• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌسلامت ڪتاب گھر اينڊرائيڊ ايپليڪيشن

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
سال 2016 ۾ سنڌ سلامت جي مشھور پروجيڪٽ ڪتاب گھر جي شروعات ٿي. جنھن کي رڳو ڏيھ جي سنڌين ئي نہ پر پرڏيھ ۾ رھندڙ سنڌين بہ تمام گھڻو ساراھيو. گڏوگڏ سندن طرفان ڪتاب گھر جي موبائيل ايپ جي خواھش بہ وڌڻ لڳي. پر جيئن ته ڊيٽابيس جي سائيز گهڻي هئي ان ڪري ڊيٽابيس کي درست طريقي سان سهڙڻ هڪ گهڻ وقتاوُ ڪم هيو... ان دوران هڪ نوجوان پنهنجي طرفان سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي ايپ لانچ ته ڪئي پر اها گهنن مقصدن تي پوري نه لٿي.. جنهن کان پوء ضرورت هئي هڪ جامع ايپ جي جنهن کي اي پي آئي ذريعي سنڌسلامت ڪتاب گهر ويب ورجن سان ڳنڍي، اينڊرائيڊ جي تازہ ترين فيچرز سان ليس هجي جيئن پڙهندڙن جون سڀ ضرورتون پوريون ڪري سگهجن...
اهو بظاهر مشڪل نظر ايندڙ پروجيڪٽ سنڌ سلامت جي ٻن ساٿين سجاد چنا ۽ عبيد الله ٿھيم مڪمل ڪري ڏيکاريو.. ٻنھي دوستن کي جس ڏجي ٿو.

9ePUbUC.jpg

ايپ جي خوبين ۾ شامل آھن:
  • امبيڊ ٿيل سنڌي فانٽ SSRead جنھن سان اردو، سنڌي ۽ انگريزي متن کي ھڪ ئي وقت پڙھڻ ۾ آساني
  • ابتدائي سائيز رڳو 6 ميگا بائيٽ
  • سمورا ڪتاب آف لائين پڙھن جي سھولت
  • فانٽ سائيز تبديل ڪرڻ جا اختيار
  • سيٽ ڪيل فانٽ سائيز ايپ طرفان ياد رکڻ جي سھولت
  • پڙھندڙ ڪتاب کي ياد رکڻ جي سھولت
  • مواد کي ڪاپي ڪرڻ ۽ پاڻمرادو اقتباس سان شيئر ڪرڻ جي سھولت
  • نون ڪتابن جا اطلاع
  • پنهنجي پسند جا ڪتاب رکڻ جي سهولت
  • ساڳيو ڪتاب ساڳي جاء تان ٻيهر پڙهڻ جي سهولت

اميد ته سنڌ سلامت جو هي قدم پڻ هميشه وانگر سنڌي ٻوليءَ لاء لاڀائتو ثابت ٿيندو.

اپليڪيشن پلي اسٽور جي ھيٺين لنڪ تان ھن مھل ئي ڊائونلوڊ ڪريو.
 
دوستو! سنڌسلامت ڪتاب گهر جي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن (21 ھين جولاءِ 2019ع) تي لانچ ڪئي وئي ھُئي، جيڪا توھان انسٽال ڪئي ۽ ڀرپور موٽ ڏِني.. گُذريل مھيني کان سنڌسلامت جي ٽيم، ايپليڪيشن جي ڊيٽابيس کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ ۽ APIs جي پرفارمنس کي بھتر ڪرڻ جي ڪوششن ۾، مصروف ھُئي.. ڪتاب گهر جي سموري مواد (اڌ لک کان مٿي ڪتابن جي عنوانن ۽ جامع مواد تی مشتمل) کي سھيڙي ھڪ ننڍڙي ڊيٽابيس فائل ( فقط 85 ميگا بائٽ) ۾ آندو ويو، جنھن کان پوءِ ڪتاب گهر جي ايپليڪيشن ۾ پروگرامنگ ذريعي اُن ننڍڙي فائل کي شامل ڪرڻ جِي پروگرامنگ تي ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ايپليڪيشن ۾ ”سڀئي ڪتاب ڊائونلوڊ“ ڪرڻ جي سھولت رکي وئي آهي ... جنھن سان ھاڻ توھان فقط ھڪ دفعو سمورا ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري شامل ڪري سگهو ٿا.. ان سان گڏوگڏ، ڪتاب پڙھڻ دؤران فانٽ سائيز کي پڻ تبديل ڪرڻ جي سھولت رکي وئي آھي. ايپليڪيشن جو ھِي 1.1 ورزن آھي، جنھن ۾ اسان مٿي بيان ڪيل سھولتن کان علاوہ، ڊزائن ۾ ڪافي سُڌارا آندا آھن ۽ پڻ ايپليڪيشن جي پرفارمنس کي بھتر بڻايو ويو آھي...
سنڌسلامت ڪتاب گهر ايپليڪيشن، گوگل پلي اسٽور جي ھِن لنڪ تان انسٽال ڪري سگهو ٿا، جيڪڏھن توھان وٽ اڳ ۾ ايپليڪيشن انسٽال ٿيل آھي تہ، پلي اسٽور ايپليڪيشن ۾ My Apps & Games تي ڪلڪ ڪندي، ايپليڪشن کي اپڊيٽ ڪريو ..
 
Back
Top