سنڌ تان ڏمر لاهراڻ لاءِ ، اکر پڙه الف جو ورق ٻيا سڀ وسار ۽ سنڌي توحيدي دين اسلام ۾ داخل ٿي وڃ !

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ اهم ڳاله ته نبي سائين (صلعم) جن ته 9 ربيع الاول پئدا ٿيا هُئا نه ڪه 12 ربيع الاول. ۽ جڏنهن ته سندن وفات 12 ربيع الاول تي ٿي هُئي.
    [​IMG]
    ته اڻ ڄاڻئو ! فرقا پرستيءَ جي پوئڪارن پُٺيان هلندڙئو! سندن وفات جي ڏينهن ۾ سندن جنم ڏهاڙو ملهائڻ ڪهڙي مُحبت آهي؟ هڪ کُلي دعوت تبليغ اُنهن لاءِ جيڪي (اشرف الامخلوقات) جي درجي ۾ اچن ٿا يعني جن ۾ (سچ ڄاڻڻ، سکڻ، سمجهڻ ۽ سمجهي عمل ڪرڻ) جا ڪڻا پيل آهن. ياد رکو ڪنهنجي به مسلم ٿيڻ کان پهرئين اُن کي هرگز اهو نٿو چيو وڃي ته سڌو سئون ايمان آڻي اسلام ۾ داخل ٿي وڃو.
    پر کين جيڪو پهريون قانون فطرت يا اسلامي آئين جو آرٽيڪل پهريون سيکاريو ويو آهي اُهو آهي هڪ ڪلمي جي صورت ۾ آهي ۽ پهرين الله جي وحدانيت (توحيد) قبول ڪرڻ کان کين چيل آهي ته هو انهن سڀ کان پهرين جن مڙني الاهن کي معبود سمجهندا هُئا انهن (مڙني الاهن جا انڪاري) بڻجن ۽ بڻجي پوءِ (الله جا اقراري) بڻجي اسلام ۾ داخل ٿين ۽ پوءِ جيئن مُحمد عربيءَ (صلعم) کي وحيءَ وسيلي سيکاريو ويو آهي (حديث) ان تي عمل (سُنت) ڪري مڪمل اسلام ۾ داخل ٿين.
    جي ها ! جڏنهن ڪلمو ٿو چوي ته پوءِ ان جو انڪار ڪيئن ڪندئو؟ (مشرڪ ۽ مُنافقن) ۽ اسلام ۾ ڏڦير پئدا ڪري مسلمانن کي فرقا فرقا بڻائڻ وارن جي سازشن کان بچو. چيل آهي ته:
    لا (ناهن) الاه (ٻيا معبود) الا (مگر) الله (هڪ الله)
    (ٻيا معبود : جهڙوڪ (بُت، جانور، باه، مادي يا غير مادي شيون، مقبرا، خانگاهون ۽ قبرون) ڀلي اُهي نيڪو ڪارن جون ئي هُجن جو ڪعبي ۾ به جيڪي بُت رکيل هُئا اُهي به انهن (عربن) جي نيڪو ڪار بزرگن جا ئي هُئا. هي (توحيدي اسلامي آئين جو پهريون فيڊرل آرٽيڪل) آهي جنهن سان غير مسلم اسلام جي پناه ۾ اچي ٿو.
    ٻئي صوبائي آرٽيڪل ۾ چئجي ٿو ته:
    مُحمد رسول الله (صرف مُحمد عربي صلي الله عليه وسلم) ئي الله جو پيغام رسائيندڙ آهي.
    ۽ مُحمد جو پيغام صرف حديث ۽ عمل (سُنت) آهي.

    ته اسلامي تواريخ ، حديثن ۽ سندُن جو سچي دل سان (اشرف المخلوقات) بڻجي مطالعو ڪريو! ته الله توهان جي بند اکين، ڪنن، نڪن جي ناسن ۽ٻُڏل دلين، کي کولي روشن ڪري
    ان پڙهڻ ۽ سمجهڻ مان پوءِ ئي مان خبر پئي ٿي ته :

    خاتم النبيئين حضرت مُحمد صلي الله عليه وسلم سان مُحبت ڪرڻ وارئو جي واقعي مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم سان سچائي ۽ مُحبت ڪرڻ جا داعي آهيو ته (شرڪ) يعني الله جل شانهُ جي صفتن ۾ ڪنهنکي شريڪ ڪري هلائڻ ۽ (بدعتن) ڪرڻ کان بچويعني ديني ڪمن ۾ (اهي وڌاءَ جيڪي نه نبي سائين جن طرفان ڪڏنهن ٿيا، ۽ نه ئي خُلفاءِ راشدين يا تبعين ۽ تبع تابعين رضوان الله عليهما جن کان ثابت آهن) ۽ نه ئي ڪنهن حديث ۾ آهن، ڪرڻ کان بچو.

    بدعت يقينن گمُراهي آهي جيڪا اپنائڻ سئين سڌي مُحمد عربيءَ جي درسن جي خلاف ورزي آهي ۽ اسلام ۾ تفرقو(فرقا) ڦهلائيندڙن جي، مسلمانن خلاف نفرت ۽ چال به.

    (توحيدي دين اسلام ) يعني صرف اُهو اسلام جيڪو نبي سائين جن کي وحي ٿيو ۽ سيکاريو ويو ۽ جنهن کي پوءِ صرف ۽ صرف (خُلفاءِ راشدين) اڳتي کڻي وڌيا ۽ پوءِ صرف ۽ صرف (تابعين ۽ تبع تابعين) ڦهلائي اوهان تائين رسايو آهي ان تي عمل پيرا ٿيو ته هن وقت (شرڪ ۽ بدعت) اپنائڻ ڪري عالم اسلام ۾ مڙني مسلمانن تي الله جو جيڪو ڏمر آهي ان کان نجات ملي.

    اڄ انهيءَ اسلام ۾ نقلي مسلمان بڻجي توحيد دين اسلام ۾ ڏڦير پئدا ڪري ۽ مسلمانن کي ٽوڙڻ لاءِ فرقا بندي بڻائي جيڪا (يهودين ۽ نسارائن) جي چال آهي پاڻ کي انهن چالن ۾ حصيدار نه بڻايو. جڏنهن ته يقينن ڄاڻو ٿا ۽ قرآن پاڪ ۽ حديث شريفون به گواهي ڏين ٿيون ته جي الله ۽ ان جي نبيءَ جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندئو ته (الله جي ڏمر کان نه بچي سگهندئو) جيڪو دُنيا ۾ توهان کي (يقينن زلزلن، باهن لڳن، معشي بدحالي، غير فطري عملن، فحاشي، درندگي وغيره) جي روپ ۾ توهان لاءِ موڪليل هڪ وارننگ آهي جي سمجهي سگهو ٿا ته.
    اچو ته شرڪ و بدعت ڪرڻ کان پاسو ڪريون ۽ واحد سچي (توحيدي دين اسلام طرف واپس وري پنهنجي دُنيان ۽ آخرت سنواريون. ۽ مڙني غير الاهن (بُتَ، وڻ ٽِڻ، جانور، باهين، مقبرا، قبرون، خانگاهون) جي وجود جا انڪاري ٿي صرف هڪ الله اڳيان سجود بڻجون ۽ ان جي هڪ ئي پيغام ڏيندڙ (مُحمد عربي) صلي الله عليه وسلم جي چيل ۽ وحي ٿيل (حديث) جي رُوشنيءَ ۾ عمل ڪري (سُنت) جو ٻيو ڪو اسلام جو درس ناهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو