ڪينجهر ڍنڍ ، گهمڻ جو اسپاٽ ؟

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2017۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,785
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حصو ٻيو ۽ ٻئي ۽ تُئرزم پروموشن رُخ کان
    * ڪينجهر ڍنڍ ، گهمڻ جو اسپاٽ *
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

    هيٺ جر مٿي مڃر، پاســـي ۾ وڻــــــراءُ،
    اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جـــــي نانءُ،
    لڳي اتر واءُ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي۔
    فرشتن ۽ جنن کان پوءِ ڪائنات جي عظيم مُصور، حضرت انسان (بشر) کي ڌرتيءَ تي موڪلڻ کان پهرين (ڌرتيءَ) کي ساهه وارن جي رهائش لاءِ هڪ خوبصورت ۽ پرآسائش گرهه پئي ٺاهيو ته ان جل شانَهو (الله) ان پياري ڌرتيءَ تي خوبصورت ڍنڍن جو هڪ نظام به ٺاهيو، جيڪي انسان ۽ ٻين ساهه وارن جي ضرورت کان سواءِ قدرت واري جو انمول تحفو به آهن. ته ڍنڍون مٺي پاڻيءَ جون هجن يا کاري پاڻيءَ جون، پر اُهي پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل حياتياتي، ماحولياتي نظام به آهن.
    سنڌي جيڪي پنهنجي فطرت ۾ هڪ مهمان نواز قوم رهندي پئي اچي، ۽ انسان هُجي يا پرندو چرندو، ، خونخوار حيوان يا انسان، سنڌ جي محبتي ماڻهن هر شيءِ پوئتي ڇڏي ، هميشه اُنهن کي گود وٺي پناه ڏني ۽ پنهنجي تَر کي مُختلف رنگن ۾ رنگي اڃان به خوبصورت ڪري رکيو آهي. ته الله جو ڪرم به انهن سنڌ جي ماڻهن سان ٿيو ۽ سنڌ جون وسنديون به، نه صرف تواريخي پر قُدرت جي فطري اعتبار کان به اهم رهنديون پيون اچن، جن ۾ سنڌ جو هڪ اهم شهر (ٺٽو) به آهي.
    هي علائقو سنڌ جي ڏکڻ ۾ آهي، جتان (درياءِ سنڌ) گُذري، عربي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو، مُغلن جي دئور ۾ ٺٽو، هڪڙو تمام گهڻون ترقي ڪندڙ ۽ مُتحرڪ شهر رهيو هو ۽ ٺٽي شهر ۾ (ڪيٽي بندرگاه) به هو جيڪو عربي وڏي سمنڊ تي ٻڌل هو. ڪيٽي بندرگاه، (مُحمد بن قاسم) جي عراق مان ايندڙ فوج جي اچڻ واري جڳهه (ديبل بندرگاه) جي باقايتي جڳهين تي بڻايو ويو هو، پر برطانوي راڄ ۾ ئي، ڪراچيءَ ۾ بندرگاه قائم ڪرڻ جي ڪري ۽ ڪراچيءَ کي ترقي وٺائڻ جي ڪري، هي شهر پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو. جڏنهن ته ماضيءِ ۾ ۽ مُغليه عهد حڪومت ۾ قائم (شاهجهان مسجد) ۽ مڪليءَ جو عظيم قبرستان هن عظيم شهر جي شاندار ماضيءَ جو جيتيل ڄاڳيل نشانيون آهن.
    نه تڙ تي تماچي نه گوندر گذارا اسان را اسان را ڪينجهر ڪنارا
    ٺٽي جون ڪراچيءَ کان 82 ۽ ٺٽي کان 24 ڪلوميٽرن تي موجود (هاليجي) ۽ 122 ڪلوميٽرن تي موجود (ڪينجهر) ڍنڍون، جن ۾ تقريبن (سوا ٻه سئو) قسمن جي پرديسي پکن ۽ پکڙن جون آمجگاهون رهنديون پيون اچن. هاليجي ڍنڍ کي ته (ٻي جنگ عظيم) جي وقت ۾ ئي برطانوي راڄ جي حاڪمن (پاڻيءَ جي محفوظ ذخيري طور) تعمير ڪرايو هو، جيڪو 22 هزار ايڪڙن، 18 ڪلوميٽر جي قطر تي مشتمل آهي. اِيشيا جي پهرين مسجد به ٺٽي ۾ ٺهي، ته اسلام به ٺٽي مان ئي ڦهليو ۽ ۾سهور دين جا عالم به هتي ئي پئدا ٿيا، ۽ اڄ به دين جا گهڻا بُزرگ هتي رهيا ۽ هتان ئي دين جي تبليغ ڪرڻ لاءِ اُٿيا.
    ته جنهن ٺٽي جي ڪري سنڌ (باب الاسلام) سنڌ بڻيو. اُتي اهڙين گهڻين ڍنڍن مان، ٺٽي ضلعي ۾ موجود ڍنڍ( نور ۽ ڄام تماچيءَ) جي پيار جي ساکي (ڪينجهر) به هڪ آهي، جيڪا ڪجهه سال اڳ دنيا ۾ نيري پاڻيءَ جي خوبصورت ترين ڍنڍ به سمجهي ويندي هُئي.
    ته ڪينجهر ٺٽي کان تقريبن 18 ڪلوميٽر پري، هڪ ٺٽي جي ٻي تواريخي ڍنڍ آهي، جيڪا (ڪينجهر ڍنڍ) جي نالي سان مشهور آهي. هيءَ ڍنڍ، سنڌ جي مشهور لوڪ داستان ”نوري ڄام تماچي سان گڏ، شاهه لطيف جي ”سُر ڪاموٽ“ جي حوالي سان به مُلڪان ملڪ مشهوري آهي.
    سر سلابت، سپرين! مَرَڪَڻَ! تون مَ مـــــــــــريجِ،
    آهين ٺار اکين جو، وٽان مون مَ وڃيـــــــــــــــج،
    تماچي! تڳيج، ڪو ڏينهن ڪينجهر ڪنڌيين.
    ۽ ان کان علاوه ، هيءَ ڍنڍ مٺي پيئڻ جي پاڻيءَ ۽ سير تفريح کان سواءِ، هزارين لوڪل ملاحن جي گذر سفر جو ذريعو به آهي، جن جو گذر ڍنڍ مان مرندڙ مڇيءَ مان ٿئي ٿو. هن ڍنڍ تي، نه صرف پاڪستان پر دُنيا مان به گهڻي ۾ گهڻا مُلڪي ۽ غير مُلڪي سياح، پنهنجي ڪُٽنبن سميعت اچي خاص طور موڪلن وارن ڏيهاڙن تي، تفريح ۽ منورنجهن ڪري پنهنجي دُنياوي مونجهارن کي ختم ڪري و، وري اپس تازا توانا ٿي پنهنجي پنهنجي ڪرتن سان وڃي لڳن ٿا.
    هي ڍنڍ پاڪستان ۾ مٺي پاڻيءَ جي ٻي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ توڙ جڳ مشهور آهي. ته اها مشهور تواريخي ۽ لوڪ ادب سان وابسطا ۽ سُڃاڻپ رکندڙ (ڪينجهر ڍند) ، سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ، ڪراچي شهر کان، تقريبن 122 ڪلوميٽرن تي آهي، ۽ ٻن ڪلاڪن جي ڊرائيو آهي. ڪينجهر ڍنڍ ڊيگهه 24 ڪلو ميٽر ۽ ويڪر 6 ڪلوميٽر آهي ۽ جيڪا (ٺٽي ۽ جهرڪن) جي وچ ۾ (هيلايا ٽڪريءَ) جي هيٺان آهي، ۽ سندس آس پاس گهاٽا ٻيلا به آهن.
    هڪ ڪاٿي موجب، هن ڍنڍ تي هڪ هفتي ۾ تقربن سترهن کان ويهن هزارن اندر ماڻهون تفريح لاءِ ايندا آهن ۽ مٺي پاڻيءَ جي موج ۾ پوري ڍنڍ جو موٽر وارين ٻيڙن ۾ سير ڪرڻ ، فشنگ، سُئمنگ سان گڏ، ڍنڍ جي وچ ۾ قدرتي قائم هڪ ٽڪريءَ تي، سنڌ جي لوڪ ادب (نوري ڄام تماچيءَ) سان وابسطا نوري ۽ اُن جي مُرشد جي قبر تي به فاتح پڙهي ويندا آهن.
    ڌنڍ جي ڪناري تي رات گُزارڻ وارن جي سهولت لاءِ مختلف کاڌن ۽ رهائش لاءِ موٽلز به آهن. ۽
    ان سان گڏ، اها ڍنڍ (ڪيجهر) نه صرف ڪراچيءَ جي شهرين لاءِ مٺي پاڻي فراهم ڪرڻ جو هڪڙو ذريعو آهي، پر گڏوگڏ، دُنيا جي بي شمار پکين ۽ پکڻن جو پسنديده رهائشي مسڪن به آهي جيڪي، پنهنجي مُلڪن جي سرد ٿيندڙ موسمي حالتن جي ڪري، خاص طور (سائبريا) جا مُسافر پکي پکڻ، هجرت (لڏ پلاڻ) ڪري، هزارين ڪوهن جو سفر ڪري، هن ڍنڍ کي اچي پنهنجو مسڪن بڻائين ٿا.
    سائبيريا، جيڪو روس جي پوري آباديءَ جو تقريبن 66 سيڪڙو حصو آهي، ۽ اهو علائقو (بر اعظم ايشيا) ۾ (ڪوهه اورال) کان اُڀرندي طرف (بحرالڪاهل) جي ساحلي علائقن تائين ڦهليل آهي. ته جڏنهن اهي سائبيرين پکي ۽ پکڻ، هارين ميل سفر سان هجرت ڪري (ڪينجهر ڍنڍ) تي پُهچندا آهن ته ڪي شڪاري متوالا، ۽ انهن ئي سائبري پکين ۽ پکڻن جي شڪار ڪرڻ جا شوقين به اچي هتي جو ڀيرو ڀريندا آهن. حالنڪه انهن مُسافر پکين پکڙن جي شڪار تي سخت پابندي هُجڻ گهرجي، نه ته هي رُسي وڃي ٻي ڪا آزاد پناهه وٺندا ۽ سنڌ اهڙين خوبصورت، سائبري برفاني پکين جي ديدار ڪرڻ ۽ ڍنڍ تي ڦهليل خوبصورتيءَ کان محروم رهجي ويندي.
    جيئن ته هيءَ ڪينجهر ڍنڍ، ناٽيڪل ماپ جي حساب سان، اُڀرندي “مشرق“ يعني (ايسٽ) ۾ ناٽيڪل ( 68 ڊگري ۽ 3 منٽن) ۽ اُتر (نارٿ ۾) ناٽيڪل (24 ڊگري ۽ 57 منٽن) تي اهي ۽ جيئن ته هن جي سطح جي ايريا 13، 468 هيڪڙ اسڪيل تي، ۽ پاڻِيءَ جي گهرائي، 0.53 ملين ايڪڙ فوٽ تي مشتمل آهي جنهن ڪري گهڻي پاسي تي گهُمي سير ڪندڙ سياح مزو وڍندا آهن ۽ ڪنارن تي جتي گهٽ پاڻي هوندو آهي، سوئمنگ به ڪندا آهن، جنهن ۾ هڪ ٻئي مٿان پاڻيءَ جي لهرن مان اُٿلندڙ ڇنڊا ٻُڪن ۾ ويڙهي اُڇلائي، منورنجهن ڪرڻ به سندن راند ۾ شامل هوندو آهي. پر حضرت انسان جي منفي سرگرمين دنيا جي ڪيترن ئي ڍنڍن جي ماحولياتي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هئي، بدقسمتيءَ سان هن وقت سخت ماحولياتي مسئلن جي ور چڙهيل آهي.
    ڪينجهر ڍنڍ، ڪينجهر تي مڇيون ماريندڙ مُهاڻن جي سردار (ڪينجهر) جي نالي سان مشهور ٿيل آهي، جنهن کي وقت جي بادشاه ڄام تماچيءَ انعام طور ڏني هُئي ۽ اُن کان پوءِ هيءَ ڍنڍ سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين جو حصو به بڻجي وئي جنهن ڪري شاه عبدالطيف به ان تي شاعري ڪئي هُئي.
    تڏنهن جي روايتن موجب، سنڌ تي هڪ اهڙو (راجا) حڪمراني ڪندو هو جيڪو (جسودڻ راءِ) هو ۽ سندس هڪ راڻي هُئي جنهنجو نالو (مروبت) هو. هن بادشاه کي اولاد ڪونه ٿيندو ته علاج ڪرائڻ کان علاوه پير فقير ۽ درويش به آزمايا ته کيس ڌيءَ جو اولاد ٿيو. جڏنهن راڻي (مروبت) کي ٻار پئدا ٿيو ته اُهو به پُٽ بدران (نياڻي) هُئي ۽ نياڻي به اهڙي جو (ڪاري ۽ ڪوجهي) ۽ پوءِ بادشاه جي حڪم موجب کيس ڪنهن درياءَ ۾ ڦٽو ڪري اچڻو هو.
    ته دائيءَ جيڪا ڍنڍ جي ميربحرن مان ئي هُئي، ٻار کي ڦٽو ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ميربحرن جي چڱي مُڙس (ڪينجهر) کي پالڻ لاءِ ڏنو. (ڪينجهر) ۽ سندس زال (سوني ٻائيءَ) بي اولاد هُئا ته هُنن پوءِ دائيءَ کان ٻار حاصل ڪري سندس نالو(نوري) رکيو.
    اُن وقت ٺٽي جو حاڪم (ڄام اُنڙ) هو ۽ سندس زال جو نالو (راڻي سنگهار) هو جنهن مان ڄام کي ٻه نياڻيون ته هُيون پر کيس به پُٽ جو اولاد ڪونه هو ۽ دُعائون ڪرايائين ته پُٽ ڄائُس جنهن جو نالو هُن (تماچي) رکيو ۽ جڏنهن هڪ طرف ڄام تماچي جوان ٿيڻ لڳو ۽ ٻي طرف ڪاري، ڪوجهي ۽ ڪلوٺي نوري به جوان ٿيڻ لڳي ته، سندس مُرشد جي دُعا سان سندس ڪاراڻ ختم ٿي وئي ۽ هُوءِ اڇي ٿي وئي. تڏنهن جڏنهن حڪومت جون واڳون ڄام تماچيءَ جي ھٿ آيون هُيون ته هُن ڪينجهر ڍنڍ جي ڀرسان هڪ وڏي ماڙي جوڙائي جتي هو اڪثر سير و شڪار ڪري اچي ترسندو هو ۽ ڪينجهر ڍنڍ جو ماڙيءَ مان ئي پري کان نظارو به ڪندو رهندو هو.
    اڳ ۾ نوري جڏنهن شاديءَ جي عُمر کي پُهتي ته “ڪينجهر“ کي سندس شادي ڪرڻ جو خيال آيو ته هُن پنهنجي ڀائٽئي سان سندس شادي ڪرڻ ٿي چاهي ته هُن سندس ڪارپڻ جي ڪري ساڻس شاديءَ کان اهو انڪار ڪيو ايستائين جو نوريءَ جي ڪاري هُئڻ جي ڪري مُهاڻي قبيلو جو ڪو به فرد سندس سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو ۽ نوري انهن سڀني ڳالهين کان بيپرواه پنهنجي سئوٽ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مڇيون به مارڻ ويندي هُئي. چون ٿا ته ڪلري ڍنڍ جي انهي وچ تي جيڪو ٻيٽ (ٽڪري) هو اُتي هڪ (ولي الله) ويهي چلو ڪاٽيندو هو ۽ عبادت ڪندو هو، جنهنجو نالو ڪن روايتن ۾ (هوندل يا هوندڙ فقير) جي دُعائن سان پاڻ اڇي ۽ حور پري ٿي پئي
    جيئن ته ڄام تماچي ان ڪلري ڍنڍ تي هڪ وڏي ماڙي اڏائي هُئي ۽ اُتي اچي آرام ڪرڻ سان (ڪلري ڍنڍ) جو نظارو به ڪندو رهندو هو ۽ ڍنڍ تي مُهاڻين ۽ انهن جي ٻيڙين جي اچ وڃ مان لُطف اندوز ٿيندو هو ۽ پاڻ به ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سير ڪندو هو، ته هڪ ڏينهن ماڙيءَ هيٺان ڍنڍن جي هڪ گهر ۾ جيئن ئي نوريءَ پنهنجو نقاب هٽايو ته پري کان سندس سونهن ۽ سوڀيا ڏسي ڄام مٿس عاشق ٿي پيو ۽ پوءِ حيلن بهانن سان ڍنڍ جو سير ڪرڻ وڃڻ لڳو ۽ بل آخر ڪينجهر کي نواريءَ سان رشتي لاءِ پيغام موڪليائين ۽ شادي ڪري، نه صرف ڍنڍ تي پورو محصول ختم ڪيائين پر اها ڍنڍ ئي ڪيجهر کي ڏئي ڇڏيائين، جنهن کان پوءِ اها ڍنڍ (ڪينجهر ڍنڍ) جي نالي سان مشهور ٿي وئي. ڄام تماچيءَ اڃان نوريءَ سان زندگيءَ جا چار، پنج سال ئي مس گُذاريا ته نوريءَ جي زندگيءَ جو وقت اچي پورو ٿيس، ۽ هوءَ وفات ڪري وئي، ۽ وصيت ڪري وئي ته کيس پنهنجي مُرشد جي پيرن وٽ، ڪينجهر ڍنڍ جي وڍ واري ٽڪريءَ تي پوريو وڃي. پوءِ سگهوئي ڄام تماچيءَ کي نوريءَ وڃڙي جو غم کائڻ لڳو، سندس سڀ شوق ختم ٿي ويا، سير سپاٽا ۽ شڪار وغيره سڀ ڇڏي ڏنائين، آخر ڪار انهيءَ غم ۾ مري ويو. هن وقت سندس قبر مڪليءَ ۾ ڄام نظام جي مُقبري لڳ آهي. ڪي چون ٿا ته نوريءَ جي قبر به سندس ڀرسان آهي.
    هن وقت جيئن ته ڪينجهر ڍنڍ تي مُختلف علاقن جا ماڻهون پڪنڪ ۽ گهُمڻ خاطرِ اچن ٿا جنهن ۾ گهڻون تعداد ويجهڙائي وارن علائقن، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٺٽي جو هوندو آهي ، جيڪي پنهنجي موڪلن جي ڏهاڙن تي خاص طور هتي فيملين سان اچي، (سُئمنگ، فشنگ ۽ بوٽنگ) به ڪن ٿا ۽ اُنهن جي رات رهڻ لاءِ موٽلس به آهن جتي ترسي هو رات جو سير به ڪري سگهن ٿا. هڪ ڪاٿي موجب اُنهن سيحان ۽ تفريح ڪرڻ وارن جو تعدا هفتي ۾ تقريبن 17 هزارن تائين ٿي ويندو آهي. ڪينجهر جو سير ڪرائڻ لاءِ ، معلومات، گاڏين ۽ رهاشي سهولتون ڏيارڻ سان گڏ، نه صرف (پاڪستان ڊيولپمينٽ ٽورزم) جو ڊپارٽمينٽ پر، ڪراچيءَ ۾ (سنڌ ٽورزم ۽ ڊيولپمينٽس ڪارپوريشن) به آهي جيڪا سير ۽ سياحن سهڪار ڪري ٿي.
    ڪجهه وقت اڳ ماحوليات تي ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم ”گرين انوائرمينٽ“ هڪ سروي ڪرائي هئي، ته توهان کي جيڪڏهن ٻيهر زندگي ملي ته توهان ڪٿي پيدا ٿيڻ پسند ڪندو ته ماڻهن جي اڪثريت اهڙن هنڌن تي ٻيهر رهڻ پسند ڪيو، جتي مٺي پاڻيءَ جا ذخيرا، خاص ڪري خوبصورت ڍنڍون آهن، پر اهي سڀ اهڙن علائقن جا رهواسي هئا، جتي خوبصورت واديون، سائي چادر اوڍيل جبلن جون قطارون ۽ ڍنڍون موجود آهن، اهڙيون ڍنڍون جيڪي ڪنهن به گدلاڻ جو شڪار ناهن، نه ئي انهن ۾ گٽرن، اسپتالن، مال جي واڙن، زرعي زمينن جو خارج ڪيل پاڻي يا فيڪٽرين جو بنا ٽريٽمينٽ ٿيل مادو پوي ٿو، ان ڪري اهڙين ڍنڍن جي ڪناري هر قسم جي زندگي روان دوان آهي، کوڙ ساري مڇي، اڏامندڙ پکي ۽ خوبصورت انساني آباديون هُجن. ته اڄ اسان به اهي سڀ خوبيون سنڌ جي ڍنڍن، خاص ڪري (ڪينجهر) لاءِ ڳڻائي سگهون ٿا؟ جواب ٿيندو قطعي نه.
    هن آب گاهه (ڪينجهر) کي 1932ع ۾ ڍنڍ جو درجو ڏنو ويو هو، هن ڍنڍ کي پاڻي سنڌو درياءَ مان ڪوٽڙي بئراج وٽان نڪرندڙ دائمي واهه، ڪلري بگهاڙ واهه (ڪي بي فيڊر) ذريعي منتقل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته برسات جي موسم ۾ اولهه کان نئين لوياچ ۽ اتر اولهه کان نئين سوڙهه به برساتي پاڻي سڄي ڪوهستان مان کڻي اچي ڪينجهر ۾ وجهن ٿيون.
    جيئن ته، سائيبيريا ۽ ٻين ٿڌن ملڪن مان ايندڙ پکين جو مَسڪن پڻ هي ڍنڍ آهي، جيڪي هتي اچي آنا ڏين ٿا ۽ انهن مان ٻچا پيدا ڪري ڪينجه جي فضائن ۾ ٻچن کي اڏارڻ سيکاري ولرن جي صورت ۾ پنهنجي ملڪن ڏانهن وٺي وڃن ٿا، يعني هيءَ ڍنڍ انهن پکين جي افزائش ۽ نرسريءَ جو اهم هنڌ آهي، ماهرن جي تحقيق مطابق هن ڍنڍ تي مختلف ٿڌن ملڪن کان هر سال پکين جا تقريبن 65 قسم اچن ٿا، جن مان هڪ قسم سائيبيرين ڪونج جو به آهي، جنهن جي نسل جي ختم ٿي وڃڻ جو انديشو آهي..جيئن ته هيءَ ڍنڍ پيئڻ جي پاڻيءَ کان سواءِ، زراعت، ماهيگيري، ٻاهران ايندڙ پکين ۽ مختلف جانورن جو مَسڪن(Habitat)هئڻ سميت مختلف رُخن کان انتهائي اهميت واري آهي، ان ڪري هن ڍنڍ مان فائدو وٺڻ، مختلف رُخن کان ڍنڍ کي استعمال ڪرڻ، مڇي مارڻ، ڍنڍ مان مختلف قسم جون ٻوٽيون ڪڍڻ، غير ضروري پاڻي وٺن يا رهائش اختيار ڪرڻ ۽ غير قانوني شڪار ڪرڻ، خاص ڪري ناياب جنسن کي نقصان وغيره پهچائڻ کان بچائڻ لاءِ مختلف قومي ۽ بين الاقوامي قانون لاڳو ڪيا ويا آهن.
    سال 1971ع ۾ پاڪستان ۾ ”وائلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس“ جي (شق نمبر 15 تحت) ”محفوظ گيم سينڪچري“ جو درجو ڏنو ويو، ۽ انهيءَ ئي آرڊيننس جي توثيق ڪندي سال 1977ع ڌاري، ”سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس“ تحت به هن ڍنڍ کي ”وائلڊ لائيف سينڪچري“ جو درجو ڏنو ويو آهي ، ان کان هڪ سال اڳ يعني 1976ع ڌاري هن ڍنڍ کي عالمي مڃتا ڏيندي، عالمي معاهدي ”رامسر ڪنوينشن“ تحت ”رامسر سائيٽ“ جو درجو ڏنو ويو آهي.
    واضح رهي ته (رامسر سائيٽ) اهڙين (آبگاهن، پاڻيءَ جي ذخيرن، پارڪن ۽ علائقن) کي قرار ڏنو جنهن ۾ هيٺيون خاصيتون هجن :
    (1). اهڙو پاڻي جو ذخيرو، پارڪ يا هنڌ جيڪو ڪنهن خاص جاگرافيائي خطي جي ناياب جانورن، ٻوٽن ۽ پکين جو مسڪن هجي.(2). اهڙو پاڻي جو ذخيرو جتي پکين، مڇين يا ٻين جانورن جي افزائش يا ٻچا/آنا ڏيڻ لاءِ مناسب حياتياتي ماحول مهيا ٿيندو هجي.(3). اهڙو پاڻيءَ جو ذخيرو، پارڪ يا هنڌ جتي ٻوٽن جي ڪا اهڙي جنس ٿيندي هجي، جيڪا ان خطي جي ڪنهن خاص قسم جي حياتيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ اهم هجي.
    (4). اهڙو پاڻيءَ جو ذخيرو جتي سڄو حياتياتي ماحولياتي نظام موجود هجي.
    هن ڪنوينشن مطابق سڄي دنيا ۾ موجود آبگاهن جي هڪ لسٽ ترتيب ڏني وئي آهي، جنهن ۾ مٿيون خاصيتون هجن ته جيئن اهڙين آبگاهن جي حفاظت ۽ اهميت لاءِ ترجيحي بنيادن تي منصوبا ٺاهيا وڃن. هن ڪنوينشن ، جيڪو ايران جي شهر( رامسر) ۾ ٿيو هو، جنهن جي نالي جي پويان هن ک(ي رامسر ڪنوينشن) جو نالو ڏنو ويوجنهن ۾ 138 مُلڪن جا نمائندا شريڪ ٿيا هئا.
    پاڪستان به هن ڪنوينشن ۾، آبگاهن جي حفاظت جي لاءِ لاڳو ڪيل (مول متن تي) نه صرف صحيح ڪئي هُئي، پر (ريڪٽيفائِو) به ڪيو، ۽ پهرين ويهڪ ۾، پاڪستان جي اٺن آبگاهن کي (رامسر سائيٽ) قرار ڏنو ويو، جن ۾ (ڪينجهر ڍنڍ) پهرين نمبر تي هئي.
    واضح رهي ته هن وقت سڄي دنيا جون هزارين ڍنڍون ۽ ٻيون ماحولياتي سائيٽون ”رامسر سائيٽس“ جي حيثيت حاصل ڪري چڪيون آهن، پر اهميت جي لحاظ کان رينڪنگ ۾ (ڪينجهر ڍنڍ) جو شمار شروعاتي (سئو رامسر سائيٽس) ۾ ڪيو وڃي ٿو.
    پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جيڪا اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ، ڊيلٽا جي تباهي، ٻيلن جي واڌ ۽ جهنگلي جيوت جي تباهيءَ سميت ڪيترن ئي ماحولياتي مسئلن ۾ گهيريل آهي، ان جي عالمي حيثيت رکندڙ هيءَ ڍنڍ ڪينجهر سنگين گدلاڻ جو شڪار ٿي چڪي آهي، جنهن جو سبب هونئن ته پاڻيءَ جي کوٽ، غير قانوني شڪار، آسٽريلين بيپاڙي ول، ٻيجاري جي چوري وغيره به آهن، پر ان جو اهم سبب اهو صنعتي گند ڪچرو ۽ ڪيميائي مادو آهي، جيڪو ڪوٽڙي جي صنعتي علائقن، مال جي وٿاڻن توڙي فارمن مان خارج ڪري ڪينجهر ڍنڍ کي پاڻي مهيا ڪندڙ واهه، ڪلري بگهاڙ واهه (ڪي بي فيڊر) ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو، برساتن ۾ نوري آباد صنعتي علائقي جو گندو مادو به (موسمي ندي لوياچ) ذريعي ڍنڍ ۾ داخل ٿيندو رهي ٿو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هڪ طرف مڇيءَ جي پيداوار گهٽجي وئي آهي ته ٻئي طرف انساني صحت تي به انتهائي هاڃيڪار اثر پيا آهن، جن ۾ پيٽ جون بيماريون، چمڙيءَ جون بيماريون، ٽي-بي، هيپاٽائٽس اچي وڃن ٿيون، ماهرن جي چوڻ مطابق ته انساني گند ڪچري، نالين جي گندگي ۽ مال جي واڙن مان ايندڙ گوبر وارو ڪِن ڪچرو ماڻهن سان گڏوگڏ آبي حيات خاص ڪري مڇين لاءِ تمام خطرناڪ آهي، جيڪو جيڪڏهن انساني جسم يا مڇين جي پيٽ ۾ داخل ٿي وڃي ته ڪينسر جو سبب بڻجي ٿو.
    ڪجهه سال اڳ ڪينجهر ڍنڍ ۾ اوچتو وڏي تعداد ۾ جيڪي مڇيون مئل لڌيون ويون انهن جي جسم تي ڌَڪن جا نشان ۽ ڦلوڪڻا ڏٺا ويا، اسان وٽ ته هميشه جيان لاپرواهي ڪندي اهڙن حادثن ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويندو آهي يا ان جا پيرا نه کنيا ويندا آهن ته آخر ٿيو ڇو، پر ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ آمريڪا جي به هڪ ڍنڍ ۾ مڇين ۾ اها ساڳي بيماري ڏٺي وئي ته انهن هنگامي بنيادن تي ماهرن جي هڪ ٽيم ويهاري، جن ٽن ڏينهن اندر ان بيامري جو سبب ڳولي ورتو، تحقيقي رپورٽ مطابق مڇين ۾ ان قسم جي ڪينسر جو سبب هڪ جراثيم فيسٽريا پسيسڊا هو، جيڪو انسان جو به تنتي سرشتو تباهه ڪريو ڇڏي، هن جراثيم جي جڏهن پيدا ٿيڻ جا سبب ڳوليا ويا ته خبر پئي ته اهو جراثيم انساني ۽ حيواني گند ڪچري (ڪرفتي ۽ گويز) جي ڍنڍ ۾ داخل ٿيڻ سان پيدا ٿئي ٿو.
    ماهرن جي چوڻ مطابق ته هن جراثيم لڳڻ سان پهرين مڇين جي جسم تي ڦلوڪڻا نڪرن ٿا، پوءِ اهي ڦلوڪڻا ڦِسيو زخم ٿيو پون ۽ مڇين مٿان ڇلر لهڻ لڳندا آهن، نيٺ مريو وڃن، مرڻ کان پوءِ به هي جراثيم مڇين جي گوشت کي کائيندو رهي ٿو، ان ڪري آمريڪا ۾ هن جراثيم کي سڏين ئي دوزخي جراثيم، ڪينجه ڍنڍ جي مڇيءَ ۾ به ڪافي دفعا اهي علامتون ڏٺيون ويون آهن، پر هن طرف ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي، ان حيواني ۽ انساني مادي کان سواءِ نوري آباد، حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري سميت ڪافي علائقن ۾ موجود فيڪٽرين، ملن ۽ آبادين جو خارج ٿيندڙ زهريلين گئس وارا ڪيميائي مادا ۽ زرعي زمينن مان نيڪال ڪيل زهريلن ڀاڻن ۽Pesticidesوارو مادو به ڪينجهر ڍنڍ ۾ داخل ٿيندو رهي ٿو، جن ۾ نائٽريٽ، ڪاربان، ميٿين، ڪلورين، سينٿيٽڪ ايسٽروجينڪ ڪيميڪل ۽ ٻيون گيسون هجن ٿيون، جن جي ڪينجهر ۾ داخل ٿيڻ سان پاڻيءَ جي ڪيمسٽري، خاص ڪري آڪسيجن جو گهربل مقدار تبديل ٿي رهيو آهي، جيڪو انسانن ۾ مختلف بيمارين کان سواءِ آبي جانورن جي موت جو سبب بڻجي رهيو آهي.
    ڪلورين گيس ايبنارمل ٻارن جي پيدائش ۽ ڪينسر جو سبب بڻجي رهي آهي، ڪلورين گيس سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جو گهڻي ڀاڱي شڪار عورتون ٿين ٿيون، نائٽريٽ مليل پاڻي پيئڻ سان انسان جي گردن تي انتهائي هاڃيڪار اثر پون ٿا، هيءَ گيس ٻارن ۾ هڪ خاص قسم جي بيماري بليو بي بي سينڊ روم جو سبب بڻجي ٿي، جيڪا ٻارن لاءِ موت ثابت ٿئي ٿي، هيءَ جيڪڏهن ڪنهن عورت جي جسم ۾ شامل ٿي وڃي ته ان کي اولاد جهڙي نعمت کان محروم ڪريو سُنڍ بڻايو ڇڏي، اها صورتحال ڪينجهر ۾ موجود مڇين ۾ به ڏٺي وئي آهي ته بجاءِ پاڻي ۾ ٻيجارو تيرڻ جي، اهو مڇيءَ جي پيٽ ۾ ئي مري وڃي ٿو، هن وقت هتان مرندڙ اسي سيڪڙو مڇين جي پيٽ ۾ اهڙي قسم جو مئل ٻيجارو ملي رهيو آهي، هن ڍنڍ ۾ پوندڙ زرعي ڪِن ڪچرو ٻٽو نقصان پهچائي رهيو آهي، زرعي مادو هڪ طرف مڇي ۽ ٻي آبي مخلوق جي موت جو سبب بڻجي رهيو آهي، ته ٻئي طرف ڍنڍ ۾ موجود غير ضروري وڻن ۽ گاهن کي طاقت ڏئي رهيو آهي، ڪينجهر کي اهڙن ڪيترن ئي غير ضروري گاهن پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو، ماهرن جي چوڻ مطابق ته ان گاهه جي ڪري سج جا ڪرڻا هيٺ تائين نٿا پهچن، جنهن جي ڪري اهي گاهه ۽ ٻوٽيون جيڪي آبي جيوت کائي ٿي اهي اُسري ۽ نِسري نٿيون سگهن.
    تازو گڏيل قومن جي ماحولياتي اداري ”ڪلين واٽر ايڪٽ“ تحت هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت تائين 40 سيڪڙو مٺي پاڻي جون ڍنڍون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ جنهن نموني پاڻيءَ کي آلوده ڪري ان جي ڪيمسٽري تبديل ڪئي پئي وڃي، انهن مان اهو اندازو لڳائڻ ڪو ڏکيو ناهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ وڌيڪ 20 سيڪڙو ڍنڍون بلڪل ختم ٿي وينديون، اهڙين ڍنڍن ۾ هيءَ بدنصيب ڍنڍ (ڪينجهر) به شامل آهي.
    اقوامِ متحده جي رپورٽ جي مطابق پاڪستان جي ڪل آبادي جا 10 ڪروڙ ماڻهون اهڙا آهن جن وٽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي موجود نه آهي ۽ وري انهن مان ٻه ڪروڙ ماڻهون گندي پاڻي واپرائڻ جي ڪري مختلف قسم جي بيمارين ۾ جڪڙيو وڃن. آخر ائين ڇو۔۔۔؟
    سنڌ جي خوبصورت ۽ مٺي پاني واري ڍنڍ ”ڪينجهر“ ڪراچي جي ويجهو هجڻ ڪري اڪثر گهمندڙ سان ڀريل رهندي آهي پر هاڻي اها (خوبصورت ڍنڍ) مسلسل آلودگي جي ور چڙهندي پئي وڃي ، جنهن جو ڪوبه حال احوال وٺندڙ نه آهي.
    پاڪستان سڳوري ۾ حڪومت کڻي ڪنهنجي به هجي، پر سڄي پاڪستان جي مظلوم قومن سان ۽ خاص ڪري (سوني ڪڪڙ سنڌ سان) اهو ئي حشر رهندو پيو اچي. سوال اهو ناهي ته حڪومت ڪنهنجي آهي؟ سوال اهو آهي ته ڪهڙو نظام آهي ۽ اسان ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاٿل آهيون . ڪينجهر ته ڇا (درياءِ سنڌ) به سُڪندو پيو وڃي، منڇر جي حالت اسانجي سامهون آهي، فصل اسانجا ختم ٿيندا پيا وڃن، ٻيو ته ٺهيو هاڻ قومي سگهه ۽ قومي سوچ به خطري ۾ آهي، قوم هوندي ته قومي خزانا به استعمال ٿيندا.نه ته پهاڪو آهي
    ڌڻ ته ڌڻي ، نه ته وڪڻ کڻي
    ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي، قوم اڃان ڪيترو سمهندي ؟ سوال اهو آهي.
    پُڄاڻي
     
    آخري ترميم: ‏16 فيبروري 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو