* ڪينجهر ڍنڍ ۽ لوڪ ادب * (نوري ڄام تماچي)

'سنڌي ادب' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2017۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,751
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    * ڪينجهر ڍنڍ ۽ لوڪ ادب *
    حصو پهريون (لوڪ ادب ، لوڪ ڪهاڻيءَ جي رُخ کان)
    * ڪينجهر ڍنڍ ۽ لوڪ ادب *
    (نوري ڄام تماچي)
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
    هيءَ 1053ع جي دئور جي هڪ تواريخي ڳالهه آهي ۽ اُهو وقت هو جڏنهن سنڌ (سومرن) جي هٿ آئي هُئي. اُن وقت هتي سنڌ ۾ هڪ هندو راجپوت گهراڻو (جادو) به رهندو هو ۽ سما به انهيءَ گهراڻي جا راجپوت هُئا. ۽ پوءِ سومرن حاڪن کي جڏنهن سنڌ تي قبضو مليو ته هُنن سنڌ هٿ ، ڪري اُنهن کان اڳ رهندڙ راجپوت گهراڻي جي (سمن) کي گهڻون تنگ ڪيو هو، جنهنڪري سنڌ جا گهڻي ڀاڱي ڪيترائي (سمان راجپوت گهراڻا) پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي (ڪڇ) ۾ آباد ٿيا هُئا ۽ پوءِ ڪڇ ۾ ئي تقريبن 1320ع ۾ وري پنهنجو راڄ کڙو ڪيو هُئائون. جتي اُنهن ئي سمن راجپوتن جا گهرانا پاڻ کي ڪڇ ۾ (جاڙيجا) ڪري سڏائين ٿا ۽ اڄ تائين ڪڇ تي حڪومت به ڪندا اچن.
    گهڻي ڀاڱي سمن جو سنڌ مان لڏي وڃڻ کان پوِ باقي جيڪي سمان پويان سنڌ ۾ بچيا تن هتي رهي اسلام قبول ڪيو هو سنڌ جا ٿي رهيا . پوءِ جڏنهن سن 1333ع ڌاري، (علاءُالدين خلجيءَ) سنڌ مان (سومرن) جي پاڙ پٽي ڦٽي ڪئي، ۽ جڏنهن هُنن (ٺٽو شهر) کي پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو هو، تڏنهن ئي اُنهيءَ دئور ۾ وري سنڌ ۾ رهجي ويل سمن جو هڪ ٻيو دئور آيو هو ۽ (ڄام انڙ) ھن سمين گھراڻي جو پھريون حاڪم بڻيو ھو. ۽ کانئس پوءِ سندس ڀاءُ (ڄام جوڻو) به گادي نشين ٿيو هو.
    پر سگھو ئي پوءِ وري جڏنهن (فيروز تغلق) سنڌ تي ڪاھي آيو، ته هُن (ڄام جوڻي) ۽ سندس ڀائٽي (بابيني) کي نظربند ڪري، دھليءَ وٺي ويو. پوءِ حڪومت جون واڳون سندس ٻئي ڀائٽي ڄام تماچيءَ جي ھٿ آيون. پر ھن تغلق گھراڻي جي برخلاف بغاوت ڪري، پاڻ کي خودمختيار ڪيو. ڄام تماچيءَ کان پوءِ به ڏھن ٻين (ڄامن) به ھڪ ٻئي جي پٺيان سنڌ تي حڪومت ڪئي. انھن مان (ڄام نندو) مشھور ۽ جبرو حاڪم ٿي گذريو آھي ۽ ڄامن مان (ڄام فيروز) آخري حاڪم بڻيو ھو. پوءِ ڄام فيروز به سن 1520ع ڌاري (شاھ بيگ ارغون) جيڪو (قنڌار) جو امير هو، کان شڪست کاڌي، ۽ کانئس پوءِ سنڌ ۾ (ارغون گھراڻي) جي حڪومت شروع ٿي.
    ۽ هي تڏنهن جي دئور جي ڳالهه آهي، جيڪا گهڻن ئي خيالي يا منگهڙت يا سچي ڪهاڻين ۽ روايتن سان ڀريل آهي. هي اهو وقت هو، جيڪو سنڌ تي آيو هو، جو سنڌ ايراضيءَ جا لحاظ کان مُختلف علائقن جي مُختياري تحت، مُختلف بادشاهن يا راجائڻ ۽ حاڪمن جي ور چڙهي وئي هُئي، ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي علائقي جو راجا، حاڪم يا بادشاه هوندو هو.
    تنهن وقت ، اُنهن ۾ هڪ اهڙو (راجا، بادشاه يا حاڪم) به هو جنهن جي هٿ ۾ سنڌ جي (لاڙ جي وڏي ايراضي) هُئي ۽ جيڪو (راءِ سموراء)ِ ، المعروف لاڙ جو بادشاه (جسودڻ راءِ) هو ۽ سندس هڪ راڻي هُئي جنهنجو نالو (مروبت) هو. هن بادشاه کي ڪنهن سبب ڪري اولاد ڪونه ٿيندو هو ۽ کيس پنهنجي حڪومت جو وارث گهربو هو، ته هن ڪئين طبيبن ۽ حڪيمن کان اولاد ٿيڻ لاءِ علاج ڪرائڻ کان علاوه پير فقير ۽ درويش به آزمايا جنهنجي ڪري ان سلسلي ۾ جيترا وات اوتريون ڳالهيون جيان گهڻين ڪهاڻين ۽ روايتن به جنم ورتو هو، جنهن جي توهم پرستن ۾ ته گُنجائش آهي پر (مذهب، سچائي ۽ توحيدي اسلام) سان ڪنهن به قسم جو ناتو ناهي ۽ محض ڪن مُشاهبتي بُنيادي حقيقتن هوندي به ڪي واڌ وارو طلسماتي ڪهاڻيون يا روايتون چسڪي لاءِ گهڙيل آهن جيڪي اسان اڳتي هلي بيان ڪنداسون.
    ته هڪ پهرئين روايت موجب ، ڪن چواڻي ته بادشاه، حاڪم يا راجا (جسودڻ راءِ) جي حڪيمن ۽ طبيبن جي علاج سان يا ڪنهن (پير فقير يا درويش، ولي الله) جي دُعا سان سندس راڻي (مروبت) خير سان اُميد واري ٿي وئي. جسودڻ راءِ کي پنهنجي حڪومت جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جنگيون به جوٽيون پونديو هُيون ته هو جنگ تي ويندي پويان وصيعت ڪري ويو ته جي راڻيءَ کي پُٽ ڄمي ٿو ته اُن جي پالنا ڌوم ڌام، شاهي طرز ۽ شايان شان سان ڪجو ۽ جي ڌيءَ ڄميس ٿي ته ان ڇوڪريءَ کي تنهن وقت لاڙ ڀرسان وهندڙ درياءَ ۾ ڦٽي ڪري اچجو ۽ اهو چئي پاڻ پوءِ جنگ جوٽڻ لاءِ ڪوچ ڪري ويو.
