فياض منصور
سينيئر رڪن
روز آهون ڀري،گيت سڏڪن پيا
ياد توکي ڪري،گيت سڏڪن پيا
جلد ئي ٿو وِسي زندگئَ جو ڏيو،
ٿو نه صديون ٻري،گيت سڏڪن پيا
زندگي جي سفر ۾ اڪيلو ڇڏي،
ڇو هليو وئين پري،گيت سڏڪن پيا
تون ڀلي ڪر پڇا چنڊ کان،مون جيان
ديد در ۾ ڌري،گيت سڏڪن پيا
گيت جيڪي مون کان تو لکايا فياض
ٿي نه تن جي سري،گيت سڏڪن پيا
ياد توکي ڪري،گيت سڏڪن پيا
جلد ئي ٿو وِسي زندگئَ جو ڏيو،
ٿو نه صديون ٻري،گيت سڏڪن پيا
زندگي جي سفر ۾ اڪيلو ڇڏي،
ڇو هليو وئين پري،گيت سڏڪن پيا
تون ڀلي ڪر پڇا چنڊ کان،مون جيان
ديد در ۾ ڌري،گيت سڏڪن پيا
گيت جيڪي مون کان تو لکايا فياض
ٿي نه تن جي سري،گيت سڏڪن پيا