محبوبا دل پڇيو تنهجي محبوبا آ ڪنهن جهڙي؟ مون کان اڳ چنڊ چمڪي چيس مون جهڙي، باه ڀڙڪي چيس مون جهڙي، گل مرڪي چيس مون جهڙي، دل پڇيو ڇا سڀئي هي سچ ٿا چون ؟ پر منهجي ڪجه چوڻ کان اڳي سج سڏڪي چيس، ماڪ روئي چيس، هن جي محبوبا جو ڪو به ناهي مثال هن جي محبوبا لئه ويا ڪي ڦاهي چڙهي ء ڪي گهاڻي اندر هن جي خوابن جي شهزادي آزادي آ آزادي آ ۔۔۔