• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي خبرن واري پٽي

سنڌ سلامت جا دوستو اسلام عليڪم:- اڄ ٻن هفتن کانپو مان سنڌ سلامت تي لاگ آن ٿيس۔ ته منهنجي نظر خبرن وارن پٽي ته پئي جيڪا ڳاڙهي رنگ جي پٽي آهي۔ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي۔ ڇو ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ماڻهن لا سنڌ سلامت کانسوا ڪو به مُحبتي اڱڻ نه آهي۔ سنڌ سلامت جي انتظاميه پاران هي خبرن واري پٽي هلائي ڪري سنڌي ماڻهن کي با خبر رکڻ لا سُٺو قدم کنيو آهي۔ ڇو ته جيڪو به سچي دل سان محنت ڪندو آهي۔ ته انجي محنت ضرور رنگ لائيندي آهي۔ ۽ اسان چاهيون ٿا ته هن ترقي آفته دور ۾ اسانجون سنڌي ويبسائيٽون پنهنجو منزل ضرور ماڻين۔ ته جيئن انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ويبسائيٽون تمام گهڻو مشهور ٿين۔ اڄ ضرورت آهي ته سڀ گڏجي پنهنجي سنڌي ٻولئ لا خوب محنت ڪيون۔ ته جيئن هر قوم اسانکان سبق سکي۔ ۽ سنڌ سلامت جي دوستن جي محنت کي به سلام آهي۔ جو هن مُحبتي اڱڻ هڪ وک ترقي ڏانهن وڌائي آهي۔ دعا ڪيو ته سنڌ سلامت انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پنهنجي منزل ضرور ماڻي۔ (آمين ثم آمين) سنڌ سلامت ساٿ سلامتsindhsalamatsaathsal
 
جواب: سنڌ سلامت جي خبرن واري پٽي

ادا اظهر الدين بهلڪاڻي، اوهانجا لک ٿورا جو هن اڱڻ لئه ايترا سهڻا ۽ حوصلي وڌائڻ وارا لفظ استعمال ڪيا اٿوَ، بلڪل ان ڳالهه جيئان ته” آءُ ته هليو هيس اڪيلو پر دوست ملندا ويا، ساٿ هلندو رهيو“ سو ادي رشيد سمي صاحب جڏهن پنهنجن مختصر دوستن سان هي سفر شروع ڪيو هو ته کيس اها خبر نه هئي ته هي قدم کيس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ واري خدمت ۾ يادگار ڪري ڇڏيندو ۔۔۔۔۽ کيس اوهان جهڙا مخلص ۽ سهڻا دوست سندس ساٿ ۾ شامل ٿيندا ۔۔۔

دوست بهلڪاڻي، بيشڪ سچائي، خلوص ۽ قربانيءَ جو جذبو هجي ته مدد خدائي يقيني آهي ۽ فتح ۽ نصرت جا نگارا وڄي پوندا آهن ۔۔۔

دوست سڏائي سڀ ڪو جاني زباني
ٿئي آساني ڪم پوي ته ڪل پوي۔

اچو ته اسين سڀ سنڌي هڪ ٻئي جي مدد ڪري سنڌ، سنڌيت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مان مٿاهون ڪريون ۔۔۔

دعائن ۾ گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت جي خبرن واري پٽي

ادا ماشاءالله سان سنڌ سلامت تي سٺو ڪم ٿئي رهيو آهي جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، خاص ڪري تازا ترين خبرن وارو ڪم ته مون کي پڻ تمام گهڻو پسند آيو، انشاء الله اسان جو هي سنڌ سلامت فورم اڃان به ترقي ڪندو، ۽ هن جو نالو دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ هوندو۔ انشاءالله۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي خبرن واري پٽي

ادا اظهرالدين بهلڪاڻي صاحب۔۔۔
سنڌ سلامت جي بنياد ئي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ‌جي واڌاري ۽ ڀلي لاءِ رکي وئي آهي۔۔ انشاءَ الله اسان جي فورم جي انتظاميه ڏينهون ڏينهن هن ۾ ڪجهه بهترين شيون شامل ڪندي۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي خبرن واري پٽي

ادا اظهرالدين بهلڪاڻي صاحب۔۔۔
سنڌ سلامت جي بنياد ئي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ‌جي واڌاري ۽ ڀلي لاءِ رکي وئي آهي۔۔ انشاءَ الله اسان جي فورم جي انتظاميه ڏينهون ڏينهن هن ۾ ڪجهه بهترين شيون شامل ڪندي۔۔۔

انشاالله

سدائين گڏ
 
Back
Top