ولي محمد وفا پلي دُهراءِ نه شبِ غم جي فساني کي ڇڏي ڏي، اي موت هلي آءُ ، بهاني کي ڇڏي ڏي! سُکَ سان نه جيئڻ ڏيندي ڪڏهن رسمِ زمانا، بهتر آ انهيءَ کان ته زماني کي ڇڏي ڏي! جي زلف کُلن ٿا ته ڦري نانگ ٿين ٿا، ديوانا ستم ڪش جي شاني کي ڇڏي ڏي. تنهنجا ٿي چمي پير ، ستارن جي سُهائي، هن پار "وفا" آءُ ، زماني کي ڇڏي ڏي.