• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي شاعري

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
story.php
غزل

خوشي ڪا ڪٿي آ غمن ۾ رهون ٿا
ڏکايل ڏکايل چمن ۾ رهون ٿا

ڪهاڻي غزل ۾ سمائڻ ڏکي آ
چيو ڪنهن ته توکي مزن ۾ رهون ٿا

عزيزن قريبن ستايو جتايو
رکي راز دل جا چپن ۾ رهون ٿا

ڪدورت ڪني کان پري ٿي اسان بس
اڪيلا اڪيلا ڪکن ۾ رهون ٿا

ڀڳا مور ناهيون هتي ئي رهون ٿا
ڏکن يا سکن ۾ وطن ۾ رهون ٿا

سڃاڻپ "مجيب" آ شرافت صداقت
طبيعت مٺي سان گَگن ۾ رهون ٿا.

مجيب سنڌي
 
Back
Top