جواب: اچو ماني کائو۔ آهي ماني آهي يا چلو ۔۔۔ اهو به چانورن جي اٽي جو ۔۔۔ ان سان گڏ جي ديسي ڪڪڙ جو ٻوڙ هجي ته اصل مزو اچي وڃي ۔۔۔ ڀلا رُکي ماني کارائيندا ڇا ۔۔؟ سنڌ ۾ ايئن ته ناهي ٿيندو ۔۔۔!!!
جواب: اچو ماني کائو۔ اوطاق تي ادو اڪبر به ٻوڙ ٺاهرائي آيو اٿوَ۔۔۔ مان ته اُتان موڪلاڻي ڪري آيو آهيان۔ توهان ته ويلو ٽاري اچو سائين
جواب: اچو ماني کائو۔ عاشق سولنگي صاحب۔۔۔ يار وارو ڪر نڪ نه ڪٽراءِ۔۔ جلدي ۾ ٻوڙ ٺهرائي اچ، ماني کي تيستائين ڍڪي رکون ٿا۔۔۔ چانورن جي چلي واري ماني جو مزو ئي پنهنجو هوندو آهي۔۔۔
جواب: اچو ماني کائو۔ ادا اچي ويو ٻوڙ يار ناراض نه ٿيو ٻوڙ تيار پيو ٿئي اوهان کي ته خبر آهي ڳوٺ ۾ گئس آهي ئي ڪان مڙئي ادا ڪاٺين تي ڪم ٿا هلايون۔ Uploaded with ImageShack.us
جواب: اچو ماني کائو۔ يار ايئن ته نه ڪر صفا وات پاڻي پاڻي ڪري ڇڏيئي۔۔۔۔ جيڪڏهن مانيٽر ۾ ڪرنٽ نه هجي ها ته اتي ئي شروع ٿي وڃان ها۔۔ مهرباني۔۔
جواب: اچو ماني کائو۔ ادا ايڏي دير :!! ٻيو وري ڀاءُ عاشق! هن ٻوڙ جي شڪل عجيب پئي لڳي، الله خير ڪري ڪاٿي ڪاڪي ڪانڊيري جي واڙي مان سهو پڪڙي ان کي ته ذبح ڪونه ڪيو اٿئي۔۔۔
جواب: اچو ماني کائو۔ واه سائين واه مولائن جا مزا ٿي ويا، چڱو جو اهو رنجيتو مولائي فقير وڃي سمهيو نه ته سڀ کائي وڃي ها ۽ اوڳرائي به نه ڏي ها ۔۔۔ ٿوري دير ٿي پر ۔۔۔ دير آيد درست آيد ۔۔۔ “ بسم الله” ڪيو ۔۔۔
جواب: اچو ماني کائو۔ سائين بيهو بيهو۔۔۔ ايڏي تڪڙ چڱي نه آهي۔۔ ڀلا چانورن جي چلي سان گوشت جو ٻوڙ۔۔۔ اهو رواج وري ڪڏهن کان نڪتو آهي! ڪو ساڳ هجي، ڪو پالڪ سائي ڀاڄي، باقي گوشت لاءِ يا ته اڇا چانور هجن يا وري ڪڻڪ جي تازي ماني۔۔
جواب: اچو ماني کائو۔ يار مون کان ته کل بيهي ڪون ٿي توهانجي هي تحرير پڙهي......... هاڻ هنن دوستن کان گهر جي ماني به وڃائيندي ۽ اتي اوطاق تي به ڪجهه ڪون ڇڏي آيو آهين ............
جواب: اچو ماني کائو۔ ڪالهه دوستن سان واعدو ڪيو هو ته سڀاڻي ماني مونتي سو يارو رات سڄي پاڻ واري پوڙهي کي ايلاز ڪيا اٿم تڏهن وڃي هي ڪجهه کاڌا تيار ڪيا اٿس ۔۔۔ سو دوستو وارو ڪيو جو انکان پهريان ڪاڪو آچار ۽ سندس پپنو اچي پهچي ان کان اڳ ڀلا ٻه ٽي گرهه کائي پو ڪم ڪار سان ٿا لڳون ۔۔۔ بسم الله ڪنهن شئي جي ڪمي هجي ته رڙ ڪجو (آهستي) اندر مون واري پوڙهي تپي پئي آهي سو مڙئي اڇي ڏاڙهي جو خيال ڪجو ابا ۔۔۔ بسم الله چڱو دوستو! پيٽ ڀريو هجي ته الله واهي ۔۔۔ جو مونکي پوڙهي سان ٿانوَ ڌوئڻا آهن ۽ وري ڀوتارن جي بيگار به رهيل آهي تنهن سان به منهن ڏيڻو آهي ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