• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي برياني تيار ڪرڻ جو تفصيلي طريقو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
سنڌي برياني تيار ڪرڻ جو تفصيلي طريقو​
Sindhi-biryani.jpg



هون ته روز جي کاڌ خوراڪ ۾ معمول ۾اسان گهڻو ڪري ڪڻڪ جي اٽي جي ماني استعمال ڪندا رهندا آهيون ، پر ان سان گڏ اسان ماڻهون ڪڻڪ جي ماني کان علاوه چانور به استعمال ڪندا آهيون جنهن جي تيار ڪرڻ جا ٻيا به ڪيترائي طريقا آهن مگر هت اسان سنڌي برياني جو ذڪر ڪندا سين۔ سنڌي برياني نه صرف سنڌ ۾ پر سنڌ کان ٻاهر بلڪه ملڪ پاڪستان کان ٻاهر به پسند ڪئي ويندي آهي، جنهن جي تيار ڪرڻ جو طريقو هيٺ ڏجي ٿو سنڌ سلامت جا دوستو ان طريقي کي ڏسي ڪري توهان سنڌي برياني تيار ڪري پاڻ به کائي سگهو ٿا ۽ پنهنجن دوستن کي به کارائي سگهو ٿا۔

http://www.youtube.com/watch?v=f0Tc3fn7aM4
http://www.youtube.com/watch?v=Kgfq...63B31C39E&playnext_from=PL&playnext=1&index=6
http://www.youtube.com/watch?v=-OlS...=B206E5763B31C39E&playnext_from=PL&playnext=2
 
جواب: سنڌي برياني تيار ڪرڻ جو تفصيلي طريقو

مون واري محترمه زال جي هٿ جي ٺهيل سنڌي برياني ۽ سنڌي نموني سان ٺهيل پلو ۽ سنڌي نموني جو ڪڪڙ جو ٻوڙ ۽ ڪڙهائي ۽ جيرن جي ڀنڃ ۔۔۔ مڇي ڀت (گنمبو ڀت) ۔۔۔ ۽ سائين شمشير الحيدريءَ جي هٿ جي ٺهيل سلاد جنهنکي هو ڪنچوبر چوندو آهي، بس ياد ڪري وات ۾ پاڻي اچيو وڃي ۔۔۔۔

چوندا آهن ته مڙس جي دل تي راڄ ڪرڻو هجي ته مڙس جي پيٽ تي راڄ ڪجي ۔۔۔ سو اسانجون زالون اهو چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿيون ۔۔۔ ۽ اسين مڙس برياني کائي هڙ ئي گم ڪري ويهندا آهيون ۔۔۔

بهرحال اها ئي ته زندگي آهي ۔۔۔

ادا ممتاز ! وات ۾ پاڻي اچي ويو آهي ۔۔۔
 
جواب: سنڌي برياني تيار ڪرڻ جو تفصيلي طريقو

ممتاز صاحب توهان جي پوسٽ ڪيل ( سنڌي برياني بابت ) وڊيوز مون ڏٺيون آهن انشاءالله توهان هاڻي جڏهن اسان وٽ ايندوء ته مان توهان کي سنڌي برياني ضرور کارائينديس۔ ماشاءالله سان تمام سٺي پوسٽ توهان ڪئي آهي۔
 
جواب: سنڌي برياني تيار ڪرڻ جو تفصيلي طريقو

ادا ممتاز! اصلي برياني جي شڪل ڏيکاري روئاري وڌوَ۔

ادي وڏي فقير کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪڪڙ جو گوشت وٺي اچڻ جي لا ته چيو هو پر خبر نه آهي فقير موٽيو به الائي جي نه۔۔۔۔۔ باقي برياني ڏسي برياني ته ياد ڪونه آئي پر پنهنجي هڪ دوست ارشاد جاگيراڻي جي گهر ۾ برسات جي مند ۾ طاهري ياد اچي وئي ۽ ويچاري دل پنهنجي هيڻي حال تي هنجون هاري ويٺي۔۔۔۔

بس ادا پو به مهرباني
 
جواب: سنڌي برياني تيار ڪرڻ جو تفصيلي طريقو

سنڌي برياني جنهن کي اسان سنڌي ڀَتُ يا پلاؤ ڪري چوندا آهيون جو طريقو ڏسندي ڏسندي وات ۾ پاڻي اچي ويو ڇو ته منهنجي ڪافي دوستن وانگر مان پاڻ هن کي پسند ڪندو آهيان۔۔۔
سچي ڳالهه اها آهي ته ادا زاهد سومرو کي جڏهن ڀَت کائڻ جي فرمائيش ڪيم ته وڏي گوشت سان ٺهرائي کارايائين۔۔۔ بس هاڻي ته جڏهن به پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم هارائيندي ته شرط ۾ ادا زاهد کان ڀَتُ ضرور کائبو۔۔۔
 
جواب: سنڌي برياني تيار ڪرڻ جو تفصيلي طريقو

سائين واه واه، پهريان ته مان به سکيل نه هوس پر هاڻي سکي ويم،
 
Back
Top