• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌسلامت ڪتاب گھر اينڊرائيڊ ايپليڪيشن

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
سال 2016 ۾ سنڌ سلامت جي مشھور پروجيڪٽ ڪتاب گھر جي شروعات ٿي. جنھن کي رڳو ڏيھ جي سنڌين ئي نہ پر پرڏيھ ۾ رھندڙ سنڌين بہ تمام گھڻو ساراھيو. گڏوگڏ سندن طرفان ڪتاب گھر جي موبائيل ايپ جي خواھش بہ وڌڻ لڳي. پر جيئن ته ڊيٽابيس جي سائيز گهڻي هئي ان ڪري ڊيٽابيس کي درست طريقي سان سهڙڻ هڪ گهڻ وقتاوُ ڪم هيو... ان دوران هڪ نوجوان پنهنجي طرفان سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي ايپ لانچ ته ڪئي پر اها گهنن مقصدن تي پوري نه لٿي.. جنهن کان پوء ضرورت هئي هڪ جامع ايپ جي جنهن کي اي پي آئي ذريعي سنڌسلامت ڪتاب گهر ويب ورجن سان ڳنڍي، اينڊرائيڊ جي تازہ ترين فيچرز سان ليس هجي جيئن پڙهندڙن جون سڀ ضرورتون پوريون ڪري سگهجن...
اهو بظاهر مشڪل نظر ايندڙ پروجيڪٽ سنڌ سلامت جي ٻن ساٿين سجاد چنا ۽ عبيد الله ٿھيم مڪمل ڪري ڏيکاريو.. ٻنھي دوستن کي جس ڏجي ٿو.

9ePUbUC.jpg

ايپ جي خوبين ۾ شامل آھن:
  • امبيڊ ٿيل سنڌي فانٽ SSRead جنھن سان اردو، سنڌي ۽ انگريزي متن کي ھڪ ئي وقت پڙھڻ ۾ آساني
  • ابتدائي سائيز رڳو 6 ميگا بائيٽ
  • سمورا ڪتاب آف لائين پڙھن جي سھولت
  • فانٽ سائيز تبديل ڪرڻ جا اختيار
  • سيٽ ڪيل فانٽ سائيز ايپ طرفان ياد رکڻ جي سھولت
  • پڙھندڙ ڪتاب کي ياد رکڻ جي سھولت
  • مواد کي ڪاپي ڪرڻ ۽ پاڻمرادو اقتباس سان شيئر ڪرڻ جي سھولت
  • نون ڪتابن جا اطلاع
  • پنهنجي پسند جا ڪتاب رکڻ جي سهولت
  • ساڳيو ڪتاب ساڳي جاء تان ٻيهر پڙهڻ جي سهولت

اميد ته سنڌ سلامت جو هي قدم پڻ هميشه وانگر سنڌي ٻوليءَ لاء لاڀائتو ثابت ٿيندو.

اپليڪيشن پلي اسٽور جي ھيٺين لنڪ تان ھن مھل ئي ڊائونلوڊ ڪريو.
 
دوستو! سنڌسلامت ڪتاب گهر جي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن (21 ھين جولاءِ 2019ع) تي لانچ ڪئي وئي ھُئي، جيڪا توھان انسٽال ڪئي ۽ ڀرپور موٽ ڏِني.. گُذريل مھيني کان سنڌسلامت جي ٽيم، ايپليڪيشن جي ڊيٽابيس کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ ۽ APIs جي پرفارمنس کي بھتر ڪرڻ جي ڪوششن ۾، مصروف ھُئي.. ڪتاب گهر جي سموري مواد (اڌ لک کان مٿي ڪتابن جي عنوانن ۽ جامع مواد تی مشتمل) کي سھيڙي ھڪ ننڍڙي ڊيٽابيس فائل ( فقط 85 ميگا بائٽ) ۾ آندو ويو، جنھن کان پوءِ ڪتاب گهر جي ايپليڪيشن ۾ پروگرامنگ ذريعي اُن ننڍڙي فائل کي شامل ڪرڻ جِي پروگرامنگ تي ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ايپليڪيشن ۾ ”سڀئي ڪتاب ڊائونلوڊ“ ڪرڻ جي سھولت رکي وئي آهي ... جنھن سان ھاڻ توھان فقط ھڪ دفعو سمورا ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري شامل ڪري سگهو ٿا.. ان سان گڏوگڏ، ڪتاب پڙھڻ دؤران فانٽ سائيز کي پڻ تبديل ڪرڻ جي سھولت رکي وئي آھي. ايپليڪيشن جو ھِي 1.1 ورزن آھي، جنھن ۾ اسان مٿي بيان ڪيل سھولتن کان علاوہ، ڊزائن ۾ ڪافي سُڌارا آندا آھن ۽ پڻ ايپليڪيشن جي پرفارمنس کي بھتر بڻايو ويو آھي...
سنڌسلامت ڪتاب گهر ايپليڪيشن، گوگل پلي اسٽور جي ھِن لنڪ تان انسٽال ڪري سگهو ٿا، جيڪڏھن توھان وٽ اڳ ۾ ايپليڪيشن انسٽال ٿيل آھي تہ، پلي اسٽور ايپليڪيشن ۾ My Apps & Games تي ڪلڪ ڪندي، ايپليڪشن کي اپڊيٽ ڪريو ..
 
سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪندڙ دوستو!
اڄ کان 9 سال اڳ، سنڌ سلامت سٿ پاران "سنڌ سلامت ڪتاب گهر" جي بنياد وڌي وئي هئي ـ هڪ اهڙي آنلائن پليٽفارم، جتي هزارين سنڌي ڪتاب مفت پڙهڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ جي سهولت مهيا ڪئي وئي.. وقت گذرڻ سان هي ويب سائيٽ علم دوستن جي هڪ پسنديده جڳهه بڻجي وئي..
جڏهن موبائل فون خاص ڪري اينڊرائيڊ ڊيوائيسز جي واپرائڻ وڌي، تڏهن ڪتاب گهر کي ايپ جي صورت ۾ به گوگل پلي اسٽور تي آندو ويو، ته جيئن ننڍي اسڪرين تي به ڪتاب پڙهڻ جو شوق آسانيءَ سان پورو ٿي سگهي..

ايپ جو آخري ورجن 20 سيپٽمبر 2021 تي جاري ڪيو ويو.. ان کان پوءِ نئين اپڊيٽ جي ضرورت روز بروز وڌندي وئي، ڇو⁠تہ پراڻو ورجن اينڊرائيڊ جي نون ورجنس، خاص طور تي Android 14 تي صحيح ڪم نه پيو ڪري.. يوزرس جي شڪايتن ۽ درخواستن کي نظر ۾ رکندي، اسان جي ٽيم ايپ جي مڪمل نئين سر تعمير شروع ڪئي..

۽ هاڻ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ايپ نئين سڃاڻپ، نئين ڊزائن ۽ بهتر ڪارڪردگيءَ سان اوهان جي خدمت ۾ پيش آهي!

اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿيو اسان جي ٽيڪنيڪل دوستن خاص طور عبيد ٿھيم ڏينهن رات جي محنت سان، جنهن ايپ کي نه رڳو جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪيو، پر ان جي ڪارڪردگي ۽ يوزر تجربي کي به نئين سطح تي کڻي آيو..


نئين ورجن جون خاصيتون​


  • 📚 جلدي ۽ آسانيءَ سان ڪتابن جي ڳولا: هڪ طاقتور سرچ سسٽم، جيڪو اوهان جي وقت جي بچت ڪري ٿو
  • 🔤 فونٽ جو چونڊڻ: خوبصورت، دلپسند فونٽس سان گڏ، هاڻ پنهنجي مرضي جو فونٽ به منتخب ڪريو
  • 📥 ڊائونلوڊ ۽ ريڊنگ جاري رکڻ: ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري آف لائن پڙهو، ۽ جتي ڪتاب بند ڪيو، ٻيهر اوتي ئي کوليو
  • ✂️ اقتباس وٺڻ جي سهولت: پسنديده جملا محفوظ ڪرڻ لاءِ اقتباس چونڊڻ هاڻ انتهائي آسان


ٽيڪنيڪل خصوصيتون​


  1. نئين سيڪيورٽي سسٽم سان اپگريڊ ٿيل APIز: هاڻ ايپ وڌيڪ محفوظ ۽ تيز آهي
  2. ڊيٽابيس جو مڪمل نئون ڍانچو: اڳئين کان بهتر ڪارڪردگي ۽ استحڪام
  3. يوزر انٽرفيس ۾ بنيادي تبديليون: نئون ۽ جديد ڊزائن جيڪو اکين کي وڻندڙ به آهي ۽ آسان به
  4. مجموعي ڪارڪردگيءَ ۾ اضافو: ايپ هاڻ تيزيءَ سان لوڊ ٿئي ٿي ۽ بهتر انداز سان ڪم ڪري ٿي

اوهان جي راءِ اسان لاءِ اهم آهي​

اسان نئين ايپ اوهان تائين پهچائي خوشي محسوس ڪريون پيا، پر ان کي اڃا به بهتر بڻائڻ لاءِ اوهان جي راين، تجويزن ۽ تاثرات جا منتظر آهيون..


ڊائونلوڊ ڪريو، استعمال ڪريو، ۽ اسان کي ٻڌايو ته اوهان جو تجربو ڪيئن رهيو!


ڊائونلوڊ لاءِ وزٽ ڪريو:
Google Play Store تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ايپ
 
Back
Top