ڪھاڻي : بي رنگ
ڪھاڻيڪار : عبيد ٿھيم
ڪھاڻيڪار : عبيد ٿھيم
ورھين کان اسان ھڪٻئي کي سڃاڻيندا آھيون، ھُوءَ ڪردارن ۾ رنگ ڀرڻ جو ڪم ڪندي آھي ۽ آئون کوڙ ڀيرا وٽس ھڪ ڪردار رڱائڻ ويو ھئس.
ھڪ ڀيري مون وٽ ٿِڙھيل ڪردار ڏِسي پري کان ھڪل ڪيائين: ھِي ڪنھنجو ڪردار کڻي آيو آھين؟
آئون ماٺ ٿي ويس، مون وٽ جيڪو ڪردار ھو اُن جا باقي رھيل رڱ بہ لھي ويا..
ھڪ ڀيري پوپٽ کڻي ويومانس تہ چيائين: پوپٽن ۽ احساسن جا پنھنجا رنگ ھوندا آھن، اُنھن کي ھٿرادو رنگ لڳائڻ ناممڪن آھي. آئون تنھن وقت بہ لاجواب ٿي موٽيو ھئس، پوپٽ کي اسڪول واري باغيچي ۾ ھِڪ گُل جي حوالي ڪري آئون ھينڊس فري ڪَن تي چاڙھي جگجيت جا گانا ٻڌڻ لڳس.
”تم ڪو ديکا... تو ھم ڪو خيال آيا...
زندگي ڌُوپ، تم گهنا سايا...“
مون وٽ ڪردارن جي ٽوڪرِي ڀريل ھوندي ھُئي، انھن مان جنھن جو رنگ ڦِٽندو ھو تہ وٽس رڱائڻ ويندو ھئس.. ھڪ ڏينھن منھنجي ڪردارن واري ٽوڪرِي ۾ ٺڪر جو ٿانوَ ڪردارن جي روپ ۾ ويھي رھيو.. ٽوڪري کڻي ويس، کيس اُھو بيرنگ ٿانوَ ڏيندي چيم تہ ”ھِن ڪردار کي گُلِيءَ وارو رنگ ھڻي ڏي“
ھُوءَ ڇرڪي پئي، چيائين: اِنڊيگو رنگ ڀُرندڙ دل تي پاڻ ئي چڙھي ويندو آھي، ڀُرندڙ دِلي کي ڪو رنگ ناھي ڪبو.. اھو ھاڻ وقت جا سمورا ثواب ڪمائي پوڙھو ٿي چُڪو آھي.. مِٽِيءَ کي مِٽِيءَ ۾ ملائڻ جي مھل آھيس، ان کي رنگ ڪري مِٽيءَ جي توھين نٿي ڪرڻ چاھيان..
آئون بيحد ڏُکارو ھُئس، مون وٽ ٽوڪريءَ ۾ ٺڪر جو ٿانوَ ڀُل ۾ اچي ويو ھو، پر ڀُل ۾ آيل شيون بہ گهڻو وقت رھنديون آھن تہ ساڻن پيار ٿي ويندو آھي.. ھِي تہ مون سان پنجيتاليھ ورھيہ رھيو ھو..
کوڙ سال ٿي ويا آھن، آئون وٽس ٻيھر ناھيان ويو.. زماني جي رفتار رابطن ۾ ويڇا ڪري ڇڏيا آھن، اسان پوءِ بہ ھڪٻئي جِي ڊِي.پي ڏِسي ھڪڙو ايموجي موڪلي ڇڏيندا آھيون، آئون بيرنگ چھري وارِي ايموجي موڪليندو آھيانس ۽ ھُوءَ مون کي رنگ وارِي خوبصورت ايموجي موڪليندي آھي.. ڪالھ اسان جي ڊگهي ڪچھري ٿِي ھُئي، جيڪا فقط ٽِن ميسيجن تي مشتمل ھُئي...
”ڪھڙا حال آھن؟“
”آئون ٺيڪ، تون ٻڌاءِ“
”آئون بيرنگ...“