رنجيت
سينيئر رڪن
يوبنتو لينڪس۔۔۔۔ ڊڄُ نه سائين هي ڪو جن جو ٻچو ڪونهي پر هي هڪ آپريٽڻگ سسٽم آهي۔ هاڻي اسان جي جن دوستن کي اها خبر نه آهي ته آپريٽنگ سسٽم ڇا آهي انهن جي کي ٻڌائيندا هلان ته ڪمپيوٽر ۾ آپريٽنگ سسٽم جنهن کي اسان ونڊوز چوندا آهيون ڀل پواها پاڻ واري جهوني 98 هجي يا وري اڄ ڪالهه جي ماڊرن ونڊوز سيون (7)۔ خير هلون ته اسان جي اڄجي ٽاپڪ تي مطلب اُبنٽو لينڪس آپريٽنگ سسٽم دنيا جو هي فري آپريٽنگ سسٽم آهي جنهن کي خريدڻجي لاتوهان کي پئسا ڪونه ڏيڻا پوندا آهن (هوئنن وري پاڪستان ۾ ماڻهو ڪهڙو اوريجنل آپريٽنگ سسٽم استمعال ڪندا آهن)۔ مطلب جي قانوني طور تي مفت آهي۔ پر هي آهي ٿوڙُو ڏکيو پر آهي واهه جو۔۔۔۔۔ خير مان توهان جي ان جي هڪ وڊيو به ٿو ڏيکاريان۔ جڏهن مان 2002 ۾ڪمپيوٽڙ سکيو ته مون وارو ماستر چوندو هو ته لينڪس ڏاڍي ڏکي آهي ان ۾ رڳو پروگرامنگ آهي وغيره وغيره۔ ڪجهه ڏينهن اڳ سوچيو ته ڀلا ڇونه ان کي آزمائي ڏسجي ته آخر اها آهي ڪهڙي بلا۔۔۔۔ سو مون نيٽ تان ڊائنلوڊڪئي رڳو 700 ايم بي جو فائيل آهي۔ شايد پاڻوٽ ڪافي ڏينهن لڳي ويندا ڊآئنلوڊ ٿيڻ ۾ پر ڊائنلوڊ مينيجر آهي اهو ان کي پاڻهي مينيج ڪندو۔۔۔۔۔۔۔
مزي جي ڳالهه اها آهي ته هي آپريٽڻگ سسٽم سنڌي به سپورٽڪري ٿو۔۔۔ دنيا ڀر جا قابل دوست کي مڪمل نموني سان سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ۾رڌل آهن۔۔۔۔
سو سائين هي آهي هن آپريٽڻگ سسٽم جي هڪ جهلڪ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=VvfRpmqKRbs
اُ بنٽو لفظجي معني آهي ٻين لاڀلائي ڪرڻ توهان هي آپريٽڻگ سسٽم فري ۾ ڊائنلوڊڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
http://www.ubuntu.com/
مهرباني