منهنجو پروپوزل آهي ! توهانجي راء ڇا آهي؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2022۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    منهنجو پروپوزل آهي ! توهانجي راء ڇا آهي؟

    لاڙڪاڻون يا سکر. ۽ نوابشآھ (بينظيرآباد) وارئو!توهان به يار ڪمال ٿا ڪريو!| ڌڻين کان گهر ته ڪري ڏسو ! (ڏرتي ۽ آواز) ٻئي سنڌي چينل توهان وٽ سئچ ٿيڻ جهڙا آهن.

    باربار مئنيجمينٽ تي تبدليء جا تجربه ٻڏائين پيا ته هي ٻئي چينل اڃان ڪراچي ۾ سيٽ نه پيا ٿين ۽ متواتر مينيجمينٽ جي تبديلي به مارڪيٽنگ (ڪمرشيلس) وٺڻ ۾ فلاپ آهي.
    ڏرتي TV ۽ آوازTV جي مارڪيٽنگ نه هئڻ جي برابر آهي ۽ هن وقت انهن جي ريٽنگ گهٽ هئڻ ڪري مارڪيٽنگ نه پئي ملي. نان سنڌي بزنيس مارڪيٽنگ کي علي صاحب وڏي مشڪل سان اهو چئي آماده ڪيو هو ته. ڇا سنڌي سندن پروڊڪٽ استعمال نٿا ڪن ۽ پوء ٻئي “اڙدو سنڌي مڪس“ پروگرام آيا ۽ علي صاحب ڪي ٽي اين جي ريٽنگ تي 14% ڪمرشيل ورتيون. اها اسٽريٽجي “نواب شاھ ۽ لاڙڪاڻي“ يا سکر جا ماڻهون به گهر ڪري سندن ضلعن ۾ انهن چئنلس لاء ڪمرشيل حاصل ڪري سگهن ٿا جيڪا “ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي“ جي برابر انهن کي نه پئي ملي.
    https://fb.watch/hyM4GUVflD/
    اڃا به وقت آهي مالڪ سوچي سگهن ٿا سنڌ جي گاديء هنڌ ڪراچيء لاء ٻه سنڌي چينل KTN ۽ سنڌ TV لازمی ھٸا جن کي اڙدوچئنلس سا گڏ انٽرنيشنل چينلن جيان مقابلي ۾ اچي ڪم ڪرڻ لازمي هو جيئن سنڌ جو ٽيلنٽ فلٽر ٿي اسٽينڊرڊ بڻجي سنڌي نوجوانن ۾ جدت جو روح ڀري جڳ جهڙو ڪري “وڏيرن سردارن ييرن ميرن“جي غلاميءمان آزادي جڏهن ته هنن پنهنجي معيار ۾ ڪوتاهي ڪندي. لوڪل اخبارن (شام) جي اخبارن جيان لوڪل ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن ڪري سنڌ جي ثقافت سا چهٽيل “داڙيل موالي ڪمدار پولي“غلام ڪلچر“ من جان نه پئي چهٽي.

    سنڌ ۾ موجود100 سيڪڙو ٽيلنٽ اڄ به نروار ٿي سگهي ٿو جيڪر ادي فريال (حسن زرداريء) جي"ڌرتي TV چینل" کي بينظير آباد(نواب شاه)سئچ ڪجي جيئنGMمورائي صاحب جو “مهراڻ چينل“حيدرآباد سئچ ٿيو هو حالانڪه اهو قاضي بردران جو شهر هو.جنجو تعلق حيدرآباد سان آهي“ڪشش“ ميوزڪ چينل کي به حيدرآبادسئچ ڪيو وڃي.ته بهتر ٿيندو
    لاڙڪاڻو به فنڪارن سان چھٽيل آهي پوء ڇونه “آواز چينل“ جا مالڪ ان کي لاڙڪاڻي ۾ منتقل ڪن.“سڀني سنڌي چئنل“ لازمي ڊجيٽل HD رکجن ته دنيا “انالاگ“ ساب گڏ .“ڊجيٽل“ جو مزو به ماڻي.

    بمقابلاPTV اڌ ڪلاڪ سنڌي پروگرام سنڌي چينلس جو ڄار پکيڙي. 8 ڪلاڪ پروگرام (2 ڀيرا) رپيٽ ڪري 24 ڪلاڪ سنڌي پروگرام هلائي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾(سنڌي ٽيلنٽس) جي رسائي منصوبو رٿيل هجي ها ته اڄ پوري“سنڌ امڙ“ جو هر ٽيلنٽ “قاضي برادران“ اسلم قاضي/ علي قاضي۽ اطهر قاضيء جي سوچن مان ڀرپور پرمفيد ٿي چڪو هجي ها ان “خواب سنڌيت“کي شايد “GM مورائي صاحب“ ئي سمجهي سگهيو جنهن پوء پنهنجي “مهرڻ چينل“ کي ڪراچيء مان ڪڍي سينٽرل سنڌ (صحيح سنڌي ٻولي ۽ گرامر جي مرڪز) نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ سئچ ڪيو.

    سنڌ جا ٽئي (تر)ٖ “لوئر سنڌ ٖ سينٽرل سنڌ“ ۽ سرائڪي ٻولي جڙيل “اپر سنڌ“ اڄ به (پنهنجي ٻولي تلفظ . گرامر ۽ پنهنجي ڪلچر) سان “سنڌي ٽيلينٽس“ سان مالا مال آهي. پلاننگ ته اهاهئڻ گهربي هئي ته هرحصي(تر)لاء “هڪ چئنل“ جو هجڻ (مرڪز) لازمي هو ۽ ھنڌ(جڳه)به اهوئي مقرر هئڻ کپندو هو جتي“سنڏين جي آبادي گهڻي هجي“ته جيئن ڊفينس مالڪن ۽ ڪراچيء ۾ نوڪريون ڪندڙ آرٽسٽ بدران “غريب ٽيلنٽ“ جي رسائي “سهولت سان ٿي سگهي ها. ڇو جو سنڌي ٽيلنٽ لاء “ڪراچيء جا ڳاٽي ٽوڙ خرچ“ ڀري اچڻ ۽ چئنلس طرفان معمولي معاوضو ملڻ مددگار نٿو بڻجي.

    ايترا سنڌي چينلس هوندي به اسان جو “80% سنڌي ٽيلنٽ“ اڄ به محروم آهي جنهن جو ڪارڻ “فنڪار معائشي حالتن“ سان گڏ اها “فنڪارن ۽ مينيجمينٽ سان لاڳاپيلن جي گروپ بندي “ ۽ “چئنلن ٿي قبضو“آهي جيڪو “علاقائي ٽيلنٽس“ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. ڇينلن تي صرف “اپر سنڌ ٽيلنٽس“ ٻچن ٻارن سوڌو پرمفيد آهن. اگر سنڌ جي “ٽنهين ترن“ جي وڏن شهرن ۾ چئنل کليل هجن ها ته هي 80% فنڪار به پنهنجي فن سان سڃاتا وڃن ها.

    افسوس اهو به آهي ته ڪراچيء جي شهر ۾ چئنل هوندي به اسانجون “خبرون هجن يا ان تي تبصره“ يا“انٽرٽينمينٽ“ جا پروگرام اسان اڄ به“لوڪل خبرن جي اخبارجيان زينت بڻيل آهيون نه ڪه“انٽرنيشنل اسٽينڊر“ تحت.“الاهي ليجنڊ“ هيء دنيا ڇڏي هليا ويا پر اسانجي چينلن انهن جي ٽيلنٽس کي ڪيش نه ڪري سگهياسون ۽ نهڀئي جيڪي موجود آهن انهن کيٖ. جيڪي گروپ بنديون ڪري چينلس تي قابض هئا يا چينل انهن جي سڃاڻپ جو سبب بڻيا. انهن به هاڻ “گهٽ معاوضي جو بهانو“ ڪري چئنل ڇڏي (يو ٽيوب) تان ملندڙ ڊالرن ۽ ٻاهر ملڪن جو سفر شروع ڪري ڏنو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو