سنڌ هاء ڪورٽ ۾ پوري سنڌ مان MDCAT2021 ۾ MBBS ۽ BDS لاء اينٽري ٽيسٽ ڏيندڙن متاثره شاگردن ڪيس داخل ڪيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2021۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ هاء ڪورٽ ۾ پوري سنڌ مان MDCAT2021 ۾ MBBS ۽ BDS لاء اينٽري ٽيسٽ ڏيندڙن متاثره شاگردن ڪيس داخل ڪيو هو جنهنجي اڄ هيئرنگ هئي ۽ PMC جو وڪيل حاظر ٿيو جنهن ڪورٽ سڳوريء کي ٻڌايو آهي ته ڪراچيء ۾ ئي هڪ دفعو ٻيهر انهن ٽيسٽ پيپرن جي اسڪروٽني ڪرايون پيا.

    ياد رهي ته PMC هن سلسلي ۾ ٻه دفعا فيڪ رزلٽ آئوٽ ڪئي هئي, پهرين فيڪ PDF فائل جنهن ۾ رول نمبر ته سنڌ جي اينٽري ٽيسٽ وارن جو هو پر ڊيٽا ۽ مارڪون پنجاب ۽ KPK جي شاگردن کي ڏنل ڏيکاريون ويون ۽ احتجاج تي ترت ان فيڪ PDF فائل کي ڊٽيچ ڪري وري سرچ رول نمبر سان رزلٽ ڏني وئي ۽ اها به فيڪ نڪتي ڇو جو رول نمبر تي به ادل بدل هئي جنهنجو رول نمبر هو ان تي پنجاب KPK وارن جي رزلث آئي.

    پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسلPMC جي وڪيل ڪورٽ سڳوريء کي ٻڌايو ته MBBS ۽ BDS اينٽري ٽيسٽ پاس ڪرڻ وارن جو تعداد 8 هزار آهي جڏنهن ته موجود سيٽن جو تعداد 5 هزار آهي ۽ اسان ڪرپٽ PDF فائل جي فيڪ رزلٽ ۽ رول نمبر غلط اچڻ جي ڪري تمام ڏنل پيپرن جي RE scrutiny ڪرايون پيا ۽ اها به ڪراچيء ۾, ان تي ڪورٽ سڳوريء مڪمل رپورٽ داخل ڪرائڻ لاء ٻي هيئرنگ کي 24 تاريخ تي رکيو آهي

    رفرنس : پاڪستان جا اڙدو نيوز چينل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو