• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بي رنگ

ھِيءَ ڪھاڻي توھان کي ڪيئن لڳي؟

  • ڀلي

    ووٽَ: 0 0.0%
  • خاص نہ

    ووٽَ: 0 0.0%
  • بيڪار

    ووٽَ: 0 0.0%

  • سمورا ووٽر
    1

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪھاڻي : بي رنگ
ڪھاڻيڪار :‌ عبيد ٿھيم

ورھين کان اسان ھڪٻئي کي سڃاڻيندا آھيون، ھُوءَ ڪردارن ۾ رنگ ڀرڻ جو ڪم ڪندي آھي ۽ آئون کوڙ ڀيرا وٽس ھڪ ڪردار رڱائڻ ويو ھئس.

ھڪ ڀيري مون وٽ ٿِڙھيل ڪردار ڏِسي پري کان ھڪل ڪيائين: ھِي ڪنھنجو ڪردار کڻي آيو آھين؟

آئون ماٺ ٿي ويس، مون وٽ جيڪو ڪردار ھو اُن جا باقي رھيل رڱ بہ لھي ويا..

ھڪ ڀيري پوپٽ کڻي ويومانس تہ چيائين: پوپٽن ۽ احساسن جا پنھنجا رنگ ھوندا آھن، اُنھن کي ھٿرادو رنگ لڳائڻ ناممڪن آھي. آئون تنھن وقت بہ لاجواب ٿي موٽيو ھئس، پوپٽ کي اسڪول واري باغيچي ۾ ھِڪ گُل جي حوالي ڪري آئون ھينڊس فري ڪَن تي چاڙھي جگجيت جا گانا ٻڌڻ لڳس.

”تم ڪو ديکا... تو ھم ڪو خيال آيا...

زندگي ڌُوپ، تم گهنا سايا...“

مون وٽ ڪردارن جي ٽوڪرِي ڀريل ھوندي ھُئي، انھن مان جنھن جو رنگ ڦِٽندو ھو تہ وٽس رڱائڻ ويندو ھئس.. ھڪ ڏينھن منھنجي ڪردارن واري ٽوڪرِي ۾ ٺڪر جو ٿانوَ ڪردارن جي روپ ۾ ويھي رھيو.. ٽوڪري کڻي ويس، کيس اُھو بيرنگ ٿانوَ ڏيندي چيم تہ ”ھِن ڪردار کي گُلِيءَ وارو رنگ ھڻي ڏي“

ھُوءَ ڇرڪي پئي، چيائين: اِنڊيگو رنگ ڀُرندڙ دل تي پاڻ ئي چڙھي ويندو آھي، ڀُرندڙ دِلي کي ڪو رنگ ناھي ڪبو.. اھو ھاڻ وقت جا سمورا ثواب ڪمائي پوڙھو ٿي چُڪو آھي.. مِٽِيءَ کي مِٽِيءَ ۾ ملائڻ جي مھل آھيس، ان کي رنگ ڪري مِٽيءَ جي توھين نٿي ڪرڻ چاھيان..

آئون بيحد ڏُکارو ھُئس، مون وٽ ٽوڪريءَ ۾ ٺڪر جو ٿانوَ ڀُل ۾ اچي ويو ھو، پر ڀُل ۾ آيل شيون بہ گهڻو وقت رھنديون آھن تہ ساڻن پيار ٿي ويندو آھي.. ھِي تہ مون سان پنجيتاليھ ورھيہ رھيو ھو..

کوڙ سال ٿي ويا آھن، آئون وٽس ٻيھر ناھيان ويو.. زماني جي رفتار رابطن ۾ ويڇا ڪري ڇڏيا آھن، اسان پوءِ بہ ھڪٻئي جِي ڊِي.پي ڏِسي ھڪڙو ايموجي موڪلي ڇڏيندا آھيون، آئون بيرنگ چھري وارِي ايموجي موڪليندو آھيانس ۽ ھُوءَ مون کي رنگ وارِي خوبصورت ايموجي موڪليندي آھي.. ڪالھ اسان جي ڊگهي ڪچھري ٿِي ھُئي، جيڪا فقط ٽِن ميسيجن تي مشتمل ھُئي...

”ڪھڙا حال آھن؟“

”آئون ٺيڪ، تون ٻڌاءِ“
”آئون بيرنگ...“
 
عبيد ٿهيم جي هن ڪهاڻيءَ ۾ احساسن جا رنگ ۽ بي رنگيءَ جو حسن ڏاڍي خوبصورتيءَ سان اڀاريل آهي. ڪردار، رنگ، ۽ وقت جا حوالا پڙهندڙ کي هڪ اڻ چُٽيل وِچار ۾ وٺي وڃن ٿا.

ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ اهڙا لمحا ايندا آهن، جتي لفظن کان وڌيڪ خاموشي ڳالهائيندي آهي، جتي رنگن کان وڌيڪ بي رنگي پنهنجي معنيٰ ظاهر ڪندي آهي. بي رنگ هجڻ شايد ڪنهن سانحي جي علامت نه، پر هڪ اڻ وڻندڙ سچائي به ٿي سگهي ٿي، جتي احساس پنهنجا قدرتي رنگ وڃائي ويهن ٿا.

هن ڪهاڻيءَ ۾ انساني جذبن جو تمام خوبصورت اظهار ملي ٿو. بي رنگ ايموجي ۽ رنگين ايموجيءَ جو تبادلو به زندگيءَ جي سفر ۽ بدلجندڙ جذبن جو عڪس لڳي ٿو.

هتي صرف ڪردار ئي نه، پر وقت به پنهنجو هڪ نئون روپ اختيار ڪري ٿو اها بي رنگي، جيڪا اندر ئي اندر سڀ ڪجهه بيان ڪري ٿي. شاندار تحرير! 💙
 
Back
Top