مست
سينيئر رڪن
ڀٽ شاهه جي درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي گادي نشين سيد نثار شاهه حسيني، لطيف سرڪار جي درگاهه تي صدين کان هلندڙ جمع رات جي لطيفي راڳ جي سربراهه سيد جمن شاهه ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي۔۔
اهو تڪرار سيد جمن شاهه طرفان هڪ ٽي وي چينل ۾ لطيفي راڳ جي طبلي ۽ باجي سان گڏ پيش ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿيو، جنهن کي لطيفي اصولن جي ڀڃڪڙي ڄاڻائيندي درگاهه جي گادي نشين سيد نثار شاهه حسيني سيد جمن شاهه کي جمع رات جي لطيفي راڳ جي سربراهه جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۔ سيد نثار شاهه چيو آهي لطيفي ڪلام سائين جي پنهنجي ڳالهه موجب مقدس آهن ۽ اهو ته جمن شاهه سندس خاندان جو فرد آهي، هن جي ڄاڻ ۽ قابليت تي ڪو به شڪ ناهي، هن ڪجهه پئسن عيوض لطيف سرڪار جي ڪلام کي جنهن ڍنگ ۾ پيش ڪيو آهي اهو عمل ناقابل برداشت آهي، ان عمل سان اسان ۽ ڀٽائي جي لکين عقيدتمندن جي دل آزاري ٿي آهي،هن چيو ته جمن شاهه کي اڳ به ڪيترائي دفعا سمجهايو ويو، هو نه مڙيو پر هاڻي به هو غلطي جو اعتراف ڪري لطيف سائين جي درگاهه تي اچي معافي وٺي ته پوءِ پنهنجون ذميواريون ٻيهر سنڀالي سگهي ٿو۔
انهيءَ کان علاوهه سيد جمن شاهه کي روايتن جي ابتڙ مغربي طرز تي شاهه جو راڳ پيش ڪرڻ جي الزام هيٺ”جمع رات“ جي اڳواڻ واري منصب تان هٽائڻ ۽ راڳ ڳائڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ گادي نشين درگاهه تي راڳ پيش ڪندڙ سمورن فقيرن مٿان درگاهه جي صدين کان پراڻي رسم موجب درگاهه کان ٻاهر دنبورو کڻي راڳ ڳائڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، هن چيو ته جلد سينيئر راڳي فقيرن کي ويهاري راڳ ڳائيندڙ فقيرن جو امتحان ورتو ويندو، جنهن بعد اهل ۽ ڄاڻو راڳين کي رڳو ڳائڻ جي اجازت هوندي.
جڏهن ته لطيف سرڪار جي ناليواري راڳي سيد جمن شاهه جو چوڻ آهي ته مون ڪا به غلطي نه ڪئي آهي ۽ نه ئي معافي وٺندس، باقي ”جمع رات“ واري اڳواڻ جي پڳ کيس گادي نشين اهليت ۽ صلاحيتن جي بنياد تي ٻڌائي هئي، جيڪا هو واپس وٺڻ چاهي ٿو ته کيس ڪو به اعتراض نه آهي، هن چيو ته سندس وڏن به زندگي جي آخري گهڙي تائين لطيف سرڪار جي در تي ڊيوٽيون ڏنيون، هو به لطيف سرڪار جي در جو فقير آهي ۽ ڊيوٽي ڏيندو رهندو، هن چيو ته سجاده نشين کي راڳ بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، هن جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو انصاف تي مبني ناهي، هن چيو ته سجاده نشين راڳي فقيرن جي ڏک سک ۾ ڪڏهن به شريڪ نه رهيو آهي، جڏهن ته فقيرن جو سربراهه علي ڏنو فقير به هاڻي پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي، ان ڪري راڳي فقير مختلف گروپن ۾ ورهايل آهن ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪن ٿا، هن چيو ته درگاهه کان ٻاهر راڳ ڳائڻ جي اجازت اڳوڻي گادي نشين اهو چئي ڏني هئي ته لطيف سرڪار جي پيغام کي عام ڪيو وڃي، هاڻ ان تي بندش ناممڪن آهي.
دوستو هي هڪ نهايت حساس موضوع آهي اوهان هن کي ڪهڙي پس منظر ۾ ڏسو ٿا۔۔ پنهنجا رايا ضرور ڏيو۔۔ ۽ ووٽ به۔۔