نظم

'سنڌي شاعري' فورم ۾ منصور سيتائي طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2010۔

  1. منصور سيتائي

    منصور سيتائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 جون 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محبوبا

    دل پڇيو
    تنهجي محبوبا آ ڪنهن جهڙي؟
    مون کان اڳ
    چنڊ چمڪي چيس
    مون جهڙي،
    باه ڀڙڪي چيس
    مون جهڙي،
    گل مرڪي چيس
    مون جهڙي،
    دل پڇيو
    ڇا سڀئي هي سچ ٿا چون ؟
    پر منهجي ڪجه چوڻ کان اڳي
    سج سڏڪي چيس،
    ماڪ روئي چيس،
    هن جي محبوبا جو
    ڪو به ناهي مثال
    هن جي محبوبا لئه
    ويا ڪي ڦاهي چڙهي
    ء ڪي گهاڻي اندر
    هن جي خوابن جي شهزادي
    آزادي آ آزادي آ ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو