بهارن جي گلن جهڙو، ابراهيم لاشاري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    بھارن جي گلن جھڙو، ابراهيم لاشاري....!

    ــــــ فقير محمد سنڌي .

    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڙهئان ميٺ گھڻو.( شاھ لطيف )

    هڪ سچو قلمڪار زماني ۽ زندگيءَ سان ڀرپور نموني سان لاڳاپيل رهي ٿو، جيڪو پنهنجي ارد گرد جي ماحول جي چڱي دسترس رکوٿو . اهڙو ئي سنڌي ادب جو نوجوان اديب، ليکڪ ۽ تخليقڪار ابراهيم لاشاري پنهنجي سونهن۽ سوڀيان ۾ نمايان حسن رکي ٿو. ابراهيم لاشاري پنهنجي لکڻين جي ڪري پنهنجي ڪردار کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان علمي ،ادبي حلقن تائين رسائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، پنهنجو نالو ادب جي افق تي نروار ڪيو آهي . اهڙي طرح وارهه شهر ڀرسان ڳوٺ ميد شهيد جي ڪلراٺي مٽي تي هڪ محنت ڪش ۽ هاري حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر ۾محمد ابراهيم لاشاري نالي ننڍڙي ابهم پهرين جنوري خميس ڏينهن سال 1976ع تي جنم ورتو . ابراهيم لاشاري جا والدين ايترا پڙهيل لکيل نه هيا مگر تنهن هوندي به هنن جي شعور ابراهيم لاشاري جي تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ميد شهيد ۾ علمي ۽ نصابي تعليم ڏئڻ لاءِ داخل ڪرايو جتان هن پنهنجي ذهين صلاحيت سان پنج درجا پرائمري بهترين استاد عبدالوهاب لاشاري مرحوم جي شفقت سان پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ وارهه هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ داخلا ورتي ڪجھ عرصي بعد هن جي والدين سندس هاءِ اسڪول کنڊو ۾ داخلاءِ وٺي ڏني جتان هن محنت سان مئٽرڪ جو امتحان (اي گريڊ ) ۾ پاس ڪري ورتو ،انٽر جو امتحان گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول وارهه مان پاس ڪيو. هوڏانهن وري سندس والد صاحب جي زندگي وفا نه ڪئي ۽ دل جي تڪليف سبب راھ رباني ورتي، اهڙي طرح ابراهيم لاشاري جي زندگي ۾ مشڪلاتن منهن ڪڍيو ، زندگي جا پل ڪنهن ڇپر ڇانوَ کان بغير گذرڻ هن ڪنهن عذاب گھٽ ڪونه هئا .
    ڀٽ جو گھوٽ ڏکن کي سکن کان وڌيڪ ترجيح ڏيندي چيو ٿو :
    ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ري!
    جنين جيءَ ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.

    ابراهيم لاشاري ان ڏکي وقت ۾ ٻيو رستو نه ڏسي صحافت ڪرڻ کي ترجيح ڏئي وارهه اسٽيشن لاءِ روزاني ڪوشش اخبار جو نمائندو مقرر ٿي صحافت جي شعبي سان سلهاڙجي ويو ، ۽ تعليم کي به جاري رکيو . ابراهيم لاشاري پنهنجي فهم فضيلت واري علمي ڄاڻ سان وارهه جي مسئلن کي وقت به وقت ادارن تائين اجاگر ڪندو رهيو ، ابراهيم لاشاري هر ويل سماج جي مختلف مسئلن کي سنڌ جي مختلف اخبارن وسيلي رپورٽ به ڪندو رهيو ، ان زماني ۾ نوڪرين تي بندش سندس جو روزگار وارو دروازو به بند رهيو ، مگر ڀاڳ جي ديوي ساٿ ڏيندي هن اديب کي ان وقت وارهه جي مشهور زميندار سراج الدين ابڙو جيڪو عشر زڪوات ڪاميٽي تعلقي وارهه جو تعلقه چئيرمين پڻ هو ان سندس ڊيلي ويجز تي (عاملين ) مقرر ڪرايو .ابراهيم لاشاري گريجوئيشن جو امتحان نور آرٽس ڪاليج نصيرآباد مان سال
    سال 1996ع تي ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ سال 1998ع تي پاس ڪيو . ابراهيم لاشاري سال 1999ع تي ڊسمبر مهيني ۾ پهرين لکڻي روزاني عوامي آواز ڪراچي ۾ لکي جنهن جو موضوع هو ( شاهه سائين جي شاعري ۾ پکين جو ذڪر) ان لکڻي پوءِ ابراهيم لاشاري سنڌي ادب سان ناتو نڀائيندو پيو اچي. جيڪو نڀاءُ اڄ به سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ پنهنجا مضمون تحقيقي مقالا ، ترتيب ڏنل موضوع ،سفرنامه اڄ تائين لکڻ ۾ مصروف عمل آهي . سندس قلم جي سگھ سنڌي ادب ،سنڌي ٻولي ، سنڌي ماڻهن جي دردن جو درمان پڻ آهي ابراهيم لاشاري جي لکڻين مان سنڌ جي ثقافت، سماجي مسئلا ، تاريخ جي ڄاڻ دل سانڊي رکڻ جھڙي آهي. پاڻ هڪ بهترين ليکڪ ،اديب طور ٿورڙي عرصي ۾ پنهنجي حصي جو ڪم مسلسل قلم رکيو اٿس لکڻ ۾ پنهنجو پنهنجي شهر وارهه جو نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ، ابراهيم لاشاري جي لکڻين کي سنڌي اخبارون وقت تي مناسب جاءِ پڻ ڏين ٿيون، جنهن سبب جي ڪري هو هر ٻئين ٽئين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن نئين لکڻي سان سنڌي ادب جي سونهن ۾ واڌارو ڪندو رهي ٿو. ڀٽ ڌڻيءَ جو موقعي جي مناسبت سان هي بيت ٿو ياد اچي ته :
    جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج،
    آسرو مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گھڻو.
    ابراهيم لاشاري به پنهنجي خيالن جي ديوي کي سنڌي ادب ۾ (سوانح عمري ) خاڪن لکڻ جو گر ڄاڻي ٿو، ڪنهن شخصيت راءِ قائم ڪرڻ ايتري آسان ڪونھي، هي انتھائي ڏکيو عمل آهي جنھن کي پاڻ وارو يار ابراهيم لاشاري سر انجام ڏئي رهيو آهي. سنڌي ادب کي هر ويل موتي ارپڻ ابراهيم لاشاري جو ڪم آهي، جيڪو ڪڏهن به خاموش ناهي ويٺو . ۽ پنهنجي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ به هن غريب هاري جي فرزند محنت مان هٿ نه ڪڍيو سال 2005ع تي سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ 150 سنڌي ادب ۾ ليڪچرارس جي خالي جاين کي ڀرڻ ۾ هڪ اشتهار جاري ڪيو . ان مقابلي واري امتحان ۾ سڄي سنڌ جي 902 اميدوارن حصو ورتو جنهن ۾ محمد ابراهيم لاشاري پڻ اميدوارن جي فهرست ۾ شامل هو، امتحان جي نتيجي ۾ هي جاکوڙي صحافي ۽ ليکڪ سڄي سنڌ مان لکت واري امتحان ۾ (ٻيو نمبر ) کڻي سنڌي ادب جو ليڪچرار جو امتحان پاس ڪري ورتو . ڪجهه مهينن بعد سال 2006ع تي آگسٽ مهيني ۾ سندس گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ڪيو ويو .جتي ابراهيم لاشاري درس تدريس واري شعبي سان سلهاڙجي پنهنجو فرض اڄ تائين محنت ۽ پابندي سان سر انجام ڏئي رهيو آهي . ابراهيم لاشاري کي سنڌ حڪومت سال 2008ع تي عشر زڪوات کاتي واري شعبي ۾ ڊيپوٽيشن تي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو (ڊي _ زيڊ _ او ) مقرر ڪيو ويو جتي هن نهايت ايمانداري سان پنهنجو فرض سرانجام ڏيندو رهيو ۽ هي پهريون مقامي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ڊي زيڊ او پڻ هو.ابراهيم لاشاري سال 2006ع کان وٺي استادن جي تنظيم (سپلا) جو قمبر شاهه لطيف ڪاليج جي يونٽ جو صدر ررهندو پئي آيو مگر سال 2016ع جي (سپلا) جي اليڪشن ۾ سپلا ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊجي ويو سال 2016ع ۾ هن سنڌ جي مختلف اخبارن رواني ڪوشش ، روزاني ارادو لاڙڪاڻو ، روزاني عدالت، روزاني قلمڪار لاڙڪاڻو ،روزاني سوڀ، روزاني عوامي آواز ڪراچي ، روزاني فاسٽ ٽائيمز لاڙڪاڻو ، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي ۽ سوڀ سنڊي مئگزين ۾ هفتيوار ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي مضمون ڇپجندا رهن ٿا.پاڻ سنڌ جو هي نرالو اديب سوانح عمري (خاڪا ) لکڻ جو هي برجستو اديب ڪيترين ئي ادبي محفلن ،ادبي پروگرامن ، ڪانفرنسس ۾ وقت به وقت شرڪت ڪندو رهي ٿو سندس جي سڄي سنڌ جي مڙني اخبارن ادبي نالي جي سڃاڻپ سڄي سنڌ ۾ ظاهر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي ابراهيم لاشاري جا 500کان مٿي مختلف ڪالم ڇپجي سنڌي ادب ۽ اخبارن ،رسالن ، مئگزرين جي زينت بڻيا آهن سنڌ جي هن سيبتي ڪالم نويس اديب اڄ پهرين جنوري 2020 تي 44سالن جي ڄمار ماڻي ورتي آهي منهنجي هن نماڻي طبعيت جي سهڻي اديب، ڪالم نويس۽ ليکڪ ابراهيم لاشاري لاءِ ڌڻي در دعا آهي ته هو اڃان پنهنجي ڏات منجهان سنڌي ادب کي پنهنجي قلم وسيلي ڪجھ نه ڪجھ ارپيندو رهي. ابراهيم لاشاري لاءِ آخري ۾ لطيف سرڪار هي بيت ته :
    ڪوڙين ڪايائون، تنهنجون لکن لک هزار،
    جيءُ سڀ ڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار،
    پريم تنهنجا پار، ڪھڙ ا چئي ڪھڙا چوان.
     
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    فورم > شل سنڌي علم ۽ حڪمت سلامت رهي > سنڌي شخصيتون >
    بهارن جي گلن جهڙو، ابراهيم لاشاري
    'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2019۔

    موضوع کي مشاهدي هيٺ آڻيو
    پهريان نه پڙهيل تي وڃو
    1. [​IMG]
      فقير محمد سنڌي
      سينيئر رڪن

      ڪچهري شروع ڪريو
      شموليت:
      ‏20 سيپٽمبر 2016
      تحريرون:
      113
      ورتل پسنديدگيون:
      9
      ايوارڊ جون پوائينٽون:
      88
      نئون

      فقير محمد سنڌي, ‏31 ڊسمبر 2019 شڪايت ڪريو
      #1 پسند ڪريو + اقتباس جواب ڏيو
    پهريان نه پڙهيل تي وڃو
    [​IMG]
    پنهنجو جواب لکو...

    تصويرون شامل ڪريو

    تصوير کڻو
    هڪجهڙا موضوع - بهارن جي گلن
    1. [​IMG]
      عوام لاء سياسي بهارن جي موسم!
      shafique shakir, ‏19 مئي 2018, فورم ۾: مختلف موضوع
      جوابَ:
      0
      ڏٺو ويو:
      297
      shafique shakir
      ‏19 مئي 2018
    2. [​IMG]
      زندگيء جي بهارن کان محروم ٿيندڙ مکڙيون!
      shafique shakir, ‏25 اپريل 2018, فورم ۾: مختلف موضوع
      جوابَ:
      1
      ڏٺو ويو:
      254
      سليمان وساڻ
      ‏25 اپريل 2018
    3. [​IMG]
      ها باک بهارن جي۔۔۔۔۔
      سعيد سنڌي, ‏28 آگسٽ 2013, فورم ۾: ڊزائين ڪيل شاعري
      جوابَ:
      0
      ڏٺو ويو:
      186
      سعيد سنڌي
      ‏28 آگسٽ 2013
    4. [​IMG]
      بهارن جي خيالن ۾
      عابد بلوچ, ‏26 اپريل 2013, فورم ۾: سنڌي شاعري
      جوابَ:
      0
      ڏٺو ويو:
      192
      عابد بلوچ
      ‏26 اپريل 2013
    5. [​IMG]
      آئي رت بهارن جي
      نثارابڙو, ‏3 مارچ 2012, فورم ۾: ڊزائين ڪيل شاعري
      جوابَ:
      2
      ڏٺو ويو:
      263
      غلام مصطفي ميمڻ
      ‏3 مارچ 2012
    هن صفحي کي مشهور ڪريو

    فورم > شل سنڌي علم ۽ حڪمت سلامت رهي > سنڌي شخصيتون >
    [​IMG]
    sindhsalamat
    Sindhi
    Forum software by XenForo™ ©2010-2015 XenForo Ltd.
    Some XenForo functionality crafted by ThemeHouse.​
     
هن صفحي کي مشهور ڪريو