    چون ٿا ته اُن وقت گُزر سفر لاءِ يا زراعت پيشو هوندو هو ۽ سنڌي قومون به دريائن جي ٻنهين ڪناري تي آباد ٿينديون هُيون ۽ جي درياءُ بادشاه ، ور وڪڙ کائي، وهڪرو ڪري رستو بدلاديندو هو ته آباد قومون به لڏ پلاڻ شروع ڪري ڏينديون هُيون، جنهن ڪري رسمن رواجن، ٻولين تي به اثر پوندو رهندو هو ته جيئن ته سنڌي ماروئڙن کي (درياءَ، ندين ۽ ڍنڍن) جو سهارو هوندو هو، جنهن مان ڪي (مُهاڻا) به پنهنجي ٻيڙين سان اندر گهري مڇون ماريندا هُئا ۽ پنهنجو گُذر سفر ڪندا هُئا ته راڻي (مروبت) جي جيڪا دائي هُئي اُها به هڪ (مُهاڻي گهراڻي) مان هُئي، جنهنجي چڱي مُڙس جو نالو (ڪينجهر) هو ۽ اُن چڱي مُڙس جي زال به هُئي جنهنجو نالو (سونل ٻائي) هو ۽ هُن کي به ڪو اولد ڪونه هو.
    پوءِ جڏنهن راڻي (مروبت) کي ٻار پئدا ٿيو ته اُهو به پُٽ بدران (نياڻي) هُئي ۽ نياڻي به اهڙي جو (ڪاري ۽ ڪوجهي) ۽ پوءِ بادشاه جي حڪم موجب کيس ڪنهن درياءَ ۾ ڦٽو ڪري اچڻو هو. چون ٿا ته ٻار ڪهڙو به ڪارو ڪوجهو، پر ماءُ لاءِ ته اهو دُنيا جو حسين ترين ٻار هو، ۽ پوءِ ماءُ دائي کي انعام اڪرام ڏئي آماده ڪيو ته ٻار کي ڦٽي نه ڪري اچي پر ڪنهن بي اولاد کي ڏي ته هو هن کي اولاد جيان پالي رکي. دائي ويچاري اچي وس وسان ۾ پئي، هڪ طرف بادشاه جو حڪم ته ٻئي طرف راڻيءَ جي التجا ۽ انعام اڪرام ۽ ڳاله کُلي پوي ته بادشاه ته دائيءَ کي گڏه جي پيٽ ۾ سبرائي ڇڏيندو ته هوءَ راڻيءَ سان وعدا ڪري پريشان ٿي وئي.
    ۽ ان ڳاله جو ذڪر پنهنجي چڱي مُڙس (ڪينجهر) جي زال (سوني ٻائيءَ) سان ڪئي ته ڪينجهر ۽ سوني ٻائي فيصلو ڪيو ته ڇو نه اهو ٻار وٺي پاڻ پالجي جو پاڻ بي اولاد هُئا ۽ پوءِ دائيءَ کان ٻار حاصل ڪري پيار ۾ سندس نالو (نورين) رکيائون جيڪو پوءِ (نوري) جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ بادشاه جي ڊپ کان هُنن پوءِ اهو علائقو کي ڇڏي لڏ پلاڻ شروع ڪئي ۽ ٻي ڪنهن بادشاهت ۾ وڃي رهڻ لڳا.
    ۽ مُهاڻون (ڪينجهر) پنهنجي زال ۽ قبيلي سان گڏ (لاڙ) ڇڏي ، جنهن بادشاهت ۾ وڃي رهيا اهو سمي حاڪم (ڄام اُنڙ) جو علائقو هو جيڪو (ٺٽي) جو حاڪم هو. ۽ پوءِ ٺٽي جي ڀرسان تقريبن ٺٽي کان 18 ڪلوميٽر پري (ڪلري نالي) هڪ ڍنڍ تي وڃي پنهنجو آستانون بڻايائون، جيڪا اُن وقت جي (مائي ڪالاچي) ڳوٺ کان 122 ڪلوميٽر پري هُئي. ڪلري ڍنڍ جي ڊيگه 24 ڪلو ميٽر ۽ ويڪر 6 ڪلوميٽر هُئي . ڪلري ڍنڍ (ٺٽي ۽ جهرڪن) جي وچ ۾ (هيلايا ٽڪريءَ) جي هٺان آهي، ۽ سندس آس پاس گهاٽا ٻيلا به آهن.
    ته مُهاڻن جو چڱو مُڙس (ڪينجهر) جڏنهن کان پنهنجي قبيلي سميت (ڪلري ڍنڍ) تي رهڻ لڳو ۽ مڇيون ماري مُهاڻا قبيلائي ماڻهون پوءِ بادشاه (ڄام اُنڙ) کي ان (ڪلري ڍنڍ) مان مڇيون مارڻ ڪري محصول به ادا ڪندا هُئا.
    روايتون ٻُڌائين ٿيون ته ٺٽي جي حاڪم (ڄام اُنڙ) جي زال جو نالو (راڻي سنگهار) هو جنهن مان ڄام کي ٻه نياڻيون ته هُيون پر کيس به پُٽ جو اولاد ڪونه هو ۽ تخت نشينيءَ لاءَ وارث پُٽ جي اولاد جي ضرورت هُئي. ڪنهن درويش کان دُعا ڪرايائين ته پُٽ ڄائُس جنهن جو نالو (تماچي) رکيائين ۽ لاڙ جي بادشاه جسودڻ راءِ مان ڪينجهر جي لي پالڪ ڌيءَ نوري به لڳ ڀڳ اُنهيءَ دئور جي ڄاول هُئي جڏنهن تماچي ڄائو هو. پوءَ ڄام انڙ (ڍار وجهندڙ فقيرن) کي گهُرائي ڄام تماچيءَ جو ڀاڳ معلوم ڪيو جن چيس ته هو سير ۽ سڪار جو شوقين هوندو ۽ گهڻون قدر جهر جهنگ ئي وسائيندو.
    ته جڏنهن هڪ طرف ڄام تماچي جوان ٿيڻ لڳو ۽ ٻي طرف ڪاري، ڪوجهي ۽ ڪلوٺي نوري به جوان ٿيڻ لڳي ته، تڏنهن جڏنهن حڪومت جون واڳون ڄام تماچيءَ جي ھٿ آيون هُيون ته هُن ڪلري ڍنڍ جي ڀرسان هڪ وڏي ماڙي جوڙائي جتي هو اڪثر سير و شڪار ڪري اچي ترسندو هو ۽ ڪلري ڍنڍ جو ماڙيءَ مان ئي پري کان نظارو به ڪندو رهندو هو.
    نوري جڏنهن شاديءَ جي عُمر کي پُهتي ته “ڪينجهر“ کي سندس شادي ڪرڻ جو خيال آيو ته هُن پنهنجي ڀائٽئي سان سندس شادي ڪرڻ ٿي چاهي ته هُن سندس ڪارپڻ جي ڪري ساڻس شاديءَ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته هو نوريءَ کي پنهنجي ڀيڻ سمجهندو آهي، ايستائين جو نوريءَ جي ڪاري هُئڻ جي ڪري مُهاڻي قبيلو جو ڪو به فرد سندس سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو ۽ نوري انهن سڀني ڳالهين کان بيپرواه پنهنجي سئوٽ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مڇيون به مارڻ ويندي هُئي.
    چون ٿا ته ڪلري ڍنڍ جي انهي وچ تي جيڪو ٻيٽ (ٽڪري) هو اُتي هڪ (ولي الله) ويهي چلو ڪاٽيندو هو ۽ عبادت ڪندو هو، جنهنجو نالو ڪن روايتن ۾ (هوندل فقير) ته ڪن روايتن ۾ (هوندڙو فقير) يا درويش هو ۽ نوري پوءِ دُنيا جي نفرتن نگاهن جي ماريل نوري پوءِ هڪ گس رکيو ۽ ان درويش (ولي الله) جي مُريدياڻي بڻجي وئي ۽ سئوٽ ۽ قبيلي مُهاڻن سان گڏ مڇيون مارڻ کان پوءِ شام جو ورڻ کان اڳ سئوٽ سان گڏ ان ٽڪريءَ (ٻيٽ) تي به ويندي هُئي، صفائي ٻهارو ڪري، مُرشد جي خدمت ڪري دُعائون وٺي پوءِ ئي گهر موٽندي هُئي.
