ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سرهن جو ساڳ تيار ڪرڻ جو طريقو

ديسو کاڌو سرهن جو ساڳ شايد ئي ڪنهن کي پسند نه هجي، سرهن جو ساڳ ته سنڌ ۾ اڪثر هڪٻئي کي سوکڙي طور پڻ ڏنو ويندو آهي۔ مان ته جڏهن به پنهنجي ڳوٺ ڪاڪڙي ويندو هئس ته اتان پنهنجي ناناڻن وٽان سرهن جو ساڳ کڻي ايندو هئس، ۽ اهو اچي امڙ کي ڏيندو هئس، امڙ اهو ساڳ جنهن طريقي سان تيار ڪندي هئي جو اهڙو تيار ٿيل ساڳ مون اڄ ڏينهن تائين ٻئي ڪنهنجي هٿ سان تيار ٿيندي ناهي ڏٺو۔ ( دعا آهي ته رب پاڪ امڙ جي مڙني مداين کي پنهنجي رحمت سان مٽائي کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء فرمائي۔ آمين، ) ۽ جڏهن وري سرهن جو ساڳ هجي ۽ ڳوٺ وارو مکڻ هجي ته پوء بقول استاد بخاري ته ( ماکي ساڻ مکڻ ) ، سنڌ سلامت جا ساٿيو اچو ته توهان کي سرهن جي ساڳ تيار ڪرڻ جو طريقو سيکاريون۔
http://www.youtube.com/watch?v=ADO6dMFlL60