اظهرالدين بهلڪاڻي
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا دوستو اسلام عليڪم:- اڄ ٻن هفتن کانپو مان سنڌ سلامت تي لاگ آن ٿيس۔ ته منهنجي نظر خبرن وارن پٽي ته پئي جيڪا ڳاڙهي رنگ جي پٽي آهي۔ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي۔ ڇو ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ماڻهن لا سنڌ سلامت کانسوا ڪو به مُحبتي اڱڻ نه آهي۔ سنڌ سلامت جي انتظاميه پاران هي خبرن واري پٽي هلائي ڪري سنڌي ماڻهن کي با خبر رکڻ لا سُٺو قدم کنيو آهي۔ ڇو ته جيڪو به سچي دل سان محنت ڪندو آهي۔ ته انجي محنت ضرور رنگ لائيندي آهي۔ ۽ اسان چاهيون ٿا ته هن ترقي آفته دور ۾ اسانجون سنڌي ويبسائيٽون پنهنجو منزل ضرور ماڻين۔ ته جيئن انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ويبسائيٽون تمام گهڻو مشهور ٿين۔ اڄ ضرورت آهي ته سڀ گڏجي پنهنجي سنڌي ٻولئ لا خوب محنت ڪيون۔ ته جيئن هر قوم اسانکان سبق سکي۔ ۽ سنڌ سلامت جي دوستن جي محنت کي به سلام آهي۔ جو هن مُحبتي اڱڻ هڪ وک ترقي ڏانهن وڌائي آهي۔ دعا ڪيو ته سنڌ سلامت انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پنهنجي منزل ضرور ماڻي۔ (آمين ثم آمين) سنڌ سلامت ساٿ سلامتsindhsalamatsaathsal