• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرهن جو ساڳ تيار ڪرڻ جو طريقو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
سرهن جو ساڳ تيار ڪرڻ جو طريقو​
sarso-ka-saag.jpg



ديسو کاڌو سرهن جو ساڳ شايد ئي ڪنهن کي پسند نه هجي، سرهن جو ساڳ ته سنڌ ۾ اڪثر هڪٻئي کي سوکڙي طور پڻ ڏنو ويندو آهي۔ مان ته جڏهن به پنهنجي ڳوٺ ڪاڪڙي ويندو هئس ته اتان پنهنجي ناناڻن وٽان سرهن جو ساڳ کڻي ايندو هئس، ۽ اهو اچي امڙ کي ڏيندو هئس، امڙ اهو ساڳ جنهن طريقي سان تيار ڪندي هئي جو اهڙو تيار ٿيل ساڳ مون اڄ ڏينهن تائين ٻئي ڪنهنجي هٿ سان تيار ٿيندي ناهي ڏٺو۔ ( دعا آهي ته رب پاڪ امڙ جي مڙني مداين کي پنهنجي رحمت سان مٽائي کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء فرمائي۔ آمين، ) ۽ جڏهن وري سرهن جو ساڳ هجي ۽ ڳوٺ وارو مکڻ هجي ته پوء بقول استاد بخاري ته ( ماکي ساڻ مکڻ ) ، سنڌ سلامت جا ساٿيو اچو ته توهان کي سرهن جي ساڳ تيار ڪرڻ جو طريقو سيکاريون۔



http://www.youtube.com/watch?v=ADO6dMFlL60
 
جواب: سرهن جو ساڳ تيار ڪرڻ جو طريقو

ممتاز علي وگهيه صاحب توهان جي هي پوسٽ ( سرهن جو ساڳ تيار ڪرڻ ) واري وڊيو پڻ بهترين، ۽ وات پاڻي ڪرڻ واري پوسٽ آهي، مزي وارو ساڳ ته اسان جي اندرون سنڌ ۾ سٺو ۽ ڳنر وارو ٿئي ٿو، هت ڪراچي ۾ ته اهو ساڳ ملڻ ڪجهه مشڪل آهي، هڪ ساڳ ۽ ٻيو بهه ته منهنجي پسند جون ڊشون آهن،
 
جواب: سرهن جو ساڳ تيار ڪرڻ جو طريقو

ممتاز صاحب! اڄ ڀلا ڪهڙا موڊ آهن۔ رڳو کاڌي جي شين جي پوسٽن جي ڀرمار لڳائي ويٺا آهيو۔۔۔۔

مونکي شيخ اياز جو سٽون ٿيون ياد اچن

ساڳ پنهنجو پلي،
سنڌ پو به ڀلي،

تو چيو جندڙي،
مون چيو سنڌڙي،
مون پرولي سلي، مون پرولي سلي۔۔۔۔۔۔

مهرباني وگهيا صاحب۔
 
جواب: سرهن جو ساڳ تيار ڪرڻ جو طريقو

ادا تمام بهترين مان ت شوق سان کائيندو آهيان باقي ٻين دوستن جي خبر ناهي.
 
Back
Top