نظم

منصور سيتائي

سينيئر رڪن
محبوبا

دل پڇيو
تنهجي محبوبا آ ڪنهن جهڙي؟
مون کان اڳ
چنڊ چمڪي چيس
مون جهڙي،
باه ڀڙڪي چيس
مون جهڙي،
گل مرڪي چيس
مون جهڙي،
دل پڇيو
ڇا سڀئي هي سچ ٿا چون ؟
پر منهجي ڪجه چوڻ کان اڳي
سج سڏڪي چيس،
ماڪ روئي چيس،
هن جي محبوبا جو
ڪو به ناهي مثال
هن جي محبوبا لئه
ويا ڪي ڦاهي چڙهي
ء ڪي گهاڻي اندر
هن جي خوابن جي شهزادي
آزادي آ آزادي آ ۔۔۔
 
Back
Top