پهرين سنڌ جو مسئلو ته سمجهو جنهن ڪري سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جو نقصان ٿيو آهي.

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    https://www.facebook.com/photo.php?...29260474.14304.100000204516403&type=3&theater
    پهرين سنڌ جو مسئلو ته سمجهو جنهن ڪري سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جو نقصان ٿيو آهي.
    هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو، نه تُنهنجو نه مُنهنجو.
    اچو ته توهانجي پهرئين ڪامياب (سوشل ميڊيا تحريڪ) تي (گهوسڙو يا گوسڙو اُستادن ۽ ڪامورن) واري تحريڪ وانگر(سنڌي ميڊيا ۽ سنڌ جي ٻين ادارن ۾) به شامل ۽ قبضو ڪيل موالين ۽ انهن جي استعمال ۾ ايندڙ نشن کي سندن فوٽن ۽ ڪرتوتن کي به وائکو ڪري تحريڪ هلايون جيڪي (تعليم ۽ صحت) وچ ۾ رُڪاوٽ بڻجي هڪ گُروپ ٺاهي (ميرٽ ۽ ٽيلينٽيڊ) سنڌيءَ جي داخلا ۾ رُڪاوٽ بڻيل آهي. ڇو جو سنڌ جي ترقيءَ ۾ واحد رُڪاوٽ سنڌ ۾ تيزيءَ سان ڦهلجندڙ (موالي ۽ موالي ڪلچر) آهي.
    هاڻ ته بلدياتي نمائيندا به ميدان تي اچي ويا آهن، اُنهن وٽ پُهچي، اونهن جي ئي مدد سان سنڌ جي (يوسيز ۽ وارڊز) ۾ ڀوتارن جا قبضا ڪيل (اوتارا اسڪول، وٿاڻن ۾ تبديل ڪيل اسڪول) ۽ علاقي جي پڙهيل لکيلن کي استعمال ڪري (بند اسڪول) کولرائي سگهجن ٿا ۽ ان سان گڏ، علائقي جي گرد قائم (بزرگان دين، نيڪ مانهن، ولين) جي مزارن جي گرد قائم (موالين جا ٺڪاڻا ۽ اوتارا اسڪول) بند ڪري سگهجن ٿا. (ڏينهن ملهائڻ سان) ڀلا ڪو تعليمي نظام دُررست ٿي سگهندو؟ جيئن ڪلچر ڏهاڙو ملهائڻ سان (سنڌي ماڻهون مُتحد ناهي ٿيو) ماسواءِ هڪ ڏينهن فنڪشن سمجهي گڏ ٿيڻ جي. ها فائدو ٿيو آهي ته (سنڌي ڪلچر ڊريس (ٽوپي اجرڪ) جي واپار کي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌي عوام کي (تعليم ۽ صحت) کان محروم ڪري سنڌ جي شاهوڪار وسيلن تي (مُڪمل قبضي ڪرڻ لاءِ ) پاڪستان جي مڙني (ڊڪٽيٽرن، سنڌ جي ئي ڪن (نادرشاهي ڀوتارن) ۽ پاٿاريدار موالين سان ملي) سنڌ جي ماڻهن خلاف سازش ڪري، پهريائين ته سنڌي ٻارن جي (بُنيادي ۽ پرائمري اسڪولن) کي، جيڪي هُنن (نادرشاهي وڏيرن) جي فرمائش تي سندن علائقن ۽ حويلين ڀرسان ۽ (سرڪاري امداد) تي کوليا ويا هُئا، ۽ پوءِ سگهوئي انهن (نادرشاهي ڀوتارن) اُنهن (پرائمري ۽ سرڪاري اسڪولن) کي وٿاڻن ، نادرشاهي وڏيرن جي اوطاقن ۽ اوتارا اسڪولن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، ۽ پوءِ اُتي پنهنجي ذاتي مُلازمن، بورچين، ڊرائيورن، ڪمدارن، ڀنگ گهوٽڻ ۽ چرس جا سگريٽ ڀريندڙن کي (گوسڙو) ماستر رکرايو ويو هو، جن پوءِ (ڊڪٽيٽرن جي منشا ۽ سازش) موجب، پوري سنڌ جي تعليمي نظام جو (ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو)، کائن مُفت پورهيو وڄڻ لاءِ (ونگار) سسٽم به ٺاهيو. ته سنڌي ماڻهن کي (اول کان ازل) تائين (غلام ابن غلام) بڻائي رکڻ لاءِ (موالي ڪلچر) جي رغيب ڏئي (سُست، ڪاهل) ڪري سُمهاري مٿان حڪومت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ انهن ئي (موالي ڪلچر تحت) پروان چڙهندڙ پاٿاريدارن کي (ڪاپي ڪلچر) اپنائي ، (وائيٽ ڪالر) ملازم کي ڊگريون ڏياري ۽ پوءِ ڪن کي (سفارشي ڪلچر تحت) مختلف ادارن ۾ نوڪر به ڪري رکايو. نه صرف ايترو پر دربان ۽ موالي (ڏاهو، ليکڪ شاعر، اديب، فنڪار) به سنڌي ميڊيا ۾ رکرايو. ۽ چئجي ٿو ته اڄ سنڌي ميڊيا ۾ 90 سيڪڙو انهن ئي (نادرشاهي ڀوتارن) جي موالين جو قبضو آهي، جيڪي سنڌ ۾ پئدا ٿي نروار ٿيندڙ (ٽيلينٽيڊ ۽ ميرٽ) سنڌيءَ جي رڪاوٽ بڻيل آهن، جنهن ڪري ميڊيا وسيلي، جيڪو اڄ جو (هڪ پاور فُل ميڊيم) آهي، سنڌي ماڻهن جي صحيح ترجماني به نه پيو ڪري سگهي ۽ نه ئي سنڌ دشمن (اڙدو ميڊيا) جنهن پورو پاڪستان ڇڏي، انهن (نادرشاهي ڀوتارن ۽ راشي ۽ سفارشي ڪامورن) جي مدد وٺي (خراب يا صحيح( پر رُڳو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن، سنڌي پوساڪن (ڪلچر) ۽ سنڌي ليڊرن کي ٽارگٽ ڪيو آهي. ايستائن جو (ڪورٽ سڳورين جا فيصلا به رُڳو سنڌ لاءِ ئي آهن ۽ اهي (ڊڪٽيٽرن جي پي رول تي) نادرشاهي وڏيرن جي سفارش سان (سندن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ) به سنڌ کي پنهنجو ٽارگٽ بڻائي رهيا آهن. روز بروز سنڌي ماڻهون پنهنجو اسٽيتسڪو قائم رکڻ لاءِ، انتهائي تيزيءَ سان (موالي ڪلچر) ۾ گهُسڙجندو وڃي جنهن ۾ هاڻ (نادرشاهي ڀوتاري وڏيرن جي اولادن سميعت (مڊل ڪلاس) ۽ سماجي ماڻهون به شامل ٿي ويا آهن. وڏيرن جي اوطاقن ۾ روز شام جو (فحاشت ۽ ٺري) جون محفلون هلن پيون ، ميڊيا ايوارڊ ن جي تقريبن، روزمره جي (ادبي سيمنارن ۾) به پيپسي ڪولا يا منرل واٽر م (ٺرو فراهم ڪيو وڃي ٿو) ايستائين جو ، (نادرشاهي ڀوتارن) ذاتي نوڪرن جي نياڻين (جيڪي گهرن ۾ ڪم ڪن ٿيون) کي به ناهي ڇڏيو ۽ ڳاله وائکي ٿيڻ تي (ڪارو ڪاري) ڪري کين مارايو وڃي ٿو. انهن سڀني ڦهليل بُراين جو (ڪنهن به سياسي جماعتن) سان تعلق ناهي، پر هر وڏيرو ۽ اُنهن جو اولاد ۽ موالي پاٿاريدار) انهن بُراين ۾ ڀائيوار آهي. هاڻ سوچيو ته ڀلا جتي توهانجي بُڻ ۾ ئي بيماري (ناسور) پلجي پيو، اُتي تعليم ۽ صحت جو فوڙوغ ڪيئن ٿيندو. ۽ حل آهي ته صرف هڪ، ته سنڌ سماج مان (موالي ڪلچر) جو مُڪمل ٽوڙ ڪجي، ادارن مان مُڪمل موالين لي خارج ڪرائڻ لاءِ موالين جي نالن کي نروار ڪري (تحريڪون هلائجن)، جيئن توهان (گهوسڙو ۽ گوسڙو اُستاد ۽ ڪامورن خلاف) نالا ۽ فوٽو نروار ڪري تحريڪ هلائي. ته جيئن ميڊيا سميعت سنڌ ۽ فيڊريشن جي مڙني ادارن ۾ اچڻ وارن (ميرٽ ۽ ٽيلينٽيڊ) سنڌيءَ جي داخل ٿيڻ جو رستو نڪري. ۽ موجود ۽ قبضو ڪيل مڙني موالين کي نالي سان ظاهر ڪري لسٽ ٺاهي پوءِ جيڪي سُڌرڻ چاهين ٿا اُنهن کي اسپتال ڀيڙو ڪري علاج ڪرائجي ته جيئن هو (وري اداري ۾) ڪم ڪرڻ جي قابل بڻجي. سنڌ جي تعليمي نظام ۽ صحت نظام لاءِ ٻيو ڪو طريقو ڪونهين ماسواءِ موالي مُڪائو سنڌ بچايو جي.
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    [ اهي ڳالهيون چاچو حفيظ قريشي ڪندي، ڪندي راھ رباني وٺي ويو، اسانکي نه سمجھڻي نه ئي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي سين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو