خضدار تاريخ جي آئيني ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ abdullah طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2010۔

  1. abdullah

    abdullah
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    (خضدار تاريخ جي آئيني۾)
    رپورٽ .عبدالله خدراني ........
    هر شهر جي پهنجي پهنجي تاريخ ۽جاگرافيائي اهميت آهي پر خضدارجي تاريخي۽ جاگرافيائي حوالي سان وڏي اهميت آهي خضداربلوچستان صوبي جو ٻيو نمبر وڏوضلعو۽شهر آهي۽ قلات ڊويٿرن جي هيڊڪواٽر آهي. .
    خضدار ملڪ جي آر.سي.ڊي قومي شاهراه تي ڪراچي ۽ڪوٽيئا جي وچ تي آباد آهي خضدار چار سوسال قبل از مسيح آباد ٿيو آهي .اصل نالو توران آهي جنهن جو معني ڪپاس پيدا ڪرڻ وارو شهرخضدار ڪپاس پيدا ڪرڻ ۾مشهور آهي.خضدار ۾ ٻن اصحابه ڪرام جي مزرات آهن.خضدار جهالاوان جي نالي سان مشهور آهي.جنهن جي معني مهمان نوازي آهي. خضدار جي آبادي نو لڪ جي لڳ بڳ آهي ۽پنج تعلقن خضدار.وڊ.نال.زهري.ڪرخ تي مشتمل آهي خضدار سردين ۾سرد ۽گرمين ۾گرم آهي.خضدار ۾اڪثريت بروهي زبان گالهين ٿا .۽ سنڌ نزديڪ هجڻ سبب هتئا جا اڪثريت عوام جي سنڌ سان اچڻ وڃڻ آهي.خضدار ۽ دادو سنڌ جي باڊر گڊيل آهن. رقبي جي لحاظ ڪان خضدار ملڪ جي سب ڪان وڏو ضلعو آهي. قومپرستي جي لحاظ ڪان خضدار ڪافي مشهور آهي.اڪثريت بلوچ سردار خضدار ۾ آباد آهن.جنهن ۾سردار عطاءالله مينگل.سردارثناءالله زهري.سردارازختر جان منيگل.سردارنصرالله ساسولي.سردار اسلم بزنجو.۽ٻين شامل آهن . ۽ سياسي حوالي ڪان پونم جي اگوڻو سربراه سردار عطاءالله منيگل.مير غوث بخش بزنجو.سردار ثناءالله زهري.مير حاصل بزنجو.مير اسرارزهري.سرداراختر جان منيگل جي تعلق خضدار سان آهي.بد قسمتي سان خضدار ڪي هر دور ۾ نظرانداز ڪو ويو آهي. الله پاڪ هن حيسن و جميل شهرڪي بي شمار نعمتن ڪان نوازوويو آهي.قدرتي گيس.ماربل.تانبا.ڪرومائيٽ.تيل.سنگ مرمرجا زخيره موجود آهن.بلوچستان جي ٻيو نمبروڏو شهر خضدار هن جديد دور ۾ تمام تر بنيادي سهولتن ڪان محروم آهي.صحت.تعليم.بجلي.گيس.۽پيڻ جي صاف پاڻي نه هجڻ جي برابر آهي .هن وقت هي شهر معاشي لحاظ کان تمام پوئتي پيل آهي .شهرن جي ترقيءَ جو گهڻو دراومدار زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل فيڪٽرين سان آهي. بدقسمتيءَ سان اسان جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي ، پاڻي جي کوٽ ،زرعي جنسن جا پورا اگهه نه ملڻ ،ٻج جاخرچ سموري زراعت کي تباه ڪرڻ جا ڪارڻ آهن ،ٻهراڙين کي شهر سان ڳنڍڻ لاءِ رستن جو هجڻ لازمي آهي. رستا جيڪي معاشي سرگرميءَ جو وڏو سبب بڻجندا آهن انهن جي اڻ هوند به هن علائقي کي معاشي بدحالي ۾ ڌڪڻ جو سبب بڻيا آهن . هن شهر جون ٻهراڙيون تمام وڏي پيماني تي مواصلات جي کوٽ سبب کائنس ڪٽيل آهن . اهڙي صورتحال شهر جي ڪاروبار لاءِ حاڃيڪار ثابت ٿي آهي . خاص ترقياتي ڪمن جي نه هجڻ سبب مزدور طبقو پڻ معاشي بدحاليءَ جو شڪار آهن .ننڍي پيماني تي نوڪري پيشه طبقو آهي ، جنهن جي ڪري ٿورو گهڻو ڪاروبار هلي ٿو ، مٿين سببن کان علاوه سياسي ،سماجي ۽ معاشي عدم تحفظ جي خوف سبب پڻ هن شهرخضدار ۾ ڪا خاص سيڙپ ڪاري ڪرڻ لاءِ ڪير تيار نه آهي .خضدار جي ماضيءَ کي تاريخ جي جديد ورقن ۾ ڳوليندي هن شهر جي ترقيءَ جي جيڪا جهلڪ مونکي ڏسڻ ۾ آئي اها ترقي بدقسمتيءَ سان حال ۾ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي ، هي شهر مونکي پنهنجي طرفان وساريل ۽ مظلوم شهر لڳندو آهي ،شل سنمٿي ذڪر ڪيل تاريخي حقيقتن کي سامهون رکي چئي سگهجي ٿو ته خضدار جو موجوده شهر تاريخ جي ان دور ۾ هڪ اهم حيثيت وارو ۽ وڏو شهر هو .اتي هاڻي مختلف ماڻهن جا قبضا آهن جتي پوک ڪئي وڃي ٿي.ڌ جا ماڳ وسن ۽ شهر ترقي ڪن ، .هي به هن شهر خضدار شهرجو وڏو الميو آهي ته هتي ڪي به علمي ،ادبي ۽ سماجي تنظيمون پنهجو سرگرميءَ وارو پارٽ ادا نه ڪري سگهيون آهن جنهن ڪري هن شهر ۾ اهڙين سرگرمين جي اڻاٺ ڏسڻ ۾ ايندي . البته ويجهڙ ماضي ۾ ڪجهه سماجي تنظيمون وجود ۾ آيون جن ٿورو گهڻو انهيءَ کوٽ کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر پوءِ به اهي مکيه ڌارا ۾ پاڻ کي شامل نه ڪري سگهيون .ضرورت هن گالهه جي آهي ته عوامي نمائيدگي جي دعودارخضدار تي رحم ڪري۽شهر جي ترقي لاء پهنجو ڪردار دا ڪن.............................................................................................

    خ
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: خضدار تاريخ جي آئيني ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔

    سائين سافٽوير جي لنڪ ئي ڪان ٿي ملي اصلي ڏاڍي ڳولهي آهي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خضدار تاريخ جي آئيني ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔

    ادا عبد الله ڀلي آيا، جي آيا ۔۔۔ ڪيترن ڏينهن کان اوهان سان ذاتي پيغامن ذريعي رابطو ته هيو پر اڄ اوهانجو خضدار تي لکيل مضمون پڙهي خوشي ان ڳالهه جي ٿي ته عبد الله بلوچ سنڌي لکي سگهي ٿو ۽ سٺي لکي سگهي ٿو ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته اوهان جهڙي نموني پنهنجي شهر جي عڪاسي ڪئي آهي سا به سٺي نموني ۽ هڪ فني ڪاريگر جيئان ڪئي آهي ۔۔۔

    پر افسوس جو بلوچستان جي ان اهم شهر خضدار جي حالت اڄ به ان وقت جي موئن جي دڙي ۾ موجود سهولتن کان به گهڻو گهٽ آهي ۔۔۔

    اسين سمجهي سگهونٿا ته خضدار شهر يا بلوچستان جي ٻين شهرن جو ڪهڙو حال هوندو، انڪري جو پياري پاڪستان ۾ ننڍي قومن سان جيڪا ٻيائي ٿي پئي ان مطابق سنڌ وطن پڻ ان آزار مان گذري رهيو آهي، سنڌ جا واهڻ ۽ آباديون اڄ به 5 صديون اڳ جو ڏيک ڏين ٿيون ۔۔۔ اڄ به سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي افق تي پاڪستان جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن انڪري اسان جڏهن سنڌ جو حال ڏسون ٿا ته بلوچستان جي تصوير پڻ اسانجي سامهون اچي وڃي ٿي ۔۔۔

    ڀائڙا عبدالله اميد ته اوهان بلوچستان جي حالتن کي پنهنجي تنقيدي اک سان ڏسي اسانکي به ان جي حالتن کان آگاهه ڪندا رهندا ۔۔۔

    لک ٿورا قيمتي ليک موڪلڻ جا ۔۔۔۔@};-

    دعائن ۾ گڏ
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,652
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: خضدار تاريخ جي آئيني ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔

    گذريل ڪجهه ڏينهن کان ادا عبدالله مون کي کليل پيغامن ۾ درخواست ڪندو رهيو آهي ته کين موضوع موڪلڻ بابت سمجهائجي ۔۔۔ گڏ ادا درخواست ڪئي ته ادا عاشق سولنگي وانگر هو به پنهنجي تصوير پنهنجي هر تحرير سان دوستن کي ڏيکارڻ چاهين ٿا۔۔۔ پر کين اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ آسان نه ٿو لڳي۔۔۔
    مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ادا ڦلپوٽو فقير جا ونڊ ڪيل سنڌ سلامت سکيا وارا موضوع لنڪ جي صورت ۾ موڪليا۔۔۔
    اڄ ادا عبدالله جو سافٽويئر سيڪشن ۾ شيئر ڪيل موضوع سندس جي ئي تصوير لڳل ڏسي ۔۔۔۔ خوشي ٿي ته منهنجي سمجهايل سندس لاءِ ڏکي ڳالهه کين سمجهه ۾ اچي وئي۔۔۔
    ادا عبدالله توهان جو موضوع تاريخي ليک تي مشتمل آهي۔۔۔ اميد ته ڪجهه پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندا ۽ اهو به لکندا ته سنڌ سلامت فورم توهان کي ڪيئن لڳو۔۔۔ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه جي ڪمي هجي ته به آگاهي ڏيندا ۔۔۔
    توهان جي موضوع کي منتقل ڪيو پيو وڃي۔۔۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: خضدار تاريخ جي آئيني ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    بهترين معلوماتي ليک خضدار بابت
     
  6. abdullah

    abdullah
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    خضدار(رپورٽ عبدالله خدراني)

    پير گل محمد جان نقشبندي جي سالانه عرس مبارڪ

    صوفين، برزرگن ۽ اوليائن جي ديس بلوچستان جي ڌرتيءَ تي هونئن ته کوڙ ساريون شخصيتون جنم وٺي چڪيون آهن جن جي قول، فعل ۽ ڪردارتوڙي عظمت، انهن شخصيتن جي جڳ مشهور شهرت ئي آهي پر انهن جي اعلى ڪردارن سبب خود بلوچستان ڌرتيءَ کي به انهن تي فخر رهيو آهي، اهڙن عظيم ۽ اعلى مرتبي وارن انسانن ۾”حضرت پير گل محمد جان نقشبندي“جو شمار به ٿئي ٿو، پير گل محمد جان نقشبندي پنهنجي دؤر جو عظيم ۽ صابرين درويش بزرگ توڙي بلوچستان جي وڏي اوليا الله طور پڻ سُڃاتو وڃي ٿو. جهن ٻين بزرگن ۽ درويشن جي پيروي ڪندي پهنجي ڄمار مالڪ حقيقي ۽ هن جي پيغام ڪئي عام ڪرڻ ۾ گزايو آهي. ”حضرت پير گل محمد جان نقشبندي“ سموري حياتي فقر ۽ فاقي ۾ گُذاري، سندس گُذران پوکي ۽ آبادگاريءَ تي هو، آمدني قليل هوندي به سوالين جي حاجت مندي ضرور پوري ڪندا هئا، مرقع اخلاق، مجسمه علم ۽ حلم هئا، ڪنهن به روايتي مدرسي يا مڪتب کان علم حاصل ڪونه ڪيائون پر علم سان مالا مال، سندس صبر، استقامت ۽ حلم اڄ به سڄي بلوچستان ۾ ضرب المثل آهي.

    پهاڙن جي ديس بلوچستان جي تاريخي شهر خضدار جي تعلقي وڊ جي علائقي ڪاڪا هير ۾ پير خواجه گل محمد جان نقشبندي جي سالانه مبارڪ جي روحاني و وجداني تقريب ٿي گذري.جنهن ۾ پوري پاڪستان کان مشهور و معروف مشائخ عظام ۽ علماءِ ڪرام تشريف فرما ٿيا۽ هزارن جي تعداد ۾ عقيدت مندن شرڪت ڪئي.عرس مبارڪ جي روحاني و وجداني تقريب جي افتتاح درگاه جي گادي نشين پير الحاج غلام قادر جان نقشبندي مزار تي چادر چاڙهي ڪئي. شريڪ مشائخ عظام ۽ علماء ڪرام جن ۾ صاحبزاده پير سيد شجاع الحق شاه نوراني، استاد العلماء مفتي حبيب احمد نقشبندي، صاحبزاده عقيل جان نقشبندي،مولانا محمد اقبال نقشبندي ،خليفه علي محمد جمالي ،مفتي محمد وارث قلندراني کان علاوه گهڻي تعداد ۾ پيران ڪبار ۽ علماء ڪرام تشريف فرما ٿيا. جن مان اڪثر علماء و مشائخ بيان به فرمايا. خصوصي خطاب مفسر قرآن حضرت علامه حبيب احمد نقشبندي فرمايو ۽ آخر ۾ حضرت پير الحاج غلام قادر جان نقشبندي پنهنجي روحاني وجداني و عرفاني بيان سان عوام جي سينن کي منور فرمايو ۽ دعا خير فرمائي. عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪندڙ عقيدت مندن لاءِ درگاه انتظاميه پاران في سبيل الله رهائش ۽ لنگر جو انتظام ڪيو ويو.

    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بلوچستان جي هن عظيم اولياءَ ۽ صابرين بزرگ جي درگاهه جي نئين سري کان تعمير ڪرائي زائرين کي سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهرباني سائين

    معلوماتي ليک، اوهان جي رپورٽ لکڻ جو انداز به وڻيو۔ جيڪڏهن مضمون سان گڏ ڪجهه تصويرون به شيئر ڪيو ها ته اڃان به خوبصورتي ۽ نکار پيدا ٿئي ها۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو