غزل خوشي ڪا ڪٿي آ غمن ۾ رهون ٿا ڏکايل ڏکايل چمن ۾ رهون ٿا ڪهاڻي غزل ۾ سمائڻ ڏکي آ چيو ڪنهن ته توکي مزن ۾ رهون ٿا عزيزن قريبن ستايو جتايو رکي راز دل جا چپن ۾ رهون ٿا ڪدورت ڪني کان پري ٿي اسان بس اڪيلا اڪيلا ڪکن ۾ رهون ٿا ڀڳا مور ناهيون هتي ئي رهون ٿا ڏکن يا سکن ۾ وطن ۾ رهون ٿا سڃاڻپ "مجيب" آ شرافت صداقت طبيعت مٺي سان گَگن ۾ رهون ٿا. مجيب سنڌي