Sindhi Media
سينيئر رڪن
*پارٽ ٽيون*
اسان "سوليووڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر" جي آنلائين ورچوئل اڪيڊميء جو اهو جذبو ڪو نئون ناهي، بلڪه فنڪارن جي مڙني جڙيل تنظيمن کان تمام پراڻون آهي ۽ تڏنهن کان، جڏنهن کان سنڌ جي پهرئين سيٽلائيٽ انٽرٽينمينٽ چينل تي اسان به دانش نواز بلوچ جي سٽڪام سيريل "لش" کان ٽي وي چينلن تي آغاز ڪيو۔
ان کان اسڪول جي زماني (1967) کان پهرين منهنجو تجربو بطور اسٽيج اداڪار، رائيٽر ۽ ڊائريڪٽر ٿيو، ۽ پوء ريڊيو حيدرآباد، ڪراچي ۾ (1971) کان صداڪاري اڙدو ۽ سنڌي پروگرامن جي ڪندي ۽ تنهن وقت جي سينيئر فنڪارن سان۔ تڏنهن جڏهن اسان وقت جا سڀئي "اسٽيج، ريڊيو" فنڪار ڪراچيء ۾ نرسري روڊ (شاھ راھ فيصل) تي هڪ بنگلي ۾ سڀ کان پهرين، اڙدو آرٽ ميڊيا اڪيڊمي بنام "ناٽڪ ٿيٽر آرٽ سرڪل" ۾ اسٽيج اداڪاري ۽ ريڊيو صداڪاريء جا وڌيڪ گر سکڻ ويندا هئاسون۔ منهنجو ٻالڪ پن هو، اڃان مڇن جي سنواڻ به ڪانه آئي هئي، گنڌارا (نيشنل موٽرس) ۾ ٽن سالن جو "اپرينٽس شپ ٽريننگ ڪورس" (1972_1974) جنهنجا ڇنڇر تي ٿيورٽيڪل ڪلاسز سائيٽ پوليٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ٿيندا هئا۔
ريڊيو پاڪستان ڪراچيء سان اڙدو پروگرامن سان جڙيل سبحاني بايونس جيڪو نيشنل موٽرس ۾ منهنجو سروس مينيجر هو ۽ ايڊمن مان ماجد خان، اسان ٽئي "ناٽڪ ٿيٽر آرٽ سرڪل نرسري" جتي شام کان ليٽ نائٽ ڪلاسز ٿيندا هئا سکيا وٺندا هئاسون، ريڊيو ڪراچي تي اڙدو سنڌي نئين ثهي پروگرامن کان پوء فائنلي"ٽيپو سلطان ڊرامي" ۾ ٽيپوء جا ڊائلاگ چئي منهنجي ڊرامي جي صداڪاريء لاء آڊيشن ٿي هئي جنهن ۾ مونکي "گلدستو" سنڌي مزاحيه ڊرامان سيريل لاء چونڊيو ويو هو جنهن ۾ قربان جيلاني، غزالا رفيق ۽ اي آر بلوچ صداڪار پلڻ هئا۔ هر قسط جو چيڪ ڏهن رپيئن جو ملندو هو۔
انهن ٽريننگس کان پوء جڏنهن جي ٽي اين آئي، مون لش سان ڪم ڪرڻ سان گڏ ويب سائيٽ ٺاهيندو "سوليووڊ پروڊڪشن پبليڪشن ريسرچ سينٽر" جي هڪ هن ملٽي ميڊيا ميڊيم تي "آنلائين ورچوئل اڪيڊمي" پڻ کولي جيڪا ھيل تائين ايڪٽو آهي، ان ڪري جو ان جو منتظم ۽ اورگنائيزر مان اڪيلو آهيان۔
البته امداد شاھ راشديء جي وفات کان پوء ۽ ڪي ڪي سان جڙندي جنهن سان مونکي اڌورا ارمان جي ايڊيٽنگ ڪرائيندي عامر شاھ متعارف ڪرايو جنهن کي لش ۾ منهنجو "مامون بيسرو ڳائڻو باجي وارو" جو ڪردار وڻيو هو سبب بڻيو۔
دوستي ان ڪري پختي ٿي جو جنهن ڪريسينٽ ويو اپارٽمينٽ ۾ آؤن رهندو هوس ان جي مين گيٽ وٽ هڪ ڪريانا جو دڪان هو جيڪو ڪي ڪي جو هو ۽ هلائندڙ ڀاء ۽ ڀاٽيو هو ايندي ويندي ڪي ڪي سان ٿيل عليڪ سليڪ دوستي ۽ ڀائپي ۾ بدلجي وئي۔
امداد شاھ جي وفات کان پوء مان تقريبن ڊرامان فيلڊ ڇڏي چڪو هوس پر ڪي ڪي سان دوستي ٿيندي واپس سندس حياتيء تائين جڙي ويس ۽ وري سندس وفات کان پوء عملي ڇڏي ڏني اٿم پر پنهنجي ميڊيا فيلڊ جي تجربن ڪري، ڇو ته سنڌين لاء اڃان ڪنهن "ناٽڪ ٿيٽر آرٽ سرڪل" جهڙي انسٽيٽوٽ لاء ڪم ۾ هٿ ناهي وڌو آئون ان کي بطور "آنلائين ورچوئل اڪيڊمي" بنام "سوليووڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر (سولو فلائيٽ) ڪري کڻي پيو هلان۔
سنڌي آرٽسٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) تنظيم به منهنجو ئي پروجيڪٽ هو، جيڪو ڪي ڪي جي سرپرستيء ۽ اسلم چانڊيو جي صدارت ۾ بطور جنرل سيڪريٽري ۽ روزانون رات جو "سخت لوڊشيڊنگ" دوران، رابعا سٽيء جي آخري گيٽ (لاکاني جي سامهون) امريڪن سسٽم تحت "چانھ جي هڪ ڪپ تي" گڏجاڻي ڪري، روزانان رات ساڍي اٺين بجي کان رات هڪ بجي تائين (جيسين بجلي اچي) گلستان جوهر ۽ پسگردائيء ۾ رهائش پذير مڙني فنڪارن سان جڙي، مينيج ڪندا هواسون، ايستائين جيستائين حميد ڀٽو هڪ ميٽنگ ۾ اچي "سنڌي آرٽسٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) ،سان جڙيل سڀني فنڪارن کي "عيدملن پارٽيء سان" جوڙي، "سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ" جو ميمبر بڻائي هاء جيڪ ڪري نه ويو۔
(جاري آهي)