• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوجوان سنڌي موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون سان شام ملهائي وئي

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ جي ٻن نوجوان موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون سان شام ملهائي وئي​
گُذريل هفتي ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائزيشن حيدرآباد پاران، سنڌ جي نوجوان موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثارسمون سان سندن بهترين ڪارڪردگيءَ عيوض حيدرآباد شهر جي پريس ڪلب آڊيٽوريم ۾ شام ملهائي وئي، انهي شام ۾ شرڪت جي دعوت مشهور سنڌي فنڪار گل حسن گُل ذاتي طور مونکي ۽ ادا عبدالغفور سمون سنڌ سلامت جي نمائندن طور ڏني. محترم گل حسن گل کي اسان بجا طور چئي سگهون ٿا ته اهو سنڌ جو پهريون سنڌي فنڪارآهي جنهن سنڌي موسيقي کي جديد موسيقي يعني پاپ ميوزڪ ۾ متعارف ڪرايو. ان کان علاوه مشهور سنڌي گيت هي سنڌ جي جيڪا ڌرتي آهي، ان ڌرتيءَ سان منهنجو پيار آ، پڻ ڳايو آهي، محترم گل حسن گُل ليڊي ڊائنا ويلفيئر ايسوسي ايشن حيدرآباد جو چيئرمين پڻ آهي ، پاڻ نهايت ئي رَلڻو ملڻو ماڻهو آهي، منهنجي کيس سان ڏيٺ ويٺ ” صوبيه ۽‌ بختاور “ جي ڳايل آڊيو ڪيسٽ مٺيون ڳالهيون جي مهورت واري موقعي تي ٿي، جڏهن پاڻ مشهور سنڌي گيت ” مجبور آ، عاشق مجبور آ ، ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هُجي“ بلڪل نئين انداز ۾ ڊسڪو ٽائپ ۽ پاپ ميوزڪ ۾ ڳايو هُئائين۔ اهو گيت سنڌ سلامت جي شوبز واري شعبي ۾ موجود آهي جنهن جو لنڪ توهان دوستن جي آساني واسطي هيٺ ڏجي ٿو۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=3610

خير منهنجي هڪ پُڇيل سوال ته هنن نوجوان موسيقارن ، امتياز سولنگي ۽ نثار سمون سان شام ملهائڻ جي جذبي ۾ ڪهڙي اهم ترين ڳالهه ڪار فرما آهي جو توهان بحيثيت ليڊي ڊائنا ويلفيئر ايسوسي ايشن جي چيئرمين جي ايڏو وڏو خرچ ڪيو آهي، پاڻ کلندي جواب ڏنائين ته سائين ناز توهان ماضي ۾ وڃو هميشهه ڪنهن وڏي يا ننڍي فنڪار کي خراج تحسين ان جي دنيا مان لاڏاڻي کانپو ڏنو ويندو هو، پر اسان نوجوان فنڪارن، نوجوان موسيقارن، الغرض فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ جيڪي پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڪهڙي به شعبي ۾ رهي ڪري سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪن پيا انهن جي جيئري همت افزائي ڪرڻ لا اڳيان آيا آهيون۔ جيڪڏهن ڪنهنجي بي لوث همت افزائي اهڙين شامن ملهائڻ سان ٿئي ته پو هر اداري کي گهرجي ته اهڙي قسم جون شامون باقائده فنڪارن سان ملهايون وڃن۔

جيئن ته پريس ڪلب حيدرآباد سنڌ جو آڊيٽوريم مهمانن ۽ محفل جي مورن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون جي چاهيندڙن سان ڀريل هو، انهن ۾ خواتين به وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي هن شام کي رنگين کان رنگين ترين بنائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون هيون۔ نوجوان موسيقار امتياز سولنگي پنهنجي مان ۾ شام ملهائڻ جي مهرباني مڃيندي چيو ته اسان جي محنتن جو قدر ڪندي ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائزيشن اسانجي همت افزائي ڪئي آهي، هي اسان سان ملهايل شام اسان جي زندگي جي خوبصورت ترين شام آهي، ان کان پو نوجوان موسيقار نثار سمون چيو ته سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻا پيار ڪندڙ آهن، هو وڏا قدر دان پڻ آهن، جو اسان جي غريباڻي محنتن عيوض اسان سان اهڙيون محبتن سان ڀريل شامون ملهائين ٿا۔
هاڻ پيش آهن ان سُريلي شام جون تصويري جهلڪيون، دوستو اهي تصويرون منهنجي ۽ سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون جون مشترڪا ڪاوشون آهن، سنڌ سلامت جي اڱڻ جون خلوص سان ڀريل پيشڪشون آهن۔

diana%2010.JPG
نوجوان موسيقار محترم امتياز سولنگي ۽ محترم نثار سمون اسٽيج تي خوشگوار مُوڊ ۾​

daina%202.JPG
نوجوان موسيقار امتياز سولنگي کي هڪڙي سنڌي نياڻي گُلن جو تحفو ڏنو​

diana%203.JPG
نوجوان موسيقار محترم نثار سمون کي هڪ سنڌي ٻار گُلن جو تحفو ڏنو​

diana%2025.JPG
نوجوان موسيقار محترم نثار سمون کي سندس هڪ دوست اجرڪ جو تحفو پارايو​

diana%204.JPG
نوجوان موسيقار محترم امتياز سولنگي ۽ محترم نثار سمون گُل ڏيندڙ ٻارڙن سان گڏ​

diana%2022.JPG
هڪ ناري جيڪا هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙن جي نگاهن جو مرڪز هُئي​

diana%2029.JPG
مشهور سنڌي فنڪارائون صوبيه ، بختاور ۽ ٽي فنڪاره جو نالو ڪونه ٿو اچي پڻ شريڪ هيون​

diana%2032.JPG
اسان وارو نهايت ئي پيارو دوست ادا وڪيل منڱريو هن پروگرام جي چيف آرگنائزر محترم گُل حسن گُل کي اجرڪ جو تحفو پارايو​

diana%2035.JPG
مهراڻ ۽ سنڌ ٽي وي جا ٻه بهترين ڪمپيئر فقير معظم علي ۽ ٻي ڪمپيئر جو نالو ياد ڪونهي پڻ هن تقريب ۾ شريڪ هُئا​

diana%2030.JPG
اسان جي سنڌ سلامت جا نوجوان ميمبر ادا عبدالله ادا ڪاشف احمد ۽ادا برڪت علي جيڪي صرف مون يعني جهوني نثار ناز سان ملڻ جي اشتياق ۾ هن محفل ۾‌شريڪ ٿيڻ لا قاسم آباد حيدرآباد کان ڪهي آيا​
 
جواب: نوجوان سنڌي موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون سان شام ملهائي وئي

پيارا دوستو هن تقريب جون ڪجهه تصويرون اڃان به رهن ٿيون، ڪافي دوستن باقائده فون ڪري ۽ اي ميل ڪري اها فرمائش ڪئي آهي ته بقايا رهيل تصويرون ونڊ ڪيون وڃن حاضر دوستو، هي نثار ناز توهان جو حڪم ڀلا ڪيئن ٿو ٽاري سگهي۔ مهرباني

]
diana%2033.JPG

مشهور سنڌي مزاحيه اداڪار منان عباسي المعروف ماما لالو ناميارن موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون جي فني ڪارڪردگي تي ڳالهائي رهيو آهي

diana%2017.JPG

ماما لالو، نثار سمون ، امتياز سولنگي هڪ سنڌي فنڪاره، ۽ ميدم فريده سهتو گڏ بيٺا آهن

diana%2026.JPG


ادا وڪيل منڱريو منهنجي هڪڙي تمام پُراڻي دوست محترم سليمان ابڙو کي اجرڪ پارائي رهيو آهي، محترم سليمان ابڙو جنهن ڊپارٽمينٽ ۾ مان هُئس ان ۾ مونکان سينئر هو پو هو ڊپارٽمينٽ ڇڏي هڪ وڏي بينڪ ۾ آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي، مان هن تقريب ۾ کانئس لڳ ڀڳ ويهه سالن کان پو مليو هُئس

diana%2016.JPG

نئين سنڌي فنڪاره پارس علي پارس جو هڪڙو خوبصورت انداز

diana%2037.JPG

ميڊم مهوش سولنگي پڻ شريڪ هُئي ان تقريب ۾

diana%2020.JPG

سنڌ ٽي وي ۽ مهراڻ ٽي وي جو مشهور ڪيمپيئر ۽ شاعر فقير معظم علي هڪ فنڪاره سان گڏ هن فنڪاره هن محفل ۾ براهوي گيت ڳايا هُئا

diana%2011.JPG

محترم گل حسن گل، هڪ مشهور سماجي شخصيت ۽ هن پروگرام جو اسٽيج سيڪريٽري

diana%208.JPG


ماما لالو، هن تقريب جي چيف گيسٽ محترم منير ڀٽي کي اجرڪ پارائي رهيو آهي

diana%2031.JPG

ڀلا ادا عبدالغفور سمون کي ڇو وساريون هن به محترم گل حسن گل کي گلن جا هار پارايا

diana%2021.JPG

اسان وارو ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون اهڙا موقعا گهٽ وڃائيندو آهي۔ ڀلي خوش ٿئي ڇا ياد ڪندو اسان کي هي تصوير هتي لڳائي ٿا ڇڏيون​
 
