• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته نيڪ ٽاءِ ٻڌڻ جا 18 مختلف طريقا سکون ۽ محفلن يا ٽيليويزن پروگرامن ۾ تضحيق ٿيڻ کان بچون

Sindhi Media

سينيئر رڪن
When the AIM & OBJECTIVES of Sindhi Media (SOLLYWOOD) is only one i-e (TO EDUCATE SINDH) in all Ways of Walk of Life, so why such hesitation to accept & follow as I am from you too.
13606915_10209608795277517_5603563988483225720_n.jpg

هيءَ سوکڙي انهن سنڌي شاگردن، استادن، وڪيلن ، ڊاڪٽرن، انجنيئرس، پروفيسرس ، ڪاروباري طبقن ۽ آفيسرن يا هر پروفيشنلسٽ سان گڏ خاص طور اهڙن (اديبن، ليکڪن، اداڪارن، شاعرن، گلوڪارن، پروگرام هوسٽس، اينڪرس، جرنلسٽس، ڊائريڪٽرن ، پروگرام مئنيجرن ۽ چئنلس جي مالڪن) يا عام طبقي جي ماڻهن لاءِ آهي جن کي پنهنجن پنهنجن ادارن ۾ سوٽيڊ بوٽيڊ ٿي وڃڻ لازمي آهي يا اُهي ماڊرن دُنيا کي اپنائڻ وارا نوان شوقين جيڪي اهڙين سرگرمين ۾ وڃڻ چاهين ٿا جتي فُل سوت سان يا پينٽ شرٽ سان کين (نيڪ ٽاءِ) پائي وڃڻ لازمي آهي.
جيئن ته پنهنجي مُڪمل پروفيشنل ڪيريئر ۾ رهندي آئون تقريبن اهڙن 90 سيڪڙو دوستن کي سُڃاڻان ٿو جيڪي انهن مٿي ٻُڌايل طبقن سان تعلق رکن ٿا پر اُنهن کي (نيڪ ٽاءِ) مُڪمل ۽ بيلنس ٻڌڻ ڪانه اچي، جيڪا يا ته دُن کان هيٺ ڊگهي ٿيل هوندي آهي يا ٻيو ڇيڙو انتهائي مٿي هوندو آهي يا جنهنجي (ناٽ) ترڇي ۽ اڻ پوري هوندي آهي ۽ پوءِ هو ٽاءِ ته پائي ويندا آهن پر محفلن کي صحيح انجواءِ ڪري نه سگهندا آهن ۽ هر هر ٽاءِ جي ناٽ تي هٿ رکي گهمائي گلٽي پيا ٿيندا آهن يا اُهي ٽاءِ جو ٻيو ڊگهو ڇيڙو قميص جي اندران بٽڻ کولي وجهي ڇڏيندا آهن ۽ پئسي ۽ سرمائي جي آڌار تي انهن وٽ ، بولٽ پُروف ڪئبن يا پجارو کان مهنگي يا عام ڪار ۽ هٿ ۾ مهنگا مهنگا موبائل ۽ انتهائي مهنگو سوٽ ته پاتل هوندو آهي پر... پر...
ته اهڙن مڙني دوستن ۽ نون ماڊرن ٿيندڙن يا شاگردن ۽ وڪيلن يا مارڪيٽ مئنيجمينت يا چئنلس جي نيوز ڪاسٽرس وغيره لاءِ ۽ سندن احساس محرومي ۽ خفتگي ختم ڪرڻ لاءِ آئون هتي (نيڪ ٽاءِ) ٻڌڻ جا 18 نمونا پيش ڪريان ٿو ۽ اُميد ڪريان ٿو ته هو ان مان ڪو به هڪ پسنديده نمونو چونڊي پنهنجي ٽاءِ پائين ۽ پنهنجي احساس محروميءَ تي مڪمل ضابطو آڻين خاص طور (ٽيليويزن چئنلس جا نيوز ڪاسٽر، پروگرام هوسٽ ۽ اينڪر)، جن جي ٽاءِ صحيح پاتل ڪانه هوندي آهي.
ته دوستو سکڻ سيکارڻ ۾ عيب ناهي توهان وٽ به جي ڪو اهڙو علم آهي ته سنڌي دوستن سان لازمي شيئر ڪريو جو هاڻ پاڻ سڀني جو هڪ مقصد آهي (ايجيوڪيٽ سنڌ).
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top