وفا پلي جي شاعري

ولي محمد وفا پلي

دُهراءِ نه شبِ غم جي فساني کي ڇڏي ڏي،
اي موت هلي آءُ ، بهاني کي ڇڏي ڏي!

سُکَ سان نه جيئڻ ڏيندي ڪڏهن رسمِ زمانا،
بهتر آ انهيءَ کان ته زماني کي ڇڏي ڏي!

جي زلف کُلن ٿا ته ڦري نانگ ٿين ٿا،
ديوانا ستم ڪش جي شاني کي ڇڏي ڏي.

تنهنجا ٿي چمي پير ، ستارن جي سُهائي،
هن پار "وفا" آءُ ، زماني کي ڇڏي ڏي.
 
Back
Top