جواب: اچو ماني کائو۔ سائين مهرباني۔ لک لائق اوطاق جو شان هوندو آهي ماني۔ رات مان سوچيو ته سائين جن شڪارپوري صلاح ٿا ڪيو پر اوهان ته واقعي ماني تيار ڪرائي آهي ماني به اهڙي جو ڏسي پيٽ ڀرجي ويو مهرباني سائين
جواب: اچو ماني کائو۔ يار عاشق پاڻ به سنڌي ماڻهون آهيون، کائڻ ۽ کارائڻ جا شوقين، اوطاقي مڙس، اوهان گهٻرايو نه ڪافي دوست آهن جي اڃان دعوتون ڪندا ۔۔۔ نه ته ملي جلي ادي نثار ناز جي پٽ جي شادي آهي ۔۔۔ هلي ويلو ٽاري اينداسون ۔۔۔ بس سنڌ سلامت جي اوطاق تي هجبو ۽ بک مربو ۔۔۔ اصل نه ۔۔۔
جواب: اچو ماني کائو۔ سنگت ماني کائي ڊئو ڪيو هجي ته ٺيڪ نه ته حڪم ڪيو اڃان ديڳڙن ۾ ڪجهه بچيو پيو آهي ۔۔۔ مون واري مولائڻ ايتري کاڌي پچائڻ کانپو تپجي پئي آهي سو نه پاڻ کاڌو اٿس نه مون ۔۔۔ خئير سنگت کي ماني ڪئين لڳي ۔۔۔؟:-"
جواب: اچو ماني کائو۔ سائين نثار ابڙا،سولنگي برادري ، مست ۽فقير برادري ڀلا اهو تو بڌايو، هي ناشتو آهي يا مانجهاندو،
جواب: اچو ماني کائو۔ نه ادا ادو عبد الوهاب چاهت لڪائڻ ويو هو تنهن ڪري ان کي نصيب نه ٿي وري ڪڏهن ٿو دعوت ڪرين
جواب: اچو ماني کائو۔ ادا وڏا اسان ته رڳو ٿانوَ ڏٺا ماني ته ٻيا کائي ويا۔۔۔۔۔۔ خيئر سان سائين۔۔۔ ڪم هلائي وينداسين۔ اڄ سائين صبح جو جيئن ئي اڏي تي پهتس ته وڃ ڀيسان وڏي رش لڳي پئي هئي ايئن پيو لڳو ته ڪنهن سرڪاري نوڪري لا ماڻهو ڪٺا ٿيا هجن۔ پر بعد ۾ خبر پئي ته سڀ مُنهنجو انتظار ڪري رهيا هئا۔۔۔۔ خبر اٿوَ ڇو۔۔۔۔۔۔؟ انهن سڀني کي سنڌ ۾ نوڪري پئي کپي۔ چون پيا ته سنڌ جلد ئي آزاد ٿيندي۔ ۽ اسان اتي هلي ڪمائينداسي۔۔۔ توهان ڇا ٿا چئو سڀاڻي سڀني کي فارم ڏيان يا۔۔۔۔۔؟
جواب: اچو ماني کائو۔ سائين مستن جي لاءِ ته ايڏي ساري هڪ پوري ڏينهن جي پيٽ گذر لاءِ ڪافي آهي، مطبل ته مان جو ته اصلي ڌوءِ ٿي ويو صرف ماني کي ڏسي۔۔ ها باقي توهان جي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هڪ ويلي کان به گهٽ آهي ها ها ها۔۔۔۔
جواب: اچو ماني کائو۔ سائين قبلا توهان فقير لا۽ اصل اهڙو ارينجمينٽ ڪيو آهي جو توهان کي جواب ڏيڻ جو ته سوال ئي پيدا ناهي هاڻي ڇڏيو انتظار کي اچو ته بسم الله ڪيونس ائين نه ٿئي جو رنجيت ۽ مست اچي پهچن اهڙي دعوت کارائڻ لا۽ مهرباني سدائين گڏ
جواب: اچو ماني کائو۔ سائين مون جا توهان لا۽ ته هي ناشتو آهي باقي مانجهاندي جو انتظام ٻيهر ڪبو ، اڙي چريا سائين آهي نه تون اصل پرواهه نه ڪر ، مانجهاندو به اهڙو ئي هوندو سدائين گڏ
جواب: اچو ماني کائو۔ فقير وڏا!۔۔۔۔ ڳالهه ته ٻڌ اهي ڳالهيون وري ڪڏهن کان سکيو آهين جو رک رکا واري ڳالهه لائي ڇڏي اٿئي۔ ابا اسان ته توکي تنهنجو حصو گهر ۾ ئي ڏئي وينداسين تون دل نه لا ابا۔۔۔۔۔۔ اها دعوت توکي مبارڪ هجئي اسان ته مست غريباڻو آنو ترائي ٿا کائون
جواب: اچو ماني کائو۔ ابا مست اهو ته سڀ ٺيڪ آهي پر اهو توکي هتي ڏيڻ جڳائي ڪونه پيو۔ ڏسين به ٿو مٿان فقير ويٺو آهي۔ هڙ ئي هلي ويندي۔۔۔۔ بيدو ته چٽ ڪندو اصلي ٿانوَ به کڻي ويندو۔ ٿوڙو رحم ڪر بابلا۔۔۔
جواب: اچو ماني کائو۔ سڄي سنگت کي حق موجود ۽ سلام قبول پون ۔۔۔ يارو بس اوهانکي دعوت کارائي گهر ويس، مولائڻ تپي پئي هئي سو وڃي سڀ ٿانوَ ڌوتا ۔۔۔ پر يار بس هاڻ اها ڇيڻن جي خاڪ ۽ مئي هڻي هڻي چيلهه ئي وٺجي وئي آهي ۔۔۔ هڪ پوڙها مڙس ٻيو وري دعوتون ۔۔۔ خئير هاڻ ڪجهه وڃي ملڻ جهڙا ٿياسون ته سوچيو اوطاق جو چڪر هڻجي ۔۔۔ اهو پاڻ وارو اسلام آبادي يار عبدالوهاب آيو هو ڇا ؟۔۔۔ بس يار پو ته سنگت کي کائڻ لئه مليو الائي نه، مون ته سنگت کي اڳ ئي ٻڌايو هو ته سنڌ سلامت جي ايڊيٽر حضرات پهتا ته بس هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ٿي ويندي ۽ کاڌو ايئن ختم ٿيندو ڄڻ فصل تي تڏين جو حملو ٿيو هجي ۔۔۔ يار اڃان ڪجهه لهڪاريل آهيان ۽ رات به چڙهي آئي آهي ۔۔۔ ٻيو وري جهڙالو آهي متان مينهن نه وسي انڪري يارو ياري ۔۔۔ سڀاڻي حالي احوالي ٿينداسون ۔۔۔ الله واهي ۔۔۔
جواب: اچو ماني کائو۔ بابلا سائين۔۔۔۔ ! لک ايڊيٽر هڪ پاسي۔۔ سُپر ايڊيٽر جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي، اصل کائڻ ۾ به سُپر۔۔۔ سائين دعوت ڪرڻ مهل ميزبان بيٺو هوندو آهي ته متان ڪا شئي کٽي ته مهمانن کي موجود ڪري ڏيان۔۔۔ پر اوهين ته بابلا۔۔
جواب: اچو ماني کائو۔ اڙي ادا وڏا۔ اهو موسمي ٻٽيڙي وارو حال احوال ڏئي ڪيڏانهن ٿو وڃين۔۔۔۔ اڙي مست جهلينس ته ادي کي۔۔۔۔ ها ادا هاڻي ڏي احوال، مطبل دعوت منهنجي پئي نه۔۔۔۔۔۔ خيئر هاڻي ڀاڄائي کي به توهان مڃائو ڪٿي ايئن نه ٿيوَ جو سنگت جي دعوت جي ڪري پيڪين هلي وڃيوَ۔۔۔۔۔۔ ابا توهان وڃو ڀل۔۔۔۔ مونکي به ڦڪيون وٺڻيون آهن،۔۔۔۔۔۔ عبدوُ به آيو هو۔۔۔۔ مڙئي حوال ڪٽي گُم ٿي ويو۔ ايئن پيو ڳالهائي ڪاٽن جو وڳو پائي ڄڻ اسان ڪڏهن بوسڪي جا پٽڪا پاتا ئي ڪونه آهن۔۔۔ اهو پنڊي مان پيروڌائي تان لٿل سٿل ڪپڙا وٺي هتي وري چڱو مڙس ٿو ڪوٺرائي۔۔۔۔۔ مون به اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي گهٽي گهٽي گهُمي آهي ها۔۔۔۔۔