• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سهڻي آهي ڇا؟

منهنجي سنڌ جي مندن ۽ موسمن جي ڇا ڳالهه ڪجي سڀ مندون ۽موسمون پنهنجي هڪ وڻندڙ حيثيت رکن ٿيون، ۽ وري سنڌ جي ثقافت ۾ انهن مندن جي حوالي سان سنڌ جي ڌرتي تي اپندڙ ميون جا باغات به وڏو مقام رکن ٿا۔ مند موٽي آئي آهي انبن جي پو ڇو نه ميون جي بادشاهه انب ۽ انبن جي بادشاهه سنڌڙي انب جي ڳالهه ڪجي،، سنڌ جي روايتي ڊش رات جي ماني ۾ سنڌ باسمتي چانورن جو ڀت ۽ وري سنڌڙي انب،، ابول ڏهه ئي آڱريون وات ۾، هڪ هٿ ۾ انب جي ڦار ۽ ٻئي هٿ ۾ ڀت جو گرهه بس پو اهو نه ڏسبو آهي ته پوئتي ديڳڙو خالي ٿي ويو آهي يا اڃان ڪجهه گهر ڀاتين لا به بچيو آهي۔

Sindhri_Mango.JPG
1305656425359.jpg
mango-dsc00302.jpg
mangoes.jpg
dsc02666.jpg
 
سائين عباسي صاحب قهر ڪري ڇڏيوَ ۔ يار ايڏو ظلم !!!! انب جهڙي معصوم ميووي تي ڇُري !!!!! الله سائين توهان کان انب جو حق حسابُ وٺندو ۔ انب ته پيارو ميوو هِن ميووي کي ته يار چُوسبو ۔ هن کي ته پيار محبت سان هٿڙو ڦيرائبو ۽ نرم ڪبو پوءِ چمبو ۽ چوسبو آ !!! يار هن تي جيڪو ڇُري ڦيري اُن تي قلم 302 جي تحت ايف آءِ آر ڪَٽرائجي ۔
 
هاهاهاههاهاهاهها ،، او منهنجا سائين بس اسين جڏهن کان شهري ٿي ويا آهيون ته بس ڇري سان ئي کائون، پر ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺائي به بڻجي پوندا آهيون۔۔ مون ته انبن جي ڳالهه ڪئي پر توهان ته انبن کي محبوبه سان پيار ڪرڻ جيان پاٻوهه ڀريا جمله ورجائي محبوب ياد ڏياري ڇڏيو۔۔اصل توهان به واهه جو تشريح ڪئي آهي توهان به ڪجهه گهٽ قهر ڪو نه ڪيو آهي۔
 
ننڍڙا هوندا هئاسين ته گرمين ۾ وڃي وڻن جي هيٺان ويهندا هئاسين، خوبصورت نظارا هوندا هئا، زندگي ۾ ڪڏهن اهو تصور ئي نه ڪيو هئو ته هي سامراج اسان سان اهڙو حشر ڪندو جو سنڌ ڌرتيء جي ساوڪ ڏسڻ وٽان به سڪنداسين، اڄ جڏهن ڳوٺ وڃڻ ٿيندو آهي ته اهي وڻ ڪٽيل نظر ايندا آهن۔ اهي زمينون بنجر نظر اينديون آهن جتي هميشه ساوڪ هوندي هئي۔ دل پئي اُڌما کائيندي آهي ۽ پنهنجي بيوسي ۽ ڌرتيء جي اهڙي حالت ڏسي پاڻ کي پٽون پاراتا ۽ اکين مان ڳوڙهن سواء ڪجھ به ناهي هوندو۔۔۔!!!

خدا شل وري سنڌ ۾ اهڙي محبت امن قائم ڪري جو اسان ٻئي جنم ۾ ٻيهر ننڍڙا ٿي اهي نظارا ڏسون۔۔۔۔۔!!!

بهترين ونڊ سائين تمام خوبصورت نظارا۔۔۔۔۔۔۔
 
دوستو! منهنجي دوست محمد سليمان وساڻ سنڌ جون سهڻيون تصويرون ونڊ ڪيون آهن ۔۔۔ ڇاڪاڻ سنڌ تي اسان سڀني جو حق آهي انڪري اچو ته گڏجي ڏسون ۔۔۔

محترم ادا سليمان وساڻ۔۔۔
ڏاڍي سهڻي ونڊ آهي ڄڻ ڪر دنيا ۾ جنت ڏسي رهيا آهيون۔۔جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهران جون۔۔(سرويچ سجاولي)
 
دوستو ... وري ڳوٺ وڃڻ جو وارو ٿيو آهي...
هن دفعي رڳو سرنهن جو ساڳ ۽ مکڻ سان سڻڀيل چانورن جي ماني ئي نه پر ڪمند جي فصل جي به ڪٽائي شروع هوندي..​
ڳني جي رس ۽ تازو تيار ٿيل ڳڙ مٿان وري موسم به اصل واه جي هوندي...
مون کي ته هئينر کان سرور اچڻ لڳو آهي...​
533810_533658083322695_252429118_n.jpg
 
دوستو ... وري ڳوٺ وڃڻ جو وارو ٿيو آهي...​
هن دفعي رڳو سرنهن جو ساڳ ۽ مکڻ سان سڻڀيل چانورن جي ماني ئي نه پر ڪمند جي فصل جي به ڪٽائي شروع هوندي..​
ڳني جي رس ۽ تازو تيار ٿيل ڳڙ مٿان وري موسم به اصل واه جي هوندي...​
مون کي ته هئينر کان سرور اچڻ لڳو آهي...​

406861_332364846785977_699017028_n.jpg

ادا ڀلي ٿي اچو۔ هن دفعي ڳوٺ هڪ ته هي نظارا هئا ۽ ٻيو جيڪو اوهان چئو پيا سو ته هو ئي هو۔ باقي ڪمند هاڻي اسان وٽ ناهي رهيو۔ پاڻي کوٽ جي ڪري بدين جي اوڀر-ڏکڻ وارن علائقن ۾ سارين جي پوک تي پابندي آهي پر لڳي ٿو جلد ڪمند تي به لڳي ويندي۔ ڇو ته پاڻي کوٽ ڏاڍي آهي۔
 
سکر شهر جو ايريل ويو​
مهراڻ مان نڪرندڙ هي ٽي ڪينال مٿان کان ڪيڏو نه خوبصورت منظر ڏسي رهيا آهن۔۔۔ ڪيڏي نه تبديلي اچي وئي آ... سن 2002 کان 2003 تائين خاص ان پل تي آفيس کان باءِ پاس چوڪ تائين شام واڪ ڪرڻ منهنجي روٽين هوندي هئي... :)
 
هي سکر باء پاس وارر روڊ کي سکر شهر سان ملائيندڙ پل جو ڏيک آهي۔ يعني سکر بيراج ڀرسان نئين پل وارو باء پاس وٺي جڏهن سکر شهر وڃجي ته وچ کان ٽئي واهه پار ڪرڻا پون ٿا۔ هيٺ ته مونکي ايڏي خوبصورت ڪانه لڳندي آهي پر ايريل ويو جو پنهنجو الڳ ئي سهڻو منظر آهي۔
 
واقعي به مٿان کان به ڏاڍي خوبصورت آهي جهڙي هيٺ۔۔۔
 
Back
Top