جواب: نوجوان سنڌي موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون سان شام ملهائي وئي

پيارا ساٿيو ڪجهه وڌيڪ تصويرون حاضر آهن

diana%2043.JPG

مشهور سنڌي فنڪارائون صوبيه ۽ بختاور گيت ڳائي رهيون آهن هن محفل ۾

diana%2038.JPG

ڪيئن ادا ڪاشف احمد ڪيئن پيا لڳو پنهنجي تصوير ۾

diana%2040.JPG

ڊاڪٽر برڪت علي آهي ۽ ٻيو اسان جو ننڍڙو پيارو ڀا عبدالله آهي (بابا سنڌ سلامت جي پيارن دوستن جي تصوير آهي)

diana%2041.JPG

ڪجهه مهمانن جون تصويرون لانگ شارٽ ويوز ۾

diana%2019.JPG

هن سنڌياڻي فنڪاره گيت براهوي ٻولي ۾ ڳاتو هڪ لفظ به سمجهي ڪونه سگهيو هُئس

diana%205.JPG

ڪجهه وي آئي پي مهمان جن کي سنڌي اجرڪون تمام خوبصورت لڳي رهيون آهن

diana%2013.JPG

غزاله صنم سولنگي به شريڪ هُئي​

diana%207.JPG

آخر ۾ هن دوست جو نالو ته مونکي ڪونه ٿو اچي پر هن تمام خوبصورت نموني پنهنجي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرض نڀايا هُئا​

موڪلاڻي ڪانهي دوستو يار زنده صحبت باقي​
 
جواب: نوجوان سنڌي موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون سان شام ملهائي وئي

ڪجهه تصويرون چڱيون لڳيون ۔ پر مون کي نثار سمون جي تصوير توهان جي نه لڳي
 
جواب: نوجوان سنڌي موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون سان شام ملهائي وئي

ڀلا ادا عبدالغفور سمون کي ڇو وساريون هن به محترم گل حسن گل کي گلن جا هار پارايا

اسان وارو ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون اهڙا موقعا گهٽ وڃائيندو آهي۔ ڀلي خوش ٿئي ڇا ياد ڪندو اسان کي هي تصوير هتي لڳائي ٿا ڇڏيون
سائين خاص طور تي مٿئين ٽائٽلس سان جيڪي تصويرون هيون۔۔۔ اهي ڪمال جون آهن۔۔۔۔
باقي اوهان جي رپورٽنگ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پنهنجو مثال پاڻ آهي۔۔ اسان انهيءَ جوش جذبي جي لفظن ۾ تعريف نه ٿا ڪري سگهون
 
جواب: نوجوان سنڌي موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون سان شام ملهائي وئي

ڪجهه تصويرون چڱيون لڳيون ۔ پر مون کي نثار سمون جي تصوير توهان جي نه لڳي
وحيد سمان صاحب ڀليو آهين ڀائو اهو ادو نثار سمون موسيقار اٿئي نثاراحمد ناز سمون ٽي درجي وارو شاعر ڪونه اٿئي ۔ توهان کي ڪجهه تصويرون چڱيون لڳيون، سمان صاحب ڪجهه تصويرون وري ڀائو مست زبردست کي وڻيون آهن مطلب مون واري محنت توهان جي دعائن سان مونکي ساڀيان پئي۔ لک لائق سائين۔
 
جواب: نوجوان سنڌي موسيقارن امتياز سولنگي ۽ نثار سمون سان شام ملهائي وئي

ڀلا ادا عبدالغفور سمون کي ڇو وساريون هن به محترم گل حسن گل کي گلن جا هار پارايا

اسان وارو ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون اهڙا موقعا گهٽ وڃائيندو آهي۔ ڀلي خوش ٿئي ڇا ياد ڪندو اسان کي هي تصوير هتي لڳائي ٿا ڇڏيون
سائين خاص طور تي مٿئين ٽائٽلس سان جيڪي تصويرون هيون۔۔۔ اهي ڪمال جون آهن۔۔۔۔
باقي اوهان جي رپورٽنگ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پنهنجو مثال پاڻ آهي۔۔ اسان انهيءَ جوش جذبي جي لفظن ۾ تعريف نه ٿا ڪري سگهون
ها مست سچو آهين اسان جو فل ٽائيم هيرو عبدالغفور ڇو نه مُرڪي ڀلي ٻانهه لوڏي، ڀلا ڙي غفور سمان تنهنجا ڀاڳ، مٺا اسان جو جوش جذبو توهان مستن جي مستي اڳيان ڪک برابر به ڪونهي۔ غريباڻي ڪاوش توکي سُٺي لڳي۔ مهرباني مست ۔
 
Back
Top