    هڪ ٻي روايت موجب جيڪا سائنسي اعتبار کان به قابل قبول ٿي سگهي ٿي ته، مڇيون کائي پوءِ نوريءَ جڏنهن مٿان کير پيئند هُئي ته اُن ڪي (چٽي) ٿي پئي جنهن ڪري سندس پورو بدن ، اڇاڻ بدران ڪارن وارن ۽ ڪارن ڀرن سان صاف ۽ شفاف ٿيندو ويو ۽ هوءَ پريءَ جيان آهستي آهستي سُهڻي اڇي ۽ سونهن وڍندي وئي ۽ شروع ۾ چهرو داغ داغ ٿيڻ ڪري هوءِ نقاب يا برقعو به پائيند هُئي ته جيئن ڪنهن کي سندس ڪاري مان اڇي ٿيڻ جي خبر نه پوي، ايستائي جو پوءِ پاڻ اڇي ۽ حور پري ٿي پئي، خون ۾ شهزادي ۽ بادشاه زادي ته هُئي ته سونهن اچڻ سان هوءِ گهڻو نکري نمودار ٿيڻ لڳي.
    جيئن ته ڄام تماچي ان ڪلري ڍنڍ تي هڪ وڏي ماڙي اڏائي هُئي ۽ اُتي اچي آرام ڪرڻ سان (ڪلري ڍنڍ) جو نظارو به ڪندو رهندو هو ۽ ڍنڍ تي مُهاڻين ۽ انهن جي ٻيڙين جي اچ وڃ مان لُطف اندوز ٿيندو هو ۽ پاڻ به ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سير ڪندو هو، ته هڪ ڏينهن ماڙيءَ هيٺان ڍنڍن جي هڪ گهر ۾ جيئن ئي نوريءَ پنهنجو نقاب هٽايو ته پري کان سندس سونهن ۽ سوڀيا ڏسي ڄام مٿس عاشق ٿي پيو ۽ پوءِ حيلن بهانن سان ڍنڍ جو سير ڪرڻ وڃڻ لڳو ۽ بل آخر ڪينجهر کي نواريءَ سان رشتي لاءِ پيغام موڪليائين ۽ شادي ڪري، نه صرف ڪلري ڍنڍ تي پورو محصول ختم ڪيائين پر اها ڍنڍ ئي ڪيجهر کي ڏئي ڇڏيائين، جنهن کان پوءِ اها ڪلري ڍنڍ (ڪينجهر ڍنڍ) جي نالي سان مشهور ٿي وئي.
    ڪينجهر ڍنڍ، نوري ڄام تماچيءَ جي پيار تي گهڻيون ئي مُختلف ٻيون روايتون به ملن ٿيو، جن ۾ وڄ جي سچي ڳالهين کان علاوه مختلف ڪهاڻيون به آهن.
    هڪ ٽي روايت موجب، نوريءَ کي سونهن سندس مُرشد (گساه هوندڙي) جي دُعا سان ملي هُئي باقي ڳالهيون ساڳيون اهن ته ڪيئن ڄام تماچي سندس سونهن تي عاشق ٿيو هو ۽ ڪيئن اها ڍنڍ ڪينجهر ڍنڍ بڻين هُئي.
    ڪينجھر ڍنڍ جي وچ (ٻيٽ) يا ٽڪريءَ تي هن وقت به (نوريءَ) جي مرشد( پير هوندل) جي پيرانديءَ کان (نوريءَ جي قب)ر پڻ موجود آهي. جڏنهن ته ڄام تماچيءَ جي قبر بابت ٻُڌايل آهي ته اُها اُتي ڪونهين پر مڪليءَ جي قبرستان ڀرسان ڪنهن مقبري ۾ آهي..
    هڪ چوٿين روايت موجب (شاه هوندڙي) نالي جيڪو درويش نوريءَ جو اُن ڪيجهر ڍنڍ جي وڍ واري ٽڪريءَ تي عبادت ڪندي مُرشد بڻيو هو ته جڏنهن اُن درويش (شاه هوندڙي) جي وفات جو وقت قريب آيو هو ته هُن نوريءَ کي گهرائي پنهنجي خدمت ڪرڻ جي صلي ۾ کيس پنهنجي ڪنهن خواهش ۽ تمنا جو پڇيو هوته هُن پنهنجي ڪوجهائي ۽ ماڻهن جو ساڻس نفرت ڪرڻ جو تذڪرو ۽ ان سلسلي ۾ ئي مدد ۽ تمنا ڪرڻ جو عرض ڪيو هو. چون ٿا ته پوءِ ان درويش کيس ڏس ڏنو ته هن جي سامهون پيل (پاڻيءَ جي مُٽَ) مان ست مٽيءَ جو ڪُنجيون (گلاس) پاڻيءَ سان ڀري پنهنجي مٿان وجهه، ۽ نوري جڏنهن ائين ڪيو ته سندس جسم تان ڪارائڻ لهندي وئي ۽ هُوءَ هڪ حسين حور جهڙي ٿي پئي.
    چون ٿا ته پوءِ اهڙو حُسن ٿيس جو سندس چهرو روشنيءَ جياناونداهيءَ ۾ به تجليون هڻڻ لڳو ته هُن پنهنجي تجليءَ واري حُسن کي لڪائڻ لاءِ (نقاب) يا بُرقعو پائي پنهنجي وُجود جي حُسن کي سڀني کان لڪائي رکيو هو.
    هڪ پنجين روايت موجب، شاه هوندڙي جي وفات کان پوءِ هوءَ پنهنجي سئوٽ سان جيڪو ٻيڙيءَ ۾ وڃي ساڻس گڏ مڇيون ماريندو هو واپسيءَ تي ٽڪريءَ تي قائم قبر تي دُعا پڙهڻ جي خواهش ڪئي ته موٽ وقت دير ٿيڻ ۽ آسمان تي جهڙ ۽ گهڻي اونده ڪري کين اها ٽڪري نظر نه آئي ته سئوٽ نوريءَ کي رستو ڀُلجي وڃڻ جو شق ڏيکاريو ته بُرقعي يا نقاب پاتل نوريءَ جيئن ئي بُرقعو يا نقاب هٽائي طرف جو اشارو ڪيو ته سونهن کوڻ جيان پوري ڍنڍ کي روشن ڪري ڇڏيو ۽ ان روشنيءَ تي کين کين ٻيٽ ۽ قبر ڏسڻ ۾ آيون.
    اُن وقت ٺٽي جو بادشاه (ڄام تماچي) به علائقي م شڪار لاءِ آيو هو ته سير ڪرڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪيجهر ڍنڍ به گهميائين پئي ته ان کوڻ جيان روشنيءَ تي ڇرڪي نقاب لاٿل نوريءَ کي ڏٺائين ته سندس حُسن ڏسي موهت ٿي پيو هو. پوءِ “ڪينجهر“ کان نوريءَ جو سڱ گهريائين ۽ انعام طور کائن خزاني ۾ ملندڙ محصول معاف ڪري ڍنڍ ئي ڪينجهر جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
    هڪ ڇهين روايت موجب، ڪنهن زماني ۾ جسودڻ نالي هڪ بادشاه ٿي گُذريو ، جنهن جو هڪ شاندار محل ۽ ماڙيون هونديون هُيون ۽ چون ٿا ته سندن ماڙين جا اڃان به ڪي نشان موجود آهن. ۽ گهڻ ئي علاج ڪرائڻ جي باوجود هُن کي ڪنهن به زال مان اولاد ڪونه ٿيندو هو، ته کيس ڪنهن سوداگر (چين ولايت) جي ڪنهن حڪيم يا بُزرگ جو ڏس ڏنو، جنهن وٽ وڃي دوا ۽ دُعا پنڻ سان بي اولادن کي اولاد ٿي ويندو هو.
    چين جي اُن بادشاه سان (جسودڻ) بادشاه جا سُٺا تعلقات هُئي ته بادشاه اها ڳالهه ٻُڌي پاڻ چين ولايت وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ ِ پنهنجا وزير، امير ۽ مشير ۽ صلاحڪار گهرائي اُنهن کان به فيصلو ورتو ته کيس وزيرن ۽ اميرن وٽان چيو ويو ته جي بادشاه سلامت ، پنهنجو راڄ ڀاڳ ڇڏي، چين ولايت هلي ويندو ته پويان سندس دشمن بغاوت ۽ سازشون ڪري مُلڪ جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ڪري ڇڏيندا، اُن ڪري بهتر آهي ته بادشاه سلامت، پنهنجي ڪنهن ايلچيءَ کي چين جي بادشاه ڏانهن موڪلي جيڪو پيغام کڻي ان چيني حڪيم يا درويش کي موڪلي .
    جسودڻ بادشاه کي وزارن جي اها صلاح وڻي ۽ هُن پنهنجو هڪ قاصد، حال احوال ڏئي اُن چيني بادشاه ڏانهن موڪليو ته هو ان حڪيم بزرگ بابت ٻُڌائي ۽ جي حقيقت آهي ته هو کيس جسودڻ بادشاه ڏي اُماڻي، ته سندس علاج يا دُعا درمل جو بندو بست ٿي سگهي.
    ڪن چواڻي ته اُهو چيني حڪيم نه پر چين ۾ رهندڙ هڪ مُسلمان درويش هو، جنهن جو نالو (شاه ولي الله) هو، چين جي بادشاه پنهنجا وفد ڦهلائي ڇڏيا جنهن ان چيني بُزرگ (ولي الله) کي (جسودڻ بادشاه) جي خدمت ۾ موڪليو، جنهن بادشاه کي ٻُڌايو ته سندس نصيب ۾ ڪو ڇوڪرو نه پر هڪ ڇوڪري پئدا ٿيندي جنهن کي ڄائي ڄم کان ڪو مرض ٿيندو جنهنجي ڪري هُن جي سونهن ۽ سوڀيا ختم ٿي ويندي.
    ڪن جو چوڻ ته نه اهو شاه ولي الله نالي ڪو بادشاه ڪونه هو پر چيني حڪيم هو، جنهن بادشاه ۽ سندس زال لاءِ ڪا دوا تيار ڪري ڏني جنهنجي کائڻ کان پوءِ سندس زال کي اُميدواري ٿي هُئي.
    ھندن جي مشھور ڪتاب ”مھاڀارت“ ۾ به اھڙي قسم جي آکاڻي جو ذڪر آهي، ته ھڪ ڏينھن، جيئن راجا پراشر (ڄام تماچي) جمنا نديءَ (ڪينجهر ڍنڍ) جو ڪنارو وٺيو پئي ويو، تيئن سندس نظر ستيهه وتيءَ (نوري) نالي ھڪ سندر مھاڻيءَ تي وڃي پئي. ڏسڻ شرط، مٿس موھت ٿي پيو، ۽ ساڻس شادي ڪري آڻي محلات ۾ وھاريائينس. منجھانئس کيس ھڪ پٽ ڄائو، جنھن کي (وياس) ڪري سڏيندا آھن. ھندن جي عقيدي موجب، چارئي ويد انھيءَ وياس جا جمع ڪيل آھن. راجا پراشر جي مرڻ بعد، (ستيهه وتيء)َ وري (راجا شانتوءَ) سان شادي ڪئي، ان مان کيس ٻه پٽ ڄاوا، جن مان ھڪڙو مشھور ڀيشم، ڪؤرون، ۽ پانڊون جو پڙڏاڏو ھو.
    حاصل مطلب ته شاديءَ کان پوءِ ڪينجهر ڍنڍ جي نوريءَ ڄام تماچيءَ کي اهڙو ته موهي ڇڏيو جو کيس هر وقت وٺي پاڻ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ وهاري ڪينجهر جو سير ڪندو هو.
    هڪ ڏينهن ڄام تماچيءَ پنهنجي سڀني (سمن راڻين) کي پيغام موڪليو ته هار سينگهار ڪري ويهجو جو اڄ آئون اوهان کي به شڪار ۽ ٻيڙيءَ ۾ ڪينجهر جي سير تي وٺي ويندُس. اهو ٻُڌي سڀ سميون ڏاڍا هار سينگار ڪري سنبرجي ويٺيون، پر نوريءَ ڪو خاص سينگار ڪونه ڪيو ۽ پنهنجي عام پوشاڪ پهري تيار ٿي وئي. ڄام تماچي جڏنهن محل ۾ آيو ته سمي راڻين کي ها سينگار ٿيل ڏسي به انهن ڏي متوجه ڪونه ٿيوهو، ۽ ٻئي طرف نوريءَ جي سادگي ۽ نهٺائي اهڙي وڻيس جو سڀني سمي راڻين کي ڇڏي اڪيلو نوريءَ کي سير سپاٽي لاءِ وٺي ويو.
    بادشاه کي جيئن ته اڃان به نوريءَ جو آزمودو وٺڻو هو ته حڪم ڪيائي ته نوريءَ سميعت هر هڪ سمي راڻي مونکي واري واري سان پاڻي پياري، هڪ راڻي پاڻي کڻي آئي ته بادشاه گلاس ۾ هٿ ئي نه وڌو ۽ نه ئي راڻيءَ کان گلاس جهلجي سگهيو ۽ ڪري ڀور ڀور ٿي ويو، بادشاه پُڇيس ته ڏوهه ڪنهنجو؟ راڻيءَ وراڻيس ته بادشاه ڏوه ته تُنهنجو ٿيو، اهڙيءَ طرح راڻيءَ کيس قصوروار ڪيو.
    جڏنهن نوريءَ جو وارو آيو ته بادشاه پُڇيس ڏوه ڪنهنجو؟ نوريءَ چيس بادشاه سلامت، ڏوه مُنهنجو آهي، جان جي امان چاهيان ٿي، پوءِ بادشاه سڀني راڻين کي گهرائي چيو ته مونکي اهو ئي آزمودو وٺڻو هو ته توهان مان ڪير مونسان گهڻو پيار ڪري ٿو ۽ نوري ڪامياب وئي.
    ڄام تماچيءَ اڃان نوريءَ سان چار پنج سال ئي مس گُذاريا ته نوريءَ جي زندگيءَ جو وقت اچي پورو ٿيس، ۽ هوءَ وفات ڪري وئي، ۽ وصيت ڪري وئي ته کيس پنهنجي مُرشد جي پيرن وٽ، ڪينجهر ڍنڍ جي وڍ واري ٽڪريءَ تي پوريو وڃي.
    پوءِ سگهوئي ڄام تماچيءَ کي نوريءَ وڃڙي جو غم کائڻ لڳو، سندس سڀ شوق ختم ٿي ويا، سير سپاٽا ۽ شڪار وغيره سڀ ڇڏي ڏنائين، آخر ڪار انهيءَ غم ۾ مري ويو. هن وقت سندس قبر مڪليءَ ۾ ڄام نظام جي مُقبري لڳ آهي. ڪي چون ٿا ته نوريءَ جي قبر به سندس ڀرسان آهي.
    پُڄاڻي
     
    آخري ترميم: ‏16 فيبروري 2017
    مجاهد حسين سولنگي ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو