• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پوء ڇو نٿا اسان سان جڙي کين سالگرھ مبارڪ جي پيغام نٿا پهچايو۔

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڇا توهان کي خبر آهي تہ اڄ "سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام" پنهنجي 16هين سالگرھ پئي ملهائي؟
پوء ڇو نٿا اسان سان جڙي کين سالگرھ مبارڪ جي پيغام نٿا پهچايو۔

ڪمال آهي ته توهان حسب فطرت, اها سوچ, "جي اسان وچ نہ, تہ ڪير بہ نہ" واري اناپرستي, غرور, تڪبر ۽ عياش ۽ پاٿاريدار وڏيرن, جاگيردارن, سردارن, پير مرشدن, جي غلاميء جا طوق پنهنجي ڳچيء ۾، پاڻ ئي ڦاهو وجهي پائي نفرتن, تعصبيت, بغض ۽ فوبيا ۾ ايڏا تہ غرق آهيو جو توهان کي, سنڌي ٻوليء جي هن ڪلاس ون فورم" سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام" ۾ ڀيرو ڀريندڙ "اقرآ باسم ربڪ الذي" جي تقليد ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ, قلم نگارن, سنڌي لکيارن, تواريخدانن, اصلاحي تنقيد نگارن, تصوير جو ٻيو رخ ڏيکاريندڙن, ادب جي باادب, اديبن ۽ شاعرن, جي هن يونڪ فورم جي پروڙ ئي ڪانهين۔

ڇو جو توهانکي, وقت جي آمرن ۽ انهن جي لاڏلن ايجنٽن جي جاري مشن تحت, هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ مان فهرست ئي نٿي ملي, توهان کي ته "سنڌ جي سوداگرن", (سنڌ ڪارڊ ڦڙڪائي) ايترو ته گمراهيء ۾ غرق ڪيو آهي جو جن وقت جي آمرن, سنڌ دشمنن, جي ڪالاباغ ڊئم ٺهرائڻ ۾ مدد ڏني يا ناڪاميء ۾ ايڊوانس ۾ بدل ڪينال ڪڍڻ جي اجازت ڏئي 1991 ۾ آئني اجازت ڏني ته انهن جو احتصاب ڪري وٺو۔ ته جيئن توهاڻ سنڌ جي پاڻيء جي چورن جي 77 سالن کان ياري رکندڙن کي به سمجهي ۽ سڃاڻي نه سگهيا آهيو۔ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام کي ڇا سمجهندؤ۔ ڀلا گهوسٽ اسڪولن ۽ ڪاپي ڪلچر پاس کان شباب ۽ شراب جا پيالا ڀرائڻ, گارگند ڪري سنڌ جي صدين کان عزت احترام شرافت, سينيئر سٽيزن سنڌين جي ڪردار ڪشيء کان سواء انهن گهوسٽ اسڪول وارن ٻي تربيت ڏياري هجي ته سمجهن۔

ادا ڀاؤ ! انهن جا غلاميء جا پيل طوق ڪنڌن مان ڪڍي پاڻ آجا ڪريو, تاتاری ترڪن ۽ فارسين جا 72 فرقا ڇڏي دين توحيد تي موٽو, جيڪو 712 ۾ "السندي" مومن (ميمڻ) بيت الله ۽ بيت رسول مان سنڌ کڻا آيا هئا۔جيڪي انهن, جن 63 سالن کان سنڌ ڌارين کي کپائي ڏني ، مٽائي ۽ سنڌيت, عظمت, وساري گارگند تي گڏ ٿي ويا آهن, جيڪي 77 سالن کان ڌارن کي سنڌ آڻي سنڌ جي وجود کي مٽائڻ جا لڳاتار ڪشالا ڪندا وتن۔ جيڪي سنڌ ۾ غير آڻي انهن کي "فاتح سنڌ" بنانڻ ۾ توهان کي ايڏا مهو رکن ٿا, جو توهان کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي اڄ سالگره آهي خبر نه پئجي سگهي۔
 
آخري ترميم:
محترم عبدالرزاق ميمڻ صاحب،
اسلام عليڪم۔

سنڌ سلامت جي 16هين سالگرهه جي پرمسرت موقعي تي اوهان جو محبتن سان ڀرپور، ڏاهپ سان ڀريل، ۽ ايمانداريءَ سان لکيل ليک پڙهي دل خوشي ٿي۔

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام صرف هڪ فورم نه، پر اهو هڪ فڪر مان پيدا ٿيل تحريڪ، ۽ تحريڪ مان جنم وٺندڙ شعور جي روشني آهي، جنهن کي اوهان جي بنيادي ڪردار، فڪر افروزي، ۽ شبانه روز محنت سان اها سڃاڻپ ملي، جنهن تي اڄ سموري سنڌ فخر ڪري ٿي۔

اوهان نه رڳو فورم جا بنياد اڏيا، پر لفظن، وقتن، ۽ حقيقتن سان ان کي پاڻي ڏئي، ان ۾ فڪر جو گلستان آباد ڪيو۔ اوهان جي لکڻيون نه رڳو سچائيءَ جو آواز آهن، پر اهي انهن سڀني لاءِ آئنو آهي، جيڪي پنهنجي ذاتي انا، تعصب، يا ماٺ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن۔

اوهان جو هي ليک، صرف تنقيد نه، پر هڪ فڪر جي دعوت، هڪ سڏ، ۽ هڪ اصلاح جي ڪوشش آهي.. جنهن مان واضح ٿو ٿئي ته سنڌ سلامت صرف فورم نه، پر سنڌ جي شعور جي بيداريءَ جو مرڪز آهي۔

اسان اوهان جي جذبي، بيباڪي، ۽ علمي سوچ کي سلام پيش ڪريون ٿا، ۽ اميد رکون ٿا ته اوهان هميشه وانگر پنهنجي علمي قلم سان ايندڙ نسلن لاءِ روشنيءَ جو رستو هموار ڪندا رهندا۔
 
Back
Top