽه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    مُحترم رسول بخش دائود پوٽا صاحب جن جي خدمت ۾ ۽ سندن ليک احمد سومري صاحن جي جواب ۾! هڪ ڳالهه ٿو ڪريان جو سوال آهي هاڻ سنڌ جو ! نه تُنهنجو (وڏيرا) نه مُنهنجو (عوام).
    حضور، ٽيڪسن جي ڪُليڪشن ٿئي ٿي ، هيڪوڻي نه (ٽيڻين چئونڻين) ڪيئن ٿا چئو پر اها سرڪاري خزاني ۾ بيشڪ ڪانه ويندي هوندي جو نادرشاهي وڏيرن جا ڀرتي ڪيل اهي ملازم ۽ ڪامورا اها (رُشوت) ڪُليڪشن پاڻ ئي ڦٻائي ويندا آهن. سرڪاري خزاني ۾ ڪونه ٿا جمع ڪرائين. ان ۾ ڪو شق ناهي ته سنڌ جو استحصال نادرشاهي وڏيرن جي مدد سان ۽ کُلم کُلا (بشمول جيوڊيشري وفاق) ۽ ان جا (ادارا )پيا ڪن جنهن ۾ هاڻ (ميڊيا ۽ ان جا اينڪر) به شامل ٿي ويا آهن) جيڪا ڊڪٽيٽرن جي پاليسي رهي آهي ڇو جو سنڌ ئي آهي جيڪو وفاق کي 70 سيڪڙو ناڻو ڏئي ٿو ۽ جتان پاڪستان جي اُها ( ليڊر شپ) تيار ٿيندي آهي جيڪي (هٿيار سان نه پر قلم ۽ ڏاهپ) سان عوام جو ووٽ وٺي ميدان تي ايندي آهي ۽ جن لارڊ مائونٽ بيٽن کان پاڪستان ورتو (قائد اعظم)، جنهن 1971 ۾ قيد 93،000 جنگي قيدي بشمول مقبوض پنجابي علائقا ڳالهه ٻولهه سان ۽ ٽيبل ٽاڪ تي ورتا ۽ جنهن نه صرف پاڪستان پر مُڪمل اسلامي دُنيا کي اسلامي بم (نيوڪليئر ٽيڪنالاجي) ڏئي مستحڪم بڻيو ۽ عوامي حڪموت (جهموريت) قائم ڪئي، ۽ نتيجن صيحوني طاقتن ۽ سنڌ جي (نادرشاهي وڏيرن )جي مدد سان ڦاهيءَ چاڙهيو ويو (شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو) ۽ پوءِ سنڌ جي ٽين نياڻي نماڻي (بينظير ڀُٽو شهيد) انهيءَ منشور سان ميدان تي لهي پاڪستان ۽ اسلامي دُنيا کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ (ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني) جنهن کي به ڊڪٽيٽرن ۽ ان جي تيار ٿيل سياستدانن ۽ شنڌ جي نادرشاهي وڏيري ، سوشلزم کي ڪوڙو ڄاڻائي (طالبان) جي مدد سان شهيد ڪرايو ته جيئن سنڌ مان هميشه لاءِ (جهموريت پسند ليڊر پئدا ٿيڻ بند ٿي وڃن) ۽ نادرشاهي وڏيرو قابض ٿي وڃي ته جيئن اڃان سنڌ جا وڌيڪ ٻه حصا (شهري ۽ ٻهراڙي) جُدا ڪري 70 سيڪڙو وشاهوڪار سيلن تي قبضو ڪري ڇڏجي. سنڌ جي شهرن جو انتظام هڪ شهري ٽڪڙي جو ڪنٽرول (ڊڪٽيٽر، انهن جي ساٿين ۽ ميڊيا جي حوالي ڪجي) ۽ بهراڙي ٽڪڙو (نادرشاهي وڏيرن ۽ اهڙن ڀُٽو دشمن ليڊرن جي حوالي ڪجي جنهن کي عوام ووٽ جو حق ڏئي اسيمبلين ۾ نٿي پُهچائي ۽ پوءِ هو وفاق جا پُٺيان دروازا استعمال ڪري سنڌي قوم جو استحصال ڪن ۽ کين موالي ڪلچر ۾ سُمهاري غلام ابن غلام بڻائي رکن. انهن سنڌ دشمن سازشن ۾ به ته نادرشاهي وڏيرو ۽ ان جا حواري آهن نه ته ڇو ٿا انڪار ڪريو؟ ٿابت ٿيو ته انهن سڀني سنڌ دشمنن جو ڪارڻ ۽ سبب ته اُهوئي (نادرشاهي وڏيرو) آهي نه جيڪو هڪ طرف وفاق کي سنڌ ۾ مداخلت ڪرڻ تي نه صرف اُڪسائي ٿو (وفاق جو ٻانهن ٻيلي ٿي پوئين دروازن کان اچي سنڌ ۾ حڪومت ڪري ٿو يا پنهنجي علاقائي اثر رسوخ ۽ سفارش سان ۽ نون جهموري دعويدارن جي مدد سان ،سنڌ جي غريب ماڻهن جي منشا تحت جوڙيل (جهموري حڪومت ۾ مفاهمتي پاليسيءَ جي مدد سان) جهموريت ڪوڙو ڪوڙو ۾ داخل ٿي انداران کاٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ۽ جهموري حڪومت ۽ پارٽيءَ تي قبضو ڪري ٿو جيڪا صرف ۽ صرف ڀُٽو ليڊر شپ قبول ڪري ٿي. پوءِ تيز در تيز اوطاقا ميٽنگن ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ۽ حڪموت ۽ نوڪرين ۾ حصو وٺي نه سنڌ عوام کي غلام ابن غلام بڻائي ٿو پر پارٽيءَ کي به اندارن ئي اندران کاٽ هڻي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پارٽيءَ جي جيالن ۽ وفادارن کي هڪ پاسي ڪرائي پاڻ غريبن ۽ ڀُٽو فيمليءَ جي پارٽي4ءَ تي قبضو ڪري ويهي ٿو ۽ سنڌ جي نوڪرين ۾ مفاهمتي پاليسيءَ جي آڌار تي پنهنجي موالي ماڻهن، مُنشين، گهوسڙو ماسترن ، نوڪرن، ڇوڪيدارن، بورچين ۽ اولادن، مٽ مائٽن، دوستن لاءِ نوڪرين ۽ اهم بيوروڪريسي جو حصو وٺي ادارن مان به (ٽيلينٽيڊ ۽ ميرٽ سنڌيءَ )کي ٿُڏو هڻي ڪڍي ٿو ته اهو ڪير دائود پوٽا صاحب ؟ نادرشاهي وڏيرو نه ؟ جيڪو جُڙيل حڪومت ۾ شامل ٿي پنهنجي مُفادن جي جنگ وڙهي ٿو؟ ۽ سڀ وسيلا هٿيائي، ڪوڙين نوڪرين جا اسڪين ٿيل آرڊر پئسن تي اٻوجهه سنڌين کي وڪڻي، پنهنجي علائقي ۾ زمين جو ٽڪرو ڏئي گهوسڙو اسڪول ۽ اسپتالون جوڙي پوءِ انهن تي قبضو ڪري ويهي ٿو ۽ جڏنهن سڀ ڪُجه هٿيائي ٿو ته اهو نادرشاهي وڏيرو پوءِ وري وفاقي ڊڪٽيٽرن ۽ انهن جي ساٿين جو سهارو وٺي ٻي ڪنهن نئين نواڻ جهموريت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري اُن کي به انداران اندران کولو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. باقي رهي ڳالهه ايگريڪلچر جي ته سُهڻا ڪهڙي دُنيا ۾ ٿا رهو، پاڻي آهي ڪٿي جو ايگريڪلچر جو فروغ ٿئي اُهو ته پنجاب جي پرهايل ريگستاني زمينن لاءِ پيو وڃي ۽ سنڌ ماڻهون ته هاڻ نلڪن ۽ کوهن مان به پيئڻ جو پاڻي نه پيا حاصل ڪري سگهن. ڌاڙيلگيري، لوفر پائي، موالي ڪلچر تيزيءَ سان ٻهراڙيءَ ۾ فروغ پيو ٿئي ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ڪاروباري طبقا (واڻيا، ميمڻ ۽ شيخ) به انهيءَ رفتار ۽ ظلم ۽ جبر ڪري ڳوٺ ڇڏي شهرن ۾ اچي ويا آهن يا ٻاهرين مُلڪن ۾ هليا ويا آهن ۽ واڻيان ته پاڪستان ئي ڇڏي پيا وڃن ۽ جيڪي اڃان (ڏن) ڏيڻ جي صلاحيت رکن پيا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ (ڏن) ڏئي يا ونگار تي موجود آهن پر سندن عزتن ۽ مال متائن کي هميشه انهن نادرشاهي وڏيرن جي موالي ۽ نشائي اولادن جو خطرو آهي ته توهان ڪيئن ٿا چئو ته سنڌ جو مسئلو نادرشاهي وڏيرو ناهي؟ جڏنهن ته سائين اهي موالي راشوت خور بابو ڪلرڪ، گهوسڙو اُستاد، وڏين عهدن وارا ڪامورا به ته ان مُفاهمتي پاليسيءَ تحت انهن نادرشاهي وڏيرن جا ماڻهون شامل ڪيا ويا اهن نه؟ جيڪي هڪ لنڊن پلان ( D)رٿا بنديءَ تحت سنڏ جا ٻه ٽڪڙا ڪري هڪ شهري ٽڪڙو سنڌ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ (ڊڪٽيٽرن ۽ انهن جي ساٿين بشمول اڙدو ميڊيا ۽ ان جا سنڌ دشمن اينڪر) ڦباهي سنڏ جو سڌو سئون ڪنٽرو حاصل ڪن جن اڳئي ٻهرين ديسن مان پناهگير گهرائي سنڌ جي شهرن ۾ آباد ڪرايا آهن ته جيئن سنڌين کي اڪليت ۾ ڏيکاري سندن واتر بندي ڪري سگهجي. ائين ڪونهين ڇا. سائين تصوير جو پُٺيون پاسو به پڙهو جيڪو هميشه سنڌي ڏاهن جي پڙهڻ کان رهجي ويندو آهي پوءِ پوري سنڌ مصيبت ۾ پئجي ويندي آهي.
     
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سائين قوم پرستي جي سياست ۾ سڀ سنڌي هڪ آهن پو اهو امير هجي غريب هجي
    هي نظام وفاقي جيڪو دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ رائج نه آهي جنهن ۾ صوبائي وجود هڪ غمنام اکر آهي اهو ئي سبب آهي هي وڏيرڪي سياست جنهن ۾ هن آسودي ماڻهو کي بدنام ڪرڻ لا 1947 کا شرعات ٿي ۽ پئي هلي باقي صوبن ۾ ڪهڙيي سوچ آ ....بلوچ سردار ،پنجابي چوڌري ۽ ڪي پي ڪي جو پختون اتي اهڙي قسم جي سوچ نه وڌي وئي آ.....
    سنڌ جو هڪ حل آ سڀ غير سنڌي انخلا
    سنڌ جو پيسو سنڌ جي مالڪي
    سنڌ جا وسيلا سنڌ جي حوالي
    سنڌ جو تربيلا ڊيم سنڌ جي انتظام ۾ ان تي سڀ واه ۽ ڪينال ۽ بيراجون جيڪي پنجاب ۾ آهن سڀ ختم ڪرڻ
    سنڌ جي حڪمراني سنڌ جي حوالي
    سنڌ جي پوليس سنڌين منجهان ئي هجي جنهن۾ اڌو گهاٻرو نه هجن
    سوچ هڪ ڪرڻ سان وڏيرو سردار نه پر سڀئي سنڌي آهيون جي سوچ وڌائڻي پوندي
    باقي سهپ پيدا ڪري دور انديشي جي سوچ ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي
    ڀٽي ،ٻي نظير ۽ پوري فيملي کي وڏيرن نه پر هندستانينجي شق ته شاهنواز لياقت علي جي مارڻ ۾ ملوث هيو جي بنياد تي انهن هي پوري ڀٽو فيملي ماري ڇڏي
    هي موٽر وي
    هي ڊفينس فيز _9
    هي رياض ملڪ جو رهائشي منصوبو
    پرائيوٽ اسڪولنگ سسٽم
    رينجرس جو سنڌ ۾ 20 سالن کان مٿي رهڻ ۽ ان کان پو مستقل دفتر ڏيڻ ۽ پوليس جهڙا اختيار ڏيڻ ۽ جن هاڻي سنڌ جي زمين تي قبضاڪرڻ شرع ڪيا آهن ۽ رينجرس اسڪول ،نيوي جا اسڪول ،آرمي اسڪول بحريه جا اسڪول ههي بيڪنهائوس هي سٽي اسڪولس ۽ ٻيا بي هودا طريقا جيڪي سنڌ کي غلام ۽ هستي کان مٽائڻ جا رخ آهن منهنجا سهڻا سٻاجها سنڌي ...
    پيسو ڦرڻ پنجاب جي ترقي ڪرائڻ هي سڀ بک بيروزگار سنڌين کي ڪرڻ جا ٻرندڙ اشو آهن جن اسان جو سنڌي اڃا سمجڪهي نه سگهيو آ ۽ نه سمجهڻ جي ڪوشش ،سائيو ڪو ڪري ٿو


    هي بحث تمام ڊگهو آ هي ڪجه ٽاپڪس هيون جيڪي اوهان جي سامهون رکين آهن ....وڌيڪ مالڪ آهي پنهنجي مرضي جا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو