نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ جي ٻن نوجوان موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون سان شام ملهائي وئي
گُذريل هفتي ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائزيشن حيدرآباد پاران، سنڌ جي نوجوان موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثارسمون سان سندن بهترين ڪارڪردگيءَ عيوض حيدرآباد شهر جي پريس ڪلب آڊيٽوريم ۾ شام ملهائي وئي، انهي شام ۾ شرڪت جي دعوت مشهور سنڌي فنڪار گل حسن گُل ذاتي طور مونکي ۽ ادا عبدالغفور سمون سنڌ سلامت جي نمائندن طور ڏني. محترم گل حسن گل کي اسان بجا طور چئي سگهون ٿا ته اهو سنڌ جو پهريون سنڌي فنڪارآهي جنهن سنڌي موسيقي کي جديد موسيقي يعني پاپ ميوزڪ ۾ متعارف ڪرايو. ان کان علاوه مشهور سنڌي گيت هي سنڌ جي جيڪا ڌرتي آهي، ان ڌرتيءَ سان منهنجو پيار آ، پڻ ڳايو آهي، محترم گل حسن گُل ليڊي ڊائنا ويلفيئر ايسوسي ايشن حيدرآباد جو چيئرمين پڻ آهي ، پاڻ نهايت ئي رَلڻو ملڻو ماڻهو آهي، منهنجي کيس سان ڏيٺ ويٺ ” صوبيه ۽ بختاور “ جي ڳايل آڊيو ڪيسٽ مٺيون ڳالهيون جي مهورت واري موقعي تي ٿي، جڏهن پاڻ مشهور سنڌي گيت ” مجبور آ، عاشق مجبور آ ، ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هُجي“ بلڪل نئين انداز ۾ ڊسڪو ٽائپ ۽ پاپ ميوزڪ ۾ ڳايو هُئائين۔ اهو گيت سنڌ سلامت جي شوبز واري شعبي ۾ موجود آهي جنهن جو لنڪ توهان دوستن جي آساني واسطي هيٺ ڏجي ٿو۔http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=3610
خير منهنجي هڪ پُڇيل سوال ته هنن نوجوان موسيقارن ، امتياز سولنگي ۽ نثار سمون سان شام ملهائڻ جي جذبي ۾ ڪهڙي اهم ترين ڳالهه ڪار فرما آهي جو توهان بحيثيت ليڊي ڊائنا ويلفيئر ايسوسي ايشن جي چيئرمين جي ايڏو وڏو خرچ ڪيو آهي، پاڻ کلندي جواب ڏنائين ته سائين ناز توهان ماضي ۾ وڃو هميشهه ڪنهن وڏي يا ننڍي فنڪار کي خراج تحسين ان جي دنيا مان لاڏاڻي کانپو ڏنو ويندو هو، پر اسان نوجوان فنڪارن، نوجوان موسيقارن، الغرض فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ جيڪي پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڪهڙي به شعبي ۾ رهي ڪري سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪن پيا انهن جي جيئري همت افزائي ڪرڻ لا اڳيان آيا آهيون۔ جيڪڏهن ڪنهنجي بي لوث همت افزائي اهڙين شامن ملهائڻ سان ٿئي ته پو هر اداري کي گهرجي ته اهڙي قسم جون شامون باقائده فنڪارن سان ملهايون وڃن۔
جيئن ته پريس ڪلب حيدرآباد سنڌ جو آڊيٽوريم مهمانن ۽ محفل جي مورن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون جي چاهيندڙن سان ڀريل هو، انهن ۾ خواتين به وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي هن شام کي رنگين کان رنگين ترين بنائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون هيون۔ نوجوان موسيقار امتياز سولنگي پنهنجي مان ۾ شام ملهائڻ جي مهرباني مڃيندي چيو ته اسان جي محنتن جو قدر ڪندي ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائزيشن اسانجي همت افزائي ڪئي آهي، هي اسان سان ملهايل شام اسان جي زندگي جي خوبصورت ترين شام آهي، ان کان پو نوجوان موسيقار نثار سمون چيو ته سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻا پيار ڪندڙ آهن، هو وڏا قدر دان پڻ آهن، جو اسان جي غريباڻي محنتن عيوض اسان سان اهڙيون محبتن سان ڀريل شامون ملهائين ٿا۔
هاڻ پيش آهن ان سُريلي شام جون تصويري جهلڪيون، دوستو اهي تصويرون منهنجي ۽ سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون جون مشترڪا ڪاوشون آهن، سنڌ سلامت جي اڱڻ جون خلوص سان ڀريل پيشڪشون آهن۔
نوجوان موسيقار محترم امتياز سولنگي ۽ محترم نثار سمون اسٽيج تي خوشگوار مُوڊ ۾
نوجوان موسيقار امتياز سولنگي کي هڪڙي سنڌي نياڻي گُلن جو تحفو ڏنو
نوجوان موسيقار محترم نثار سمون کي هڪ سنڌي ٻار گُلن جو تحفو ڏنو
نوجوان موسيقار محترم نثار سمون کي سندس هڪ دوست اجرڪ جو تحفو پارايو
نوجوان موسيقار محترم امتياز سولنگي ۽ محترم نثار سمون گُل ڏيندڙ ٻارڙن سان گڏ
هڪ ناري جيڪا هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙن جي نگاهن جو مرڪز هُئي
مشهور سنڌي فنڪارائون صوبيه ، بختاور ۽ ٽي فنڪاره جو نالو ڪونه ٿو اچي پڻ شريڪ هيون
اسان وارو نهايت ئي پيارو دوست ادا وڪيل منڱريو هن پروگرام جي چيف آرگنائزر محترم گُل حسن گُل کي اجرڪ جو تحفو پارايو
مهراڻ ۽ سنڌ ٽي وي جا ٻه بهترين ڪمپيئر فقير معظم علي ۽ ٻي ڪمپيئر جو نالو ياد ڪونهي پڻ هن تقريب ۾ شريڪ هُئا
اسان جي سنڌ سلامت جا نوجوان ميمبر ادا عبدالله ادا ڪاشف احمد ۽ادا برڪت علي جيڪي صرف مون يعني جهوني نثار ناز سان ملڻ جي اشتياق ۾ هن محفل ۾شريڪ ٿيڻ لا قاسم آباد حيدرآباد کان ڪهي آيا