مُريداڻي جمالين جو قبرستان: نج سنڌي آرٽ جو مثال

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مُريداڻي جمالين جو قبرستان: نج سنڌي آرٽ جو مثال

    عزيز ڪنگراڻي

    مريداڻي جمالين جو قبرستان ضلعي دادو جي شهر جوهي کان اولھ اُتر ۾ اٽڪل 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هيءَ قبرستان جوهي بئراج تي ولواڻي جمالي واري موري ۽ ٻوڏن کان آيل بچاءُ بند کان اٽڪل 6 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اتر اولھ طرف ۽ قديم شاهي رستي جي اتر ۾ ڪاڇي واري علائقي ۾ آهي. هيءُ قبرستان مريد خان جمالي جي پونيرن ۽ رشتيدارن جو آهي. مريد خان اول جنهن ڪاڇي واري علائقي ۾ مريد ديرو نالي ڳوٺ ٻڌو ۽ سندس قبرستان ۽ مقبرو به ڳوٺ مريد ديرو لڳ اتر ۾ موجود آهي سوميان نصير محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ ميان وال تحريڪ جو اهم ڪارن ۽ سپهه سالار هو.. ميان نصير کيس هن علائقي ۾ زمينون ڏنيون جتي ڳوٺ ٻڌي ويٺو.
    گمان غالب آهي ته مريد خان جي پونيرن ۾ حيات خان مريداڻي جمالي۽ ڏتو خان مريداڻي جمالي پنهنجو اصل ڳوٺ مريد ديرو ڇڏي ڦلجي کي پنهنجو مسڪن بڻايو. ڪلهوڙا، ٽالپور ۽ انگريز دور ۾ سندس پونيرن ۾ مريد خان ثاني، بهاول خان ۽ بخشو خان جمالي هاڪارا سردار رهيا. بخشي خان مريداڻي جمالي جو ذڪر انگريز دور ۾ ترتيب ڏنل رڪارڊ “سنڌ جون جاگيرون” ۾ شجري سميت موجود آهي ته سندس شجرو جنت السنڌ ۾ به ملي ٿو. بهرحال مريد اول کان پوءِ سندس پونير جڏهن ڳوٺ مريد ديرو ڇڏي ڦلجي ۾ آباد ٿيا ٿڏهن کان سندن آخري آرم گاھ موجوده مريداڻي جمالين وارو قبرستان بڻيو.
    هيءُ قبرستان تمام وڏي ايراضي تي پکڙيل آهي. مقبرن ۽ قبرن جي طرز تعمير نهايت شاندار تعميرات جو نمونو آهن. اڪثريت ۾ مقبرا خسته حالي جو شڪار آهن. ڪو به اهڙو مقبرو نه آهي جنهن جي اندرين توڙي ٻاهرين ديوارن تي چٽسالي ٿيل نه هجي. ٻاهرين ڀتين واري چٽسالي مڪمل ميسارجي وئي آهي ۽ ٿورائي ۾ مقبرن جي اندرين ديوارن واري چٽسالي اڄ به شاندار لڳي ٿي. مقبرن جي ديوارن تي چٽسالي (Painting) ڪلهوڙا ، ٽالپور ۽ انگريز دورن جي ٿيل آهي. ڪاڇي جي ٻين قبرستانن ۾ موجود مقبرن جي ديوارن تي ٿيل چٽسالي سان گڏ وگڏ هن قبرستان ۾ مقبرن جي ڀتين تي نقش نگاري بابت تفصيلي بيان اي ايف ٽي EFT ڪراچي پاران ڇپائي هيٺ منهنجي ڪتاب “هسٽري آن وال” ۾ شامل آهي جيڪو پڌرائي جو منتظر آهي.. هت مختصر بيان ڪرڻ ضروري آهي.
    هن قبرستان ۾ مقبرن جي ڀتين تي چٽسالي مغل، راجپوتانا، ۽ اسلامي آرٽ جو مظهر به آهي ته نج مقامي سنڌي آرٽ جو مثال به موجود آهي سنڌي آرٽسٽن ڪلهوڙا دور ۾ مغل دور جي ڪاريگرن سان گڏ ڪم ڪندي نقش نگاري جو فن سکيو ۽ پوءِ اڳتي هلي پنهنجو الڳ نمونو ۽ اسٽائيل ايجاد ڪيو جنهن کي سنڌي آرٽ چئي سگهجي ٿو. وڏي ڳالهه ته. سنڌي آرٽست خود رازا به هئا. جن جو مرڪز ڳوٺ ڊرگهه بالى ۽ ڳوٺ ڳاڙهي هئا. سنڌ ۾ ڪمانگر به هوندا هئا جيڪي ڀتين توڙي هٿيارن تي نقش نگاري ڪندا هئا. دادو ضلعي جي ميهڙ تعلقي ۾ اڄ به ڳوٺ ڪمانگر آهي. ٽالپرن جي دور ۾ خيرپورميرس ڪمانگر ڪاريگرن جو ڳڙھ هو.
    هن قبرستان ۾ مقبرن جي ديوارن تي گلڪاري ، جاميٽريڪل ڊزائنون، ميوا، مڇيون، لوڪ ڪهاڻيون، پکي، جهنگلي جيوت ۽ شڪار وغيره جا چِٽ چٽيل آهن. گهڻائي ۾ مقبرن جي ديوارن جي چٽسالي ڌيمي ۽ ذبون ٿي ويل آهي. هيءُ قبرستان نه صرف دادو يا جوهي جو پر سنڌ جو تاريخي ۽ ثقافتي ورثو آهي.

    روزاني پنهنجي اخبار 18 جون 2019 ع


    [​IMG]
     
    جو يو امين هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جو يو امين

    جو يو امين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2017
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    ريسرچ ايسوسيئيٽ ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي
    ماڳ:
    اختر ڪالوني، ڪراچي
    بهترين ڄاڻ جي ونڊ ڪئي اٿوَ سائين زبردست ڪم..
     
    عبدالحميد جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو