غزل

'سنڌي شاعري' فورم ۾ فياض منصور طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2010۔

  1. فياض منصور

    فياض منصور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    روز آهون ڀري،گيت سڏڪن پيا
    ياد توکي ڪري،گيت سڏڪن پيا

    جلد ئي ٿو وِسي زندگئَ جو ڏيو،
    ٿو نه صديون ٻري،گيت سڏڪن پيا

    زندگي جي سفر ۾ اڪيلو ڇڏي،
    ڇو هليو وئين پري،گيت سڏڪن پيا

    تون ڀلي ڪر پڇا چنڊ کان،مون جيان
    ديد در ۾ ڌري،گيت سڏڪن پيا

    گيت جيڪي مون کان تو لکايا فياض
    ٿي نه تن جي سري،گيت سڏڪن پيا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو