هنن غيرت وڪندڙن راشي سنڌي ڪامورن کي يقينن وڏو ايوارڊ ملڻ وارو هوندو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انڊس ويلي (واديءَ مهراڻ) سولائيزيشن

    معصوم ، لاوارث ۽ مظلوم اٻوجه سنڌي قوم جو خواب هو ته هُنن جي ووٽ سان اچڻ واري حڪومت ڪراچي اندر مُشرف دئور ۾ لکين ڌتڪاريل سنڌين کي وري آباد ڪندي۔ پر افسوس جو انه بيوس واڪا ۽ ڪوڪون ڪندڙن، جهموريت لاء شاهدت جو جام پيئندڙن معصوم ۽ مظلوم سنڌي قوم جو اهو خواب اڃا تائين پايه ئي تڪميل نه پيو ٿئي ۔سنڌي ماڻهن لاء واڪا ڪندڙ مڙئي، سياسي، سماجي، قومي، نظرياتي ليڊر ڪراڇيء ۾ بيوس بڻيل آهن جو ڪراچي جي هزارين پراڻن ڳوٺن کي پڪو ڪري مالڪاڻا حق ڏجڻ بجاء، سنڌي ڪامورن ،سنڌي روينيو کاتي وارن ۽ سنڌي پوليس وارن جي هٿين يعني پنهنجي قوم جي هٿان سنڌ جون بدنصيب سنڌي نياڻيون، ٻارڙا پنهنجن گهرن مان بيگهر ڪيا پيا وڃن ، روڊن ۽ رستن تي راشي سنڌي ڪامورن هٿان ذليل پيا ٿين ۽ راشي سنڌي ڪامرا چند ٽڪن تي وڪجي قومي غيرت ۽ شعور کان به عاري ٿي ويا آهن ، انهن جي پسگردائي ۾ تازو پنجابين، پٺاڻن ، ڪشميرين، گلگتين، افغانن ، بهارين، بنگالين، برمين، ُغيره جا ڳوٺ پڪا ۽ ليز پي ٿين، سنڌ جي پوري آمدني چوريٕ جي ڪنڊن وسيلي ۽ سنڌ جو پاڻي ٽينڪرن وسيلي وڪجي پيو ۽ اوڏانهن ڪنهنجي به نّظر نه پئي وڃي ۔ پر ان جي ابتڙ اهي راشي ڪامورا ڪراچي جي ڳوٺن کي پڪو نه ڪرائي سگهيا ۽ هاڻ قديم ڳوٺ سومار جوکيو مٿان ڊي او روينيو ۽ ڊي ايس پي بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ چڙهائي ڪرائي وئي. هي آفيسر ڪي ڌاريا نه هئا هن سنڌ ڌرتيءَ جا هي پُٽ هئا. هي عورتون به ڪي غير نه پر سندن سنڌي نياڻيون هيون. اڄ هنن پنهنجي ننگ کي نه سڃاڻي هڪ نئون مثال قائم ڪيو آهي. سنڌي قوم اخلاق ۽ تهذيب جا مُلسل ٻنا ن پئي لتاڙي هر هڪ ٽڪن ڪمائڻ ۽ راتو رات امير کان امير ٿيڻ لاء بلڊر مافيا جو آلاڪار ٿي پنهنجن مٿان تلوار کنيو بيٺو اهي اهڙو دور اهڙو ظلم، پنهنجي حڪومت ۾ ، پنهنجن ئي ڪامورن هٿان، شايد ڪنهن تاريخ ۾ ڪونه ٻڌو ۽ ڏٺو هوندو.ها اهو ضرور آ ته ڊڪٽيٽرن جو به دور هو مارشل لا جو دور ايندو رهيو آ.
    عورتن سان بدسلوڪي ٿيندي رهي آ پر هي تاريخ جو اهم مثال هوندو ڇا هي عورتون ٻچا دهشت گرد هئا، ڌاڙيل هيا، قاتل هيا يا اسمگلر هيا؟ جنهن تي هيڏا وڏا ۽ اُهي به سنڌي اٽالا، پوليس جا، ڪاهي مٿن چڙهائي ڪئي وئي، قديمي ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪيو ويو ۽ سندن گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيوَ ۔ هنن غيرت وڪندڙن راشي سنڌي ڪامورن کي يقينن وڏو ايوارڊ ملڻ وارو هوندو جيڪو اسان کان ڳجهو آ واهه توهان سنڌي ، ست هزار سالن جي تهذيب جا دعويدار، غيرت ۾ اچي قتل ڪندڙ ، واه جي بهادري آ، عورتن سان مرد پوليس جو مقابلو اڄ سنڌي قوم جو نالو دنيا ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ سُنهري لفظن ۾ لکيو ويندو ڇا جيڪو آپريشن پوليس ڪيو آ اها ڪارروائي هئي؟ نه اها کُلي دهشت گردي هئي پوليس جي روپ ۾ دهشت گرد ڳوٺ تي ڪاهي پيا، ٻن ڌاڙيلن جي روپ ۾ روينيو ۽ پوليس آفيسر هڪ آباد ۽ خوشحال ڳوٺ تي ڪاهي پيا. جن جي هر غيور ۽ غيرت جي دعوي ڪندڙ سنڌيٕ کي مذمت ڪرڻ گهرجي.
     
  2. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جواب: هنن غيرت وڪندڙن راشي سنڌي ڪامورن کي يقينن وڏو ايوارڊ ملڻ وارو هوندو

    دوست
    حقيقت کان ڪير به لنوائي نه ٿو سگهي، پر اهڙن سانحن جي پرپا ٿيڻ ۾ ڪير ملوث آهي، اسان جي سنڌ جي هزارين مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ڪٿي 12 ورهين جي ثمينه ڀٽي سان اجتماعي لڄالٽ ٿيئ ٿي ته ڪٿي ڪائنات سومرو جو ڀا قتل ٿئي ٿو، ٿر ۾ هاري اڃ مري ٿو ته سومار جوکيو ڳوٺ تي چڙهائي به ڪئي وڃي ٿي۔ سائين هي جيڪو سنڌ واسين سان ٿي رهيو آهي ان ۾ ڪير ڌاريون ملوث نه آهي، پنهنجو غيرتمند سنڌي ئي ملوث آهي. ڳاٽ اوچو ڪري سماج ۾ پنهنجي قدر ڄاڳائيندڙ ان معمولي شخصين کي اسان ڪهڙو نانوُ ڏيون، جيڪي پنهنجو ظالم هٺ ڏيکارڻ لا معصومن جي عزتن سان کيڏي انهن جي اجهن تي ڪاهون ڪري ٿو۔ انهن کي ڪهڙو نانوُ ڏيون جيڪي اقتدار ۾ اچي ڳوٺن جي محفوظ ڪرڻ‌ جون دعوائون ڪيون پر اڄ انهن ئي ڳوٺن کي غير قانوني ڄاڻائي پٽ ڪرڻ لا ننڍڙن هٿڙن وارن ٻارڙن جي آهن جو به ڪو احساس نه ٿا ڪن۔
    ڪجهه چوڻ لا هاڻ‌ڪجهه بچيو ئي ناهي۔۔۔۔۔۔۔
    حفظ الله ڪاڪا
    قاسم آباد حيدرآباد سنڌ۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هنن غيرت وڪندڙن راشي سنڌي ڪامورن کي يقينن وڏو ايوارڊ ملڻ وارو هوندو

    سائين عبدالرزاق توهان جون اهي بهترين ۽ سچ سان ڀريل تحريرون اسان کي سنڌ جي دردن جو آئينو ڏيکارين ٿيون۔۔ بهترين ونڊ آهي۔۔ سدا ايئن ئي سنڌ سلامت تي سچ لکي ونڊ ڪندا رهو۔۔۔ مهرباني
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: هنن غيرت وڪندڙن راشي سنڌي ڪامورن کي يقينن وڏو ايوارڊ ملڻ وارو هوندو

    جيڪڏهن روينو کاتي وارا ايترا ايماندار آهن غيرڪانوني ڳوٺ آباد ڪرڻ چو ٿا ڏين ۽ پهرين ڳوٺ آباد ڪرڻ وارن کان پئسا ٿا کائين ۽ پوءِ ڳوٺ ڊرائيڻ وارن کان ...... ان سب جو ذميوار روينيو کاتو آهي پوليس وارا پنهنجي ڊيوٽي بچائيڻ لاءِ ڪجهه به ڪري ٿا سگهن پر وڌيڪ قصور وار ڪير آهي.....
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هنن غيرت وڪندڙن راشي سنڌي ڪامورن کي يقينن وڏو ايوارڊ ملڻ وارو هوندو

    ڪاتيءَ ناهي ڏوهه ڳن وڍيندڙ هٿ ۾ ۔۔۔

    ٺيڪ آهي ۔۔۔ سنڌي آفيسرن کي اهو نه ڪرڻ گهربو ها ۔۔۔ غيرت جو سوال ته اهو هو ته ڪاروائيءَ کان جواب ڏين ها ۽ ممڪن استعفائون ۔۔۔ کين هيف هجي جو هو سنڌ جي لڄ ۽ غيرت کي لتاڙن ٿا ۔۔۔ جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ۔۔۔

    پر ڇا اها ڪاروائي انهن آفيسرن پنهنجي زور تي ڪئي آهي يا کين اڃان مٿي کان ڪي حڪم هئا ۔۔۔ ڀلا مٿي واري سگهه جي مٿان وري اڃان ڪي ٻي سگهه کان حڪم هئا ۔۔۔۔ اهو سلسلو ڳنڍيل آهي يا بس ڪنهن پنهنجي طور ڪيو آهي ۔۔۔؟؟؟

    منهنجي خيال ۾ ته اها هڪ سازش آهي جنهن ۾ مٿان کان وٺي هيٺ تائين سڀ شامل آهن ۔۔۔ انهن ۾ پنهنجا به ته پراوا به شامل آهن ۔۔۔

    پر جيئن ته ” مارا جو توني ڦول وه پٿر سي ڪم نهين“ جي ڳالهه جيئان پنهنجن جي ظلم جا اڇلايل گل به پٿر کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندا آهن ۔۔۔ انڪري لعنت آهي اهڙن سنڌين تي جيڪي سنڌين تي ئي ظلم ڪنٿا ۽ انهن جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن ۾ شريڪ ٿين ٿا ۔۔۔

    باقي ته دوستو! جيستائين پيارو پاڪستان سلامت آهي ته ايئن ئي ٿيندو رهندو ۔۔۔ ان ظلم کي ڪو مائيءَ جو ٻچڙو روڪي نه ٿو سگهي ۔۔۔

    رب تعالا سنڌين کي ظلم کان بچائي ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو