• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سهڻي آهي ڇا؟

جواب: سنڌ سهڻي آهي ڇا؟

ڪَتَــڻَ جـــي ڪـــان ڪرئيـــن، ستــي ساهئيــن هـَـڏُ،
سڀـــان اينـــدئـــي اوچتـــــي، عيــــــد اگهــــاڙن گــــــڏُ،
جت سرتيون ڪنديئي سڏُ، ات سڪنديئن سينگار کـي۔



http://imageshack.us
 
جواب: سنڌ سهڻي آهي ڇا؟
سکر جي شهر وٽ درياهه سنڌ جا سهڻا نظارا،
لب مهراڻ، درياه سنڌ جي ڪپر تي سکر شهر جو هڪ سهڻو باغ
 
جواب: سنڌ سهڻي آهي ڇا؟

سنڌ سهڻي ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي پر ان ۾ گهٽائي ۾ ڪجه اهڙا ماڻهو آهن جهنجي ڪري اسين بدنام آهيون ڪجه اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي دل جا منافق به آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ سهڻي آهي ڇا؟

تعريف ڪرڻ تي ڊپ ٿيندو آهي ته سهڻائپ ۽ سٺن وسيلن جو ٻڌي اڃان وڌيڪ ڌاريا نه اچن۔
 
جواب: سنڌ سهڻي آهي ڇا؟

سهڻا سائين جي اها تصوير اوهان ئي لڳايو ها ته به ڪا اربع خطا ٿورئي ٿئي ها ۔۔۔ پر خئير اهو ڪم پاڻ ئي ڪري ٿا ڇڏيون ۔۔۔ هي ڏسو


http://imageshack.us
 
جواب: سنڌ سهڻي آهي ڇا؟

هي وڻ سنڌ جي سونهن ۽ هي واهه ۽ نهرون سنڌ جي سکيي ستابي هجڻ جون ضامن آهن.

577459_3778185931404_1179567033_33703929_657577255_n.jpg
 
جواب: سنڌ سهڻي آهي ڇا؟
سنڌ جو نهري نظام دنيا جي پراڻن نهري نظامن ۾ هڪ آهي، ڪلهوڙن جي بادشاهيءَ ۾ سنڌ اندر تمام وڏا وڏا واه کوٽايا ويا ۽ انهن ذريعي ذراعت کي ترقي ڏياري وئي، اڳتي هلي انگريزن جي دور ۾ ان نظام جي افاديت کي محسوس ڪندي ته ان تي پليون ۽ براجون ٺهرائي ان پراڻي نظام کي وڌيڪ پڪو ۽ پختو ڪيو ويو​
556933_290193161075731_100002551496391_640823_802517303_n.jpg
 
سنڌ ڌرتي جا انڊلٺي رنگ، منهنجو ايمان آهي، جنت جا سهڻا نظارا پڻ ايترا ئي وڻندڙ هوندا، منهنجي سنڌ ڪيتري ته سهڻي آهي، بس ڪوڙن ڪائينرن سنڌ کي بي رنگو بڻائي چڏيو آهي، خدا جي ڪا مار پوي انهن تي جن منهنجي سنڌ جي سُڳنڌ کي ڌپارو بڻايو آهي۔
 
هن موضوع جي جيتري تعريف ڪجي ،اوتري گهٽ آهي ۔ الله سائين سڀني سڄڻن کي طاقت عطا ڪري ، ته پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۽ وَسندين جون تصويرون اپلوڊ ڪن تاڪِ اسين جي پنهنجي امڙ جي هنج کان ٻاهر ويٺا آهيون ، سي اهڙيون تصويرون ڏسي پنهنجي سڪ ۽ اُڪير کي وڌائي سگهون ۔
 
Back
Top