• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لينڪس اُبنٽو

رنجيت

سينيئر رڪن
يوبنتو لينڪس۔۔۔۔ ڊڄُ‌ نه سائين هي ڪو جن جو ٻچو ڪونهي پر هي هڪ آپريٽڻگ سسٽم آهي۔ هاڻي اسان جي جن دوستن کي اها خبر نه آهي ته آپريٽنگ سسٽم ڇا آهي انهن جي کي ٻڌائيندا هلان ته ڪمپيوٽر ۾‌ آپريٽنگ سسٽم جنهن کي اسان ونڊوز چوندا آهيون ڀل پو‌اها پاڻ‌ واري جهوني 98 هجي يا وري اڄ‌ ڪالهه جي ماڊرن ونڊوز سيون (7)‌۔ خير هلون ته اسان جي اڄ‌جي ٽاپڪ تي مطلب اُبنٽو لينڪس آپريٽنگ سسٽم دنيا جو هي فري آپريٽنگ سسٽم آهي جنهن کي خريدڻ‌جي لا‌توهان کي پئسا ڪونه ڏيڻا پوندا آهن (هوئنن وري پاڪستان ۾‌ ماڻهو ڪهڙو اوريجنل آپريٽنگ سسٽم استمعال ڪندا آهن)۔ مطلب جي قانوني طور تي مفت آهي۔ پر هي آهي ٿوڙُ‌و ڏکيو پر آهي واهه جو۔۔۔۔۔ خير مان توهان جي ان جي هڪ وڊيو به ٿو ڏيکاريان۔ جڏهن مان 2002 ۾‌ڪمپيوٽڙ‌ سکيو ته مون وارو ماستر چوندو هو ته لينڪس ڏاڍي ڏکي آهي ان ۾‌ رڳو پروگرامنگ آهي وغيره وغيره۔ ڪجهه ڏينهن اڳ سوچيو ته ڀلا ڇونه ان کي آزمائي ڏسجي ته آخر اها آهي ڪهڙي بلا۔۔۔۔ سو مون نيٽ‌ تان ڊائنلوڊ‌ڪئي رڳو 700 ايم بي جو فائيل آهي۔ شايد پاڻ‌وٽ‌ ڪافي ڏينهن لڳي ويندا ڊآئنلوڊ ٿيڻ‌ ۾‌ پر ڊائنلوڊ مينيجر آهي اهو ان کي پاڻ‌هي مينيج ڪندو۔۔۔۔۔۔۔
مزي جي ڳالهه اها آهي ته هي آپريٽڻگ سسٽم سنڌي به سپورٽ‌ڪري ٿو۔۔۔ دنيا ڀر جا قابل دوست کي مڪمل نموني سان سنڌي ۾‌ ترجمو ڪرڻ‌ جي ڪوشش ۾‌رڌل آهن۔۔۔۔

سو سائين هي آهي هن آپريٽڻگ سسٽم جي هڪ جهلڪ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=VvfRpmqKRbs

اُ بنٽو لفظ‌جي معني آهي ٻين لا‌ڀلائي ڪرڻ‌ توهان هي آپريٽڻگ سسٽم فري ۾‌ ڊائنلوڊ‌ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
http://www.ubuntu.com/

مهرباني
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

مولائي فقير ان کي ڊائونلوڊ ڪري ان کي استمال به ڪري سگهو ٿا جيڪڏهن ان کي استمال ڪريو ته سسٽم ريڪوائرمينٽ ڇا آهي ان جي ٿوري وضاحت ڪندا ته مهرباني ٿيندي توهان جي ٻڌايل سسٽم ريڪوائرمينٽ کي ڏسي ڪري ان مان ڪافي دوستن فائدو حاصل ڪري سگهندا

سدائين گڏ
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

ادا منهنجي ڪيل گذارش کي قبول ڪري هي ڊائون لوڊ لنڪ ڏيڻ تي اوهان جي مهرباني
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

ادا مان ونڊوز سيون يوز ڪيان ٿو هن جي ريڪوائرمينٽ ته وڏي آهي پر هي هلڻ ۾ صاف ۽ تيز آهي هن کي مون جينين به ڪيو آهي جيڪڏهن هن کي تواهان هڪ مينهنو استعمال ڪريو پوءِ تواهان کان ونڊو ايڪس پي به وسري ويندي پر لنڪس ڇا آهي هن جا تفصيل گوگل کان وٺان ٿو
Windows 7
Hard Dish Free Space 15 GB
Ram 1Gb
Graphics Card
System p4
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

مولائي فقير ان کي ڊائونلوڊ ڪري ان کي استمال به ڪري سگهو ٿا جيڪڏهن ان کي استمال ڪريو ته سسٽم ريڪوائرمينٽ ڇا آهي ان جي ٿوري وضاحت ڪندا ته مهرباني ٿيندي توهان جي ٻڌايل سسٽم ريڪوائرمينٽ کي ڏسي ڪري ان مان ڪافي دوستن فائدو حاصل ڪري سگهندا

سدائين گڏ

ابا فقير ڪافي سٺو سوال پڇو آهي تو ته بابلا! ان جي لا‌ڪنهن وڏي رڪئارمينٽ‌جي ضرورت ڪونهي پو‌به اگر توهان جي سي پي يو جي اسپيڊ‌ مڙئي 1ghz به آهي ۽‌ ريم جي 256 ايم بي آهي ته هي آپريريٽڻگ سسٽم صفا لش پش‌هلندو۔۔۔۔۔ پر جي توهان جي سي پي يو ۾‌ گرافڪس ڪارڊ‌ لڳل آهي ته صفا وي آ‌ پي ڪم ٿي ويندوَ۔۔۔ توهان ان کي نيٽ‌ تان مفت ۾‌ ڊائنلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

مولائي فقير، اهو ڪم ته سٺو ڪيو اٿئي پر ڇا هيءَ اها بلا ته نآهي جنهن تي اڄڪلهه سائين ڀرڳڙي صاحب ۽ ٻيا سنڌي ڏاها ان کي سنڌيءَ ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪن پيا ۔۔۔ مطلب ڏاند کي ليٽائڻ جو ڪم جاري آهي ۔۔۔ ؟؟؟
 
ها ادا وڏا!‌ بروبر چيو توهان هي اهو ئي ڏاند آهي جيڪو ليٽجڻ‌جي ڪافي قريب اچي پهتو آهي۔۔۔۔ الله مالڪ آ يوبنٽو جو نئون ورجن جيڪو لڳ ڀڳ اڙرهن مهينن کان پو‌رليز ٿيندو ان ۾‌ پنهنجي پياري ٻولي سنڌي به شامل هوندي۔ هوئنن شايد اهو ڏاند دنيا جو 26 ٻوليون ڳالهائي سگهندو آهي۔۔۔۔۔ سنڌي به اچي ويندي۔ پو‌ته اسان جهڙن مولائن جا وارا نيارا ٿي ويندا۔مطبل اسان به پنهنجي ڪمپيوٽر سان پنهنجي ٻولي‌ ۾‌ڳالهائينداسي۔ انگريزن جي ڪمپيوٽر ته اصلي اسان جو مغز ئي ڦيري ڇڏيو آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔<:-p<:-p<:-p
 
واه ادا واه پوءِ ته هي تواهان سٺي معلومات ٻڌائي آهي اسان پڪ سمجهي دوستن کي ڊارڙو هڻي سگهون ٿا نه يقينن سنڌي سيسٽم ايندو
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

دوستو، لينڪس جي ٻين آپريٽنگ سسٽم وانگر هن جو ڪم آهي، پر هي هلائڻ ۾ ونڊوز وانگر ئي آهي، هي پنهنجي گرافڪ ئي سڪيورٽي جي ڪري ٿوري ئي عرضي ۾ ايتري ترقي ڪئي آهي جو، ريڊ هيٽ وارن سان وڃي ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو اٿس،
هن ناچيز کي يوبنتو تي سٺي ڪمانڊ‌ حاصل آهي، اگر ڪنهن سان ڪوئي مسئلو هجي۔ هر وقت حاضر
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

ابا فقير ڪافي سٺو سوال پڇو آهي تو ته بابلا! ان جي لا‌ڪنهن وڏي رڪئارمينٽ‌جي ضرورت ڪونهي پو‌به اگر توهان جي سي پي يو جي اسپيڊ‌ مڙئي 1ghz به آهي ۽‌ ريم جي 256 ايم بي آهي ته هي آپريريٽڻگ سسٽم صفا لش پش‌هلندو۔۔۔۔۔ پر جي توهان جي سي پي يو ۾‌ گرافڪس ڪارڊ‌ لڳل آهي ته صفا وي آ‌ پي ڪم ٿي ويندوَ۔۔۔ توهان ان کي نيٽ‌ تان مفت ۾‌ ڊائنلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔

ادا رنجيت سنگت کي اهو به ته ٻڌاءِ‌ ته ان جا ٻه ورزن آهن۔
1۔ ڊيسڪٽاپ ورين
2۔ سرور ورين
اگر توهان گهر جي استعمال لاءِ‌ يا وري اڪيلي ڪمپيوٽر لاءِ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڊيسڪٽاپ ورزن ڊائونلوڊ ڪريو،
باقي وڏين ڪمپنين ۽‌سرورن لاءِ نالي کان ئي ظاهر آهي ته سرور ورين
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

ادا عبدالوهاب توهان جي مهرباني جو توهان اسان کي ان بابت ڄاڻ ڏني ۽ ادي رنجيت جي به مهرباني جو اهڙي زبردست شيئرنگ ڪيائون پر ادا مان يوبنٽو ڊائون لوڊ به ڪئي ڊيسڪ ٽاپ ورزن پر انسٽاليشن جي دوران يڪو هڪ هنڌ بيهي رهيو اڳتي وڌي ئي نه پيو بس يو بنٽو لکيل هو ۽ ان جي هيٺان ٽٻڪا اڇا ڳاڙها ٿيندا رهيا پو ته مان به بيزار ٿي بند ڪيو مانس
 
ادا ارشد توهان پنهنجي سسٽم ڪانفگريشن ٻڌايو ته انشاءَ انهي جو حل ڳولهي ٿا وٺون۔
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

ادا ارشد توهان پنهنجي سسٽم ڪانفگريشن ٻڌايو ته انشاءَ انهي جو حل ڳولهي ٿا وٺون۔

لڳي ٿو سائين جي سسٽم جي ڪانفگريشن ڪجهه جهڪي آهي۔۔۔۔۔

ٻيو ير عبدو۔۔۔ مان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته ان يوبنتو ۾ ياهو تي وائيس چيٽ‌ ۽‌ وڊيو چيٽ‌ڪيان۔۔۔ پر ير۔۔۔ ڪجهه هٿ ڪونه لڳو۔۔۔۔ اگر ڪجهه سڌ هجي ته ٻڌائجو۔۔۔۔
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

ادا ڪانفگريشن ڪجهه هن ريت آهي
انٽيل انسائيڊ پي 4
پروسيسر 3 گيگا هرٽز
ريم512
هارڊ ڊسڪ 40
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

لڳي ٿو سائين جي سسٽم جي ڪانفگريشن ڪجهه جهڪي آهي۔۔۔۔۔

ٻيو ير عبدو۔۔۔ مان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته ان يوبنتو ۾ ياهو تي وائيس چيٽ‌ ۽‌ وڊيو چيٽ‌ڪيان۔۔۔ پر ير۔۔۔ ڪجهه هٿ ڪونه لڳو۔۔۔۔ اگر ڪجهه سڌ هجي ته ٻڌائجو۔۔۔۔

اڙي يار رام رکيا بس ايتري ڳالهه جي ڪري پريشان هئين۔ هي وٺ تنهنجي مسئلي جو حل

گائچ وائيس ۽ ويب ڪيم ميسنجر

messenger.jpg

پهريان مٿيون فائل ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪيو ۽ اُن کان بعد هيٺيان فائل انسٽال ڪريو ۔

۽ هي وٺ تمام سهڻي طريقي سان انهي کي انسٽال ڪرڻ
http://www.technixupdate.com/downlo...with-webcam-voice-chat-photo-sharing-support/

اگر جي توهان کي انسٽاليشن ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي۔
WWW.MEEBO.COM وزٽ ڪيو ۽ ڊائريڪٽ وائيس ۽ وڊيو چيٽنگ شروع ڪري ڇڏيو۔ نه انسٽاليشن جو خوف نه وري ڪرپٽ جو۔
 
جواب: لينڪس اُبنٽو

اسلام وعليڪم
ادا عبدالوهاب شايد نئون ورزن آهي
10.04
 
جواب: لينڪس يوبنٽو

ها ادا وڏا!‌ بروبر چيو توهان هي اهو ئي ڏاند آهي جيڪو ليٽجڻ‌جي ڪافي قريب اچي پهتو آهي۔۔۔۔ الله مالڪ آ يوبنٽو جو نئون ورجن جيڪو لڳ ڀڳ اڙرهن مهينن کان پو‌رليز ٿيندو ان ۾‌ پنهنجي پياري ٻولي سنڌي به شامل هوندي۔ هوئنن شايد اهو ڏاند دنيا جو 26 ٻوليون ڳالهائي سگهندو آهي۔۔۔۔۔ سنڌي به اچي ويندي۔ پو‌ته اسان جهڙن مولائن جا وارا نيارا ٿي ويندا۔مطبل اسان به پنهنجي ڪمپيوٽر سان پنهنجي ٻولي‌ ۾‌ڳالهائينداسي۔ انگريزن جي ڪمپيوٽر ته اصلي اسان جو مغز ئي ڦيري ڇڏيو آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔<:-p<:-p<:-p

ادا رنجيت توهان اصل ڊائون لوڊ ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو ، هاڻئي ٿو ڊائونلوڊ ڪيانس۔
مهرباني اهڙي زبردست شيرنگ جي۔
 
Back
Top