Sindhi Media
سينيئر رڪن
انڊس ويلي (واديءَ مهراڻ) سولائيزيشن
معصوم ، لاوارث ۽ مظلوم اٻوجه سنڌي قوم جو خواب هو ته هُنن جي ووٽ سان اچڻ واري حڪومت ڪراچي اندر مُشرف دئور ۾ لکين ڌتڪاريل سنڌين کي وري آباد ڪندي۔ پر افسوس جو انه بيوس واڪا ۽ ڪوڪون ڪندڙن، جهموريت لاء شاهدت جو جام پيئندڙن معصوم ۽ مظلوم سنڌي قوم جو اهو خواب اڃا تائين پايه ئي تڪميل نه پيو ٿئي ۔سنڌي ماڻهن لاء واڪا ڪندڙ مڙئي، سياسي، سماجي، قومي، نظرياتي ليڊر ڪراڇيء ۾ بيوس بڻيل آهن جو ڪراچي جي هزارين پراڻن ڳوٺن کي پڪو ڪري مالڪاڻا حق ڏجڻ بجاء، سنڌي ڪامورن ،سنڌي روينيو کاتي وارن ۽ سنڌي پوليس وارن جي هٿين يعني پنهنجي قوم جي هٿان سنڌ جون بدنصيب سنڌي نياڻيون، ٻارڙا پنهنجن گهرن مان بيگهر ڪيا پيا وڃن ، روڊن ۽ رستن تي راشي سنڌي ڪامورن هٿان ذليل پيا ٿين ۽ راشي سنڌي ڪامرا چند ٽڪن تي وڪجي قومي غيرت ۽ شعور کان به عاري ٿي ويا آهن ، انهن جي پسگردائي ۾ تازو پنجابين، پٺاڻن ، ڪشميرين، گلگتين، افغانن ، بهارين، بنگالين، برمين، ُغيره جا ڳوٺ پڪا ۽ ليز پي ٿين، سنڌ جي پوري آمدني چوريٕ جي ڪنڊن وسيلي ۽ سنڌ جو پاڻي ٽينڪرن وسيلي وڪجي پيو ۽ اوڏانهن ڪنهنجي به نّظر نه پئي وڃي ۔ پر ان جي ابتڙ اهي راشي ڪامورا ڪراچي جي ڳوٺن کي پڪو نه ڪرائي سگهيا ۽ هاڻ قديم ڳوٺ سومار جوکيو مٿان ڊي او روينيو ۽ ڊي ايس پي بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ چڙهائي ڪرائي وئي. هي آفيسر ڪي ڌاريا نه هئا هن سنڌ ڌرتيءَ جا هي پُٽ هئا. هي عورتون به ڪي غير نه پر سندن سنڌي نياڻيون هيون. اڄ هنن پنهنجي ننگ کي نه سڃاڻي هڪ نئون مثال قائم ڪيو آهي. سنڌي قوم اخلاق ۽ تهذيب جا مُلسل ٻنا ن پئي لتاڙي هر هڪ ٽڪن ڪمائڻ ۽ راتو رات امير کان امير ٿيڻ لاء بلڊر مافيا جو آلاڪار ٿي پنهنجن مٿان تلوار کنيو بيٺو اهي اهڙو دور اهڙو ظلم، پنهنجي حڪومت ۾ ، پنهنجن ئي ڪامورن هٿان، شايد ڪنهن تاريخ ۾ ڪونه ٻڌو ۽ ڏٺو هوندو.ها اهو ضرور آ ته ڊڪٽيٽرن جو به دور هو مارشل لا جو دور ايندو رهيو آ.
عورتن سان بدسلوڪي ٿيندي رهي آ پر هي تاريخ جو اهم مثال هوندو ڇا هي عورتون ٻچا دهشت گرد هئا، ڌاڙيل هيا، قاتل هيا يا اسمگلر هيا؟ جنهن تي هيڏا وڏا ۽ اُهي به سنڌي اٽالا، پوليس جا، ڪاهي مٿن چڙهائي ڪئي وئي، قديمي ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪيو ويو ۽ سندن گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيوَ ۔ هنن غيرت وڪندڙن راشي سنڌي ڪامورن کي يقينن وڏو ايوارڊ ملڻ وارو هوندو جيڪو اسان کان ڳجهو آ واهه توهان سنڌي ، ست هزار سالن جي تهذيب جا دعويدار، غيرت ۾ اچي قتل ڪندڙ ، واه جي بهادري آ، عورتن سان مرد پوليس جو مقابلو اڄ سنڌي قوم جو نالو دنيا ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ سُنهري لفظن ۾ لکيو ويندو ڇا جيڪو آپريشن پوليس ڪيو آ اها ڪارروائي هئي؟ نه اها کُلي دهشت گردي هئي پوليس جي روپ ۾ دهشت گرد ڳوٺ تي ڪاهي پيا، ٻن ڌاڙيلن جي روپ ۾ روينيو ۽ پوليس آفيسر هڪ آباد ۽ خوشحال ڳوٺ تي ڪاهي پيا. جن جي هر غيور ۽ غيرت جي دعوي ڪندڙ سنڌيٕ کي مذمت ڪرڻ گهرجي.