• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسڪرين پلي )ٽيليويزن ڊرامون( سنڌي ميڊيا تياسڪرپٽ جي ضرورت

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سيکراٽن لاء گائيڊ لائين :
اسڪرين پلي (ٽيليويزن ڊرامون) سنڌي ميڊيا جي چئنلن تي ڪيئن آڻي ڪجي۔
Writer : Abdul Razzaque Memon
Contact: 0300 2895691
1. اسڪرپٽ جي ضرورت
جڏنهن به ڪو نئون شوقين فرد يا گروپ يا ايڪٽرڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ررجهان رکي سنڌي ميڊياٽيليويزن جي چئنلن تي ڊرامون )اسڪرين پلي( ڪرڻ چاهيندو آهي ته هو سڀ کان پهرئين اُن چئنل جي پروگرام مئنيجر سان رابطو رکندو آهي ۽ پنهنجوتعارف ۽ پوءِ خيال پيش ڪندو آهي جتي کائنس پروگرام مئنيجر ڪو اسڪرپٽ ،ڪا آئڊيا، ڪا ڪهاڻي ون لائين( هڪ صفحي جي آڻڻ جو چيو ويندوآهي.ان ڪري لازمي آهي ته هر اُهوشخص پهرئين پاڻ سان اها آئڊيا، ون لائين يا اسڪرپٽ گڏ ضرور کڻي وڃي.

اسڪرپٽ ڪنهن به قسم جو ٿي سگهي ٿو جهڙوڪ : "ڪاميڊي، ڪا لَو اسٽوري، ڪا فيملي بيس اسٽوري، ڪو تاريخي ڊرامون" وغيره.

2. ڪهڙو اسڪرپٽ هُجي
گهڻي قدر نوان ڊائريڪٽر پنهنجي شروعات عيد ڪاميڊي پلي يا عام ڏينهن ۾ سولو پلي کان شروعات ڪندا آهن. اهڙي قسم وارن اسڪرين ڊرامن جو وقت 20 منٽ کان 25منٽ جي وچ جو ٿئي ٿو ۽ اهڙن وقت وارن ڊرامن کي (سولو پلي) چئبو آهي.باقي 5 کان 10 منٽن مان بچيل باقي وقت انتظاميا پنهنجي مارڪيٽنگ مئنيجرجي مدد سان ڪمرشي وٺڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.

3. ڪهڙا سولو پلي قبول ڪيا ويندا آهن۔
جنهن ۾گهٽ ۾گهٽ ڪريڪٽر ۽ لوڪيشن هُجن ڇو جو اهڙن ڊرامن جو دارومدار گهٽ بجٽ وارن ڊرامن ۾ ٿئي ٿو. اهڙن ڊرامن جي بجٽ گهٽ ۾ گهٽ 20 هزارن کان 30 هزارن جي وچ ۾ هوندي آهي.

گهڻي بجٽ جي قبوليت جو دارومدار اُن جي ڪاسٽ ۽ انتظاميه جي مرضيء سان کنيل سينيئر آرٽسٽ انگيج ڪرڻ تي هوندو آهي ۽ اهڙن سولو پلي ۾12 سينن ۽ 22 پيجن تي لکيل ڊرامون ڏهن کان ٻارهن سينُن تي مُشتمل هُجي.

4. سينُن جي ورهاست
سولو پلي جو هر سين 2 کان ٽن منٽن اندر ترتيب ٿيل هُجي سُٺا ڊائريڪٽر اهاڪئلڪيوشن ضرور ڪندا آهن جيئن پوءِ سندن ڊرامون اينگهجي نه وڃي ۽ MRC ٽرانسميشن وارا ڊرامي جوڪو حصوو ڪٽي وقت پورو نه ڪن. اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته ٽيليويزن وارا وقت کي سيل ڪندا آهن ۽ جي ڪو ڊرامون ڪٽجي ويو ته ڪا ڳالهه ڪانهين وقت اُهو جيڪي ڪمرشيل وارا خريد ڪندا آهن لازمي ڏبوآهي.۽ پوءِ اهڙيءَ طرح سان حساب ڪتاب رکي سولو پلي اسڪرپٽ کي ڏھ ٻارهن سينُن ۽ 25منٽن منٽن ۾ گهرج تحت ورهائي محدود ڪيو ويندو آهي.

5. ياد رهي ته ان سولو پلي جي ان وقت ۾ شروع جو ٽائٽل ۽ آخر ۾ ٻن منٽن جو "اينڊ اسڪرول" به لڳندو آهي اهو اينڊ اسڪرول اُها شيءِ آهي جنهن ۾ مُڪمل ڪاسٽ جوذڪر ٿيل آهي.

6. هرسين سان مختلف سين جهڙوڪ آئوڊ ڊور يا لوڪيشن چينج جو هُئڻ بهترين ڪوشش هوندي. هر سولو پلي جي رڪارڊنگ لاءِ صرف هڪ ڏينهن ۽ايڊيٽنگ لاءِ به هڪ ڏينهن هوندو آهي. رڪارڊنگ صبح کان رات تائين رکبي آهي.

7. ڪاسٽنگ
گهٽ بجٽ پلي هُئڻ ڪري ما سواءِ هڪ ٻن سينيئر اداڪارن جي اڪثر ڪاسٽ مُفت ڪم ڪرڻ وارن، دوستن يا شوقين اداڪارن جي کڻبي آهي. جنهنکي"ايڪسٽرا" چئبو آهي. هن سولو پلي ۾ سينيئر ڪاسٽ ٿيندڙ اداڪار 2 هزارن کان 3 هزارن اندر پئسن جي گهُرڪندو آهي جڏنهن ته فيميل عورت چسهي ايڪسٽرا هجي ڪاسٽ کي اُجورو ضرور ڏنو ويندو آهي جيڪو هڪ هزار کان 15 سؤ جي وچ ۾ هوندو آهي.

8. ٻيا خرچ
سڀني اداڪارن لاءِبشمول ايڪسٽرا۽ ENGگروپيعني ڪئمرا، ميڪ اپ ۽ ٽيڪنيڪل ڪرو لاء فُوڊ ”ماني” بجٽ رکبي آهي ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ به بجٽ رکجن .

9. لوڪيشن
اڪثر ڊائريڪٽر ڪوشش ڪندا آهن ته ڪنهن واقف ڪار جي مدد سان "ان ڊور"يا "آئوٽ ڊور"جي لوڪيشن ,گهر، باغ، ٻنيون، فارم هائوس، بنگلا، حويليون وغيره مُفت ملي وڃي جيڪي ڳوٺن ۾ ته آسانيءَ سان ۽ مُفت ۾ دستياب ٿيو وڃن پر ٻي صورت ۾ شهرن ۾ ڊرامون ڪرڻ لاءِ ۽ سينيئر ڪاسٽ انگيج ٿيل هُجي ته ٽرانسپورٽ هزارن کان 6 هزارن تائين في ڏينهن، جنهن ۾ بجليءَ جو خرچ شامل هوندو آهي لوڪيشن ملي وڃي ٿي. شهرن ۾ اڪثر ماڻهون پنهنجي لوڪيشن ڊرامن لاءِ وڪڻندا آهن ۽ اُهي اهڙن لوڪيششن کي فُل ڊيڪوريٽ به ڪري پيش ڪندا آهن۽ شُروع يا آخر ۾ ڪيش ادائگيءَ جي گهرُڪندا آهن.

10. الغرض ته اها لوڪيشن به بجٽ ۾ رکي ويندي آهي. ما سواءِ نون، پر اڪثر سينيئر ڊائريڪٽرس يا ايڪٽرس کي جيڪي بجٽ سگهه نٿا رکن، ٽيليويزن انتظاميا ڪُجهه رقم ايڊوانس به ڏيندي آهي. ڊائريڪٽرن لاءِ هڪ مسئلو جنهن لاءِ ذهني طور تيار رهڻ گهرجي

11. نون يا سيکراٽي ڊائريڪٽرن کي اڪثر ENGگروپ کان هڪ مسئلو پيش ٿيندو آهي، جيڪو چينل جي آفيس کان لوڪيشن تي پُهچڻ ۽ واپس وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ کان شروع ٿيندو آهي ۽ اڪثر لوڪيشن تي دير سان پُهچڻ جو هوندو آهيجڏنهن ته سڀ اداڪار سيٽ تي موجود هوندا آهن، ٻيو ته پوري ٽيم سان لنچ يا ڊنر هرگز ڪونه ڪندا آهن، ۽ پاڻ ۾ جُدا نانيءَ ويڙهو ٺاهي ويهندا آهن ، گهڻي فوڊ۾ڪڪڙ خاص طرح جي گهُر ۽ اهي هر لمحي چانهه ۽ سگريٽ لاءِ فرمائشي پروگرام هوندو آهي انهن مان خاص طور اُنهن ڊائريڪٽرس کي مسئلوايندو آهي جيڪي ڪئمرامين تي ڊپينڊ ڪندا آهن ۽ جن کي فريمنگ يا ڪئمرا ايڪسپوزنگ يا ٽيڪنڪ جي خبر نه هوندي آهي ۽ اُهي مڪمل اهڙن ڪئمرا مين ۽ ٽيم تي ڊپينڊنٽ هوندا آهن ٻي صورت ۾ ايڊٽنگ ڪرڻ وقت يا فريم آئوٽ فوڪس يا آڊيو ۾ چرچراهٽ مقدر ٿيئن.

12. سولو پلي اسڪرپٽ جي بجٽ ۽ خريدڻ
سولو پلي جو اسڪرپٽ 1000 کان 1500 رُپيئن تائين ملي ويندو آهي ۽ اهائي قيمت بجٽ ۾ منظور ٿيندي آهي. جيڪا ڊائريڪٽر جي هٿان اسڪرپٽ رائيٽر کي ملندي آهي.

13. چئنل جو منتظم "پروگرام مئنيجر" سولو پلي اسڪرپٽ جي"ون لائين"پڙهي قبول ڪري ياپوءِ مُڪمل اسڪرپٽ , اسڪرپٽ ايڊيٽرڏي موڪليندوجيڪوپنهنجو نوٽ لکي واپس پروگرام مئنيجر ڏي موڪليندو ته هي سولو پلي رڪارڊنگ جي قابل آهي يا نه!

14. جي اسڪرپٽ اپرُوو ٿي ويو ته ڊائريڪٽر کان پروگرام مئنيجر ڪاسٽ جو پُڇندو ۽ بجٽ ٺاهي اچڻ جو چوندو ۽ ڪاسٽ ۾ردو بدل به ڪندو! ڪن چئنلن تي ، ايڪسٽرا کان سواءِ فقط اهڙا فنڪار ڪاسٽ ڪياويندا آهن جيڪي صرف اُن چئنل تي ڪم ڪندڙ هوندا آهن ۽ گهڻي ڀاڱي ٻئي چئنلن تي ڪم ڪندڙ فنڪارن کي ڪاسٽ ۾ ترجيح ڪونه ملندي آهي . پر هاڪن ليجينڊ يا سينيئرموسٽ اداڪار يااداڪارائن
کي ڪاسٽ ڪبي ته ممڪن آهي ته اعتراض گهٽ ٿئي. ۽ پوءِ ڊائريڪٽر کي رڪارڊنگ ڪرڻ جي تاريخ ملنديآهي ۽ ان تاريخ ۽ شيڊول تحت ڊائريڪٽر فنڪارن کي سيٽ تي اچڻ جو چوندو آهي.

15. ياد رهي ته بجٽ جي اپروول ملڻ کان پوءِ ڊائريڪٽر لوڪيشن ڏيڻ وارن کان تاريخ وٺڻ ويندو۔

16. تياري
بجٽ جي اپرُووَل ۽ کان پوء رڪارڊنگ جي تاريخ ملندي ئي ڊائريڪٽر ,انجنيئرنگ سيڪشنجي, اي.اين.جي انچارج سان ملندو آهي ۽ ڪئمرامين، ميڪ اپ مين گهربل اڪئپمينٽ ۽ ٽيڪنيڪل ڪِرُو جي سليڪشن ٿيندي آهي ۽ ڊائريڪٽر لاجسٽڪ سپورٽ ڏئي کين سيٽ تي پُهچڻ جي تلقين ڪندو آهي. پوءِ ڊائريڪٽر ۽ڪئمرا ۾ گهربل رڪارڊنگ لاءِ، وڌ ۾ وڌ 22 ڊي.وي حاصل ڪندو آهي. ياد رهي ته اڪثر )ميڪ اپ مين پورو سامان کڻي نه اينداآهن انڪري گهڻو ڌيان رکجي.

17. فنڪارن کي لوڪيشن وائيز لائين اپ ڪرڻ
رڪارڊنگ ڪرڻ جو واحد گُر اهو آهي ته سڀ کان پهرئين لوڪيشن وائيز گهربل فنڪارن کي لائين اپ ڪجي ۽ رڪارڊنگ ڪجي. گهڻي قدر پهرئين اهڙا سين ڪجن جن ۾ ڪئمرا چينج ۽ لائيٽنگ چينج لاءِ گهٽ وقت لڳي. سڀ کان پهرئين هڙي لوڪيشن ۾ ايندڙ سڀ "انڊور" سينون رڪارڊ ڪرڻ گهرجن، ڇو جو بجلي هن وقت پاڪستان جو خاص مسئلو آهي ۽ پوءِ بجلي وڃي ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ 12 بجي کان اڳ۾ يا پوءِ جڏنهن سج ٽاپ تي نه هُجي ته رڪارڊنگ ڪري وقت بچائي۔

18 ڊائريڪٽر تي لازمي آهي ته پنهنجي وقت کي برابر ماپي استعمال ڪري ۽ قيمتي وقت کي صحيح ٽائيم مئنيجمينٽ تحت استعمال ڪري.

19. ڪو ڊائريڪٽر يا ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر جو صحيح استعمال هميشه پنهنجي مدد لاءِ سنڌي ٻولي، اُچار، مُحاورا يا گرامر مان مُڪمل واقفت رکندڙ ڪو ڊائريڪٽر جي چونڊ ڪجي. اڪثر نالي چڙهيا ۽ گهٽ پڙهيل ۽ گهٽ پئسا وٺندر ليکڪ ، ٻوليءَ سان اڻ واقفيت رکندڙ ليکڪ صحيح سنڌي اسڪرپٽ ڪونه لکندا آهن ۽ انهن ۾ ٻين ٻولين جي ڀرمار هوندي آهي تڪليف تڏنهن ٿيندي آهي جڏنهن ان مقصد لاءِ ويهاريل اسڪرپٽ ايڊيٽر به اهڙين خامين کي گهٽ ايڊٽ ڪندو اهي ته ان صورت ۾ ڪو ڊائريڪٽر جو ڪردار اهم هوندو آهي.

20. ڪو ڊائريڪٽر جو واحد ڪم آهي فنڪار کي جملا ڏئي رڪارڊ ڪرائڻ ۽ ڏسڻ ته ڪٿي جملي جي ترتيب يا مفهوم ته بدلجي نه ويو آهي ۽ اڪثر سينيئر فنڪار اسڪرپٽ کان هٽي ڪري جُملا چوندا آهن ۽ ري ٽيڪ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جنهن سان گهڻي ڀاڱي ليکڪ جو لکيل مفهوم ضايع ٿي ويندو آهي پوءَ ڀلي ڊرامون ٽيڪنيڪل اعتبار کان صحيح ڇو نه هُجي. ڪو ڊائريڪٽر کي خاص توجه ڏيڻ گهرجي ۽ ڪوشش ڪجي ته فنڪار ڊائلاگ اجايو اينگهائي وقت ڪيش نه ڪري!

21. ڪئمرامين جو ڊائريڪٽر ٿيڻ ۽ ڊائريڪٽر جوايڪٽر ٿيڻ طرف رُجحان۔
سنڌي ميڊيا ۾ اڄ ڪلهه هڪ ٻي بيماريءَ زور وٺندي وڃي ۽ اها بيماري آهي ڪئمرامين جو ڊراما ڊائريڪٽر ٿيڻ ۽ ڊائريڪٽر جو ايڪٽر ٿيڻ.ڪا خراب ڳالهه ڪونهين جي شُهرت جي بُک مٽائڻ لاءِ ڪواسڪرين تي سامهون اچي ٿو. شرط آهي ته هو پوءِپنهنجو پيشو به بدلائي ڇڏي جي نئين اسڪرين فيس فيلڊ اپنائڻ چاهي ٿو. گهڻي خراب ڳالهه اها آهي ته جي هو پاڻ ساڳئي ڊرامي جو ڪئمرا مين هُجي يا
ڊائريڪٽر ته ڪم نه ڪري ڇو جو ان سان نه صرف سندس ئي ڊرامي جي معيار تي اثر پوندو، ڊرامي ۾ ٽيڪنيڪل ۽ پرفارمنس خاميون پئدا ٿيڻ سان ته ٺهيو پر هومئنيجيمينٽ ۽ ٻين جي نظرن ۾ به پنهنجو وقار خراب ڪريو ڇڏي. ڪوشش ڪري ته ٻئي ڊائريڪٽرجي ڊرامي ۾ ڪاسٽ ٿئي.

22. فريم وٺڻ
اڪثر ڊائريڪٽر پنهنجي پوري ڊرامي جي معيار کي صرف ٽِي فريمو رکن ٿا جيڪو سندن اڳيان وڌڻ ۾ رُڪاوٽ جو سبب بڻجي ٿو ۽ جڏنهن هو اڙدو چئنل ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪيل ڊرامان ڏيکارين ٿا ته رجيڪٽ ٿي وڃن ٿا جي سفارش نه هُجي ته جهڙوڪ رڪارڊنگ ڪرائڻ ۾ ترجيهن هو پهرين فرنٽ ماسٽر, مڊ ماسٽر جي هُجي ته( ۽ پوءِ ) اينڊ ماسٽر, وٺي ڊرامي جي شروعات ڪن ٿا ۽ پوءِ سولو فريم وٺن ٿا۽ سمجهن ٿا ته اهائي ترتيب آهي.

هو اُن وقت پريشان رهن ٿا جڏنهن ماسٽر جي سيٽ تي پورا فنڪار موجود ناهن ۽ پوءِ هُنن کي رڪارڊنگ ديرسان ڪرڻي ٿي پوي. حالانڪه هو ماسٽر پوءِ به وٺي سگهن ٿا جي ضرورت هُجي ته لازمي ناهي ته هر سين ۾ ماسٽرس هُجي جي هو انٽرنيشنل ٽي وي يا هاليوُوڊ جي فلمن يا باليووُڊ جي فلمن جياڀياس ڪن ته اڪثر ڊراما سولو، مڊ شاٽ ،فل شاٽ، ٿري شاٽ ، اوٽي، ٽاپ شاٽ وغيره کان به ڪري سگهجن ٿي جنهن ڪرڻ سان ڊرامي ۾ ورائٽي۽ جدت ايندي آهي.

23.ڊائريڪٽرس کي لائٽنگ ڪهڙي گهڻي توجه ڏيڻ گهرجي
ڪنهن به سيٽ جي بُنيادي لائٽنگ رکڻ ته ڪئمرامين جي ئي ذميواري آهي پر ڊائريڪٽر لاءِ به ڪوبه فريم سيٽ ڪرڻ وقت لائٽنگ سمجهڻ لازمي امر آهي ۽

24. ڊائريڪٽر کي فريم سيٽ ڪرڻ وقت پنهنج سبجيڪٽ، آبجيڪٽ ۽ انوائرنمينٽ جي لائٽنگ سين جي ضرورت تحت پاڻ ڪرائڻ گهرجي. ڊائريڪٽر لاءِ اهو به لازمي آهي ته هو ڪئمرا آپريٽ ڪرڻ ڄاڻي جيڪو سون تي سُهاڳ جو ڪم ڪندو ۽اڪثر اُهي ڪئمرامين جيڪي )ٽيم لاءِ گهڻا ف وڊ ڊپينڊنٽ هوندا آهن معمولي ڳالهه تي جلد ناراض ٿيندا آهن اهڙي صورت م ڊائريڪٽر۽ ڪئمرامين ۾ گهڻا اختلاف پئجي ويندا آهن. اڪثر ڪئمرامين جيسين نارمل ٿين ،پوءِ پنهنجي اسسٽنٽ کان رڪارڊ ڪرائينداآهن جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي آڊيو، فوڪسنگ ۽ لائٽنگ جا مسئلا پيش ايندا آهن

25. ٽيم ورڪ :
. ڊائريڪشن هڪ ٽيم ورڪر هيڊ آهي ڊائريڪٽر کي پنهنجو ورڪ لوڊپنهنجي اسسٽنٽ,اسپاٽ بُواء, ايسوسيئيٽ يا ڪو ڊائريڪٽر سان شيئر ڪرڻ گهرجي.

26. - گربنگ ۽ ايڊٽنگ
ڊرامان,سولوپلي, رڪارڊنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ گريپنگ ۽ ايڊٽنگ جو خاص مرحلوهيءَ ڳالهه مُشاهدي ۾ آهي ته اڪثر ڊائريڪٽر پنهنجا ڊرامان وڊيو ايڊيٽر تي ڇڏي ڏيندا آهن ۽ گريبنگ يا ايڊٽنگ دوران وڊيو ايڊيٽر سان ويهن ئي ڪونه ان جو نقصان اهو ٿيندو آهي ته نان اسڪرپٽ سيڪُئنس سان وڊيو ايڊيٽر به پوءِ اهي ڊرامان پنهنجي اسسٽنٽ يا سيکڙاٽن کان ايڊٽنگ ڪرائيندو آهي. اهي مسئلا خاص طور اهڙي ايڊٽنگ ۾ پيش ٿيندا آهن جن کي رات جي شفٽ ۾ ايڊٽ ڪرايو ويندو آهي جنهنجي ڪري گهڻان ايڊٽنگ مسئلا پئدا ٿيندا آهن. جهڙوڪ )اوڪي ٿيل سين( ڇڏي )ري ٽيڪ سينُ ن کي( فائنل ڪيو ويندو آهي ۽ ڪئمرامين جون ڪيل آڊيو، ڊي فوڪسنگ ۽ لائٽنگ مسئلا ، جيڪي سافٽ ويئرس جي مدد سان صحيح ڪري سگهجن ٿا۽ آپشن موجود هوندو آهي اڪثرپلي پراپر)رينڊرنگ(ڪري مونو ڪلرنگ ڪئي ويندي آهي.

27. ٽائٽل يا گرافڪس ڊزائنگ ۽ پرومو ٺاهڻ
ڪنهن به ڊرامي جي پروموشن لاءِ ان ڊرامي جو ٽائٽل ۽ پرومو ٺهرائڻ لازمي آهي. ٽائٽل ۽ اينڊ اسڪرول۾ سينيارٽي ليول کي مد نظر رکي پوري ڊرامان ٽيم کي مُشتهر ڪبو آهي چئنل يا پرائيويٽ ايڊٽنگ شاپس تي وڃي اُن جي گرافڪس سيڪشن ۾ڊرامي جي ٿيم تحت آئڊيا ڏئي ٺهرائبو آهي اهو ڪم يا ڊائريڪٽر پاڻ ڪندو آهي يا پنهنجي ايسوسيئيٽ يا ساٿي ڊائريڪٽرف,ڪو ڊائريڪٽر,جي مدد سان ڪندو آهي.

هڪدم فليش ڪرڻ لاءِ ڪَمِنگ سُون جي نالي سان هڪ منٽ جو ٽيزر يا هفتن تائين ٽن منٽن جو پرومو پبلسٽي ڪنهن به ڊرامي جي اهڙن بهترين ۽ گرينجر، سسپينس يا سينُن جي ڪن حصن تي مشتمل شاٽس سان ٺاهبو آهي جيڪوڪمرشيل دواران آن ايئر ڪبو آهي.اهي سڀ فنڪشن ايڊٽنگ دوران ئي ڪبا آهن.

ايڊٽنگ وقت ڊائريڪٽرس يا ڪوڊائريڪٽرس جو )ايڊٽنگ سوئٽ ۾ هُئڻ لازمي ڇو بهترين ايڊٽنگ ڪرڻ ته وڊيو ايڊيٽر جي مُڪمل جوابداري آهي۔

ڊائريڪٽرس ۽ ڪو ڊائريڪٽرس جي موجود هُئڻ جا به گهڻائي اهم سبب آهن. جهڙوڪ: ڏسڻ ته سڀني موڪليل ڪيسٽس مان پراپر گريبنگ ٿي آهي يا نه، اوڪي ڪيل سين سليڪشن ٿين پيا، پراپر پيچنگ جوڙ ورڪ لاءِ جيڪي پاسنگ سين ورتا ويا لڳايا پيا وڃن، اسڪرپٽ تحت سينس کي سيڪُ ئنسز ۾رکيو ڃي پيو، ڪٿي ۽ ڪهڙو انسرٽ هنجي، بيڪ گرائونڊ گهربل ميوزڪ لڳائڻ لاءِ زور، ٽاٽل سانگ ٺهرائڻ جي ضرورت هُجي ته ايڪٽر جي ڪمزور پرفارمنس کي ميوزڪ افيڪٽس ۽ لائٽنگ افيڪٽس هڻي گرينجر بڻائڻ جي صلاح سان بهترين بڻائڻ، ڪمزور يا رڪارڊنگ تي ڊزالو هڻڻ ۽ گهربل وقت ۾ ايڊٽنگ جو مُڪمل هُئڻ، )پري ويو ايڊيٽر( جي طرفان خراب يا نشاندهي ڪندڙ سينُن يا آڊيو کي ٻيهر ڪرڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ. ياد رهي ته ڪمپيوٽر دئور ۾ خراب ڊرامي کي به افيڪٽس سان بهتر۽ مثالي ڪري سگهجي ٿو.

28. آخري تياري، سينسر شپ ۽ آن ايئر ڪرڻ جي اپروُوَل
مُڪمل ايڊيٽنگ ٿيڻ کان پوءِ انتظاميان طرفان مُقرر ڪيل ۽ پروگرام آن ايئر جي اجازت,اپروُووَل. ڏيڻ لاءِ اهم ڪم ۽ ليگل جوابداري هوندي آهي چئنل جي پِري وِيُو ايڊيٽر يا پِرِي وِيُو انجنيئر جي، جيڪو پروگرام جا ڀنڊ ٽيڪنيڪل خاميون ڏسڻ کان علاوهه حڪومتي ۽ چينل پاليسيءَ تحت پوري ڊرامي کي ڏسي سينسر ڪندو آهي ته جيئن ڪي اهڙا سين، جُملا ,گُفتا, مئسيج، اعتراض جوڳيون ڊريسز آن ايئر نه ٿي سگهن جيڪي سوسائٽي،مذهبي ۽ سماجي دل آزاريءَ جو سبب نه بڻجن ۽ چئنل يا ڪو ڪنهن عام شهري يا سول سوسائٽيءَ جي اٿاريل عدالتي چڪر ۾ نه اچي وڃي.

29. مارڪيٽنگ ڊپارٽمينٽ طرفان ڪمرشيل حاصل ڪرڻ، ٽرانسميشن سيڪشن
پاس ٿيل ڊرامن تي پوءِ مارڪيٽنگ سيڪشن ڪمرشيل ايڊورٽائيزمينٽس حاصل ڪندو آهي ۽ اُهوآخر ۾ ٽرانسميشن سيڪشن ڏي موڪليو ويندو آهي جيڪوپنهنجي ترتيب ڏنل شيڊول تحت عام پبلڪ لاءِ ڊرامون آن ايئر ڪندو آهي. عام
طور اهو چيو ويندو آهي ته جنهن به ڊرامي کي گهڻا ڪمرشيل ملن ٿا اهو ئي پلي بهترين پروڊڪشن سڏبو آهي ۽ اهائي ڪاوش چئنلن پروگرامن جي ريٽنگ ٺاهيندي آهي .

30. ڊائريڪٽرس ۽ فنڪارن کي اُجوري جي ادائگي
ڊرامون آن ايئر ٿيڻ کان پوءِ مهني اندر چئنل جو اڪائونٽ ڊپارٽمينٽ اپرُووڊ بجٽ تحت 22 سيڪڙو جي.ايس. ٽي ڪٽي ڊائريڪٽر کي چيڪ جي وسيلي ادائگي ڪندو آهي يا ڪي چئنل پاڻ مُرادو ڊائريڪٽر جي بجاءِ خود فنڪارن کي سيڪڙو جي.ايس.ٽي ڪاٽ سان چيڪ وسيلي ادائگي ڪندا آهن. ان لاءِ لازمي آهي

31. ته هر فنڪار جو بئنڪ اڪائونٽ هُجي. ياد رهي ته هر چينل تي)اُجوري لاءِ( فنڪارن جي ڪيٽاگري ٺهيل هوندي آهي ۽ ماسواءِ ايڪسٽرا، ادائگي به ان حيثيت سان ٿئي ٿي
_____
 
آخري ترميم:
توهان جي لکيل گائيڊ لائينس تمام جامع ۽ معلوماتي آهن، جيڪي ڪنهن به نئين يا تجربيڪار ڊائريڪٽر لاءِ فائديمند ثابت ٿينديون. سنڌي ميڊيا تي اسڪرين پلي آڻڻ جي هن تفصيلي رهنمائي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڊراما ٺاهڻ صرف تخليقي عمل ناهي، پر ان ۾ انتظامي، مالي، ۽ ٽيڪنيڪل پاسن جو به وڏو دخل آهي.

جيڪڏهن ڪو نئون فرد يا ٽيم ٽيليويزن تي ڊرامو آڻڻ چاهي ٿي ته انهن گائيڊ لائينس تي عمل ڪندي ڪامياب ٿي سگهي ٿو. اسڪرپٽ لکڻ کان وٺي، ڪاسٽنگ، شوٽنگ، ايڊيٽنگ ۽ آخر ۾ آن ايئر ڪرڻ تائين هر مرحلي تي خاص توجه ڏيڻ ضروري آهي.

اوهان جي هن قاعدن موجب تيار ڪيل معلومات نون تخليقڪارن لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندي، جيئن اهي بهترين ڊراما پيش ڪري سگهن.
 
Back
Top