مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    قبوليت




    اربع 16 جولاءِ 2008ع



    اوهان اهو ماڻهو ڏٺو آهي، جيڪو گهڻن ئي ضدي ماڻهن جو مجموعو آهي؟ مون اهو ماڻهو ڏٺو آهي، اهو مان آهيان ۽ مان انهيءَ عذاب ۾ آهيان، جيڪو ان ماڻهوءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

    مان ضدي هوس، منهنجو دماغ خراب هو، جنهن کي هَٺ چئبو آهي، سو منهنجي رڳ رڳ ۾ سمايل هو. پنهنجي ليکي مان وڏو داناءُ، عقلمند، فلسفي، سمجهُو ۽ وڏو ليکڪ هوس. اڄ مان ڄاڻان ٿو ته مان بنهه ڇَسو، ٽرڙو ۽ بيوقوف هوس. مون وٽ ته نالي ماتر به صبر نه هو. پاڻ لاءِ ته گڏهه فقط هڪڙو جانور آهي، پر اڄ مان انهيءَ صبر لاءِ واجهايان ٿو، جيڪو گڏهه جو ورثو آهي.

    منهنجو ذهن غلط هو، ماڻهن جي واهه واهه منهنجو ذهن وڌيڪ خراب ڪيو. مان آپي کان نڪرندو ويس، جنهن کي مزاح جي رڳ چئبو آهي، سا منحوسيت جي پهرين ۽ مڪمل نشاني آهي. اڄ مان سوچيان ٿو ته ڪاش مون وٽ مزاح جي رڳ نه هجي ها. ڪاش مون کي مزاح جي سمجهه نه هجي ها، ڪاش مان ڪُند ذهن هجان ها، ڪاش مان ٻه چوپڙيون به پڙهيل نه هجان ها، ڪاش مان ٺپ جاهل هجان ها، ڪاش مان ليکڪ بدران موچي يا ٻهاريدار هجان ها ۽ ڪاش مان ذهن ۽ زبان هلائڻ بدران هٿ جو پورهيو ڪندڙ هجان ها.

    جنهن کي عقل چئبو آهي، سو اها ڇُري ۽ چاقو آهي، جنهن سان پنهنجو ئي هٿ وڍبو آهي. مون پنهنجي عقل سان پنهنجو تن ۽ من وڍي ذرا ذري ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ مان مٿي کي هٿ ڏيو ويٺو آهيان. مون کي ته پينون فقير ٿيڻ جي واٽ به نٿي سجهي.جن پنهنجي مائرن ۽ پيئرن کي پيار ڏنو ۽ هنن جي عزت ڪئي، سي سوچي به نه سگهندا ته مون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ڪيترو عذاب ڏنو، مون ٻنهي جي بيعزتي ڪئي، جو مان ٽرڙو هوس ۽ سدائين آپي کان ٻاهر هوندو هوس. مون ٻنهي کي ڏک ڏنا، پنهنجن ڀائرن ۽ ڀيڻن لاءِ به مان عذاب هوس. ماڻهن ليکي مان مانَ وارو ليکڪ آهيان.

    اوهان چوڌاري نظر ڦيرايو، سکيا سَهنجا فقط اهي آهن، جن ماءُ، پيءُ ۽ مٽن مائٽن کي مان ڏنو. ڇو ته مان پنهنجي ليکي وڏي شيءِ هوس، تنهن ڪري مون وٽ انهن لاءِ وقت نه هو، جن کي پنهنجو چئبو آهي.

    منهنجي اندر ۾ ۽ منهنجي هنيانءَ تي هڪڙو ڊپ ويٺل آهي، خوفناڪ ۽ هئبتناڪ ڊپ. اهڙو ڊپ جنهن جو اوهان اندازو به نٿا ڪري سگهو.

    منهنجي گهر جي ڳالهين سان اوهان جو واسطو ناهي، جيڪڏهن منهنجو اولاد منهنجو هوندي به مون سان گڏ ناهي ته اها ڪا خاص حيرت جي ڳالهه ناهي. ڇو ته مان به ته پنهنجي پيءُ سان سندس موت وقت به گڏ نه هوس. پليتائپ جي حد هوندي آهي، پر مان سڀئي ليڪا لنگهي ويو هوس.

    پر ڳالهه آهي دنياداريءَ جي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر سائين رشيد احمد شاهه ۽ رجسٽرار صالح راڄڙ جو ڪو به ڏوهه نه هو. منهنجو دماغ خراب هو. منهنجا ڏينهن خراب هئا، منهنجو نصيب خراب هو. اڄ مان ڄاڻان ٿو ته هو ٻئي صاحب سٺا هئا ۽ مان پنهنجي کل کان ٻاهر نڪري ويو هوس. ٽرڙائپ جي به حد هوندي آهي، پر مان ناز نخرن جو پاليل هوس، جنهن کي اک جو رَم يا حيا چئبو آهي، تنهن کان مان ڪورو هوس. نئڙت منهنجي فطرت ۾ ئي نه هئي. جڏهن مظهرالحق صديقي صاحب مون کي چيو ته مان سندس سيڪريٽري ٿيان، تڏهن مون بيشرميءَ سان ائين انڪار ڪيو، جيئن مان ڪو گورنر هوس. اها ڳالهه تڏهن جي آهي، جڏهن هو صاحب پهريون ڀيرو وي سي ٿي آيو هو. اڄ جي مان پڇتايان ٿو ته اهو پڇتاءُ منهنجي ڪهڙي ڪم جو، منهنجو اندر ٿو ڦاٽي.

    لکڻ ۽ ڇپجڻ ٻئي غلط ڪم آهن، جو ليکڪ کي غلط فهميءَ ۾ وجهيو ڇڏين ته هو ڪا تمام وڏي شيءِ آهي. پنهنجو نالو اخبار ۾ ڏسي مان سمجهندو هوس ته مان ڪو تمام وڏو ماڻهو آهيان. جڏهن مان سسپينڊ ٿيو هوس، تڏهن مون مسعود لوهار کان پڇيو هو ته منهنجو سسپينڊ ٿيڻ اخبار لاءِ نيوز ٿي سگهي ٿو؟ مسعود ان زماني ۾ هڪ سنڌي اخبار سان لاڳاپيل هو. هن چيو ته ”ها-“ ۽ پوءِ منهنجو دماغ خراب ٿيندو ويو.

    اهي ۽ اهڙيون هزارين ڳالهيون منهنجي دل تي نانگن وانگي چڙهيل آهن. مون تمام گهڻيون زيادتيون ڪيون، لکان ان ڪري پيو ته جيئن ڪو ٻيو ليکڪ ڪنهن غلط فهميءَ ۾ نه پئي. منهنجو وس پڄي ته مان اهو قلم ئي ٽوڙي ڇڏيان، جنهن سان مون پهريون اکر لکيو هو.
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پئسو




    آچر 20 جولاءِ 2008ع



    مون وٽ پيسو ڪونهي ڇو ته مون ڪڏهن به پئسي جو قدر نه ڪيو، مون وٽ فقط منهنجيون لکڻيون هونديون هيون، جيڪي مان پاڻ پنهنجن پئسن سان ڇپائي ورهائي ڇڏيندو هوس.

    پئسا وٺڻ مون کي اوپرو لڳندو هو، منهنجي دماغ جي خرابي هئي جو مان پاڻ کي پئسي کان مٿانهون سمجهندو هوس. هاڻ ٻڍاپي ۾ مان ڄاڻان ٿو ته بچاءَ ۽ بقا جو بڻ بنياد پئسو آهي. بجلي جو بل ايندو آهي ته مان ڏڪيو وڃان، جڏهن بل نه ايندوآهي ته مان ڏڪيو وڃان ته ڇو بل اڃا نه آيو آهي، بجليءَ جو ڪٽجي وڃڻ وڏي ۾ وڏي سزا آهي. مون اوندهه ڏٺي آهي، تنهن ڪري مان اوندهه کان ڊڄان ٿو.

    منهنجيون ڄنگهون ۽اکيون جواب ڏيئي رهيون آهن، تنهن ڪري مون لاءِ پئسي جي اهميت وڌندي پئي وڃي. مان هيسجي ويو آهيان ۽ بي انتها ڊنل آهيان. جيڪي چوندا آهن ته پئسو هٿ جي مير آهي، تن غربت ناهي ڏٺي. جيڪي چوندا آهن ته پئسو ته خراب عورتن وٽ به هوندو آهي، تن پئسو نه ڏٺو آهي. مون وٽ ڪيئي ڀيرا پئسو آيو ۽ ڪافي مقدار ۾ آيو، پر مان بدافعالو هوس، منهنجي ذهن ۾ فقط لکڻ ۽ ڇپائڻ جو فتور هو. هي اکر به مان ڇپجڻ لاءِ لکان ته پيو پر اوهان يقين ڪريو ته مان لکڻ ۽ ڇپجڻ کان بي انتها ڊڄان ٿو، اصل شيءِ پئسو آهي. ڪارل مارڪس گهڻو پوءِ آيو هو، هن کان گهڻو اڳ، عيسوي سن جي شروعات کان به گهڻو اڳ، ڪنهن گريڪ چيو هو ته دنيا جو بنياد پيسي تي رکيل آهي.

    اڄ سوجهري فون تي ٻڌايو ته هن کي منهنجو لکيل ڪتاب سنڌ، سنڌي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساهت هٿ لڳو آهي. منهنجو ذهن هڪدم هن ڳالهه ڏانهن کڄي ويو ته مون پنهنجي سڄي ماهوار پگهار اهو ڪتاب ڇپائڻ تي برباد ڪئي هئي. اهو ڪتاب ٻن حصن ۾ ڇپايل هو ۽ مون پنهنجون ٻه پگهارون انهن ٻن ڪتابن تي ضايع ڪيون هيون ۽ مون کي مليو ڇا؟ ان زماني ۾ ته مون کي ٺلهي واهه واهه به نه ملي هئي.

    مان سمجهي ويو آهيان ته مون ۾ وڏون ڪهڙيون هيون، جو اڄ مان ڊنل ۽ هيسيل آهيان. هڪڙي وڏ اها هئي ته مون پئسو ضايع ڪيو ۽ ٻي وڏ اها هئي ته مون ڪڏهن به خيرات نه ڏني. شايد ئي ڪو هجي، جنهن کي مون ڪڏهن ڪو ٽڪو آنو ڏنو هجي، وسڪي ۽ بيئر تي مون گهڻو پئسو وڃايو، پر جنهن منهنجو خانو خراب ڪيو، سو هو لکڻ ۽ ڇپائڻ.

    ليکڪ فقط مان اڪيلو ئي نه هوس. گهڻيئي هئا ۽ اڃا به آهن، جيڪي پئسن جي معاملي ۾ هوش ۾ رهندا هئا. مان ڪاوش ۾ لکندو هوس ته مون کي پئسا ملندا هئا، جيڪي مان ضايع ڪري ڇڏيندو هوس، پر ڪاوش واري معاملي ۾ مون کي پيسن کان وڌيڪ پنهنجي اهميت جتائڻ جو شوق هوندو هو. مان ليکڪ ته هوس، پر مان نالائق ليکڪ هوس. اڄ مون وٽ فقط پئسن جو احساس آهي، ليکڪ هجڻ جو قدر مون وٽ ٽڪي جو به ڪونهي. جڳديش رسالو ڪڍندو هو ته مون کي هزار رپيا مهينو ڏيڻ لڳو. مان کيس چوندو آيس ته اهو رسالو گهڻا ڏينهن نه هلندو پر هو ضد تي هو، ٻن ٽن مهينن ۾ اهو رسالو بند ٿي ويو.

    غريب، مسڪين، محتاج ۽ ضرورتمند کي جا اوهان خيرات ڏيو ٿا، سو اوهان الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو ٿا. جيڪو اوهان کي ڏهوڻ ٿي ملندو، پر اها ڳالهه مون هاڻي سمجهي آهي، جڏهن سڀيئي بسون روانيون ٿي ويون آهن. پئسي جي گهٽتائي ته آهي، پر مون وٽ ايمان جي گهٽتائي تمام گهڻي آهي، مان پهرئين نمبر جو ڊڄڻو آهيان. ظاهري طرح تمام گهڻو بڙ بڙيو آهيان، ڪنهن ٻئي جي عزت ڪرڻ مان سکيو ئي نه هوس، مون وٽ هڪڙو لفظ هو ”مان“، اڄ مان انهيءَ ”مان“ ۾ ئي ڦاٿل آهيان.

    مون ڪڏهن پنهنجي پيءُ جو چيو به نه مڃيو هو ته الله جو چيو مان ڇا مڃان ها. جن الله کي خوش رکيو، تن کي الله به خوش رکيو، مون کي منهنجي ڪنهن دوست ٻڌايو هو ته، ”تون ماءُ کان پيسا وٺندو هئين، تنهن ڪري تون ڪمائڻ نه سکئين، جيڪڏهن تون پيءُ کان پئسا وٺندو هجين ها ته تون ڪمائڻ به سکي ويو هجين ها.“ مان هاڻ ڄاڻان ٿو ته منهنجي دوست بلڪل سچ چيو هو، مان پڙهندڙن کي چوان ٿو ته جيڪڏهن پئسا گهرو ته پيءُ کان گهرو ته جيئن پئسا ڪمائڻ سکي وٺو، ماءُ ته بنان حساب ڪتاب ڏيندي آهي، پر پيءُ حساب ڪتاب پڇندو آهي. ماءُ ته گشن پتن تي هلي ويندي آهي، پر پيءُ آڏي پڇا ڪندو آهي، پر منهنجو پيءُ ته چوندو هو ته پئسا ماءُ کان وٺ، سو مان ڇا پئي ڪري سگهيس!

    مستقبل جو سوچي مان ڏڪيو وڃان. سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ جو سوچي مان دهلجيو وڃان. منهنجو وس پڄي ته مان سڀاڻي ٿيڻ ئي نه ڏيان، پر ايندڙ سڀاڻي جو دڳ بند ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي. مان ڇا ٿو ڪري سگهان، مون ۾ ايمان جي گهٽتائي آهي.
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اجايون ڳالهيون




    اڱارو 22 جولاءِ 2008ع



    تاريخ چئبو آهي Date کي، تاريخون چئبو آهي Dates کي ۽ تواريخ چئبو آهي هسٽري کي. پر الائجي ڇو سنڌي لکندڙ به اڙدو ۽ هندي ليکڪن وانگي هسٽري کي تاريخ لکندا آهن. هسٽريءَ لاءِ سنڌي لفظ تواريخ آهي، نه ڪي تاريخ. اها ٿي تمهيد هاڻ ڪوَت شروع.

    بلڪل غلط ڳالهه آهي ته ڪراچي بندرگاهه آڳاٽو ديبل بندر آهي. مان ورجايا ٿو ته ديبل بندر اڄوڪو ڪراچي بندر نه هو. حقيقت ۾ اهو ديبل بندر جتي عربن جا سامونڊي ٻيڙا لنگر انداز ٿيندا هئا، سو اتي هو، جتي هاڻي گوادر ٺاهيو ويو آهي. مان وري به ورجايان ٿو ته اهو ديبل بندر جتي محمد بن قاسم جي منجيق کڻي ايندڙ ٻيڙو لنگر انداز ٿيو هو، سو اتي ئي اهو، جتي اڄوڪو گوادر بندر جوڙيو ويو آهي.

    جنهن زماني ۾ انگريزن اچڻ شروع ڪيو هو، ان زماني ۾ بلوچستان جو سامونڊي ڪنارو ڪولاچي بلوچ قوم جي ڪري آباد هو. انگريزن جيڪو نالو ان علائقي کي ڏنو، سو هو ڪولاچي، جيڪو ڦري گهري ڪراچي ٿي ويو. اڄ به ڪراچي، لسٻيلو ۽ لياري وارا علائقا ڪولاچي قوم سان سٿيل آهن. جيئن هندستان وارن بمبئي نالو بدلائي ممبئي ڪيو آهي تيئن ڪراچي جو نالو به بدلائي ڪولاچي رکڻ گهرجي. مان نوان سوال نه پيو اٿاريان. مان فقط هلڪن اشارن سان سنڌ ۽ بلوچستان جي تواريخ جو رخ صحيح پيو ڪريان.

    اڄوڪي سنڌ صوبي جو واسطو اصلوڪي آڳاٽي سنڌ سان فقط ايترو آهي ته سکر ضلعي جو ڪجهه حصو اصلوڪي آڳاٽي سنڌ ۾ هو. محمد بن قاسم زميني رستي گهوڙن تي چڙهي اچي اصلوڪي سنڌ تي حملو ڪيو هو. هُو صاحب پاڻ سڌو بلوچستان ۾ داخل ٿيو هو، پر سندس منجيق سامونڊي رستي اڄوڪي گوادر ۾ ديبل بندر وٽ پهتي هئي، جتان کڻائي الور پهچائي وئي هئي.

    بحث مباحثي لاءِ مون وٽ نه وقت آهي نه دماغ. مان ٿڪل، ٽٽل ۽ ڀريل ماڻهون آهيان. حقيقن جي مون کي ڄاڻ آهي. ڇو ته مان پاڻ بروهي آهيان، تنهن ڪري مون کي اهو چوندي ڪجهه عجيب ٿو لڳي ته راجا ڏاهر بروهي هو ۽ اصلوڪي سنڌ جا حاڪم بروهي ڳالهائيندڙ بروهي هئا. اهو بلڪل ائين هو، جيئن قلات جو حاڪم به بروهي ڳالهائيندڙ رهيو آهي. جنهن کي اصلوڪي سنڌ چيو ٿو وڃي تنهن ۾ قلات به شامل هو، فقط گادي جو هنڌ الور هو، جنهن سنڌي تواريخ نويس کي منجهائي ڇڏيو آهي.

    جيڪو سنڌي اسڪرپٽ 1844ع ۾ ٺهيو، سو ڪيئن موهن جي دڙي واري اسڪرپٽ سان لاڳو ٿي سگهي ٿو؟ صاف ظاهر آهي ته موهن جي دڙي واري اسڪرپٽ جا جُزا سمجهڻ لاءِ ڪو ٻيو اسڪرپٽ ڳولهڻو پوندو. مونکي ڄاڻ ناهي ته بروهي ٻولي جو پنهنجو به ڪو اسڪرپٽ هو يا نه پر مونکي اها ڄاڻ آهي ته بروهي ٻولي آرمائڪ ٻولين جي خاندان مان آهي ۽ آرمائڪ ٻوليون نه فقط ڳالهايون وينديون هيون پر لکيون به وينديون هيون. منهنجو ذاتي خيال آهي ته پهرين کوجنا ڪري بروهي ٻولي جو اسڪرپٽ هٿ ڪجي ته موهن جي دڙي وارو اسڪرپٽ سمجهه ۾ اچي ويندو، ڇو ته موهن جي دڙي تي ڪاٺياواڙ وارن جو به اثر هو تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته ڀارت مان ئي ڪو اهڙو سڪرپٽ هٿ اچي وڃي. ڳالهه ته عجيب آهي پر اها حقيقت آهي ته ڀارت ۾ آنڌرا پرديش پاسي هڪڙيون ٻه قومون اهڙيون به آهن جيڪي ساڳي بروهي ٻولي ڳالهائيندي به پنهنجين ٻولين جا الڳ نالا وٺندا آهن.

    ڪرد به بروهي ڳالهائيندا آهن ۽ ان کي ڪردش چوندا آهن. اهو سچ پچ ته ڪمال آهي ته ڪرد ۽ بروهي ساڳي قوم ۽ ساڳيا ماڻهون آهن پر هڪڙا پاڻ کي بروهي سڏائين ۽ ٻيا پاڻ کي ڪرد سڏائين جيتوڻيڪ ٻولي ساڳي ڳالهائين.

    مان جسماني ۽ ذهني طرح اپاهج ٿيندو پيو وڃان. مون ۾ سگهه ناهي ته مان بحث مباحثو ڪريان. جي مون ٿورو عقل کان ڪم ورتو هجي ها ته اڄ مان مظهر الحق صديقي صاحب کي مڃائي ويو هجان ها ته موهن جي دڙي جي اسڪرپٽ پڙهڻ لاءِ ڪا ڪاميٽي جوڙي ان کي ڀارت وغيره وڃڻ جا اختيار ڏئي پر اها ڪاميٽي اهڙي نه هجي، جنهن سنڌي ٽائپ رائيٽر ٺهرايو هو. اهو اسڪرپٽ وارو ڪم آرڪيالاجي وارن جي وس کان ٻاهر آهي.

    مون پنهنجو گهڻو وقت اجايو وڃايو. پئسا به وڃايم ۽ سنڌي کي انگريزي اکرن ۾ لکڻ جي ڪوشش ۾ مغز ماري به ڪيم. حاصل ڇا ٿيو؟ ڪجهه به نه. فقط مظهر لغاري ۽ تسليم زنئور سمجهي ويا ته منهنجي جوڙيل اسڪرپٽ ۾ ڪيترو دم خم آهي. تواريخ تي به مون پنهنجو ڪافي وقت وڃايو. هاڻ مون توبهه ڪئي آهي. ڪو به نئون ڪم ڪرڻو ناهي. چرچي ۽ مذاح کان پري ڀڄبو. پَرَ منهنجا نصيب ڪجهه اهڙا آهن جو ڪا به ڳالهه ڪندو آهيان يا لکندو آهيان ته بحث ڇڙيو پئي ۽ اها ڳالهه منهنجي ڳلي پئجيو وڃي. مان ڳالهه ڪري پڇتائيندو آهيان ۽ ماٺ منهنجي فطرت ۾ ئي ڪانهي. وڏا خوش قسمت آهن، اُهي جن جي فطرت ۾ تکائي ناهي.
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    تواريخي ڳالهيون!




    سومر 4 آگسٽ 2008ع



    ياد رکڻ گهرجي ته عربي ٻوليءَ ۾ ”چ“ جو اچار به ڪونهي ۽ ”چ“ جو اکر به ڪونهي، تنهن ڪري اهو ممڪن ئي ناهي ته عربي ٻوليءَ ۾ ڪو اهڙو ڪتاب هجي، جنهن جو نالو ”چچنامو“ هجي. هاڻ ٽارزن حضرات بنا ڪنهن سبب جي بحث ڪندا ته حليم غلط ٿو چوي. عربن جي خوشامد ۾ سنڌي تواريخ نويس راجا ڏاهر تي غليظ ۽ ڪنا بهتان هڻندا رهيا آهن، ثابتيءَ لاءِ هو غئبي ڪتاب ”چچنامي“ ڏانهن اشارو ڪندا آهن، جنهن جو وجود ئي ناممڪن آهي. مان ورجايان ٿو ته جنهن سنڌ تي محمد بن قاسم حملو ڪري آيو هو تنهنجو حاڪم گهراڻو بروهي هو، جيتوڻيڪ ماڻهن جي گهڻائي بلوچ نسل جي هئي.

    ياد رکڻ گهرجي ته عربي ٻوليءَ ۾ ”گ“ جو اکر به ناهي ۽ اچار به ناهي ۽ تنهن ڪري عرب ماڻهو ”اگور“ کي الور لکندا هئا. اهو ”اگور“ راجا ڏاهر جي گادي جو هنڌ هو، جيڪو ڪراچيءَ کان گوادر ويندي رستي تي ايندو آهي. اها فقط چريائپ جي سوچ ٿي سگهي ٿي ته محمد بن قاسم واري منجنيق گوادر ويجهو جيوڻي وٽ بندر تي لٿي هجي ۽ سوين ڪوهه ڪري سکر ضلعي ۾ الور پهتي هجي. انهن سنڌي تواريخ نويسن مون کي به توائي ڪري ڇڏيو هو ۽ پاڻ به سکر واري الور راجا ڏاهر جي راڄڌاني سمجهڻ لڳو هوس، مان ته توائي ليکڪ رهيو آهيان، پر مون وٽ ڪوڙ ڪونهي، غلطي ته ڪو به ڪري سگهي ٿو. سنڌي پڙهندڙن کي سنڌي تواريخ نويسن هندستان ۽ سنڌ جي تواريخ ابتي پڙهائي، ايتري قدر جو سنڌي پڙهندڙن جي ذهنن تي اهڙي ڪٽ چڙهي وئي، جو ڪا به نئين سوچ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هنن جڏهن به ڪا تواريخ لکي ته ان جو نالو سدائين ”سنڌ جي مختصر تاريخ“ يا ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ رکندا رهيا آهن، تواريخ پڙهڻ ۽ سمجهڻ آرٽ آهي، جنهن کان هي ڪورا رهيا آهن. اوهان کي پڙهايو ويو آهي ته هندستان جا اصلوڪا رهاڪو اڻ آريا هئا، جيڪي اڻ سڌريل هئا جن کي آريا ماڻهن اچي سڌاريو. اها ڳالهه غلط آهي. هندستان جا اصلوڪا رهاڪو اڻ آريا سڌريل ماڻهو هئا، جن وٽ ٻني ٻاري واريون بيٺڪون هيون. اڻ سڌريل دراصل اهي آريا هئا، جيڪي اتر-اولهه ۽ اولهه پاسي کان گهوڙن تي چڙهي هندستان ۾ داخل ٿيا. هي رولو قوم هئا ۽ هنن وٽ ڪو به گهر گهاٽ نه هو، پر سنڌ ۽ هندستان جي تواريخ سمجهڻ لاءِ هندستان ۾ ماڻهن جي چرپر تي نظر رکڻ ضروري آهي. آريا ته تمام گهڻو دير سان آيا. ضروري ڪونهي ته اهو خيال صحيح هجي ته هندو ڌرم جا چار ويد آريا ماڻهن سنڌو نديءَ جي ڪپ تي لکيا هئا. هندو ڌرمي ڪتاب ۽ ويد ايترا ته آڳاٽا آهن جو اهي فقط هندستان جي اصلوڪن رهاڪن اڻ آريا جا ئي لکيل ٿي سگهن ٿا ۽ ائين بلڪل آهي. سوال هيءُ آهي ته سنسڪرت ٻولي هندستان مان نڪري اولهه ڏانهن وڌي ويئي هئي يا اولهه پاسي کان اچي هندستان ۾ داخل ٿي هئي؟ ورجايان ٿو ته آريا ماڻهو گهڻو دير سان آيا هئا.

    ڏهه پندرهن هزار ورهه اڳ ايشيا ۾ ماڻهن جي وسندي فقط ڏاکڻي هندستان ۾ هئي، باقي سمورو هندستان خالي هو. جيڪي ماڻهو ڏاکڻي هندستان ۾ ويٺل هئا، سي آهستي آهستي هوريان هوريان اتر طرف وڌڻ لڳا. ڏهه هزار ورهيه اڳ تائين ماڻهو هندستان جي اڄوڪي ڪرناٽڪا رياست واري ايراضي ۾ داخل ٿيڻ لڳا، جتي ”هالار“ نالي جي آڳاٽي بيٺڪ اڄ به موجود آهي. انهيءَ هالار واري ايراضيءَ کان ماڻهو مختلف وهڪرن ۾ مختلف طرف ڦهلجڻ لڳا، ٻين وهڪرن سان پنهنجو واسطو ڪونهي، پر جيڪو وهڪرو هندستان جي اولهاڻي سامونڊي ڪناري سان هلندو آيو سو پاڻ لاءِ اهم آهي. ماڻهن جي قدرتي لڏپلاڻ ۽ سندن ڦهلجڻ وقت وٺندڙ سلسلو آهي، صديون به وٺيو وڃي ۽ هزارين سال به وٺيو وڃي. اهي هالاري ماڻهو جن جي واڌ هزارين ورهيه اڳ ڪرناٽڪا جي هالار کان شروع ٿي هئي تن اهو هالا جوڙيو جيڪو سنڌ ۾ آهي، اڄ به سنڌ ۾ هالاري ميمڻ موجود آهن. مطلب ته جيڪي ماڻهو ڏهه پندرنهن هزار ورهيه اڳ ڏکڻ هندستان ۾ رهيل هئا، اهي وقت گذرڻ سان اتر ڏانهن واڌ ڪندا هليا. جيڪي ماڻهو ڪرناٽڪا ۾ داخل ٿيا، سي هالار مان لنگهندي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ تائين ڦهلجي ويا، جن مان هڪڙو وهڪرو سامونڊي ڪناري سان گڏ هلندي سورت وٽ لوٿل ۾ پهتو، اهو لوٿل اڄ به هندستان ۾ آڳاٽي بيٺڪ جي حيثيت رکي ٿو. سنڌي تواريخ نويسن کي اوهان ڇڏيو. هنن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ، اٿڻ ويهڻ، تقريرون ڪرڻ ۽ لکڻ جو بنياد خوشامد ۽ پاڻ پڏائڻ تي رکيل آهي. اها لوٿل واري آڳاٽي بيٺڪ موهن جي دڙي واري بيٺڪ کان تمام گهڻو آڳاٽي آهي. اهي ڏاکڻي هندستان جا ماڻهو هئا، جيڪي هزارين ورهين ۾ وڌندي سڄي هندستان ۾ پکڙجي ويا. ماڻهن جو جيڪو وهڪرو هالار کان لوٿل پهتو، سو مارواڙ کان راجسٿان ۾ داخل ٿي ڦهلجڻ لڳو، جتان گهڻو پوءِ اڄوڪي سنڌ صوبي واري ايراضي ۾ داخل ٿيڻ لڳا. اهي سميجا، ڪوريجا، ڌاريجا، ناريجا، جوڻيجا سڀئي راجسٿاني راجپوت ذاتيون آهن، هنن جي اصلوڪي ٻولي مارواڙي آهي، جنهن تان هي ورهين کان هٿ کنيو ويٺا آهن. انهن قومن جي جوانن کي جيڪڏهن خاطري گهرجي ته پنهنجن وڏن کان پڇن. مون عبدالقادر جوڻيجو کان به پڇيو هو ۽ پنهنجن سميجا دوستن کان به پڇيو هو.

    هالار ۽ لوٿل کان هليل ماڻهن جي هڪ شاخ سڌو اتر ڏانهن وئي. اها شاخ ڇو ته گجرات ۽ ڪاٺياواڙ مان لنگهي هئي، تنهن ڪري ڪاٺياواڙي ثقافت ۾ شاهوڪار هئي. اها ئي شاخ هئي جنهن ڪيئي صديون پوءِ موهن جي دڙي واري ثقافت جو بنياد رکيو. موهن جي دڙي جو نڪ نقشو اهو ساڳيو آهي، جيڪو لوٿل واري بيٺڪ جو آهي، اهو غلط آهي ته موهن جي دڙي جو اثر لوٿل تي هو. حقيقت اها آهي ته موهن جو دڙو لوٿل ۽ ڪاٺياواڙ جي اثر هيٺ هو. ثقافتي لحاظ کان موهن جو دڙو ڪاٺياواڙ جي ثقافت جي ماتحت هو، هاٿي ڪاٺياواڙ ۾ هو، جنهن جون ٽڪيون موهن جي دڙي وٽ سڪي وانگي هلنديون هيون. اهو ياد رکڻ گهرجي ته موهن جي دڙي جو ڪو به واسطو يا تعلق انهيءَ آڳاٽي سنڌ سان نه هو، جنهن تي محمد بن قاسم ڪاهه ڪري آيو هو، موهن جي دڙي جي اسڪرپٽ جي چاٻي سوراشٽره ۾ ملندي. آڳاٽي سنڌ جو به پنهنجو اسڪرپٽ هو، اهو ناممڪن آهي ته ايڏي وڏي حاڪميت وٽ لک پڙهه لاءِ ڪو اسڪرپٽ ئي نه هجي.

    جيئن ته مون موهن جو دڙو به نه ڏٺو آهي، تيئن مون گوادر به نه ڏٺو آهي. مان نٿو سمجهان ته مان اهي ٻئي هنڌ ڏسي سگهندس. جيئن عظيم چانڊيي مون کي يقين ڏياريو هو ته موهن جي دڙي بابت منهنجيون ڳالهيون درست آهن، تيئن مون کي جڳديش به يقين ڏياريو آهي ته گوادر واري ايراضي بابت منهنجي ڳالهين ۾ وزن آهي. منهنجو چوڻ آهي ته اها گوادر واري ايراضي هئي جتي ديبل بندر هو جو اتي پهاڙن جي اوٽ ۾ عربن جا بادبان ٻڌل ٻيڙا سولائيءَ سان لنگر انداز ٿي آرام سان بيهي سگهندا هئا. عربن جا بادبان ٻڌل سامونڊي ٻيڙا جڏهن گوادر (جيوڻي) واري ايراضي ڇڏيندا هئا ته سڌو سورت ۾ لنگر انداز ٿيندا هئا. ڪراچي وغيره سان هنن جو واسطو نه هوندو هو، جو اتي هوائن جي زور کان بچڻ لاءِ ڪنهن به پهاڙ جي اوٽ نه هئي، اهو زمانو بادبان ٻڌل سامونڊي ٻيڙن جو هو. آڳاٽي سنڌ جنهن تي محمد بن قاسم حملو ڪيو هو، سا هندو ڌرم سان وابسته (لاڳاپيل) هئي ۽ موهن جي دڙي جا ماڻهو ٻڌ مت جا پوڄاري هئا. منهنجو خيال آهي ته مان گهڻي ڪوت ڪري ويو آهيان. منهنجي مرضي آهي ته هاڻي مان ڪنهن بادشاهه جي ڳالهه ڪريان. ڪنهن زماني ۾ ڪنهن ملڪ تي ڪو بادشاهه حڪومت ڪندو هو، نالو ته بادشاهه جو هو پر حڪم دراصل سندس زال جو هلندو هو، جنهن کي ملڪ جي رعايا راڻي چوندي هئي. جنهن تان بادشاهه کي چڙ لڳندي هئي پر ڪري ڪجهه نٿي سگهيو، جو راڻي سندس حقو پاڻي بند ڪري ڇڏي ها. في الحال اها آکاڻي ايتري ڪافي آهي. مرڻ وقت اوهان کي پلئٽو، ساڪريٽس، ڪارل مارڪس وغيره ياد نه ايندا ۽ نه وري هسٽري يا جاگرافي ياد ايندي، مرڻ وقت اوهان فقط ساهه جهلي انتظار ڪندا ته هاڻ ڇا ٿئي. مون کي تمام گهڻي تڪڙ آهي ته ڏسان ته موت ڇا آهي، ڪيئن ٿو اچي، ان کانپوءِ ڇا ٿو ٿئي؟ جڏهن مان انهن ٽنهي مرحلن مان لنگهي پار ٿيندس ته منهنجي انهن ڪالمن ۾ جان اچي ويندي جو مان آسماني راز سڀيئي انهن ڪالمن ۾ لکي ٻڌائيندس ته مون سان ڪهڙي ويڌن ٿي. الائجي ڇو ليکڪن جو خيال هوندو آهي ته سندن موت کي ڪا خاص اهميت هوندي ۽ هنن جي موت کي عام ماڻهن جي موت وانگي درگذر نه ڪيو ويندو. اها غلط فهمي ختم ٿيڻ گهرجي، موت وٽ وڏي ننڍي يا ليکڪ ۽ تيس مار خان جو تفاوت ناهي. جڏهن موت جي ڳالهه ايندي آهي مون کي عمر خيام ياد ايندو آهي. مون وٽ پنهنجي ڇپايل ڪتاب جي به ڪاپي ناهي، مون جڳديش کان گهري آهي، جيڪڏهن مون کي ملي وئي ته ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو انهن ڪالمن ۾ ڏيندس. دراصل مون وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه رهيو ناهي، تنهن ڪري ماضي ۾ لکيل ڳالهيون ياد پيون اچن. جڏهن قاضي صاحبان خادم وطن ڇاپيندا هئا، تڏهن مون ان ۾ فرسٽ ڪلاس ڪالم ڏنا هئا، تڏهن مون ۾ نواڻ هئي. جيڪڏهن اهي ڪالم ڪنهن صاحب وٽ هجن ته مون تائين پهچائي. انگريزي جو پروفيسر منوج هالائي زماني کان مون سان نه مليو آهي. مان نٿو سمجهان ته مون کيس ڏکويو آهي. مون کان جا وڏي غلطي ٿي وئي سا هي هئي ته مون پنهنجن انگريزي ڪتابن جون ڪاپيون ولي رام ولڀ تائين نه پهچايون هيون، منهنجا سڀيئي ڪم آڏا ابتا هئا.
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    مرڻ ۽ جيئڻ




    آچر 24 آگسٽ 2008ع



    منهنجي مرڻ تي فقط اهو هڪڙو ماڻهو خوش ٿيندو، جنهن کي يقين آهي ته هو پاڻ نه مرندو. اوهان جو خيال هوندو ته مان اها سهڻي سٽ لکي ويس. اها سٽ ساڍا ڇهه سئو ورهيه اڳ عمر خيام لکي ويو هو. منهنجا هٿ ڪجهه غور سان ڏسو، اهي منهنجا هٿ فقط ڪجهه گهرڻ لاءِ اڳتي وڌندا آهن، منهنجا کليل هٿ فقط پنڻ لاءِ ۽ ڪجهه گهرڻ لاءِ اڳتي وڌندا آهن، ڏيڻ وارو فقط الله آهي. پر الله جا رنگ نرالا آهن، جو هو ڏيندو آهي ته فقط بندن معرفت، منهنجي نالي وڌيل هٿ تي ڪو بندو ئي ڪجهه رکندو آهي، اهو آهي ڪمال قدرت جو، جيڪو مون انڌي کي ايڪهتر ورهين جي عمر ۾ نظر آيو آهي.

    اکيون ته آهن اکيون، ڪڏهن هيڏانهن ڪڏهن هوڏانهن اٿيو وڃن، ڪڏهن هيڏانهن ڪڏهن هوڏانهن ٿڙيو وڃن. ذهن سان به ساڳي ڪار آهي، ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن کسڪيو وڃن. مون لاءِ چيو ويندو آهي ته مان بدنيت آهيان، سو ته مان آهيان، جي بدنيتي نه هجي ها ته اهو لفظ ”نيت“ ڊڪشنريءَ ۾ ئي نه هجي ها. مان بداخلاق به هوس ۽ آهيان ۽ بدنصيب به آهيان، جي اهو لفظ ”بد“ نه هجي ها ته ”نصيب“ به نه هجي ها ۽ ”اخلاق“ به نه هجي ها، بحث ڪبو ته اها ڊگهي آکاڻي ٿي ويندي، جا اوهان کي هلاک ڪندي.

    جڏهن عشق جي ضرورت نه هئي ته سوين عشق هئا، هن خطرناڪ ٻڍاپي ۾ جڏهن عشق جي ضرورت آهي، روح کي ته عشق جونالو نشان نظر نٿو اچي. هلڪي اميد آهي ته ڪٿان ڪا اچي هٿ جهلي چوندي ته، ”هل“ ۽ مان هليو ويندس. مان موت جي ڳالهه پيو ڪريان، دنياداري پراڻي ڳالهه ٿي وئي آهي.

    ڪامياب ماڻهو اجايا آهن، سڄو تجربو ناڪام ماڻهن وٽ هوندو آهي. جي ڪا هوٽل هلائڻي آهي ته ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کان صلاحون وٺو، جيڪو هوٽل هلائڻ ۾ ناڪام ٿيو هجي، جو هو بهتر ٿو ڄاڻي ته هوٽل جو ڌنڌو ڪهڙن سببن ڪري ناڪام ٿيندو آهي ۽ هو پاڻ ڇو هوٽل نه هلائي سگهيو هو. ساڳي ڳالهه سڀني ڌنڌن سان لاڳو آهي. چڱو خاصو پاپولر ليکڪ هجڻ باوجود به مان پيسي ۽ حيثيت ۾ ٻين ليکڪن کان تمام گهڻو پوئتي رهجي ويو آهيان، تنهن ڪري مان پاڻ کي ناڪام ليکڪن ۾ ڳڻيان ٿو. جيڪڏهن اوهان کي ڪامياب ليکڪ ٿيڻو آهي ته مون کان پڇو ته ڪامياب ليکڪ ٿيڻ لاءِ ڇا ڪجهه ڪرڻ گهرجي، ڇا ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي. برنارڊ شا پنهنجين لکڻين اڳيان ڊگهيون تهميدون ڏيندو هو، سو مون هڪڙو ڪتاب لکي ڇپايو، جنهن جو نالو هو ”مسز شا وارو ڪيس“ اهو ڪتاب بنهه وڏي مشڪري هو، ڪجهه پروف جي غلطين ڪري اهو ڪتاب منهنجي ارواح تان لهي ويو. پڙهندڙن کي عرض آهي ته جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن وٽ ان ڪتاب جي ڪاپي هجي ته مهرباني ڪري اها مون کي ڏئي ته مان ڪاوش ۾ ڇپايان.

    غلام رسول ٽالپر اصل بدين جو، پر رهندڙ قاسم آباد جو، منهنجو دوست آهي. هن مون کي ٻڌايو ته ڪا پيتي ڦلوريندي هن کي منهنجو لکيل ڪو ليک هٿ اچي ويو، جيڪو ڪنهن اخبار مان ڪاٽيل هو. انهيءَ ليک ۾ مون سنڌي اکرن بابت لکيو هو ته ڪيئن ٺاهيا ويا آهن ۽ ڪيئن ٺاهڻ گهرجن. ٽالپر صاحب چيو ته اهو ليک ڳولهي مون کي ڏيندو. هاڻي ٽالپر صاحب ڏاڏو به ٿي ويو آهي پر اها اخباري ڪٽنگ مون کي اڃا نه ملي آهي.

    ڪنهن زماني ۾ ڪاوش اخبار جي آفيس ۾ آئيڊيا هليو هو ته ڪاوش ۾ ڇپيل منهنجي مضمونن جو مجموعو ڪتابي صورت ۾ ڇاپيو وڃي، انهن مضمونن جي چونڊ به مان پاڻ ڪريان. پر ان زماني ۾ منهنجو ذهن هڪ جاءِ نه هو، جو منهنجا گهڻيئي ليک ڪنٽروورشل سمجهيا ويندا هئا. هاڻي مان محسوس ٿو ڪريان ته جيڪڏهن قاضي صاحب چاهي ته اهڙو مجموعو ممڪن ٿي سگهي ٿو. انگريزي ۾ لکيل منهنجي هڪڙي لکت آهي، جنهن جو نالو آهي، ”ناڪ، ناڪ، ناڪ“ معنيٰ در تي کڙڪو. اها لکت منهنجي ڪتاب سيڊس ۾ ڇپيل آهي، پر آهي ٽپيڪل سنڌي ماحول واري. مشڪل اها آهي ته سيڊس جي ڪاپي به مون وٽ ناهي، ڪاپي هٿ ڪري ان لکت جو ترجمو هنن ڪالمن ۾ هلائيندس، فقط هڪڙو ڊگهو ڪالم ٿيندو.

    ٻي هڪڙي لکت آهي، جنهن جو نالو آهي، ”ڪِلڪا ڪِلڪِ“ ترجمي لائق آهي، هوريان هوريان منهنجي کوپڙيءَ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، مون پنهنجو هڪڙو فرسٽ ڪلاس ڊرامو ٽي وي لاءِ سجاد شيخ هٿان عبدالڪريم بلوچ صاحب جي فرزند کي پهچايو هو، اهو ٽي وي پلي دفن ٿيل آهي ۽ سجاد شيخ ڪشمور ۾ بزي ٿي ويو آهي. مون جا به پنهنجي لکت ڪنهن ٻئي کي ڏني، سا رلي وئي، هي ليک جيڪڏهن سجاد پڙهي ته قصو سمجهي ويندو، مون وٽ نقل ناهي. رات بدر سميجو آيو هو. هو ڪراچي کان پني عاقل پئي ويو ۽ رات ڀائيٽي وٽ ٽڪيل هو. مون کي اهو سڄو وقت ياد ڏياريو ويو، جڏهن هن ايم اي انگريزي جو امتحان پئي ڏنو ۽ پنهنجا ڪتاب پڙهڻ بدران منهنجي انگريزيءَ جي لٻاڙ ٻڌندو هو، بدر اي ڪلاس تنقيد نگار آهي، پر لکي نٿو، انگريزي تي فرسٽ ڪلاس مهارت اٿس. سندس فيورٽ ليکڪ آسڪر وائيلڊ آهي، جيڪو منهنجو به فيورٽ آهي. اهي ڳالهيون مان اجايو نه پيو ڪريان، آخر ڪجهه ته لکي ڪالم جو پيٽ ڀرڻو آهي.

    شيطان جو ڏوهه فقط ايترو هو ته هن الله تعاليٰ جي حڪم کان بغاوت ڪري انسان کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ مان ڇا آهيان؟ مان به ته هر ڪنهن انسان کي ”نه، نهين ۽ نو“ چوندو آيو آهيان، مان به ته هر ڪنهن ماڻهوءَ اڳيان اڪڙجي ۽ ڦونڊجي ويندو رهيو آهيان. شيطان کي الله تعاليٰ آسمان تان لاهي ڇڏيو ۽ مان ماڻهن جي نظرن ۾ ڪريو آهيان. اوهان ڏاها ٿيو ۽ پنهنجي زبان تي سنڌي واري ”نه“، اردو واري ”نهين“ ۽ انگريزي وارو ”نو“ ڪڏهن به نه آڻجو. انڪار ڪرڻ ۽ اهو به هٺ ۽ وڏي آڪڙ ۽ بيحائيءَ سان، وڏو نقصانڪار آهي. ڪنهن به ڳالهه تي انڪار ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيو ۽ پوءِ هيڻي آواز ۾ ئي سهي، هائو ڪري ڇڏيندا ڪريو. مون کي منهنجو نئين سر گذارڻ گذارڻ ڏيو ته مان اوهان کي ڏيکاريان ته ڪامياب زندگي ڇا کي چئبو آهي. شيطان جي آسمان تان ڪرڻ واري ڳالهه ۾ منهنجي ۽ مون جهڙن هزارن ماڻهن جي ڪهاڻي لڪل آهي. في الحال مان پنهنجي دل فلم ”پڙوسن“ ۾ آغا جي چيل انهن لفظن سان وندرائيندو آهيان ته:

    جب جب، جو جو هونا هئي،

    تب تب، سو سو هوتا هئي!
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عجيب ڌاريو




    ڇنڇر 30 آگسٽ 2008ع



    شهرن جي گهما گهميءَ کان پري ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنهن ۾ سک، چين ۽ ماٺ جو واسو هو، هڪڙي ننڍڙي گهر ۾ هڪڙا زال مڙس رهندا هئا، هڪڙي ڏينهن در جي کڙڪي تي ڏٺائون ته هڪڙو ڌاريو پٺيءَ تي ڪا ڳري ڳوڻ کنيو بيٺو آهي، جنهن چيو ته منهنجي هي ڳوڻ رکو جا مان ڳوٺ ۾ پنهنجو ڪم ڪار لاهي اچي کڻي ويندس، زال ۽ مڙس چيو ته ڀلي رکي وڃ، ڌاريو اها ڳوڻ گهر ۾رکي هليو ويو. اهو ڌاريو ان ڏينهن نه وريو ۽ ٻئي ڏينهن به نه آيو، سڄو هفتو نه آيو ۽ پوءِ سڄو مهينو نه آيو. اها ڳوڻ گهر ۾ اتي ئي رهي جتي اهو ڌاريو رکي ويو هو، پر هو پاڻ سڄو سال نه آيو، ائين ٻيو سال به گذري ويو.

    هڪڙي ڏينهن زال مڙس صلاح ڪئي ته ڏسجي ته ان ڳوڻ ۾ ڇا آهي، ڳوڻ کولي جو ڏٺائون ته ان کي سونن سڪن سان ڀريل ڏٺائون، گهٻرائجي ڳوڻ بند ڪري فڪر ۾ پئجي ويا. وقت ويو گذرندو، پر اهو ڌاريو نه وريو.

    سخت غربت کان مجبور ٿي هڪڙي ڏينهن زال مڙس پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڳوڻ مان فقط هڪڙو سونو سڪو ڪڍي وڪڻي پنهنجو ڏکيو وقت گذارجي ۽ هٿ کلڻ تي اهو سونو سڪو وٺي موٽائي ڳوڻ ۾ رکجي، سو هنن ڳوڻ مان هڪڙو سونو سڪو ڪڍي وڪڻي ڇڏيو ۽ سندن غريب گهر ۾ خوشحالي اچي وئي، اها هئي شروعات. ڪجهه وقت کانپوءِ هنن ٻيو سڪو ڪڍي وڪيو ۽ پوءِ ٽيون سڪو وڪيائيون. پهرين ته زال مڙس پاڻ سکيا ۽ آسودا ٿيا، پوءِ جيئن جيئن ٻيا سڪا وڪڻندا ويا تيئن تيئن ڳوٺ به سکيو سهنجو ٿي ننڍڙو شهر ٿي ويو ۽ سونن سڪن جي دولت جي ريل پيل ڪري ڳوٺ وڏو شهر ٿيندو ويو ۽ شهري ماحول ۾ سمائجي ويو. زال مڙس هوريان هوريان سڪا وڪڻندا ويا ۽ پاڻ به وڏا ماڻهو ٿي ويا ۽ اهو ڳوٺ به وڏي گهما گهمي وارو وڏو ڪاروباري شهر ٿي ويو، اها سونن سڪن سان سٿيل ڳوڻ وڏي هئي ۽ اهو ڌاريو ڪڏهن نه وريو. اها آکاڻي آمريڪي ليکڪ مارڪ ٽئين جي لکيل آهي، جنهن جو نالو مسٽيرئس اسٽرينجر ۾ (Mysterious Stranger). اوهان جو خيال هوندو ته اها آکاڻي اڌوري لکيل آهي، پر ائين ڪونهي. اها آکاڻي مڪمل آکاڻي آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن لاءِ پرولي آهي ته آخر اهو ڌاريو ڪير هو، جيڪو سونن سڪن سان ڀريل ڳوڻ ڇڏي پاڻ ڪڏهن نه موٽيو؟ ڇا اهو ڌاريو ڪو فرشتو هو، جنهن انهن غريب زال مڙس جي غربت ختم ڪري ڇڏي ۽ سڄي ڳوٺ جي ماڻهن کي سکيو سهنجو ڪري شهر کي گهماگهميءَ ۾ آڻي ڇڏيو؟ ڇا اهو شيطان هو، جنهن سونن سڪن سان ان ننڍڙي ڳوٺ جو سک چين ۽ امن امان برباد ڪري ان کي شهري زندگي جي لالچ، حرص، حوس، چوري، چڪار، چالاڪين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو؟ ڇا هو فرشتو هو، جنهن هن غريب زال مڙس جي قسمت بدلائي کين سکيو ۽ ڌنوان دولت مند ڪري ڇڏيو، يا هو شيطان هو جنهن هن سادن زال مڙس کي حرص ۽ حوس جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟

    ظاهري طرح اها آکاڻي اڻپوري آهي، پر ”مارڪ ٽئين“ معمولي ليکڪ نه هو. هن کي وڏي ڏات هئي. اها آکاڻي پاڻ پنهنجن سوالن جو جواب آهي. ”مارڪ ٽئين“ ٻڌائي ٿو ۽ ڏيکاري ٿو ته فرشتو ۽ شيطان ساڳئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. هڪڙي نقطهءِ نظر کان ڏسبو ته اهو ڌاريو فرشتو نظر ايندو ۽ ٻئي نقطهءِ نظر کان ڏسبو ته هو شيطان نظر ايندو. اوهان چوڌاري ڏسو هر هڪ ماڻهو ۽ هر هڪ ڪم فرشتي ۽ شيطان جي الڳ الڳ دائرن ۾ رکي سگهجي ٿو. ”مارڪ ٽئين“ جي آکاڻي ٿي ختم، پر مون کي احساس آهي ته مان هن ليک ۾ ”مارڪ ٽئين“ جو روح نه ڦوڪي سگهيو آهيان.

    مون کي حيرت ٿي اهو ٻڌي ته سنڌ يونيورسٽي جي سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جي رٽائرڊ پروفيسر سائين غلام رسول شاهه جي ڇهن پٽن مان ڪو به سنڌ يونيورسٽي ۾ ڀرتي نه ٿيل آهي. مون کي ياد آهي ته سائين ڊاڪٽر الانا صاحب منهنجي ٻار جي نوڪري جي درخواست تي هڪڙي منٽ ۾ اپائنٽيڊ لکيو هو. شايد قائدا قانون ۽ وقت بدلجي ويا آهن. منهنجو ٻن ڪمرن جو گهر بلڪل فٽ پاٿ تي آهي ۽ ٻه ڏاڪا جيڪي منهنجي در تائين اچن ٿا، سي ڪجهه اهڙا آهن جو هر ڪنهن واٽهڙو جي هروڀرو به مرضي ٿيندي ته منهنجو در وڄائي ۽ مان ويٺو به در وٽ هوندو آهيان، تنهن ڪري پاڙي ۾ ڪير ڪٿي رهندو آهي بابت پڇڻ لاءِ هرڪو ڌاريو منهنجو در وڄائيندو آهي. اڳي مون لاءِ اهو ويل هو ۽ مان ڇتو ٿي پوندو هوس، پر هاڻ مان کلي پوان ٿو جو مان ٻڌي نٿو سگهان. هاڻ سوال پڇندڙ بيوس ٿيو وڃن. شاباس هجي فيض کوسي کي جنهن منهنجي ٻوڙاڻ برداشت ڪري به مون کان ڪي ٽي اين لاءِ انٽرويو ورتو هو.

    هڪڙي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي، مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته جنهن جو انٽرويو وٺبو آهي تنهن کي ڇو پيسا نه ڏبا آهن، جي هو اهڙو غير اهم آهي جو پيسا نه لهي ته هن جو انٽرويو ڇو ورتو ويندو آهي!؟ مان پنهنجي ڳالهه نه پيو ڪريان، مان ته ڏهه انٽرويو مفت ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مان ته واجهائيندو آهيان ته ڪو مون کان انٽرويو وٺي، انٽرويو ڏيڻ ۾ فائدو هي آهي ته لکڻ جي محنت نٿي ڪرڻي پوي، نقصان هي آهي ته پيسا نٿا ملن.

    هر ڪنهن کي فڪر آهي ته ملڪ جو ڇا ٿيندو، بادشاهه به گهڻو وقت حڪومت ڪري آخر بيزار ٿي چاهيندا آهن ته ملڪ ختم ٿئي ته سندن جند ڇٽي، اڳي معاملو سولو هو، ڪڏهن خلجي حملو ڪري ايندا هئا ته ڪڏهن غوري حملو ڪري ايندا هئا، گهڻو اڳ آريا به ايتري گهڻائيءَ ۾آيا جو سڄو هندستان هيٺ مٿي ٿي ويو، نادر شاهه جي ڪاهه ته تاريخ جو سونهري حصو آهي، پر اڄوڪو زمانو مختلف آهي، هاڻي ماٺيڻا هوائي جهاز اچي بمباري ڪري هليا ويندا آهن ۽ ڪو به نادر شاهه ظاهر نه ٿيندو آهي. جيستائين پاڻ وٽ ڪالا باغ ڊيم جي ڊگڊگي هئي وڄائڻ لاءِ تيستائين پاڻ کي فڪر نه هو ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ هاڻ جڏهن اسان کان اها ڪالاباغ ڊيم واري ڊگڊگي کسجي وئي آهي ته اسان پريشان ٿي ويا آهيون ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ پاڻ کي گهرجي ته وري ڪالا باغ قسم جي ڪا ڊگڊگي وڄائي پنهنجي دل خوش ڪريون.

    پر هن ملڪ جو آخر ڇا ٿيندو؟ انگريزيءَ ۾ ڪيلي کي چئبو آهي بنانا ۽ بنانا ڪنٽري چئبو آهي، اهڙي ملڪ کي جنهن جي حاڪميت ۾ پختگي نه هجي. هي ملڪ بنانا ڪنٽري ناهي، هن جي حاڪم جماعت تمام وڏيون قربانيون ڏيئي حاڪميت ۾ آئي آهي. ملڪ ۾ جيڪي به مسئلا آهن سي اڄڪلهه سڄي دنيا جا مسئلا آهن. سرحدن تي جا بندوقبازي ٿي رهي آهي، سا دراصل ڦٽاڪن جي راند آهي، چوڌاري جيڪي ملڪ آهن تن سان تعلقات سٺا آهن، سو فڪر ڇا جو؟ اشفاق آذر جو سوال آهي ته ملڪ جا حاڪم ڇو پنهنجون ميٽنگون ملڪ کان ٻاهر ڪندا آهن، جواب آهي ته هي ملڪ بنانا ڪنٽري ناهي، صدر مشرف ڪا به ميٽنگ ملڪ کان ٻاهر نه ڪئي هئي. اشفاق کي اها ڄاڻ به ناهي ته ملڪ جو حاڪم ڪير آهي ۽ حاڪميت ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ آهي، في الحال آئون سنئون سڌو پرويز مشرف جي پاسي آهيان. نالو ته مون کي ياد ڪونهي، پر ايجپٽ ۾ ڪو يهودي ڪلارڪ هو، جنهن فقط ڏهه شاعرانه ڪهاڻيون لکيون هيون، جن مان هڪڙيءَ جو مطلب عجيب آهي. شهر جا سڀئي ماڻهو فوج ۽ حاڪم سميت شهر خالي ڇڏي شهر کان ٻاهر اچي سامهون ڏسندي وحشين جي انتظار ۾ صبح سوير کان بيهن ٿا. ڏينهن تپجي ٿو وڃي پر هو وحشين جي اچڻ جي انتظار ۾ سامهون تڪيندا ٿا رهن ۽ بي چين ٿيندا ٿا وڃن. سج لهڻ وقت تائين هو نااميد ٿي ڳرن پيرن سان شهر ۾ موٽي ٿا وڃن. پوءِ شاعر ٿو پڇي ته وحشي ماڻهو جو نه آيا ته هاڻ انهيءَ شهر جي نجات ڪيئن ٿيندي؟ سو مان اوهان کان ٿو پڇان ته جي سرحدن تي اها ڦٽاڪي بازي بند ٿي وئي ته پوءِ پاڻ اخبار ڇو پڙهنداسين ۽ ٽي وي ڇو ڏسنداسين؟ فيض احمد فيض کان ڪنهن اخبار گهري، فيض ٻڌايس ته هو اخبار نه گهرائيندو آهي، نه اخبار پڙهندو آهي. هن ماڻهو حيران ٿي چيس ته اخبار ته ضرور پڙهڻ گهرجي، فيض احمد فيض ڪنڌ ڌوڻيندي چيو ته ها، ڪڏهن ڪڏهن ڏسي وٺڻ گهرجي.
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عجيب ڌاريو




    ڇنڇر 30 آگسٽ 2008ع



    شهرن جي گهما گهميءَ کان پري ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنهن ۾ سک، چين ۽ ماٺ جو واسو هو، هڪڙي ننڍڙي گهر ۾ هڪڙا زال مڙس رهندا هئا، هڪڙي ڏينهن در جي کڙڪي تي ڏٺائون ته هڪڙو ڌاريو پٺيءَ تي ڪا ڳري ڳوڻ کنيو بيٺو آهي، جنهن چيو ته منهنجي هي ڳوڻ رکو جا مان ڳوٺ ۾ پنهنجو ڪم ڪار لاهي اچي کڻي ويندس، زال ۽ مڙس چيو ته ڀلي رکي وڃ، ڌاريو اها ڳوڻ گهر ۾رکي هليو ويو. اهو ڌاريو ان ڏينهن نه وريو ۽ ٻئي ڏينهن به نه آيو، سڄو هفتو نه آيو ۽ پوءِ سڄو مهينو نه آيو. اها ڳوڻ گهر ۾ اتي ئي رهي جتي اهو ڌاريو رکي ويو هو، پر هو پاڻ سڄو سال نه آيو، ائين ٻيو سال به گذري ويو.

    هڪڙي ڏينهن زال مڙس صلاح ڪئي ته ڏسجي ته ان ڳوڻ ۾ ڇا آهي، ڳوڻ کولي جو ڏٺائون ته ان کي سونن سڪن سان ڀريل ڏٺائون، گهٻرائجي ڳوڻ بند ڪري فڪر ۾ پئجي ويا. وقت ويو گذرندو، پر اهو ڌاريو نه وريو.

    سخت غربت کان مجبور ٿي هڪڙي ڏينهن زال مڙس پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڳوڻ مان فقط هڪڙو سونو سڪو ڪڍي وڪڻي پنهنجو ڏکيو وقت گذارجي ۽ هٿ کلڻ تي اهو سونو سڪو وٺي موٽائي ڳوڻ ۾ رکجي، سو هنن ڳوڻ مان هڪڙو سونو سڪو ڪڍي وڪڻي ڇڏيو ۽ سندن غريب گهر ۾ خوشحالي اچي وئي، اها هئي شروعات. ڪجهه وقت کانپوءِ هنن ٻيو سڪو ڪڍي وڪيو ۽ پوءِ ٽيون سڪو وڪيائيون. پهرين ته زال مڙس پاڻ سکيا ۽ آسودا ٿيا، پوءِ جيئن جيئن ٻيا سڪا وڪڻندا ويا تيئن تيئن ڳوٺ به سکيو سهنجو ٿي ننڍڙو شهر ٿي ويو ۽ سونن سڪن جي دولت جي ريل پيل ڪري ڳوٺ وڏو شهر ٿيندو ويو ۽ شهري ماحول ۾ سمائجي ويو. زال مڙس هوريان هوريان سڪا وڪڻندا ويا ۽ پاڻ به وڏا ماڻهو ٿي ويا ۽ اهو ڳوٺ به وڏي گهما گهمي وارو وڏو ڪاروباري شهر ٿي ويو، اها سونن سڪن سان سٿيل ڳوڻ وڏي هئي ۽ اهو ڌاريو ڪڏهن نه وريو. اها آکاڻي آمريڪي ليکڪ مارڪ ٽئين جي لکيل آهي، جنهن جو نالو مسٽيرئس اسٽرينجر ۾ (Mysterious Stranger). اوهان جو خيال هوندو ته اها آکاڻي اڌوري لکيل آهي، پر ائين ڪونهي. اها آکاڻي مڪمل آکاڻي آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن لاءِ پرولي آهي ته آخر اهو ڌاريو ڪير هو، جيڪو سونن سڪن سان ڀريل ڳوڻ ڇڏي پاڻ ڪڏهن نه موٽيو؟ ڇا اهو ڌاريو ڪو فرشتو هو، جنهن انهن غريب زال مڙس جي غربت ختم ڪري ڇڏي ۽ سڄي ڳوٺ جي ماڻهن کي سکيو سهنجو ڪري شهر کي گهماگهميءَ ۾ آڻي ڇڏيو؟ ڇا اهو شيطان هو، جنهن سونن سڪن سان ان ننڍڙي ڳوٺ جو سک چين ۽ امن امان برباد ڪري ان کي شهري زندگي جي لالچ، حرص، حوس، چوري، چڪار، چالاڪين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو؟ ڇا هو فرشتو هو، جنهن هن غريب زال مڙس جي قسمت بدلائي کين سکيو ۽ ڌنوان دولت مند ڪري ڇڏيو، يا هو شيطان هو جنهن هن سادن زال مڙس کي حرص ۽ حوس جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟

    ظاهري طرح اها آکاڻي اڻپوري آهي، پر ”مارڪ ٽئين“ معمولي ليکڪ نه هو. هن کي وڏي ڏات هئي. اها آکاڻي پاڻ پنهنجن سوالن جو جواب آهي. ”مارڪ ٽئين“ ٻڌائي ٿو ۽ ڏيکاري ٿو ته فرشتو ۽ شيطان ساڳئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. هڪڙي نقطهءِ نظر کان ڏسبو ته اهو ڌاريو فرشتو نظر ايندو ۽ ٻئي نقطهءِ نظر کان ڏسبو ته هو شيطان نظر ايندو. اوهان چوڌاري ڏسو هر هڪ ماڻهو ۽ هر هڪ ڪم فرشتي ۽ شيطان جي الڳ الڳ دائرن ۾ رکي سگهجي ٿو. ”مارڪ ٽئين“ جي آکاڻي ٿي ختم، پر مون کي احساس آهي ته مان هن ليک ۾ ”مارڪ ٽئين“ جو روح نه ڦوڪي سگهيو آهيان.

    مون کي حيرت ٿي اهو ٻڌي ته سنڌ يونيورسٽي جي سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جي رٽائرڊ پروفيسر سائين غلام رسول شاهه جي ڇهن پٽن مان ڪو به سنڌ يونيورسٽي ۾ ڀرتي نه ٿيل آهي. مون کي ياد آهي ته سائين ڊاڪٽر الانا صاحب منهنجي ٻار جي نوڪري جي درخواست تي هڪڙي منٽ ۾ اپائنٽيڊ لکيو هو. شايد قائدا قانون ۽ وقت بدلجي ويا آهن. منهنجو ٻن ڪمرن جو گهر بلڪل فٽ پاٿ تي آهي ۽ ٻه ڏاڪا جيڪي منهنجي در تائين اچن ٿا، سي ڪجهه اهڙا آهن جو هر ڪنهن واٽهڙو جي هروڀرو به مرضي ٿيندي ته منهنجو در وڄائي ۽ مان ويٺو به در وٽ هوندو آهيان، تنهن ڪري پاڙي ۾ ڪير ڪٿي رهندو آهي بابت پڇڻ لاءِ هرڪو ڌاريو منهنجو در وڄائيندو آهي. اڳي مون لاءِ اهو ويل هو ۽ مان ڇتو ٿي پوندو هوس، پر هاڻ مان کلي پوان ٿو جو مان ٻڌي نٿو سگهان. هاڻ سوال پڇندڙ بيوس ٿيو وڃن. شاباس هجي فيض کوسي کي جنهن منهنجي ٻوڙاڻ برداشت ڪري به مون کان ڪي ٽي اين لاءِ انٽرويو ورتو هو.

    هڪڙي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي، مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته جنهن جو انٽرويو وٺبو آهي تنهن کي ڇو پيسا نه ڏبا آهن، جي هو اهڙو غير اهم آهي جو پيسا نه لهي ته هن جو انٽرويو ڇو ورتو ويندو آهي!؟ مان پنهنجي ڳالهه نه پيو ڪريان، مان ته ڏهه انٽرويو مفت ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مان ته واجهائيندو آهيان ته ڪو مون کان انٽرويو وٺي، انٽرويو ڏيڻ ۾ فائدو هي آهي ته لکڻ جي محنت نٿي ڪرڻي پوي، نقصان هي آهي ته پيسا نٿا ملن.

    هر ڪنهن کي فڪر آهي ته ملڪ جو ڇا ٿيندو، بادشاهه به گهڻو وقت حڪومت ڪري آخر بيزار ٿي چاهيندا آهن ته ملڪ ختم ٿئي ته سندن جند ڇٽي، اڳي معاملو سولو هو، ڪڏهن خلجي حملو ڪري ايندا هئا ته ڪڏهن غوري حملو ڪري ايندا هئا، گهڻو اڳ آريا به ايتري گهڻائيءَ ۾آيا جو سڄو هندستان هيٺ مٿي ٿي ويو، نادر شاهه جي ڪاهه ته تاريخ جو سونهري حصو آهي، پر اڄوڪو زمانو مختلف آهي، هاڻي ماٺيڻا هوائي جهاز اچي بمباري ڪري هليا ويندا آهن ۽ ڪو به نادر شاهه ظاهر نه ٿيندو آهي. جيستائين پاڻ وٽ ڪالا باغ ڊيم جي ڊگڊگي هئي وڄائڻ لاءِ تيستائين پاڻ کي فڪر نه هو ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ هاڻ جڏهن اسان کان اها ڪالاباغ ڊيم واري ڊگڊگي کسجي وئي آهي ته اسان پريشان ٿي ويا آهيون ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ پاڻ کي گهرجي ته وري ڪالا باغ قسم جي ڪا ڊگڊگي وڄائي پنهنجي دل خوش ڪريون.

    پر هن ملڪ جو آخر ڇا ٿيندو؟ انگريزيءَ ۾ ڪيلي کي چئبو آهي بنانا ۽ بنانا ڪنٽري چئبو آهي، اهڙي ملڪ کي جنهن جي حاڪميت ۾ پختگي نه هجي. هي ملڪ بنانا ڪنٽري ناهي، هن جي حاڪم جماعت تمام وڏيون قربانيون ڏيئي حاڪميت ۾ آئي آهي. ملڪ ۾ جيڪي به مسئلا آهن سي اڄڪلهه سڄي دنيا جا مسئلا آهن. سرحدن تي جا بندوقبازي ٿي رهي آهي، سا دراصل ڦٽاڪن جي راند آهي، چوڌاري جيڪي ملڪ آهن تن سان تعلقات سٺا آهن، سو فڪر ڇا جو؟ اشفاق آذر جو سوال آهي ته ملڪ جا حاڪم ڇو پنهنجون ميٽنگون ملڪ کان ٻاهر ڪندا آهن، جواب آهي ته هي ملڪ بنانا ڪنٽري ناهي، صدر مشرف ڪا به ميٽنگ ملڪ کان ٻاهر نه ڪئي هئي. اشفاق کي اها ڄاڻ به ناهي ته ملڪ جو حاڪم ڪير آهي ۽ حاڪميت ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ آهي، في الحال آئون سنئون سڌو پرويز مشرف جي پاسي آهيان. نالو ته مون کي ياد ڪونهي، پر ايجپٽ ۾ ڪو يهودي ڪلارڪ هو، جنهن فقط ڏهه شاعرانه ڪهاڻيون لکيون هيون، جن مان هڪڙيءَ جو مطلب عجيب آهي. شهر جا سڀئي ماڻهو فوج ۽ حاڪم سميت شهر خالي ڇڏي شهر کان ٻاهر اچي سامهون ڏسندي وحشين جي انتظار ۾ صبح سوير کان بيهن ٿا. ڏينهن تپجي ٿو وڃي پر هو وحشين جي اچڻ جي انتظار ۾ سامهون تڪيندا ٿا رهن ۽ بي چين ٿيندا ٿا وڃن. سج لهڻ وقت تائين هو نااميد ٿي ڳرن پيرن سان شهر ۾ موٽي ٿا وڃن. پوءِ شاعر ٿو پڇي ته وحشي ماڻهو جو نه آيا ته هاڻ انهيءَ شهر جي نجات ڪيئن ٿيندي؟ سو مان اوهان کان ٿو پڇان ته جي سرحدن تي اها ڦٽاڪي بازي بند ٿي وئي ته پوءِ پاڻ اخبار ڇو پڙهنداسين ۽ ٽي وي ڇو ڏسنداسين؟ فيض احمد فيض کان ڪنهن اخبار گهري، فيض ٻڌايس ته هو اخبار نه گهرائيندو آهي، نه اخبار پڙهندو آهي. هن ماڻهو حيران ٿي چيس ته اخبار ته ضرور پڙهڻ گهرجي، فيض احمد فيض ڪنڌ ڌوڻيندي چيو ته ها، ڪڏهن ڪڏهن ڏسي وٺڻ گهرجي.
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اصول!




    سومر 8 سيپٽمبر 2008ع



    جنهن کي اصول چئبو آهي، سو نظر جو دوکو آهي، اصولن تي هلندڙ فقط پاڻ لاءِ عذاب پيدا ڪندا آهن ۽ قيامت جي باهه جي بٺيءَ ۾ سڙندا پچندا رهندا آهن. ”آواره“ نالي فلم ۾ ڊائيلاگ هو ته، ”انهن ئي پنهنجن اصولن ڪري تو راڌا جهڙي سٺي زال وڃائي ڇڏي.“ اهو ڊائلاگ اڙدو ۾ هو پر مون سنڌي ترجمو ڏنو آهي. مان بي اصولو ماڻهو هوس، پر ڪن ٻن چئن اصولن تي هلڻ جي ڪوشش ڪندي مون راڌا جهڙيون ڪيئي زالون وڃائي ڇڏيون. اصول وغيره ڪا به شيءِ نه آهن، فقط ڪو ضد هوندو، جنهن کي پاڻ اصول جو نالو ڏيندا آهيون، فقط ڪو ڦڏو هوندو آهي، جنهن کي پاڻ پنهنجو اصول سمجهندا آهيون، اوهان چوڌاري ماڻهن کي ڌيان سان ڏسو، فرحت، آرام ۽ سک ۾ فقط اهي آهن جيڪي ڪنهن ضد يا ڦڏي ۾ نه پيا آهن. اصول پرست ماڻهو فقط غلط فهميءَ ۾هوندا آهن، ته هو سوسائيٽي جا معزز فرد آهن. ڪي ماڻهو ڪنهن نوڪريءَ لاءِ سليڪشن ڪاميٽي جي ڪنهن ميمبر تي انفلوئينس هلائڻ لاءِ ويا، ان ميمبر جواب ڏنو ته، ”ڪاميٽي جي اٺن ميمبرن مان ٽي آنيسٽ آهن ۽ مان انهن مان نه آهيان.“ اوهان يقين ڪريو ته اهو جواب مون کي گهڻو ڪجهه سيکاري ويو. آنيسٽ ماڻهوءَ جو ڪنهن سليڪشن ڪاميٽي ۾ ڪهڙو ڪم!؟

    مان يونيورسٽيءَ ۾ ڏيڍ سال سيڪريسي آفيسر هوس. اوهان رڪارڊ ڏسو، سڀيئي پيپر مون پاڻ سائڪلو اسٽائيل ڪيا هئا، پر منهنجي ڌيءَ مئٿس جي پيپر ۾ فيل ٿي وئي ۽ سال وڃائجي ويس. اهو واقعو اڄ تائين مون کي منهنجي دل تي وڇونءَ وانگي ڏنگ هڻندو آهي. مون گهر ٻاري ڏياري ڪئي هئي.

    چوڌاري ڏسو ۽ غور سان ڏسو، ڀرتيون ۽ سليڪشن ڪاميٽيون وغيره نظر جودوکو آهن. جنهن کي ميرٽ يا لياقت چئبو آهي، سو پيسي جو ڪمال آهي، اها انساني سوسائيٽي ناهي، جنهن ۾ پاڻ ڦاٿل آهيون، پاڻ جهنگ جي جهنگلي سوسائيٽي جا فرد آهيون. پاڻ اوائل کان ئي اهڙا آهيون، پر هيل تائين غلط فهمين ۾ مبتلا رهيا آهيون. جنهن کي هيومن يا انساني سوسائيٽي چئبو آهي، سا ڪئناڊا ، يورپ ۽ آسٽريليا ۾ آهي، پاڻ جهنگ جا باشندا هئاسين ۽ جهنگ جا باشندا رهنداسين، منگول حملو ڪري اچن ته پنهنجي جند آزاد ٿئي.

    شاباس هجي ڪمپازيٽر کي جيڪي منهنجون سٽون سڌيون بيهاريندا آهن، مان لکندو آهيان ته سٽون کاٻي پاسي هيٺ لڙيو وڃن. مون کي افضل شيخ ياد آهي، جيڪو يونيورسٽيءَ جي شاگرد ليڊرن ۾ ڳڻبو هو. هو شاگردن جي ليڊري ڪندي به پڙهائيءَ ۾ هوشيار هو ۽ ڦڏي هوندي به بلڪل ڊيسينٽ هو، هن ۾ انسانيت هئي. شايد فزڪس ۾ ايم ايس سي ڪري شڪارپور ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿي ويو هو، هاڻ جي خبر ناهي. مون کي لاکير ڀائر به ياد آهن، ٻرڙو به ياد آهي ۽ منگي به ياد آهي، سڀيئي وڏا ماڻهو ٿي ويا آهن. لاڙڪاڻي وارو رضوان آرٽسٽ، مدر گئلري جو خالق، عام آرٽسٽ ناهي. هن ۾ غير معمولي صلاحيتون آهن، اهي صلاحيتون مون سنڌ ۾ بلڪه هن ملڪ ۾ ڪنهن به آرٽسٽ ۾ نه ڏٺيون آهن. منهنجي تصوير ٺاهيندو ته منهنجي اندر جا اڌمان ۽ جذبات به ان تصوير جي چهري تي اڪري ايندا. هو فوٽوگراف نه ڇاپيندو آهي، هو تصوير جواندر تصوير جي چهري تي آڻي ڇڏيندو آهي. مان هن کي تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن هو حيدرآباد ۾ ماستري ڪندو هو ۽ چيڪي مٽيءَ جا مجسما ٺاهيندو هو. سندس فوٽوگرافي جو دڪان سندس ٻار هلائيندا آهن. ڪنهن زماني ۾ مان شام جو لاڙڪاڻي پهتو هئس ۽ فجر مهل موٽي آيو هوس، سو مون لاڙڪاڻو نه ڏٺو آهي. لاڙڪاڻي ۾ مئٿميٽيشن سليم ڪورائي به رهندو آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ آکاڻيون به لکندو هو، جن جا نالا مون ورتا آهن سي سڀيئي سڌري ويا آهن، مان کري ويو آهيان. مون سوچيو ته ڪا موٽر سائيڪل چوري ڪريان، پر پيٽرول جو چڙهندڙ اگهه ڏسي مان سمجهي ويس ته موٽر سائيڪل مون کي گلي پئجي ويندي، پوءِ مون سوچيو ته ڪا موٽر چوري ڪريان پر پيٽرول جو چڙهندڙ اگهه ڏسي مون فيصلو ڪيو آهي ته هوائي جهاز چوري ڪبو. ملڪ جا حاڪم وڏا فلسفي آهن، هنن پيٽرول جو اگهه فقط ان ڪري وڌايو آهي ته جيئن موٽر سائيڪلن ۽ موٽر جي چوري ۽ ڦرلٽ بند ٿئي. هاڻ فقط ڪو چريو چور يا ڦورو هوندو جيڪو موٽر سائيڪل يا موٽر ۾ هٿ وجهندو.

    قرآن پاڪ ۾ آهي ته الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي ۽ مان ننڍپڻ کان ئي بي انتها بي صبرو هوس. منهنجي فطرت ۾ ئي صبر جو ذرڙو به شامل نه هو، هر ڪنهن ڳالهه لاءِ مان هينئر ۽ هاڻي ۽ هن گهڙي تي ضد ڪندو هوس. امان لاءِ عذاب هوس ۽ بابا مون کي چوندو هو ته ”تون اهڙا ڪم ڪرين ڇو ٿو جو پوءِ معافيون گهرندو وتندو آهين.“ غلط ڪم ڪري ۽ غلط ڳالهيون ڪري پوءِ معافي پنڻ منهنجي فطرت جو مکيه جزو آهي. غلط نموني جي زندگي گذارڻ کانپوءِ هاڻ ٻڍاپي ۾ مان فقط اهو سکيو آهيان ته معافي دير سان گهرندو آهيان ۽ دير سان معافي گهرڻ لاءِ به معافي گهرندو آهيان. سنڌ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي وارو عزيز سمون گذاري ويو. مون کيس هڪڙو ڀيرو الائجي ڇا چيو هو جو ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ ڏٺومانس ته روئي رهيو هو. مون کائنس معافي گهري کيس پرچايو هو، اهي هئا منهنجا ڪم. پر وڏي ڳالهه اڃا پوئتي آهي، وڏو گند ته اڃان اڳتي آهي. جيتوڻيڪ عزيز سمون جو ڪو به ڏوهه نه هو، پر مون کيس تمام بڇڙي نموني ڏنگيو هو. هو نيڪ انسان مون سان تمام گهڻو چڱو هليو هو ۽ مون کي سدائين عزت ڏني هئائين، پر مان توائي ٿي ويس ۽ پنهنجو نقصان ڪندي به هن تي عذاب ٿي نازل ٿيس. مان هوس ئي اهڙو مٿي ڦريل، پاڻ کي ڦاسائي به ٻين کي ڦاسائي ڇڏيندو هوس، پوءِ پويان قدم کڻندي پاڻ ئي ذليل ۽ خوار ٿيندو هوس. الائجي ڇا هو منهنجي فطرت ۾ جو غلط ۽ ابتو ڪم ڪري پوءِ روئي ڏيندو هوس. منهنجي فطرت جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڪو جزو هو، جيڪو مون کي ملامت ڪندو هو. مون پاڻ پنهنجي حياتي زهر ڪري ڇڏي، الله تعاليٰ مون کي ٺاهيو ئي اهڙو هو، پر خدا جي خلق کي ڇا ٻڌايان ۽ ڪيئن سمجهايان؟

    پاڪستان ائٽم بم ٺاهي سگهي ٿو، سو اهڙي موٽر سائيڪل ۽ ڪار ڇو نٿي ٺاهي وڃي، جا هڪ لٽر ۾ هزار ميل هلي؟ ۽ وزير اعظم الائجي ڪهڙن سرمائيدارن کي اپيل ڪئي آهي ته سرمايو ملڪ کان ٻاهر نه موڪلين. ملڪ ته سرمائيدارن سان سٿيل ۽ ڀريل آهي، جيڪي ماني به پيا کائن ۽ ساهه به پيا کڻن! جيڪڏهن سرمايو ٻاهر موڪلي ڇڏيائون ته ماني ڪيئن کائيندا ۽ ساهه ڪيئن کڻندا؟ ننڍي ماڻهوءَ کي وڏا ماڻهو ياد ايندا آهن ۽ ڏکايل ماڻهو کي سکيا ماڻهو ياد ايندا آهن. مون کي مولوي مجيد سومرو به ياد ايندو آهي، جيڪو هاڻ پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ رڌل آهي. مان هن جي شاديءَ ۾ ويو هوس، جا مسجد ۾ ٿي هئي. غلام محمد ڀٽو هار ورتا هئا ۽ مسجد ۾ ٿيل اها شادي مون کي وڻي هئي. هڪڙو فلمي گانو آهي ته ”ذکر هوتا هي قيامت کا تو تيري زلفون کي بات هوتي هئي“، سو مون کي به مجيد جي نالي سان مسعود لوهار ۽ تيرٿ جا نالا ياد ايندا آهن، مان الائجي ڪڏهن سکندس ته دنيا بدلجي وئي آهي، مون کي به هاڻ سڌري وڃڻ گهرجي.

    اصل دادو جو پر هاڻ ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندڙ احد سومرو مون کان سدائين پڇندو هو ته، ”سڌرڻ جو ڪو پروگرام آهي يا نه؟“ ڪجهه ڏينهن اڳ ملڻ آيو هو ته اهو سوال نه پڇيو هئائين، تنهنجي معنيٰ ته مان شايد سڌري ويو آهيان. لکڻ جي عادت هڪ پٽ ۽ وڏو پاراتو آهي ۽ منهنجو لکڻ ڇا آهي؟ هڪ ڊگهي يخي جا روز اول کان پئي هلي. قرآن پاڪ ۾آهي ته، رات توهان جي آرام لاءِ آهي ۽ ڏينهن ان لاءِ آهي ته اوهان پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ نڪري پئو. ڇو ته مون وٽ ڪو ڌنڌو ڌاڙي يا نوڪري وغيره ناهي تنهن ڪري مان لاڳيتو لکندو رهندو آهيان ۽ هي ماڻهو جيڪي رات جو ڪم ڪندا آهن سي انهن احڪامن جي پيروي ڇو نٿا ڪن؟ مان پاڻ به سڄيون راتيون ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندو هوس ۽ هاڻي پڇتايان ٿو. انگريزي ۾ منهنجي هڪڙي ننڍڙي لکت آهي ته مون هڪڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو آسمان ڏانهن نهاريندي هٿ کڻي دعا گهري رهيو هو. پڇيومانس ته ڇا پيو ڪرين، چيائين ته آخر ته اوڏانهن مٿي وڃڻو آهي. چيومانس ته مون اڄ تائين ڪنهن به ماڻهو کي مٿي آسمان ڏانهن ويندي نه ڏٺو آهي، مون ته هر ڪنهن ماڻهوءَ کي زمين ۾ ڇهه فوٽ هيٺ ويندي ڏٺو آهي. مان هاڻ ڄاڻان ٿو ته جيڪڏهن مان صحيح موت مئس ته مان به مٿي آسمان ڏانهن ئي ويندس، في الحال منهنجا ٻئي هٿ مٿي آسمان ڏانهن کڄيل هوندا آهن.
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اهو سادو ماڻهو!




    جمع 12 سيپٽمبر 2008ع



    سنڌالاجي ۾ محمد قاسم ماڪا مون کي الائجي ڪهڙي ڳالهه تان دٻايو هو، مون کي گهڻا دڙڪا ڏنائين. جيڪڏهن مان جسماني طرح مئل نه هجان ها ته شايد ڌڪ به هڻي ها. مون سمجهيو ته ماڪا مون کي ڊائريڪٽر مئڊم مهتاب راشديءَ جي چئي تي دٻايو آهي ۽ مون سڌو وڃي ميڊم کي چيو. ميڊم چيو ته سندس ڪو به واسطو انهيءَ ڳالهه سان نه هو، نتيجو ڇا ٿيو؟ نتيجو اهو ٿيو ته مان ميڊم مهتاب جي نظرن ۾ ڪري پيس، ائين مان پنهنجن افعالن سان اهي سڀيئي وڻ ساڙيندو آيو آهيان، جن جي ڇانءَ ۾ مان اس کان بچندو هوس. گهڻو پوءِ جڏهن مون کي ماڪا مليو تڏهن تمام سٺي نموني مليو ۽ مان خوش ٿي ويس. ڪم ته منهنجا آڏا ابتا هئا، پر مون ميڊم کي کلايو به گهڻو هو. ميڊم جيڪا مدد منهنجي ٻارن جي ڪئي، سا اسان کي اڃا تائين ياد آهي.

    شيطان ۽ آدم وارو معاملو معمولي ڳالهه ناهي. حضرت آدم عليه السلام به الله تعاليٰ جو چيو نه مڃيو هو، پر هن پنهنجي غلطي محسوس ڪئي ۽ معافي گهري. شيطان جي انڪار ۾ تڪبر ۽ غرور هو. مون جيڪي غلط ڪم ڪيا، تن ۾ منهنجو غرور ۽ تڪبر شامل هو. مون کي منهنجو ڪو به اهڙو ڪم ياد نٿو اچي، جنهن ۾ منهنجي ٽرڙائپ شامل نه هجي. الله تعاليٰ جي حڪم تي سڀيئي فرشتا حضرت آدم عليه السلام اڳيان سجدي ۾ ڪري پيا سواءِ شيطان جي. آدم اڳيان نه جهڪڻ اهو ڏوهه آهي، جيڪو ابليس ڪيو. مون ڪافي ڪتاب پاڻ ڇپرايا، پر مون ڪنهن به ڪتاب لاءِ ڪو به ديباچو ڪنهن وڏي حيثيت واري کان نه لکرايو، فقط هڪڙو ڪتاب، جنهن جو نالو ياد نه آهي، تنهن لاءِ مون ميڊم مهتاب کان ديباچو لکرايو هو.

    اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته پنجاب صوبو ڪالا باغ ڊيم تان ئي هٿ کڻي ويو هجي! منهنجو خيال آهي ته منهنجي نظربندي ڪئي وئي آهي، جيئن سنڌ صوبي کي ٿر آباد ڪرڻ جو فڪر آهي، تيئن پنجاب صوبي کي چولستان آباد ڪرڻ جو فڪر آهي. مان سياستدان ڪڏهن کان ٿيو آهيان، جو ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه پيو ڪريان؟ مون هڪڙو خواب ڏٺو آهي. مون ڏٺو آهي ته بياس ندي ڦري گهري راجسٿان کي آباد ڪندي ٿر کي آباد ڪري ننگر پارڪر مان لنگهندي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي. هن خواب جي تعبير اوهان ڏسندا. بياس نديءَ کي سنڌي تاريخ نويس وياس لکندا هئا، اوهان ننگر پارڪر کي غور سان ڏسو، ڪنهن زماني ۾ اتان بياس ندي لنگهندي هئي. دراصل بياس نالو غلط آهي، حقيقي اصل اچار وياس آهي. منهنجون ڳالهيون آسماني ناهن، مون سنڌ جي تاريخ کي چڱي طرح اٿلايو پٿلايو آهي.

    منهنجي هڪڙي دوست قمر سميجو جي بدلي ڪراچي کان حيدرآباد فقط ان ڪري ٿي هئي ته جيئن هو صاحب مون کي عمرو به ڪرائي، منهنجو علاج به ڪرائي، منهنجي دل جي آپريشن به ڪرائي، مون کي سڌي واٽ تي به بيهاري. جڏهن هن اهي سڀيئي ڪم ڪري ڇڏيا، تڏهن هن جي بدلي وري ڪراچي ٿي وئي. هن کي ڄاڻ ناهي ته مان سڌي واٽ تان وري به ٿڙي ويو آهيان. منهنجو ڇا ٿيندو؟ ٻوٽيون ٺهنديون يا منهنجو قيمو ٿيندو؟ فقط رب ٿو ڄاڻي ته منهنجو ڇا ٿيندو. جيڪڏهن مون فارسي شاعر حافظ جي شاعري جو به ترجمو ڪيو هجي ها ته مان اڄ امن ۽شانتي ۾ هجان ها. شاعريءَ ۾ فارسي شاعري جو جواب ناهي. شاهه لطيف جا شعر جي ٻڌڻا هجن ته سوجهري کان ٻڌو، هڪڙو هڪڙو لفظ مڪمل زيرن زبرن سان اچاريندو آهي. شاهه لطيف بابت منهنجو دماغ سوجهري ٺڪاڻي آندو آهي. ولي رام ولڀ کان مون ڪنهن زماني ۾ پڇيو هو ته اهو ولڀ ڇا آهي؟ هن صاحب چيو هو ته سندس وڏا به پنهنجن نالن سان ولڀ لکندا هئا. گهڻو پوءِ جڏهن مون هندستان جي تاريخ پڙهندڙي ڪاٺياواڙ جي تاريخ پڙهي ته مون کي ڄاڻ پئي ته ولڀ گهراڻو سوراشٽر جي حاڪم گهراڻن ۾ وڏو نالو هو. پاڻ ڪاٺياواڙ چوندا آهيون پر اصل نالو ان ايراضيءَ جو سوراشٽر آهي. ولي رام جهڙو ٿڌو ۽ سمجهو ماڻهو مون ڪو ٻيو ناهي ڏٺو. ڪتابن جا ترجما ڪرڻ لاءِ بي انتها صبر کپي، ولي رام گهٽ ۾ گهٽ به پنجاهه سٺ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. هندي تي سٺي مهارت اٿس پر مڃيندو نه. مان پاڻ ٿورڙي هندي سکي ويو هوس، جا مون کان وسري وئي.

    جڏهن ڪو بروهي ڳالهائيندڙ ملندو آهي ته مان شرمسار ٿيندو آهيان، جو مون کي بروهي ٻولي ڳالهائڻ نٿي اچي. ”ارغ ڪنيس“ معنيٰ ماني کائيندي ۽ ”ڪانِ بروهي بفق“ معنيٰ مون کي بروهي نٿي اچي. ”مونو“ چئبو آهي پئسي کي ۽ ”باسونو دير“ چئبو آهي گرم پاڻي کي. بس ائين ٻه چار لفظ سکي ويو آهيان. زمانو بدلجي ويندو آهي، دنيا بدلجي ويندي آهي، هي ڪالم لکندي لکندي مون کي ياد ڪرڻو پوندو آهي ته مان ڇا ڪجهه اڳي ڇپائي چڪو آهيان ته جيئن ورجاءُ نه ڪريان، پر ته به ورجاءَ ٿي ويندو آهي، جنهن کي عام طرح ميوزڪ جو سرگرم چئبو آهي، سو به بروهي اکرن سان جڙيل آهي. اوهان ڪنهن به پوڙهي بروهيءَ کان پڇو ته ”ساري، گاما، پا، دا، ني، سا“ جو مطلب ڇا آهي ته هو صاحب پهرين ته ڪنفيوزڊ ٿي ويندو، پر جڏهن اوهان چوندا ته ”ساري، گا، ما، پا، ني، دا، سا“ جو مطلب ڇا آهي ته هو صاحب اوهان کي ٻڌائيندو ته ان جو مطلب آهي ته ” منهنجا پيارا تون منهنجي پويان ائين چوندو اچ، جيئن مان پيون چوان.“ ماڊرن بروهي جو رنگ ڍنگ ڪجهه بدليل آهي.

    آمريڪي ڪتابي دنيا ۾ جيمس مچنر جو نالو تمام وڏو آهي. اسي پنجاسي ورهين جي ڄمار تائين باقائده تحقيقاتي قسم جا تاريخي ڪتاب لکندو رهيو. نوي ورهين جي عمر ۾ هن چار ڪتاب لکڻ جو پروگرام ٺاهيو، جنهن مان پهرين ڪتاب جو ديباچو ڪجهه هن ريت آهي: اسان ٻار هئاسين جڏهن اسان جي گهرن ويجهو هڪڙو تمام گهڻو پراڻو صوف جو وڻ هو، جيڪو صوف ڏيڻ بند ڪري سڪي پوٺو ٿي ويو هو. هڪڙي ڏينهن اسان ڏٺو ته هڪڙو پوڙهو انهيءَ پوٺي وڻ ۾ پاڙ وٽ پراڻا ۽ زنگ کاڌل وڏا ڪوڪا پيو هڻي. اسان پڇيو ته هو ڇا پيو ڪري؟ هن جواب ڏنو ته مان هن وڻ ڏانهن نياپو پيو موڪليان. پوءِ انهيءَ سال اسان ڏٺو ته انهيءَ سڪل پوٺو ٿيل وڻ تمام گهڻا سٺا ۽ مٺا صوف جهليا. مان پاڻ به پنجاسي ورهين جي ڄمار ۾ سڪل ۽ پوٺو ٿيل صوف جي وڻ وانگي آهيان ۽ منهنجي جسم ۾ ڀڳل يا کسڪيل هڏن جي جاءِ تي ڌاتوئي اوزار لڳل آهن ۽ منهنجن ڏندن مان به ڪن جي جاءِ تي ڌاتوئي ڏند لڳل آهن، تنهن ڪري مان به پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ سٺا ڪتاب ڏيندس. اها مٿي لکيل ڳالهه جيمس مچنر جي آهي. مان جيمس مچنر نه آهيان ۽ نه مان ايترو گهڻو پوڙهو آهيان. مون کي فقط زماني جي گردش ماري اپاهج ڪري ڇڏيو آهي، پر منهنجو خيال آهي ته مان شايد ڪجهه سٺو لکي وڃان.

    هڪڙي ننڍڙي آکاڻي آهي آسڪروائلڊ جي، جيڪا ڪجهه شعر وانگي آهي. پاڪ صاف سٿري ڳالهه آهي. اها عجيب ڳالهه آهي پاڪ صاف ۽ سٿري لکڻين باوجود به آسڪر وائلڊ پنهنجي حياتي جي آخري دور ۾ ذليل ۽ خوار ٿي جيل ويو ۽ ستن سالن کانپوءِ جڏهن جيل مان نڪتو ته جيل جي در تي ڪو به ماڻهو کيس وٺڻ به نه آيو ۽ ها، جيڪڏهن اوهان مارڪ ٽئن جي ڊگهي آکاڻي ”دَ مِسٽيريس اسٽرينجر“ نه پڙهي آهي ته پڙهي وٺو. اها آکاڻي به مان اوهان لاءِ ترجمو ڪندس.
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    مشاورت ۽ تحفظات!




    اربع پهرين آڪٽوبر 2008ع



    جيڪو ڪم نه ڪرڻو هجي، تنهن جي باري ۾ مشاورت ڪرڻ گهرجي. اها مشاورت ڪڏهن اسلام آباد ۾، ڪڏهن ڪراچي ۾ ۽ ڪڏهن ڪاٺياواڙ ۾ ڪرڻ گهرجي. اهو ڌيان رکڻ گهرجي ته مشاورتي ڌرين ۾ ڪا اهڙي ڌر ضرور هجي، جيڪا هر ڀيري ڦڏو ڪري ته ان سان مشاورت نه ڪئي وئي. اهو مشاورتي معاملو يا سلسلو ايترو ته ڊيگهه وٺڻ گهرجي، جو جنهن معاملي بابت مشاورت ٿي رهي هجي، تنهن ۾ واسطيدار ڌريون ڇتيون ٿي مٿي جا وار پٽيندي ڀڄي وڃن، تنهن کان پوءِ اوهان ڌيرج ۾ صبر سان اعلان ڪريو ته انهيءَ معاملي بابت وڌيڪ مشاورت آفريڪا جي فلاڻي ملڪ ۾ ٿيندي. اهو لفظ مشاورت پاڻ کي نئون مليو آهي، ان جو پورو پورو فائدو وٺڻ گهرجي. پاڻ ته صلاح مشورو ڄاڻيندا هئاسين، مشاورت آهي ته الائجي ڇا، پر جيڪي ڪجهه آهي مزيدار آهي.

    هر ڪنهن ملڪ ۾ حاڪميت به هوندي آهي ۽ مخالفت به هوندي آهي، پر پاڻ وٽ حاڪميت پاڻ پنهنجي مخالفت آهي. نتيجو ڇا ٿيندو، سا خبر الله تعاليٰ کي. پر نظر اچي رهيو آهي ته ڪا ڊگهي مشاورت هلي رهي آهي، جنهن ۾ ٻاهريون ڌريون به شامل آهن، معاملو ته الائجي ڇاجي باري ۾ آهي، پرمون کي اهو ناول ٿو ياد اچي، جنهن جو نالو هو ”ميونٽي آن ڊي بائونٽي.“ جيڪڏهن اوهان اهو ناول نه پڙهيو آهي ته جلد پڙهي وٺو، پوءِ نه چئجو ته اوهان کي خبر نه هئي.

    ڪنهن هنڌ ڪو شاهينگ (ماڻهو) پنجاهه روپيا ڪيرائي ويو. اهي پيسا مون کي معتبر سمجهي ڏنا ويا ته جنهن جا هجن، سو جيڪڏهن ظاهر ٿئي ته هن کي ڏيئي ڇڏيان. ورهين جي ڳالهه آهي، ڪو به شاهينگ پيسا وٺڻ لاءِ نه آيو، مون پيسا کائي کپائي ڇڏيا. اڄ مون کي اوچتو اهو معاملو ياد آيو، مون ڪنهن غريب کي اهي پيسا ڏيئي پنهنجي ضمير جي جند آجي ڪئي آهي. جڏهن سڀئي بسون هليون ويون آهن، تڏهن مون کي خيال ٿيو آهي ته مون کي زڪوات به ڏيڻ گهرجي، منهنجو خيال آهي ته زڪوات ته فقير تي به فرض آهي.

    ورها ورهيه گذري ويا آهن، مون ڪا قرباني نه ڪئي آهي، بلڪه صديون گذري ويون آهن، هاڻ رمضان گذري ويو، مون سڄي حياتي هڪڙو به روزو نه رکيو، سو منهنجو ڇا ٿيندو؟

    هڪڙو ڪيس هو ڪنهن تمام ننڍڙي گڏهه جو، منهنجو مطلب آهي ته هڪڙي ننڍڙي گڏهه جي چوريءَ جو ڪيس هو ۽ مان جوابدار جو وڪيل هوس. منهنجي اصيل جو چوڻ هو ته اهو ننڍڙو گڏهه سندس پنهنجو آهي، هن چورايو ڪونهي ۽ کيس ئي ملڻ گهرجي. الائجي ڪير هو مئجسٽريٽ، پر ڪيس بلڪل معمولي هو، فرياديءَ اهو ننڍڙو گڏهه وچ بازار ۾ ٻڌل ڏٺو هو. منهنجي اصيل جو چوڻ هو ته اهو گڏهه سندس پنهنجو هو ۽ جيڪڏهن چوري ڪيل هجي ها ته هن اهو گڏهه وچ بازار ۾ بيهارڻ بدران ڪنهن هنڌ لڪائي بيهاريو هجي ها. شاهدي وغيره کانپوءِ بحث ۾ به مون اهو ئي چيو ته گڏهه منهنجي اصيل جو آهي ۽ جيڪڏهن چوري ڪيل هجي ها ته وچ بازار ۾ نه بيهاريل هجي ها. مئجسٽريٽ منهنجي اصيل کي ٽي مهينا جيل جي سزا ڏني ۽ پوءِ مون کي چيائين ته ”جيڪڏهن تون چئين ها ته اهو ننڍڙو گڏهه تنهنجي اصيل جو ناهي ته مان تنهنجي اصيل کي ڇڏي ڏيان ها.“ ڳالهه منهنجي وڪالت جي شروعاتي زماني جي آهي پر مون کي اڄ تائين اهو فيصلو سمجهه ۾ نه آيو آهي.

    اوهان سمجهي ويندا ته هو ڪير هو....هو شهر ۾ وڏي گيٽ مان داخل ٿيو ۽ هوريان هوريان هلندي ۽ هيڏانهن هوڏانهن چوڌاري نهاريندي اڳتي وڌڻ لڳو. هن هڪڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو هيرن، موتين، جواهرن کي حرص ۽ هوَس سان ڏسي رهيو هو. هن ان ماڻهو کي چيو ته، ”تون هي ڇا پيو ڪرين؟“ ان ماڻهوءَ هن ڏانهن نهاريو، سڃاتائين ۽ چيائينس ته ”مان ته انڌو هوس، تون ئي ته هئين جنهن مون کي اکيون ڏنيون، سو جيڪڏهن مان هي به نه ڪريان ته ڇا ڪريان؟“ هو اڳتي وڌي ويو ۽ هوريان هوريان هلندي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، پوءِ هن هڪڙو ماڻهو ڏٺو، جنهن وٽ عورتون هيون. هن ان ماڻهو کي چيو ته ”تون هي ڇا پيو ڪرين“؟ ان ماڻهو هن ڏانهن نهاريو، سڃاتائينس ۽ چيائينس ته ”مان ته ڪوڙهي هوس، اهو تون ئي ته هئين، جنهن مون کي ڪوڙهه کان آجو ڪيو، سو جيڪڏهن مان هي به نه ڪريان ته ڇا ڪريان؟“ هو اڳتي وڌي ويو ۽ هوريان هوريان هلندي شهر جي پوئين گيٽ کان ٻاهر نڪري شهر کان پرتي وڃڻ لڳو، جتي هن هڪڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو زار و قطار روئي رهيو هو، هن پڇيس ته ”تون ڇو روئي رهيو آهين؟“ ان ماڻهو ڏٺس، سڃاتائينس ۽ چيائينس ته ”مان ته مري ويو هوس، توئي ته مون کي جيئرو ڪيو هو، سو جيڪڏهن مان روئان نه ته ڇا ڪريان؟“ اوهان ڄاڻي ويا هوندا ته هو ڪير هو، آسڪر وائلڊ جي لکيل هي لکت مون کي پسند آهي.

    ڪجهه ڏينهن اڳ سوجهري مون کي فون ڪري ٻڌايو هو ته هن وٽ منهنجي ڪتاب سنڌ، سنڌي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساهت جي ڪاپي موجود آهي، اڄ جڳديش چيو پئي ته کيس اهو ڪتاب گهرجي، مان پڙهندڙن کي عرض ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري اهو ڪتاب پڙهو ۽ ڏسو ته مون ان ڪتاب تي ڪيتري محنت ڪئي هئي، تمام سولي سنڌيءَ ۾ مان سنڌ جي تواريخ لکي ويو آهيان، اهو ڪتاب ٻن حصن ۾ آهي ۽ ٻئي حصا پڙهڻ جهڙا آهن، مون وٽ ناهن.

    اڄوڪي سياست پاڻ کي هڪڙو ٻيو لفظ ”تحفظات“ به ڏنو آهي، معاملو ڪهڙو به هجي، ڪا نه ڪا ڌر ضرور چوندي ته ”ان معاملي تي اسان کي تحفظات آهن“ اهو چوڻ بدران ته ”انهيءَ معاملي ۾ فلاڻي ڳالهه تي اسان کي اعتراض آهي.“ جيڪڏهن اوهان چيو ته اوهان کي تحفظات آهن ته اوهان کي ڪامياب سياستدان ليکيو ويندو.

    جديد سياست هن ملڪ کي بلڪل نئين رخ ۾ وٺي ويئي آهي، هرڪو پيو ڳالهائي، سڀيئي پيا ڳالهائين، ڪي گڏجي پيا ڳالهائين ته ڪي هوائن ۾ پيا ڳالهائين، ڪي جلسن ۾ پيا ڳالهائين ته ڪي ميٽنگن ۾ پيا ڳالهائين. مطلب ته سڀيئي پيا ڳالهائين. اهو سلسلو ڇهن اٺن مهينن کان پيو هلي، پاڻ ڏسون پيا ته انهن ڇهن اٺن مهينن ۾ ڪو به کڙ تيل (نتيجو) نه نڪتو آهي، پاڻ ڄاڻون به ٿا ته ان مان ڪو به نتيجو (کڙ تيل) نڪرڻو ناهي، ته پوءِ اهي جيڪي ڳالهائين پيا، سي ڪنهن کي بيوقوف پيا ٺاهين؟ منهنجي هڪڙي اک زيرو آهي، پر مان فقط هڪ اک سان ڏسي به سمجهي سگهان ٿو ته اسان کي ڪيڏانهن نيو پيو وجي، ٻن اکين وارن کي ته مون کان وڌيڪ سمجهه ۽ ڄاڻ آهي. هرڪو ٿو ڄاڻي ته اهي ڳالهيون فقط تيستائين دل وندرائڻ لاءِ آهن، جيستائين ڪو وڏو ٺڪاءُ نه ٿو ٿئي. ڳالهائڻ ۽ ڳالهين جي رفتار ٻڌائي ٿي ته اوچتو ئي اوچتو ڳالهيون بند ٿي وينديون ۽ ائڪشن شروع ٿي ويندو. جنهن وقت اها گهڙي آئي پاڻيهي پاڻ پڌرو ٿي ويندو ته سڀيئي ڳالهائيندڙ ڌريون پاڻ ۾ ٺهيل هيون. في الحال مون کي عمران خان پسند آهي، ڳالهائين ته سڀيئي پيا پر عمران خان ”تحفظات“ ۽ ”مشاورت“ جهڙا خوفناڪ لفظ ڪتب نه آڻيندو آهي، جڏهن نواز شريف فقط تحفظات ۽ مشاورت وارا ٻه اکر ٻوليندو آهي.

    ڪمپيوٽر، ٽيليفون، موبائيل وغيره جهڙا اجايا ۽ بيڪار اوزار اسان ۽ اوهان جهڙن عام ماڻهن جي استعمال لاءِ آهن، سياستدان اهي بيڪار اوزار استعمال نه ڪندا آهن. ”هن وقت گهڻا وڳا آهن“ اهو پڇڻ لاءِ به سياستدان ميٽنگون ڪندا آهن. اوهان ٽي وي ۽ اخبارون غور سان ڏسو، اوهان محسوس ڪندا ته هي سياستدان هڪ ٻئي سان فون يا موبائيل تي ڪڏهن به نه ڳالهائيندا آهن ۽ هڪٻئي سان فقط ميٽنگن ۾ ئي ملندا آهن. ”تنهنجي گهر ۾ اڄ ڇا رڌيو (پڪو) آهي“ جهڙي ڳالهه پڇڻ لاءِ به ٻن سياستدانن کي هڪ ٻئي سان ميٽنگ ڪرڻي پوندي آهي. مزيدار يا عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته ”هن وقت گهڻا وڳا آهن“، ۽ ”تنهنجي گهر ۾ اڄ ڇا رڌيو آهي“ جهڙن معاملن تي ميٽنگن کانپوءِ ٻئي سياستدان ميڊيا وارن سان ائين ڳالهائيندا آهن جيئن هنن ڪو وڏو سياسي معاملو حل ڪيو هجي!

    گهڻو وقت اڳ فيض احمد فيض چيو هو، ۽ شايد حبيب جالب کي چيو هئائين ته، ”هي ملڪ سدائين ائين ئي هلندو رهندو.“ فيض صاحب کي اها ڄاڻ هئي ته جيڪڏهن ملڪ رهندو ته ائين ئي هلندو رهندو، پر خرابي ڪهڙي آهي، جيڪڏهن هي ملڪ ائين ئي هلندو رهيو؟
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عيب ۽ صبر!




    ڇنڇر 11 آڪٽوبر 2008ع



    اوهان ۾ ڏهه عيب هجن، پنجاهه برايون هجن ۽ سئو نقص هجن، پر جي اوهان وٽ صبر آهي ته اوهان خوش نصيب ثابت ٿيندا. اوهان ۾ پنجاهه گُڻ هجن، سئو چڱايون هجن ۽ هزار ڀلايون هجن، پر جيڪڏهن اوهان وٽ صبر ناهي ته اوهان بدنصيب ثابت ٿيندا. اهو قدرت جو قانون آهي، اهو الله پاڪ جو فرمان آهي. جيڪڏهن اوهان وٽ صبر ناهي ته اوهان پنهنجين هزارين چڱاين سميت بدنصيبي جي طوفان ۾ لڙهي ويندا. اوهان مون تي اعتباد ڪريو، مان غلط نه پيو چوان. مان پاڻ ڌک کاڌل آهيان، ڌڪ کاڌل ماڻهو غلط ڳالهائڻ جي قابل ئي نه رهندو آهي. ننڍپڻ کان ٻڌندو آيس ته حضرت ايوب عليه السلام جو صبر ياد ڪريو، پر مون ڪڏهن به توجهه نه ڏني ته ڇا هو ان صبر ۾، ۽ ڇو اهو صبر ياد ڪريان. شايد سمجهائڻ وارا سمجهائي نه سگهندا هئا، يا شايد مان سمجهڻ کان لاچار هوس. ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ وارا فقط ايترو چوندا هئا ته حضرت ايوب عليه السلام جي جسم ۾ ڪيئان پئجي ويا هئا ۽ هن ايترو صبر ڪيو هو، جو جڏهن اهي ڪيئان جسم تان ڪري پوندا هئا ته هو انهن کي کڻي جسم تي رکندو هو. اها سمجهاڻي نامڪمل هئي، اها سمجهاڻي اهو نه سمجهائيندي هئي ته حضرت ايوب عليه السلام ڪهڙي ڳالهه تي، ڇا کان ۽ ڇا تي صبر ڪيو هو ۽ پوءِ ڇا ٿيو هو. ليکڪن جون لکيل معمولي ڳالهيون ته اوهان پڙهندا آهيو، پر صدين کان هلندڙ مذهبي ڳالهيون اوهان درگذر ڪيو ڇڏيو. اهو غلط رويو آهي، فقط ايترو ڌيان رکو ته جا ڳالهه صدين کان هلندي پئي اچي، تنهن ۾ ضرور ڪا صداقت، ڪا سچائي هوندي. ضرور ڪو سبق هوندو، ضرور ڪا نصيحت هوندي. جڏهن اوهان بي صبرا هوندا آهيو، تڏهن اوهان اهڙيون ڳالهيون نه پڙهندا آهيو، جهڙيون مان هاڻ پيو لکان. ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي تنهن ڪري پراڻي ڳالهه آهي، پر ان ڳالهه ۾ هر دور لاءِ نواڻ آهي.

    حضرت ايوب عليه السلام الله پاڪ جو خاص بندو هو. هو الله تعاليٰ جي ساراهه ڪندو هو، هن جا گڻ ڳائيندو هو ۽ هن جي عبادت ڪندو هو. الله تعاليٰ هن تي گهڻو مهربان هو ۽ هن کي تمام گهڻو مال متاع ڏنو هئائين، ٻنيون، ٻارا ۽ زمينون جام هيس، هن کي تمام گهڻومال متاع ڏنو هئائين، ٻنيون،ٻارا ۽ زمينون جام هيس، گهر جڳهيون ڳڻپ کان مٿي هيون، رڍون، دنبا، اٺ ۽ ٻيا ڪمائتا جانور سون ۽ هزارن ۾ هئس. هن کي ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون هيون. الله تعاليٰ هن مان خوش هو، سو الله تعاليٰ شيطان کي چيو ته تون ايوب عليه السلام کي ڏس ته ڪيئن ٿو مون کي ڀائين ۽ ڪيئن ٿو منهنجي ساراهه ڪري. شيطان جواب ڏنو ته اهو فقط ان ڪري آهي جو توهان هن کي مال متاع جام ڏنو آهي، جيڪڏهن اهو مال متاع هن کان کسجي وڃي ته هو تنهنجي ساراهه ڪرڻ ڇڏي ڏيندو ۽ توهان تان هٿ کڻي ويندو. الله تعاليٰ چيس ته تون ڀلي هن کان سڀ ڪجهه کسي وٺ، پر هن جي جسم کي نقصان نه پهچانجاءِ. سو شيطان پنهنجي ڪم سان لڳي ويو. (ناتجربيڪار جديد ذهن اها ڳالهه قبول نه ڪندو).

    ايوب عليه السلام جون زمينون، ٻنيون ٻارا سڪي برباد ٿي ويا، فصل وغيره تباهه ٿي ويو، جايون جڳهيون ڊهي پٽ ٿي ويون، آسماني بجلي ڪرڻ سان سڀئي جانور سڙي مري ويا، جڳهه ڊهي ڪري پئي ۽ خوشيون ڪندڙ سندس ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون دٻجي مري ويا. ايوب عليه السلام اهو حال ڏسي پنهنجو پهريل جبو ڦاڙي ڇڏيو ۽ الله تعاليٰ کي چوڻ لڳو ته، توهان هي ڇا ڪيو، مون توهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو تو مون کي هي سزا ڏني آهي!

    الله تعاليٰ شيطان کي چيو ته، ڏس ايوب اڃا تائين به مون ڏانهن رجوع آهي ۽ مون ڏانهن ئي نهاري رهيو آهي. شيطان چيس ته ماڻهو مال متاع ڏيئي به پنهنجو جسم بچائيندا آهن، سو جيڪڏهن ايوب جي جسم تي سختي آئي ته ايوب بدلجي ويندو ۽ توهان تان هٿ کڻي ويندو. الله تعاليٰ چيس ته توکي موڪل آهي ته هن جي جسم تي سختي ڪر، پر هن جي حياتي کي نقصان نه پهچي (ناتجربيڪار ذهن پنهنجي ذهانت ڪري هي ڳالهه به قبول نه ڪندو) سو شيطان حضرت ايوب عليه السلام جو جسم پيرن جي کڙين کان وٺي مٿي تائين ڦرڙين سان ڀري ڇڏيو ۽ هو ٺڪريءَ جي ٽڪر سان پنهنجون ڦرڙيون مهٽڻ لڳو. زال چيس ته توهان الله تعاليٰ کي ڇڏي ڏيو جنهن توسان اها ائين ڪيو آهي. پر جواب ڏنائينس ته ڇا مان الله تعاليٰ طرفان مليل فقط مهربانيون ۽ سٺيون شيون قبول ڪريان ۽ سندس طرفان مليل ڏکيون ۽ تڪليفون ڏيندڙ شيون ڌڪاري ڇڏيان؟ ڇا مان راحت ۾ الله تعاليٰ ڏانهن جهڪان ۽ تڪليف ۾ الله تعاليٰ تان هٿ کڻي وڃان؟ اها آهي هن قصي جي شروعات، اصل ڳالهه اڃا اڳتي آهي. اناڙي به آهيان ۽ آئوٽ آف پرئڪٽس به آهيون، منهنجي سڌي لکڻ کي دل ۾ جاءِ ڏيندا.

    حضرت ايوب عليه السلام پنهنجو مال متاع، اولاد، صحت وڃائي به الله تعاليٰ کي ئي چوندو رهيو ته توهان هي ڇا ڪيو؟ توهان هي ڇو ڪيو، جو منهنجو سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو ۽ منهنجو جسم ڪينئن سان ڀرجي ويو آهي؟ مون وٽ جيڪي ڪجهه هو، سو سڀ ڪجهه توهان جو ڏنل آهي، سو مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو توهان اهي سڀ شيون مون کان کسي ورتيون؟ توهان مون تي مهربان هئا، توهان منهنجي هٿ ۾ برڪت ڏني هئي، مان جنهن شيءِ کي هٿ لڳائيندو هوس ته اها ملڪيت بنجي ويندي هئي، مان جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو هوس ته اهو وڏو فائدو ڏيندو هو، پر پوءِ توهان هي ڇا ڪري ڇڏيو؟

    مطلب ته حضرت ايوب عليه السلام الله تعاليٰ کي ئي ٻاڏائيندو آيو. هن جو ذهن الله تعاليٰ تان نه هٽيو. هن هي نه چيو ته فلاڻا ڇو منهنجا اٺ ڪاهي ويا، يا فلاڻا ڇو منهنجون رڍون ۽ ٻيو مال کڻي ويا. هو الله تعاليٰ کان ئي پڇندو رهيو ته جيڪڏهن توهان مون تي اهي مهربانيون ڪيون هيون ته اهي مهربانيون ڇو مون کان کسيون ويون آهن. حضرت ايوب عليه السلام جا هڪڙا ٽي دوست هئا، جن کي هن جو فڪر به هو ۽ افسوس به هو. هو ٽيئي هن وٽ آيا، هن کي تسلي ڏيڻ لاءِ ڳالهايو ته انهن ٽنهي الڳ الڳ هو، پر مان ٽنهي جو ڳالهائڻ هڪ جاءِ گڏ ٿو ڪريان. هنن ٽنهي دوستن جو ايوب عليه السلام کي چوڻ هو ته الله تعاليٰ بنا ڪنهن سبب جي سزا نه ڏيندو آهي، جو هو رحيم ۽ رحمان آهي. توتي مهربان هو، جو تون سڌي رستي تي هيئن، تو ڪو به آڏو ابتو يا ڏنگو ڦڏو ڪم نه ڪيو، تون نيڪ ۽ صالح هئين، تون الله تعاليٰ جو تعبيدار بندو هئين، تنهنجي فطرت ۾ ڪو ڦير نه هو. تون الله تعاليٰ جون خاصيتون بيان ڪندو هئين ۽ هن اڳيان جهڪندو هئين، پر هو جو توتي ڪاوڙيو آهي، سو ضرور تو ڪا غلطي ڪئي آهي، ڪو ڏوهه ڪيو آهي، ڪو گناهه ڪيو آهي، جا ڳالهه هن کي به نه وڻي آهي. هو هر ڪنهن ڳالهه جو ڄاڻون آهي، هن کي تنهنجي هر هڪ غلطي، ڏوهه، گناهه جي ڄاڻ آهي. جيڪڏهن توکي پنهنجي ڏوهه، غلطي يا گناهه جي ڄاڻ ناهي ته اها تنهنجي غلطي ۽ تنهنجو نقص آهي، الله تعاليٰ مهربان آهي ۽ هو بنا ڪنهن سبب جي ناهي ڏمربو، تون معافي گهر ۽ توبهه ڪر، هو معاف ڪندڙ ۽ معافيون ڏيندڙ آهي، تون الله تعاليٰ سان سندس شڪايت نه ڪر، تون پاڻ ۾ ڪا ڏنگائي ڳولهه.

    ايوب عليه السلام ٽنهي دوستن کي الڳ الڳ جواب ڏنا، پر مان انهن ٽنهي جوابن کي هڪ هنڌ رکان ٿو. هن چيو ته مون ڪو به ڏوهه نه ڪيو آهي، مون ڪا به غلطي نه ڪئي آهي ۽ مون ڪو به گناهه نه ڪيو آهي، مان الله تعاليٰ جي عبادت ڪندو رهيو آهيان، جنهن ۾ ذري به کوٽ ناهي. الله تعاليٰ اڳيان منهنجي جهڪڻ ۾ ذرو به عار نه رهيو آهي، الله تعاليٰ کي سجدو ڪرڻ ۾ منهنجي دل به سجدي ۾ هوندي آهي، مون کيس ڀانيو آهي، مون کيس چاهيو آهي ۽ هو ئي منهنجو معبود آهي، پوءِ مون کي هيءَ سزا ڇا جي آهي؟ اوهان چئو ٿا ته مون ڪو ڏوهه ڪيو آهي، پر مون ڪنهن جو به حق نه ماريو آهي، مون ڪنهن کي به نه ستايو آهي، منهنجي اک ۾ ڪڏهن به مير نه آئي آهي. مون ڪڏهن به ڪنهن عورت ۾ بري نيت نه رکي آهي. مون ڪڏهن به ڪنهن ٻئي جي شيءِ يا ملڪيت کي لالچي اکين سان نه ڏٺو آهي، مون ڪنهن جي به امانت ۾ خيانت نه ڪئي آهي، سو اوهان اهي تهمتون مون تي نه هڻو. مون تي ڪو به ڏوهه، يا گناهه نه ڪيو آهي، جو مان سدائين الله تعاليٰ جو غلام ۽ ٻانهو رهيو آهيان. منهنجو عرض الله تعاليٰ کان آهي ته هن مون کان سندس ئي ڏنل نعمتون ڇو موٽائي ورتيون آهن ۽ آخر منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي، جڏهن مون ڏوهه ئي نه ڪيو آهي! مون کي الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏنو، مال ماع، دولت ملڪيت، سهنج، آرام، اولاد ۽ عزت. مون کي الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏنو، جن جو مان عادي ٿي ويس ۽ اهو سڀ ڪجهه مون کان کسجي ويو آهي، مان ماڻهن جي نظرن ۾ اچي ويو آهيان ۽ ڏٺو ٿي ويو آهيان. مون کي ڪنهن کان ڪا به شڪايت ناهي، منهنجو عرض الله تعاليٰ کان آهي ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي، جڏهن مون ڪو به گناهه يا غلط ڪم نه ڪيو آهي، جڏهن منهنجي عبادت ۾ ڪا به ڪمي يا گهٽتائي نه آئي آهي.

    حضرت ايوب عليه السلام جي انهن ٽن دوستن سان چوٿون به گڏ هو، جيڪو انهن ٽنهي کان عمر ۾ ننڍو هو. هن چيو ته سمجهه جو عمر سان تعلق ناهي، مان اوهان ٽنهي کان ننڍو آهيان، پر ڏسان پيو ته اوهان ٽيئي غلط آهيو. هن ڪو به ڏوهه يا گناهه يا غلط ڪم نه ڪيو آهي ۽ نه هن جي عبادت ۾ ڪو ڦير يا گهٽتائي آئي آهي، پر ايوب عليه السلام به غلط بحث پيو ڪري، جيڪڏهن هو الله تعاليٰ جي عبادت ڪندو رهيو آهي ته هن الله تعاليٰ تي ڪا مهرباني نه ڪئي آهي، جيڪڏهن هن ڪو ڏوهه يا ڪا غلطي يا گناهه نه ڪيو آهي ته هن الله تعاليٰ تي ڪو ٿورو نه ڪيو آهي، الله تعاليٰ مالڪ آهي، جهانن جو ۽ سڄي ڪائنات جو، هو بي پرواهه ۽ لاپرواهه بادشاهه آهي. عبادت يا گناهه هر ماڻهوءَ جا ذاتي فعل آهن، جن جو اجر يا سزا الله تعاليٰ جي مرضيءَ تي آهي، ته ڏئي يا نه ڏئي، ڇو ته هيءُ الله تعاليٰ جي عبادت ڪندو رهيو آهي ۽ ڪو به گناهه نه ڪيو اٿس، تنهن ڪري سمجهي ٿو ته الله تعاليٰ کي کائنس نعمتون ۽ رحمتون نه کسڻ کپنديون هيون. اها ڳالهه هن (حضرت ايوب عليه السلام) جي صحيح نه آهي. الله تعاليٰ ان ڳالهه کان بي نياز آهي ته هو ڪنهن کي ڇا ٿو ڏئي ۽ ڪنهن کان ڇا ٿو کسي. هن جو الله تعاليٰ تي ڪو به حق ڪونهي، هن وٽ الله تعاليٰ کان پڇڻ جو حق به نه آهي، جزا ۽ سزا سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي اختيار آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي رحمتون ڏئي يا تڪليفون ڏئي. سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي مرضيءَ تي آهي، الله تعاليٰ طرفان مليل نعمتن تي هن (حضرت ايوب عليه السلام) جو حق نه هو ۽ اهي نعمتون کسجي وڃڻ تي هن کي ڪو به حق ڪونهي، جو الله تعاليٰ کان شڪوه ڪري ته اهي نعمتون ڇو کسيون ويون. ۽ پوءِ الله تعاليٰ فرمايو ايوب (عليه السلام)سان، چيائينس ته، تون اتي هئين جڏهن مون ڌرتي جوڙي هئي؟ جڏهن مون ڪائنات ٺاهي هئي؟ جڏهن مون آسمانن ۾ سج، چنڊ، تارا ۽ گرهه بيهاريا هئا؟ جڏهن مون ڌرتيءَ لاءِ اتر، ڏکڻ ۽ اوڀر، اولهه مقرر ڪيا هئا؟ جڏهن مون تارن ۽ گرهن جون منزلون مقرر ڪيون هيون؟ جڏهن مون ڌرتيءَ تي سمنڊ ٺاهيا هئا، جن ۾ مون مڇيون ۽ ٻيا جانور پيدا ڪيا هئا؟ ڪنهن جي حڪم سان آسمان ۾ اڏامندڙ پکي هوا ۾ پنهنجو وزن قائم رکن ٿا؟ ڪنهن جي حڪم سان ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جنم وٺي ٿو؟ ڪنهن جي حڪم سان مختلف جاندار جانور ڌرتيءَ تي آزاد گهمن ٿا؟ ڪنهن جي حڪم سان هي سڄي ڪائنات، ست ئي آسمان ۽ ڌرتي قائم آهن، ڪنهن جي حڪم سان اهو سڄو سلسلو پنهنجي منزل طرف هلي رهيو آهي؟

    پوءِ حضرت ايوب عليه السلام الله تعاليٰ کان معافي گهري ۽ الله تعاليٰ حضرت ايوب عليه السلام جي ٽن دوستن مان مکيه کي چيو ته توهان ٽنهي جو بحث غلط آهي، منهنجي هن ٻانهي ۽ غلام ايوب جي عقيدت ۾ سچائي آهي، جو هن مون کان منهن نه موڙيو آهي ۽ مون ڏانهن ئي راغب رهيو آهي، اوهان ٽيئي قرباني ڪري پنهنجي بحث کان آجا ٿيو ته ايوب اوهان لاءِ دعا گهري. پوءِ حضرت ايوب عليه السلام جا ڏينهن ڦري ويا ۽ جيڪا مال ملڪيت هن کان وڃائجي ويئي، تنهن کان ڏهوڻ هن کي ملي. هن کي اولاد ۾ ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون مليون. اهو آهي قصو حضرت ايوب عليه السلام جي صبر جو. هن جون تڪليفون ڏسو ۽ هن جو صبر ڏسو ته ڪيئن هن الله تعاليٰ جي واٽ نه ڇڏي، سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي مرضيءَ تي آهي ته ڪنهن تي ڪڏهن مهربان ٿئي ۽ ڪنهن کي ڪڏهن تڪليفن ۾ وجهي. پاڻ لاءِ ضروري فقط اهو آهي ته الله تعاليٰ جي در کانسواءِ ڪنهن ٻئي در ڏانهن نه نهاريون، صبر جي ڪا حد ئي ناهي.

    مان ننڍو هوندو هوس ته ڦڏا ڪندو هوس، وڏو ٿيندو ويس ته ڦڏا وڌندا ويا، مان سڏبو ئي ڦڏئي هوس. سو جيڪڏهن منهنجو هي حال آهي، جيڪو آهي ته ان ۾ الله تعاليٰ جو ذمون ناهي، مون ۾ گڻن جي کوٽ نه هئي، فقط صبر نه هو.
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ساڙ ۽ حسد




    سومر 20 آڪٽوبر 2008ع



    عشق وغيره جهڙا ڪم جيڪي مون کي ٻڍاپي ۾ ڪرڻ کپندا هئا، سي مون جوانيءَ جي شروعات ۾ ئي ڪري ڇڏيا. قرآن پاڪ پڙهڻ وارو ڪم جيڪو مون کي ننڍپڻ کان ئي ڪرڻ گهربو هو، سو مان هاڻ ٻڍاپي ۾ پيو ڪريان. ڳالهه سبتي آهي، مان پاڻ ابتو آهيان، دل شئيِ ئي غلط قسم جي آهي. هر هر ترڪيو وڃي.

    ٿوري گهڻي مٿاڇڙي ڄاڻ رگ ويد، بائيبل ۽ قرآن پاڪ بابت مون کي سدائين کان رهي آهي، پر فقط ٽي چار مهينا ٿيا آهن، جو مان قرآن پاڪ ائين پڙهڻ لڳو آهيان، جيئن عام ماڻهو غور ۽ ڌيان سان پڙهندا آهن، الائجي ڇا ٿي ويو آهي مون کي. منهنجو ارواهه دنيا تان اٿي ويو آهي. مان ڏسان پيو ته اسلام بابت سموري ڄاڻ قرآن پاڪ ۾ بلڪل واضح طرح موجود آهي ۽ مان ڊڄي ويو آهيان اسلام بابت مسلمانن جي غلط سمجهه کان ۽ قيامت جي ڏينهن الله جي فيصلي کان. مون ۾ ڪو به اهڙو نقطو ڪونهي، جيڪو قرآن پاڪ مطابق مون کي دوزخ کان بچائي سگهي. امان مجبور ٿي بابا کي چوندي هئي ته، ”جي ٿي ڪُڇان ته پٽجن ٿيون مُڇان، جي ٿي رهان ماٺ ۾ ته پوان ٿي ڪاٺ ۾.“ منهنجو ساڳيو حال آهي، سو مان ڇا ڪريان؟ لکڻ ڇڏي ڏيان؟

    اوهان مهرباني ڪري قرآن پاڪ جو ڪو سٺو ترجمو ٻه ٽي ڀيرا ڌيان سان پڙهو، اوهان کي پاڻ احساس ٿيندو ته قرآن پاڪ ۾ مڪمل دين سمايل آهي ۽ اوهان جي سوچ ۾ تبديلي اچي ويندي. اوهان فقط ترجمو پڙهو ۽ پاڻ تي اهو شرط لاڳو رکو ته قرآن پاڪ جو ترجمو پڙهندي اوهان جو هٿ ڪنهن ڪتاب ڏانهن نه وڌي. اوهان ڏسندا ته هر هڪ نقطي تي قرآن پاڪ پاڻ اختياري واري سمجهاڻي آهي. قرآن پاڪ عربي ۾ پڙهڻ فرض آهي، پر هڪ ڀيرو ترجمو پڙهي ڏسو ته سهي، ته اوهان کي ڪيترين ڳالهين جي ڄاڻ نه هئي.

    منهنجي زندگيءَ ۾ هڪڙو عجيب واقعو ٿيو آهي، حياتيءَ ۾پهريون ڀيرو مون کي منهنجي ڪنهن ليک تي ايوارڊ مليو آهي/گرانٽ ملي آهي. طفيل عبدالرحمان ۽ حسن علي عبدالرحمان ٻه ڀائر هئا. طفيل صاحب جج هو ۽ حسن علي صاحب وڪيل هو. حسن علي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهيو هو ۽ هن جيڪي به استاد ڀرتي ڪيا، سي لياقت ڀريا هئا. اها ڳالهه مشهور آهي. ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ حسن علي عبدالرحمان جي ياد ۾ هڪ تنظيم جوڙي وئي آهي، جنهن جي سربراهه حميره حسن علي آهي، انهيءَ تنظيم هر سال سنڌي لکڻين تي گرانٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن سال اها گرانٽ /ايوارڊ مون کي ڏني وئي آهي. منهنجي انهيءَ ليک تي، جيڪو ”پئسو“ جي نالي سان ڪاوش ۾ ڇپيو هو. مون لاءِ اها ڳالهه تمام وڏي آهي.

    مان منجهي پيو آهيان. مون کان لکيو نٿو ٿئي. فيض احمد فيض اخبار نه پڙهندو هو. ڪنهن پڇيس ته ڇو؟ چيائين ته، ”ها، ڪڏهن ڪڏهن ڪا اخبار ڏسي ڇڏڻ گهرجي.“ مشتاق قريشي (نوابشاهه) جو چوڻ آهي ته، مون کي ملڪي سياست تي به ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه لکي ڇڏڻ گهرجي. مشڪل هي آهي ته پاڪستان ۾ سياست به مذهب جو درجو وٺي وئي آهي. پاڪستاني سياست ۾ به مذهب وانگي سڌيون حقيقتون لکڻ منع آهي. ڳالهائڻ جي کوٽ ناهي. سڄو ڏينهن ڳالهايو، سموريون راتيون ڳالهايو، پر هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون هجن، ڪا به سڌي ٺوس بنيادي ڳالهه نه هجي. اوهان پاڻ غير انساني حرڪتون ڪندا رهو، پر جي ڪو ٻيو انهن حرڪتن جو جواب ڏئي ته هن کي انسانيت تي وڏا ليڪچر ڏيو. اهو آهي دستور، جيڪو اڄ رائج ٿيل آهي.

    الله جي حڪم کان پرتي ڀڄي آخر اوهان ڪيترو پري ڀڄندا؟ الله جو حڪم ته اوهان سان ان گهڙيءَ لاڳو ٿيو وڃي، جنهن گهڙي اوهان جو وجود ماءُ جي پيٽ ۾ قائم ٿو ٿئي. وڏا ٿي پاڻ الله جي حڪمن کي نصيب ۽ قسمت سمجهڻ لڳندا آهيون. بحث مباحثو اجايو آهي. حياتيءَ تي فتويٰ ماڻهوءَ جي مرڻ کانپوءِ ظاهر/ثابت ٿيندي آهي. منهنجي مرڻ تي جا فتويٰ ايندي تنهن ۾ سٺي ڳالهه فقط اها هوندي ته مون کي حسن علي عبدالرحمان اداري طرفان پهريون انعام /ايوارڊ مليو هو. مون کي خواب خيال ۾ به نه هو ته آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ مون کي ڪو پڙهندو به هوندو.

    ڪي دوست تمام گهڻو ياد ايندا آهن. غلام محمد ڀٽو مون کي ائين سنڀاليو هو، جيئن پيءُ پنهنجي ٻار کي به نه سنڀالي. مان بيمار هوس ۽ ذهني طرح نارمل نه هوس. هڪڙو هو افضل شيخ، جيڪو فزڪس ۾ ڊگري وٺي شڪارپور ۾ ليڪچرار ٿي ويو. هن جو خيال هوندو ته مون کيس وساري ڇڏيو هوندو، پر ائين نٿو ٿي سگهي. هو مون کي ياد آهي. ڪراچي ۾ رشيد نظاماڻي نالي وڪيل هو، جنهن جي ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي به مون کي ياد آهي. مون کي پروفيسر ڊاڪٽر سرور لاڙڪ به ياد ايندو آهي. هي دنيا آهي، هي سڀيئي رهندا، مان غائب ٿي ويندس.

    سنڌي لکندڙن ۾ هڪ ٻئي سان ساڙ ۽ حسد تمام گهڻو آهي. هڪ ڊزن سنڌي لکندڙن، جن ۾ ڪي انگريزيءَ جا ماهر به شامل هئا، گڏجي هڪڙي ڊاڪٽر شيرين شيخ انٽرنيٽ تي گهَڙي ۽ مون سان لهه وچڙ ۾ آيا. مون سمجهيو ته ڪا مائي آهي، جنهن سان جذباتي وئل آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه دوستن مون کي ٻڌايو هو ته هو ڀائي آهن. مون جيڪي ڪجهه لکيو سو تمام سهڻو هو. اڄ هو ڊزن ماڻهو ڪهڙي حال ۾ آهن، سا ڄاڻ مون کي ناهي. مان هنن جون شڪليون ڏسڻ ٿو چاهيان. سندن فطرتي رسالو به غائب آهي.

    مولانا قاسمي صاحب هڪ ڀيري مون کي چيو هو ته، ”مان توکي پڙهندو آهيان ۽ مون کي تنهنجو لکڻ گهڻو وڻندو آهي، پر اها ڳالهه مان ظاهر نٿو ڪري سگهان، جو منهنجو اٿڻ ويهڻ مختلف ماڻهن ۾ آهي.“ مون کيس ”مهرباني“ چيو هو. هو عظيم ماڻهو هو، جو منهنجي ليول تائين هيٺ لهي هن مون سان دل جي ڳالهه ڪئي هئي.

    آصف، شاهه خورم ۽ شاهه زمان منهنجا هم عمر دوست آهن. فقط پنجيتاليهه پنجاهه ورهيه مون کان ننڍا آهن، جيڪو تفاوت ڪو خاص وڏو ناهي.
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    زمانو ۽ زمانا




    اربع 29 آڪٽوبر 2008ع



    ! مان جو بيڪار ٿي ويس، تنهن ۾ ڏوهه زماني جو هو.

    ! اسان وارو زمانو ئي غلط هو، هر ڪنهن کي شونق هو، فلسفي ۽ جينيس ٿيڻ جو. ڪو خليل جبران پڙهندو هو ته ڪو ارسطو، فرسطُو، يا سقراط پڙهندو هو. هڪڙو گروهه اهڙو به هو، جنهن ٺيڪو کنيو هو آڪسفورڊ انگريزي ڊڪشنري سڄي بر زبان ياد ڪرڻ جو. مون انهيءَ گروهه جي ڪجهه شاگردن کي ڪاليج جي زماني کانپوءِ پان کائيندي ۽ اڙدو جي خوفناڪ قسم جي شاعري ڪندي ڌٺو. اهو زمانو ئي اهڙو هو، جنهن ۾ مان ننڌڻڪو ٿي ويس، جو اهڙي زماني ۾ اڪيلو هجڻ ۽ اڪيلو رهڻ ذهني سلامتيءَ لاءِ خطرناڪ هو. منهنجو ڪو گروهه نه هو، ڪو ساٿي نه هو ۽ ڪو به سنگتي نه هو، ڇو ته منهنجي داخلا فلسفي ۾ هئي، تنهن ڪري مون تي اجايو ۽ خوامخواهه فلسفي جو ليبل لڳل هو، جيتوڻيڪ مون ارسطو، فرسطو ۽ سقراط وغيره ڪڏهن به نه پڙهيا.

    ! انهيءَ زماني ۾ ٻي خوفناڪ شئي، جا اڀري رهي هئي، سا هئي روسي اديبن جون لکڻيون. روسي ناول هوريان هوريان ڇائنجي رهيا هئا. مان انهن ڳالهين کان پري هوس ۽ حيرت ۽ احساس ڪمتريءَ سان زماني کي ڏسندو هوس. اهو زمانو سڄي جو سڄو ۽ سمورو غلط هو، خلقت جي وڏي لوڌ شاعر ۽ ليکڪ ٿي وئي، اهو انسانن جو وڏي پيماني تي زيان هو.

    ! تنهن کانپوءِ جو زمانو بدليو ته مارڪس جو فلسفو پاڙون وٺڻ لڳو، انهيءَ فلسفي جو ارسطو ۽ فرسطو جي فلسفي سان يا ارسطو جي منطق سان ڪو به تعلق نه هو، اهو اقتصاديات (ايڪانامڪس) جو هڪڙو بنيادي زاويو هو. اهي سڀئي ڳالهيون مان پري کان بنا ڪجهه سمجهڻ جي ڏسندو هوس ۽ بيزار ٿيندو هوس، جو مون کي غلط يا صحيح نموني ارسطو وارا منطق (لاجڪ) وڻندا هئا.

    ! انهيءَ هڪڙي زماني ۾ ڪيئي زمانا هئا، جيڪي مون تي عمل ڪري مون کي احساس ڪمتريءَ جو شڪار ڪندا رهيا. پاڪستان جي ٺهڻ ڪري جا خلق حيدرآباد ۾ ۽ ڪاليجن ۾ گڏ ٿي وئي هئي، سا آفيسرن جي اولاد جو وجود کائي وئي، مان ننڌڻڪو ٿي ويس. جي مون ايم اي نه ڪئي ته منهنجو ڏوهه نه هو، جي مون ڌيان ۽ خيال سان پڙهائي نه ڪئي ته ان ۾ منهنجو ڏوهه نه هو، جي مون تميز واري ڪا نوڪري نه ڪئي ته ان ۾ به منهنجو ڏوهه نه هو. مان هيسيل ۽ ڊنل هوس، منهنجي ان زماني ۾ سمايل سڀيئي زمانا انهن لاءِ خوشبخت هئا، جيڪي سماجي طرح ڪشمڪش ۽ جدوجهد ۾ هئا، مان مارجي ويس.

    ! حقيقت مڃڻ ۾ ڪو به عار نه هجڻ گهرجي. زماني ۽ زمانن جي گردش ۽ عملن منهنجو ذهن ائبنارمل ڪري ڇڏيو. جا نوڪري مون سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪئي، سا تماشو هئي. مون جا وڪالت ڪئي هئي، سا به هڪ تماشو هئي. زماني ۽ زمانن جي اعمالن مون کي اهڙو اپاهج ڪري ڇڏيو، جو مان پنهنجي گهر ۽ ٻارن جي پڙهائي جي باري ۾ به ڪا احساس برتري رکي سگهان. هڪڙو گٽر هو، جنهن ۾ مان وهندو هليو آهيان. جي هاڻ ڪٿي مون کي واهه واهه ٿي ملي ته منهنجون اکيون ڀرجيو اچن، سڀ غلط آهي، سڀ ڪجهه غلط آهي، فقط حسن علي عبدالرحمان گرانٽ/ ايوارڊ صحيح آهي، جو صحيح رخ کان ۽ صحيح شخصيتن طرفان آيل آهي. شايد منهنجا ڏينهن بدلجڻ لڳا آهن، شايد زمانو آرس ڀڃي رهيو آهي.

    ! انهن سڀني زمانن جي هلندي ۽ انهن سڀني زمانن سان گڏ، هڪڙو اهڙو گندو ۽ تمام ڊگهو زمانو به هليو، جيڪو منهنجي دل جي وس کان ٻاهر هو. سڄو معاملو دل جو هو ۽ اهو زمانو اڄ مان ڄاڻان ٿو ته سڀني زمانن کان وڌيڪ منحوس هو. مون جيڪي ڪجهه لکيو، تنهن جون بنيادون انهيءَ زماني ۾دفن ٿيل آهن، جي اوهان کي منحوس ٿيڻو آهي ته اڄ ئي ڪو عشق ڪريو. عجيب ڳالهه اها آهي ته مان بدڪردار ڪڏهن به نه هوس، فقط بيوقوف ۽ ٿورڙو گڏهه هوس.

    ! فيصلا ٿيندا آهن، ماڻهوءَ جي مرڻ کانپوءِ. ماڻهوءَ جي مرڻ کانپوءِ ڄاڻ پوندي آهي ته ڪير ڪيترو غلط يا صحيح هو. ماڻهوءَ جي لياقت ۽ اهميت جي ڄاڻ به موت کانپوءِ ظاهر ٿيندي آهي. مون بابت فيصلو ڪرڻ/ٿيڻ تائين اوهان به انتظار ڪريو ۽ مان به انتظار ٿو ڪريان.

    ! انهن زمانن هلندي مون هڪڙي نجوميءَ کان پنهنجي قسمت بابت پڇيو هو. هن چيو ته، ”بند آهي“ . مون سندس مطلب نه سمجهيو هو، جو مون کي نجوم جي ڄاڻ نه هئي. اڄ جڏهن مان نجوم ڄاڻان ٿو ته تڏهن اهو به ڄاڻان ٿو ته نجوميءَ جو مطلب هو ته منهنجا نصيب بند آهن. ٻيو نجومي منهنجو پيءُ هو، جنهن مون کي چيو هو ته، تون وڏو بدنصيب آهين. بابا نجوم نه ڄاڻندي به وڏو نجومي هو، اهو سڄو زمانو خراب ۽ بدنصيبي جو هو.

    ! حياتيءَ کي جي مان زمانن ۾ ورهايان، جيئن هتي مون ڪيو آهي، ته اها وڏي غلط ڳالهه ٿيندي. سڄي حياتي هڪڙو ئي ڊگهو زمانو آهي، جنهن جي پڇاڙي ٻڍاپو آهي. زماني جي انهيءَ پڇاڙي ۾ ٽهڪ وسريو وڃن ۽ هڪڙي ننڍڙي سفر تي روانو ٿيڻ جي تياريءَ ۾ گنڀيرتا چهري تي ڇائنجيو وڃي.
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    فطرت




    خميس 20 نومبر 2008ع



    تارا ۽ گرهه موجود نه هئا، وقت ۽ طرف ايجاد نه ٿيا هئا، دونهاٽيل ڦهلاءُ هو، جنهن جو ڪو به رنگ روپ نه هو. ڪو به خال نه هو، جيڪو ڀريل يا خالي هجي. سانت ۽ آواز جو وجود نه هو. ماٺيڻي ماٺ ۾ وِٿي نه هئي. اڳ ۽ پوءِ جو پايو نه پيو هو. اها هئي ڪائنات جنهن آرس ڀڳي. تارا ۽ گرهه ظاهر ٿيا. وقت ۽ طرف ڦهلجي ويا. ڦهلاءُ ۾ رنگ ۽ روپ اڀري آيا. ڪائنات روپ بدلائڻ لڳي. ڊيگهه ۽ ويڪر وجود ورتو، جَدوَل جو بنياد پيو ۽ هر ڪا شئيِ پنهنجي محور ڏانهن وڌڻ لڳي. ڪائنات جو آرس ڀڃڻ شروعات هئي، اهڙي پڇاڙي جي جا ڪائنات جي ٻي آرس ڀڃڻ تي مڪمل ٿيندي. اوهان به انتظار ڪريو، جيئن مان پيو ڪريان. پاڻ سڀيئي گڏ اهو تماشو ڏسنداسين، ۽ ڄاڻي وينداسين ته ڪائنات اها پهرين آرس ڪيئن ورتي هئي.

    مٿي ڄاڻايل آئيڊيا جو ڪجهه حصو رگ ويد مان چورايل آهي، مان افلاطون نه آهيان.

    چوڻ لاءِ چئبو آهي ته هي دنيا محض راند ۽ تماشو آهي. ڪو به نٿو چئي ته قدرت جا اسان کي دل ڏني آهي، سا اسان سان سراسر زيادتي آهي. انساني فطرت وڏو عذاب آهي. ان جو لاڙو غلط پاسي ئي رهندو آهي. هزارين ورهين جون ڌرمي ۽ مذهبي روايتون به انسان جي فطرت بدلائي نه سگهيون آهن.

    هڪڙو عجيب تماشو آهي. ڪو اسڪول ٿو کولجي ته چيو ٿو وڃي ته حڪومت جي پهرين ترجيح اسڪول کولڻ آهي. تعليم جي ڳالهه ٿي ٿئي ته چيو ٿو وڃي ته حڪومت جي پهرين ترجيح تعليم عام ڪرڻ آهي. معيشت جي ڳالهه تي چيو ٿو وڃي ته حڪومت جي پهرين ترجيح معيشت سڌارڻ آهي. بم ٿا ڦاٽن ته چيو ٿو وڃي ته حڪومت جي پهرين ترجيح دهشتگردي ختم ڪرڻ آهي. هر ڪنهن ڳالهه لاءِ چيو ٿو وڃي ته حڪومت جي پهرين ترجيح فلاڻي آهي. سو سوال آهي ته حڪومت جون پهريون ترجيحون ڪل ڪيتريون آهن ۽ انهن مان جي ڪا هڪڙي ترجيح به پوري ٿي هجي ته ان ترجيح جو نالو ٻڌايو وڃي. حقيقت اها آهي ته حاڪمن وٽ ترجيح واري معاملي ۾ لفاظي جا انبار آهن. ڪا به ترجيح پوري ٿيڻي ناهي.

    هڪڙو ٻيو به تماشو آهي، ۽ اها به فقط لفاظي آهي. ڪٿي به ڪو واقعو ٿيندو آهي ته حاڪمن مان ڪو هڪدم اعلان ڪندو ته ان ۾ هڪ سازش آهي، جنهن کي جلد بي نقاب ڪيو ويندو. هزارين اهڙيون سازشون ورهين کان بي نقاب ٿيڻ جي انتظار ۾ ترسيل آهن. مان ٿو ٻڌايان اوهان کي ته ڪا به سازش بي نقاب نه ٿيندي. پاڻ اهي سڀيئي نقاب واريون سازشون پاڻ سان گڏ قبر ۾ کڻي وينداسين. حاڪمن جون اولين ترجيحون به جيئن جو تيئن پاڻ سان گڏ هلنديون.

    ٻي اوهان کي ڪهڙي سياسي مشڪري ٻڌايان؟ مون وٽ ته انهن جا انبار آهن.

    ٽي چار ڏينهن اڳ علم جي اڪابرن هڪ ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته سنڌي صورتخطي ۾ ڪو به اهڙو نقص ڪونهي، جنهن کي درست ڪجي. اهو ڪمال آهي. جيڪڏهن سنڌي صورتخطي ۾ به نقص نه آهي ته موبائيل فون تي انگريزي اکرن ۾ اڙدو ڇو پئي هلي؟ ۽ ڇو سنڌي ڳالهائيندڙ به سنڌي لفظن تان هٿ کڻي انگريزي اکرن ۾ اڙدو پيا لکن؟ انهيءَ خوفناڪ ڪانفرنس ۾ مان نه هوس. مون کي سڏايو به نه ويو هو، ۽ جي سڏايو ويو هجان ها ته مان نه ويو هجان ها. ورهين بلڪه صدين کان ڏسندو ۽ ٻڌندو اچان ته اهڙين ڪانفرنسن ۾ فقط ڦٽاڪا وڄندا آهن ۽ ڳالهائيندا فقط اهي آهن، جن سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جي خرچ تي پنهنجا ذاتي ڪتاب ڇپائي انهن ادارن مان پئسا ڪمايا آهن. شاباس هجي انهن ماڻهن کي جيڪي اهڙيون ڪانفرنسون اٽينڊ به ڪندا آهن ۽ انهن ۾ ويهي تاڙيون به وڄائيندا آهن. گذريل مڪمل صديءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي ”سنڌي لکو ۽ سنڌي پڙهو“ جو نعرو سيکاري کين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کان پري رکيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ ايڪنامڪس يا پوليٽيڪل سائنس پڙهي اوهان ڪهڙي بئنڪ ۾ آفيسر ٿيندا؟ سنڌي ۾ ڪيمسٽري ۽ فزڪس پڙهي اوهان ڪهڙي سائنسي اداري ۾ قبول ڪيا ويندا؟

    وري سياست، - ڪٿي ڪو وڏو حادثو ٿيندو آهي ته ڪنهن حاڪم قسم جي آفيسر جو بيان ايندو آهي ته ”هڪدم انڪوائري ڪئي وڃي!“ مثال طور جيڪڏهن اهو آفيسر اهو بيان نه ڏئي ها ته ڇا انڪوائري نه ٿئي ها؟ صاف ظاهر آهي ته جي ڪو حادثو ٿيندو ته اتي صوبيدار، انسپيڪٽر ۽ ڊي ايس پي هونئن به ضرور پهچندا آهن ۽ انڪوائري ڪندا آهن. پوءِ باقي اها بيان بازي ته ”هڪدم انڪوائري ڪئي وڃي“ ڇا لاءِ؟ خبرن ۾ ايندو آهي ته ”فلاڻي صاحب انڪوائري جو حڪم ڏيئي ڇڏيو“ جي هو صاحب انڪوائري جو حڪم نه ڏئي ها ته ڇا انڪوائري نه ٿئي ها؟

    اوهان قسم کڻي ٻڌايو ته اوهان گذريل پنجن ڏهن ورهين ۾ ڪڏهن ڪا سنڌي لغات کولي ان ۾ ڪنهن سنڌي اکر يا لفظ جي معنيٰ ڳولهي آهي؟ بلڪل نه. اوهان اڄ تائين ڪنهن به سنڌي ماهوار رسالي جو چوٿون يا پنجون اشو نڪرندو ڏٺو آهي؟ وڌ ۾ وڌ ٽي اشو نڪرندا آهن ۽ پوءِ همراهه پيسن ۾ کٽي پوندا آهن. جيڪو ٿو سنڌي ناول ڇپائي سو مفت ۾ ورهائي. ڪجهه ڪاپيون ذاتي اثر رسوخ تي ادارن کان خريد ڪرايو ڇڏي. اوهان ڪڏهن آءِ آءِ قاضي صاحب جو پنهنجو لکيل ڪتاب پڙهيو آهي؟ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڇپايل ڪتابن ۾ ايڊيٽوريل بورڊ جي نالن ۾ ورهين جا ورهيه مان ساڳيا نالا ڏسندو آيس. اوهان اهي ڪتاب کڻي ڏسو ۽کلو. جڏهن ڪتاب سرڪاري نصاب تي رکبا آهن ته ڪتاب جي ليکڪ کي پئسا ملندا آهن. سڄو جادو پئسن جو آهي. مئٽرڪ، انٽر، بي اي وغيره مان سنڌي ڪمپلسري ڪڍي ڇڏيو، ته ايم اي سنڌي ۾ هڪڙو به سنڌي شاگرد نظر نه ايندو. جن وٽ لفظ سائيڪل لاءِ به سنڌي لفظ ناهي سي سنڌين جو مستقبل خراب ڪرڻ لاءِ پرچار ڪندا آهن ته سائنسي ڪتاب به سنڌي ۾ ترجمو ڪريو. اهو عاليشان چرچو آهي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌي ادب




    خميس 27 نومبر 2008ع



    اوهان ڪل ڪيترا سنڌي ناول پڙهيا آهن؟ وڌ ۾ وڌ پنج يا ڇهه ۽ اسٽيج تي بيهي ڳالهائيندڙ چوندا آهن ته ”سنڌي ادب دنيا جي ادب سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلي رهيو آهي“ هنن کي ڪلهن جي ننڍ وڏائي جي به ڄاڻ ناهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ هر سال صدين کان لکين ناول ڇپيا آهن ۽ پڙهيا ويندا آهن، پر جن کي فقط ا ب ٻ جي اچارن جي ڄاڻ آهي، سي پنهنجي ننڍڙي ڪلهي کي وڏن ڪلهن کان به گهڻو مٿي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ٺيڪو کنيو ويٺا آهن.

    سمجهاڻي اڙدو، سنڌي، يا ڪهڙي به ٻولي ۾ هجڻ گهرجي، پر درسي ڪتاب (ڪورس جا ڪتاب) انگريزي ۾ هئڻ گهرجن، اها معمولي ڳالهه به اسان جي عقل جي اڪابرن کي سمجهه ۾ نٿي اچي. چائنا ۽جاپان جا ماڻهو ڪيترو به خرچ ڪري انگريزي سکڻ جي ڪوشش پيا ڪن، الطاف شيخ مليشيا ۾ رهيل آهي، هن ٻڌايو ته مليشيا ۾ انگريزي ٻولي رائج ڪئي وئي آهي ۽ اتي تعليم فقط انگريزيءَ ۾ ڏني ويندي آهي. الطاف کي هاڻي اهو به خيال آهي ته هن پنهنجا ٻه ٽي سفر نامه انگريزيءَ ۾ لکيا هجن ها ته اهو بهتر هجي ها.

    دنيا انگريزي پئي سکي ۽ سيکاري ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي وارا سنڌ ۾ سنڌي پيا سيکارين. هن کان وڏو تماشو ٻيو ڇا کي چئبو؟ ۽ سنڌي ۾ ڇا سيکاريندا؟ الجبرا؟ جاميٽري؟ بئنڪنگ؟ فزڪس؟ اليڪٽرانڪس؟ انجنيئرنگ؟ ائسٽرانامي؟ آخر اها ڪهڙي ڪمائتي شيءِ آهي، جا سنڌي لئنگويج اٿارٽي وارا سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ سيکاريندا؟ فقط ڏ، ڳ، ڱ، ڃ جا اچار سنڌي ڳالهائيندڙ هونئن به ڄاڻن ٿا.

    پنجابي، سرائڪي، پشتو، مارواڙي ۽ ڍاٽڪي لکبيون ناهن، پر انهن ٻولين جا ڳالهائيندڙ وڌندا وڃن. سنڌي ٻولي جنهن جي لکڻ تي هروڀرو زور ڏنو ويندو آهي، تنهن جا ڳالهائيندڙ گهٽبا وڃن. مان ڳوٺن جي ڳالهه نه پيو ڪريان، ڳوٺن ۾ رڳو ڪچهريون ٿينديون آهن، جن جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان ڪو به واسطو نه آهي ۽ ڳوٺن ۾ جنهن کي موقعو ملندو آهي، انگريزي ڏانهن ڊوڙي ويندو آهي. مٿي ڄاڻايل ٻوليون سنڌي ٻولي سميت فقط ڪچهري لاءِ آهن، انگريزي ٻولي بلڪل سائنٽيفڪ بنيادن تي جڙيل آهي، جيڪا ٻولي وڻيوَ سا ڳالهايو، پر تعليم انگريزيءَ ۾ حاصل ڪريو ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو مستقبل ٺاهيو.

    جيڪي سنڌي ڌارين ملڪن ۾ رهيل آهن، تن جي اولاد کي اڙدو يا سنڌي نٿي اچي، پر سڏبا سنڌي آهن. سنڌي ماڻهن کي سنڌ ۾ غلط خيال ڏنو ويو آهي، ته هندستان ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪري رهي آهي ۽ اهو سنئون سڌو ڪوڙ آهي، ٻئي ڳالهيون غلط آهن.

    مان انگريزي ٻولي جو پرچار نه پيو ڪريان، مان سنڌي مائٽن کي سندن ٻارن جي مستقبل ٺاهڻ جي ڪوشش پيو ڪريان. ڪنهن زماني ۾ پندرنهن ويهه سنڌي اخبارون ڇپبيون هيون، اڄ فقط ٻه ادارا ڇهه اٺ اخبارون ڇاپين ٿا. سنڌ صوبي جي ٿرڊ ڪلاس سياست ختم ٿي وئي ته سنڌي اخبارن جو تعداد صاف ظاهر آهي ته گهٽجي ويندو، انگريزي اخبارن جو تعداد وڌندو وڃي.

    سڌو ڳالهائڻ تمام وڏو ڏوهه آهي، خوشامد ڪرڻ سکو، واهه واهه ڪرڻ سکو، ڪو ڪيتري به بڪ ڪري، ڪو ڪيترو به گند ڪري، ڪو ڪيتري به يخي ڪري، اوهان فقط تاڙيون وڄائيندا ڪريو. فائدو اهو ٿيندو ته اوهان ترقي ڪندا ۽ وڏا ماڻهو ٿي ويندا. جي اوهان سادا آهيو ته وڏا بيوقوف آهيو، جنهن کي سچ چئبو آهي سا بڪواس آهي، فقط سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي، جنهن ۾ غلطي ته ممڪن آهي پر ڪوڙ ڳالهائڻ ناممڪن آهي. سائنس جي دنيا ۾ ارسٽاٽل ۽ ملٽن سڀ کان مٿي آهن، پلئٽو ۽ ساڪريٽس فقط يخي هئا، اسان واري زماني ۾ ماڻهو خليل خبران پڙهي پاڻ کي فلسفي سمجهندا هئا، مان خوش قسمت هوس جو مون هن کي نه پڙهيو.

    جڏهن کان انٽر ۾ هوس تڏهن مون هئمنڊ انس، آسڪر وائلڊ ۽ الائجي ڇا ڇا پڙهيو هو، پوءِ مون جيمس ڪلرڪ ۽ شوگن وغيره پڙهيا، پوءِ مون جيمس مچز جا ڪتاب پڙهيا، فقط ٽي چار ورهيه ٿيا آهن، جو مون اسٽيفن ليڪاڪ پڙهيو آهي ۽ اڄ منهنجو خيال آهي ته اسٽيفن ليڪاڪ کان وڌيڪ پڙهيل ڪو به ليکڪ نه هو. اوهان اهي پڙهي ته ڏسو، اوهان گهڻو ڪجهه سکي ويندا، مان ته جاهل ئي رهيس.

    منهنجي لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ تيزي، تکائي جا جزا ڇو آهن؟ اهو اوهان جو خيال آهي. هيءُ انهن جو خيال آهي، جن کي مان نٿو وڻان، هي انهن جو خيال آهي جن کي منهنجي شڪل نٿي وڻي، جن کي منهنجا خيال نٿا وڻن، جن مون کان ڪم ورتا ۽ منهنجو ماضي تباهه ڪيو. حقيقت فقط اها آهي ته مان اڪيلو هوس، اڪيلو آهيان ۽ اڪيلو ئي رهندس. مان ڌڪ کاڌل آهيان ۽ اهي ڌڪ مون پاڻ پنهنجو پاڻ کي هنيا.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پڙهندڙن جي پسند





    خميس 15 جنوري 2009ع



    . ماڻهو ڪيترو به صاف سٿرو نظر اچي، هن جو اندر غلاظت ۽ گندگي سان ڀريل هوندو آهي. عمر خيام جو هڪڙو ننڍڙو شعر (ربائي) آهي، جنهن ۾ هڪڙي بزرگ هڪ عورت کي چيو ته تون ته گندي ۽ غليظ آهين. هن عورت جواب ڏنس ته مان ته بيشڪ اها آهيان، جيڪي تون چئين ٿو، پر بزرگ تون به ته ٻڌاءِ ته ڇا تون سچ پچ اهڙو آهين، جهڙو تون نظر ٿو اچين؟ عمر خيام جي انهيءَ ربائيءَ کي اردو شاعرن مختلف شڪليون ڏيئي پنهنجن نالن سان منسوب ڪيو آهي.

    . ماڻهوءَ ۾ اندر جي غلاظت جا ڍير آهن، تن کي ڪڍڻ جا فقط ٻه رستا آهن. گهٽ ۾ گهٽ گهڻو اڳ اهو منهنجو خيال هو. هڪڙو رستو هيءُ آهي ته ڪو ڪتاب ڇاپي ان ۾ پنهنجي اندر جي غلاظت ظاهر ڪري ان غلاظت مان جند ڇڏايو. ٻيو رستو هيءُ آهي ته بي شرمي سان غليظ ۽ گندي زندگي گذارڻ لڳو. مون پهريون رستو ورتو ۽ هڪڙو ننڍڙو ناولٽ لکيو، جنهن جو نالو هو اوڙاهه، اهو اندر جو اوڙاهه هو، جنهن ۾ غلاظت ۽ گندگي هئي، منهنجي اندر جي، ڇو ته ماڻهو سڀيئي اندر ۾ گندا ۽ غليظ آهن، تنهن ڪري اهو ڪتاب ماڻهن کي پسند آيو، جو ان ۾ سڀني ماڻهن جي اندر جي عڪاسي هئي. اهو ڪتاب آئينو هو، جنهن ۾ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس اندر صاف ۽ چٽو نظر آيو، اڳتي هلي مان سمجهي ويس ته اهو ڪتاب اجائي محنت هو ۽ اهو ڪتاب لکڻ سان منهنجي اندر جي اوڙاهه جي غلاظت ۽ گندگي ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي، ويتر اها غلاظت ۽ گندگي وڌي وئي. باقي رهيو ٻيو رستو، جيڪو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش اجائي هجي ها، ڇو ته مان پاڻ به ٻين ماڻهن وانگر غليظ ۽ گندگي جي اوڙاهه کي اندر ۾ سانڍي پئي هليس ۽ فقط شرافت جو ڍونگ رچائي معتبر ٿيو پئي هليس. اها آهي حقيقت، جنهن لاءِ چيو ويو ته حليم جو ڪتاب اوڙاهه سنڌيءَ ۾ پهريون نفسياتي ڪتاب آهي، اهو آهي نسورو ڪوڙ.

    . ليکڪ جي سڃاڻپ ان ٻوليءَ سان نه ٿيندي آهي، جنهن ٻوليءَ ۾ هو لکندو آهي. هزارين ڪتاب فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن، ڇا انهن سڀني ليکڪن جي سڃاڻپ فرينچ ٻولي آهي؟ هزارين ڪتاب جرمن ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن، ڇا انهن سڀني ليکڪن جي سڃاڻپ جرمن ٻولي آهي؟ لکين ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن، ڇا انهن سڀني ليکڪن جي سڃاڻپ انگريزي ٻولي آهي؟ ائين چيني، جاپاني، هندي، ٻيون هزارين ٻوليون به ڪتابن سان ڀرپور آهن، ته ڇا انهن جي لکين ليکڪن جي سڃاڻپ سندن اهي ٻوليون آهن؟ جنهن ٻوليءَ ۾ فقط چار ڪتاب لکيا ويندا آهن، انهن جا ليکڪ پاڻ پڏائڻ لاءِ جنهن ٻوليءَ ۾ لکندا آهن، تنهن ٻوليءَ کي سندن سڃاڻپ جو ٺپو هڻندا آهن.

    . پوءِ جي ٻولي ليکڪ جي سڃاڻپ ناهي ته ليکڪ جي سڃاڻپ ڇا آهي؟ ليکڪ جي سڃاڻپ آهي هو آئڊيا، اهي آئڊياز، اهو خيال اهي خيالات جن ۾ نواڻ هجي، جن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هجي، جا اڳ چيل يا لکيل نه هجي. پوءِ اها ڳالهه ڪهڙي به ٻوليءَ ۾ لکيل هجي يا چيل هجي. ساڪريٽس، پلئٽو، ارسٽاٽل جي سڃاڻپ سندن اهي آئڊياز ۽ خيال آهن، جيڪي هنن دنيا جهان کي ڏنا، نه ڪي هنن جي اها ٻولي جا انهن لکڻ ۾ ڪتب آندي. آئنسٽائن جي سڃاڻپ ٿيوري آف لائيٽ آهي، نه ڪي جرمن يا انگريزي ٻوليون جن ۾ هو لکندو هو. ائين ڊگهي لسٽ آهي، مارڪوني جي سڃاڻپ سندس ايجاد هئي، نه ڪي سندس ٻولي. ۽ مون تي تهمت آهي ته منهنجي سڃاڻپ سنڌي ٻولي آهي، حالانڪه مون جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، تنهن جو ڪو به واسطو نه انگريزي، نه اردو ۽ نه ئي سنڌي سان رهيو آهي. ماڻهوءَ جي ذهن جو ڪو به تعلق نه هوندو آهي، جا هو ڳالهائيندو آهي، يا لکندو آهي. ايجاد ۽ نواڻ جي سوچ ذهن ۾ هوندي آهي، ٻوليءَ ۾ نه. سڄي دنيا اهي ڳالهيون ڄاڻي ٿي، پر جي نٿا سمجهن ته فقط سنڌي لکندڙ ۽ سنڌي پڙهندڙ نٿا ڄاڻن، ڇو ته هنن نه ته ڪا نئين سوچ ڏني آهي ۽ نه ڪا ايجاد ڪئي آهي. سڌي لکندڙ ۽ سنڌي پڙهندڙن مان جنهن گهڻي لٻاڙ بازي ڪئي آهي، يا اکر گڏ ڪري سنڌي ڊڪشنريون پنهنجن نالن سان ڇپرايون آهن، تن تي دانشور جو ٺپو هنيو ويو آهي، ڇو ته نه ته هنن ڪا نئين سوچ ڏني آهي ۽ نه ڪا انڌي منڊي ايجاد ڪئي آهي.

    . سنڌين جي دنيا به عجيب آهي. لکندڙ، پڙهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ گهٽبا وڃن. گهڻو ڪري ننڍڙن شهرن ۽ ٻهراڙين تائين محدود ٿيندا پيا وڃن، پر اهو احساس کين ڪونهي، مون 1967ع ۾ جڏهن پنهنجو پهريون ڪتاب (انگريزي ۾) ڇاپيو ته ان ۾ تمام گهڻو گند هو، انگريزي بلڪل غلط هئي، ڪنهن اکر جي اسپيلنگ صحيح نه هئي. نه ان ۾ ڪو خيال هو، نه ان ۾ ڪو آئڊيا هو، بس فقط ڪتاب ڇپائڻ جي شوق ۾ ٽائپ رائيٽر تي ڪتاب لکي ويس. ان زماني ۾ ڪمپيوٽر نه هئا، جو اسپيلون ۽ انگريزي درست ڪن، پر اهو ڪتاب سنڌين ۾ ڏاڍو پاپولر ٿيو، جو سنڌين ۾ انگريزي پڙهڻ جي عادت نه هئي، پوءِ اهو ڪتاب پاپولر ڇو ٿيو، سبب فقط اهو هو ته اي ڪي بروهي منهنجي ڀيڻويي محمد حنيف جي دوستي ڪري ان ڪتاب جي ساراهه ڪئي. منهنجو ٻيو ڪتاب (انگريزي ) غير پاپولر فقط ان ڪري ٿيو جو اي ڪي بروهي جهڙي ڪنهن مشهور ماڻهو ان جي ساراهه نه ڪئي، پر مان ويس انگريزي چوپڙيون ڇپائيندو ۽ ائين منهنجي انگريزي وئي سڌرندي. مطلب ته جي گو گند لکو ته ان کي شهرت ڏيڻ لاءِ ڪنهن وڏي ماڻهو ”کان ديباچو لکايو“ اها آهي سنڌي ذهنيت.

    . پوءِ مون اردو لکڻ شروع ڪيو. ان زماني جي سنڌي اردو جهيڙي هلندي به اردو وارن منهنجي مخالفت نه ڪئي جو منجهي پيا ته هي اردو آهي يا سنڌي جيتوڻيڪ سنڌين کي منهنجي اها ڳالهه نه وڻي، ٻئي ڌريون منجهيل ئي رهيون. سنڌي چون ته زميندارن جي ظلم ۽ هارين تي ٿيندڙ ظلمن بابت لک ۽ اردو وارا سمجهن ته مان حرامپائي پيو ڪريان. جيتوڻيڪ مان نه هاري هوس، نه زميندار هوس، نه منهنجو هنن سان ڪو واسطو هو نه هنن بابت ڪا ڄاڻ هيم ۽ نه وري منهنجي ذهن ۾ ڪا حرامپائي هئي. پوءِ مون وري انگريزي ۽ اردو سان گڏ سنڌي ۾ به لکڻ شروع ڪيو. منهنجي فطرت ۾ الاءِ ڇا هو ۽ الاءِ ڇا آهي، جو اهي ٽيئي ٻوليون مان گڏوگڏ لکندو آيس. اردو ڳالهائيندڙن وٽ مزاح جو مزاج هو، پر سنڌي ڳالهائيندڙ انهيءَ مزاج کان ڪورا (خالي) هئا ۽ بحث ڪندي جهيڙي جو رويو اختيار ڪندا هئا، پر منهنجو شايد دماغ خراب هو، جو مان ڪنهن جي به پرواهه ڪرڻ بدران پنهنجو ڪم ڪندو آيس، مون لکڻ بند نه ڪيو.

    . ايوب خان جي ڏينهن ۾ منهنجي هڪڙي انگريزي ڪتاب کي ريڊ ٽڪ مارڪ ڪيو ويو، معنيٰ ته جيل ۾ وجهي ڇڏيوس. بابا انٽيليجنس ۾ هو پڇيومانس ته سندس نوڪري جو ڇا ٿيندو؟ چيائين ته تون پنهنجو ڪم ڪر ۽ مان پنهنجو ڪم ٿو ڪريان. بابا چوندو هو ته مان ان کي ليکڪ ئي نٿو مڃان، جيڪو پنهنجين لکڻين ڪري جيل نه ويو هجي. انهن ئي ڏينهن ۾ لاهور جي هڪڙي هفتي وار اخبار جي ڪور تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو ته ”حليم بروهي هندو ذهنيت ڪا قلمي نام هئي“ مون اهو رسالو گاڏي کاتي جي هڪڙي اسٽال تي ٽنگيل ڏٺو ۽ ماٺ ڪري اتان کسڪي ويس.

    . منهنجو پهريون سنڌي ليک (افسانو) ”الله جي ڳولا ۾“ هو، جيڪو اڄ به مون کي وڻندو آهي. ان جو جواب ئي ڪونهي، پر هلڪي سنڌي ذهنيت کي منهنجا ٿرڊ ڪلاس افسانا جهڙوڪ ”رڪشا، شادي، چوڪيدار“ وڻندا آهن. جن جو مزاح ۽ مزاج فقط سنڌي لکڻين تائين محدود آهي، سي ڇا ڄاڻن ته ليک ۽ ليکڪ ۾ ڪهڙو ناتو آهي. ليک ليکڪ جو اندريون روپ هوندو آهي ۽ ليکڪ ليک جو ظاهري روپ. هڪڙي ڪاما، ڪولن، سيمي ڪولن جي جاءِ مٽائڻ سان ليکڪ جي ليک مان ساهه نڪريو وڃي. جيڪي انگريزي ڪتاب پڙهڻ جا عادي آهن، اهي ڄاڻن ٿا ته سنڌين کي ڪا به ڄاڻ ناهي ته ڪاما، ڪولن، سيمي ڪولن، هائفن، ائسٽرڪ جهڙيون نشانيون ڪٿي ۽ ڇو لڳائبيون آهن. سنڌي لکت مان هاڻي ته انورٽيڊ ڪاما به غائب ٿيندي پئي وڃي. اهي آهن سنڌي دانشورن ۽ عالمن جا ڪم.
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    منهنجي ماٺ





    سومر 19 جنوري 2009ع



    . منهنجي ماٺ جو مطلب اهو ڪونهي ته مون ڪنهن جي ڪا صلاح يا ڳالهه يا نصيحت مڃي سنڌي آڏن ابتن اکرن لاءِ انگريزي اکرن جي استعمال تان هٿ کڻي ورتو آهي. منهنجا افعال، طريقا ۽ ڪم ڪرڻ جا ڍنگ بيشڪ سنڌي اکرن وانگر آڏا ابتا آهن، پر مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو ذهن صحيح واٽ تي آهي. جيڪا سنڌي اکرن لاءِ انگريزي اکرن جي واٽ آهي ۽ اهو ئي سنڌي رسم الخط جو مستقبل آهي.

    . منهنجي سوچ صحيح هجڻ لاءِ اوهان پنهنجن موبائيلن ۾ آيل پنهنجا نياپا ڏسو، جيڪي اوهان ڏانهن انگريزي اکرن ۾ پهتا آهن. آهي ڪٿي ڪا ڱ، ڃ ۽ ڄ لاءِ گنجائش؟ هڪ ڀيرو وري غور سان ڏسي ٻڌايو ته انهن انگريزي اکرن ۾ آهي ڪو ٽ ۽ ت ۾ تفاوت، غ ۽ گ ۾ ڪو تفاوت، ٽ ۽ ٺ ۾ تفاوت جيڪي اوهان سنڌي اکرن لاءِ استعمال ڪندا آهيو؟ 56 سنڌي اکرن مان چوٿائي اکرن لاءِ اوهان منجهي پوندا آهيو ته ڪهڙا انگريزي اکر استعمال ڪجن.

    . مون سوچ سمجهه سان انگريزي 26 اکرن کي ائين جوڙيو جو انهن مان سنڌيءَ جي 56 اکرن مان هر هڪ لاءِ انگريزي اکرن ۾ صحيح اچار نڪري، پر مون کي ننديو ويو. مون تي ٺٺوليون ڪيون ويون، تهمتون لڳايون ويون ۽ درگذر ڪيو ويو ڇو؟ ڇو ته مان ماستر نه آهيان، سنڌي ۾ ايم اي نه آهيان ۽ انهن عقلمند پي ايڇ ڊين مان نه آهيان، جن وٽ ڊگريون کوڙ آهن، ملڪ به ڪافي گهميا آهن سرڪاري خرچ تي، پر پنهنجين کوپڙين مان ڪا به نئين شيءِ ايجاد نه ڪري سگهيا آهن. مان هنن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگي چڀندو رهيو آهيان. هنن کان پڇو ته سنڌي واري ڪ لاءِ جي انگريزي اکر K استعمال ڪبو ته سنڌي واري ک لاءِ ڪهڙو انگريزي اکر استعمال ڪبو؟ هي منجهي پوندا، پر ته به هي پنهنجن کيسن ۾ موبائيل رکندا آهن.

    . مون جڏهن لکيو ته ڪ لاءِ K استعمال ڪريو ۽ ک لاءِ KK (ڊبل K) ڪتب آڻيو ته کلڻ لڳا ته KK به ڪو اکر آهي؟ ۽ جڏهن مون چيو ته Sukkur ۾ ۽ بکر ۾ انگريزن به ک لاءِ KK استعمال ڪيو هو، تڏهن اوهان انگريزن سان ڦڏو ڇو نه ڪيو هو؟ تڏهن ڪو به جواب نه ڏنائون. ائين مون وٽ منهنجي جوڙيل هر هڪ انگريزي اکر لاءِ جواز آهي، سو هاڻ ٿا چون ته ماٺ ڪر، ايترو به نٿا سمجهن ته منهنجن جوڙيل انگريزي اکرن جي معاملي ۾ هاڻ سندن پنهنجا ٻار به سندن چئي کان ٻاهر نڪرندا وڃن.

    . منهنجي جوڙيل اکرن ۾ جادو آهي، ان ۾ نه فقط سنڌي، بلڪه اردو، فارسي، انگريزي، عربي، بلوچي، پشتو، گجراتي، براهوي ۽ تقريبن سڀن زبانن جا اچار لکي سگهجن ٿا، انهن ئي اکرن ۾ مارواڙي به لکيل آهي ۽ ڍاٽڪي به لکيل آهي ۽ اهي سڀيئي ترجما مون پاڻ پنهنجن دوستن ۽ واقفن جي مدد سان ڪيا آهن، جو مان پاڻ فقط اردو، سنڌي ۽ انگريزي ڄاڻان. جيڪڏهن منهنجو وقت اجايو بحث مباحثي ۾ ۽ مون تي چٿرن تي نه وڃايو ويو هجي ها ته مان يورپ جي هڪ ٻن ٻولين جا ٽڪر به پنهنجن اکرن ۾ لاهي ويو هجان ها.

    . سڄي سنڌ يونيورسٽي ۾ فقط وائيس چانسلر مظهرالحق صاحب هو، جنهن چوويهه ڪلاڪن ۾ فيصلو ڪري مون کي چيو ته پاڻ تو واري انهيءَ اسڪرپٽ کي يونيورسٽي جي آفيشل اسڪرپٽ ٿا ڏيون. مون کيس چيو ته ”نه اوهان سنڌي ۾ ايم اي يا پي ايڇ ڊي آهيو ۽ نه مان. هن اسڪرپٽ جي قبول ٿيڻ تي سنڌي استاد، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي پنهنجي حيثيت، عزت ۽ مان جي بي عزتي سمجهندا. هو هرگز قبول نه ڪندا ته مون جهڙي سترهين گريڊ جي کوجنا هنن جي ويهين ۽ اوڻويهين گريڊ جي مٿان چڙهت ڪري وڃي. جيڪڏهن اوهان اهو اسڪرپٽ قبول ڪرائڻ لاءِ علم جي انهن اڪابرن اڳيان رکيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي جي ليڪچرار کان وٺي سنڌي جي پي ايڇ ڊي تائين سنڌي ٻولي جا گورنر ۽ حاڪم سڄي سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ اوهان جي خلاف وڏي پيماني تي بغاوت ڦهلائيندا. اوهان اهو ڪم ڪرڻ جو سوچيو به نه“.

    . مظهر صاحب مون کي چيو ته ”پوءِ تون ان اسڪرپٽ جو ڇا ڪندي؟“ مون کيس چيو ته ”مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏيو“.

    . اڄ سنڌين جي گهرن ۾ اردو چينل به پيا هلن، سنڌين جي کيسن ۾ پيل موبائيلن تي اردو گانا به پيا وڄن، اڄ هنن کي ڪا روڪ ٽوڪ ناهي، پر مون سان نفرت ڪئي ويندي هئي، جو اهي سنڌي جا ايم اي گورنر ۽ سنڌي جا حڪمران پي ايڇ ڊي مون سان ڪنهن ڳالهه يا بحث ۾ پڄي نه سگهندا هئا. هنن سنڌين کي ڄاڻ ئي ناهي ته مون 37 سالن جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو ۽ منهنجا پهريان ڪتاب انگريزي ۾ هئا، پوءِ مون اردو ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، جنهن ۾ هڪ ڊگهي ڪهاڻي ۽ ڪيئي ڪتابچا لکيا. جڏهن مان چاليهه سالن جو هوس تڏهن مون پهريون ٽي ڪهاڻيون سنڌي ۾ لکيون، پوءِ مان موٽي انگريزي ۾ ويس. مان ته نه هوندس پر منهنجي وڃڻ کان گهڻو پوءِ تائين منهنجو ڪتاب SEEDS ماڻهن کي ياد رهندو. سنڌي ته اهو ڪتاب نه پڙهندا، ڇو ته سنڌين کي غير سنڌي ڪتاب پڙهڻ جي عادت ڪانهي، اها سندن سٺي عادت آهي، اها عادت سندن هستي مٽائي ڇڏيندي. سنڌي ٻولي جو مقابلو اردو ٻولي سان ناهي، سنڌين جو مقابلو سڄي دنيا جي ٻولين سان آهي ۽ انهيءَ مقابلي ۾ سنڌي تمام گهڻو پوئتي آهن ۽ پوئتي ٿيندا پيا وڃن.

    . آمريڪا ۾ سنڌين جو هڪڙو ادارو آهي SANA (سنا) ”سنڌي لکو، سنڌي پڙهو ۽ سنڌي ڳالهايو“ وارن ڪڏهن ان اداري جي ميمبرن کان پڇيو آهي ته هنن آمريڪا ۾ ڪيترا سنڌي اسڪول کوليا آهن؟ هڪ به نه. پنهنجين ميٽنگن ۾ نچندا آهن، ڳائيندا آهن ۽ جهومر هڻندا آهن. مون ڪنهن سنڌيءَ کان پڇيو ته سندس گهرواري نه آئي ڇا؟ چيائين ته هوءَ سنڌي ناهي ۽ غير سنڌين جو هتي اچڻ منع آهي. هن جي زال انگريز وغيره هئي، پر سنڌين کي مون ڏٺو آهي ته اڇن ۽ ڪارن کان پري ئي ٿيندا وڃن، پوءِ کڻي زال مڙس هجن.

    . پنهنجي حياتي ۾ مون وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو ڪيو آهي جو عمر خيام جون 235 ربائيون پنهنجن جوڙيل انگريزي اکرن ۾ اردو/هندي ۾ ترجمو ڪري ٻه ايڊيشن ڇپايا. مان ڄاڻان ٿو ته اوهان سنڌي هجڻ ڪري ڪا به نئين شيءِ نه پڙهندا، پر ته به مان اوهان کي چوان ٿو ته ٿوري ڪوشش ڪري پڙهي ته ڏسو، اهو ڪم اردو دان ۽ هندي دان به فقط منهنجي ڪتاب تان ڪاپي ڪري سگهندا.

    . قدرت جيڪا زيادتي اسان سان ڪئي آهي، سا اها آهي ته اسان مان هر هڪ جي مرڻ جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي، هر ڪو پنهنجي مقرر وقت تي مرندو، نه منٽ اڳي نه منٽ پوءِ. منهنجي کاٻي اک بلڪل زيرو آهي ۽ ساڄي اک کي آپريشن کپي، ٻڌڻ کان هونئن ئي لاچار آهيان، جي اوهان جي دعا ۾ اثر آهي ته دعا ڪريو ته جلد وڃان، شايد اوهان حيران ٿي وڃو جي مان اک جي آپريشن کان اڳ هڪڙو ٿلهو متارو ناول لکي وٺان، مون کي پبلشر جي ضرورت آهي.

    . سوچ، سمجهه، علم، ڄاڻ، مستقبل جي ڄاڻ وغيره جون خبرون سنڌي جي ايم اي ۽ پي ايڇ ڊين وٽ هوندي آهي، جن سان سنڌ يونيورسٽي سٿي پئي آهي، مون وٽ سنڌي رسم الخط بابت ڪا به سوچ، سمجهه، علم، ڄاڻ ۽ ان جي مستقبل بابت ڪا به اڳڪٿي ناهي ۽ نه مان سنڌي رسم الخط جو ماهر آهيان، جو اسٽيج تان بيهي اوهان کي اوهان جي رسم الخط جو مستقبل ڪنهن وڏي عقلمند ۽ عالم فاضل وانگي سمجهايان، پر مان اوهان کي هڪ صلاح ٿو ڏيان، اوهان هيئن ڪريو جو سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا ٽيئي ادارا ڪنهن رومال ۾ ٻڌي ڪنهن ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيو ۽ انهن ٽنهي ادارن بدران هڪڙو اهڙو ادارو ٺاهيو، جنهن جو ڪم فقط اهو هجي ته سنڌي رسم الخط کي انگريزي اکرن ۾ تبديل ڪري ۽ انگريزي اکرن ۾ سنڌي ڪتاب شايع ڪري. منهنجي انهيءَ ڳالهه تي انگريزن جي جوڙيل سنڌي ڪاميٽي طرفان ٺاهيل سنڌي رسم الخط جا ماهر پوشيده اعتراض به ڪندا، ڦڏو به ڪندا ۽ پوءِ بغاوت به ڪندا، جو هنن جي سالانه ڪمائي گهٽجي ويندي. ٿورو مڙس ماڻهو ٿيو ۽ بک مرڻ سکو.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڪانٽو ۽ واندا









    سومر 26 جنوري 2009ع





    .مان ڪهڙي اٺ، خچر، گڏهه يا ڇڇوندر جي پيرين پيو آهيان ته خدا جي واسطي منهنجي لکت يا منهنجا ڪالم پڙهي؟ ڪنهن هڪڙي جو نالو ته ٻڌايو. منهنجي لکت ۽ منهنجيون لکڻيون ته منهنجن ٻارن به نه پڙهيون آهن. سو جي منهنجي لکت ۽ منهنجا ڪالم اوهان کي نٿا وڻن ته اوهان اهي پڙهو ڇو ٿا؟

    .ڪي به ٻه کوپڙيون هڪ جهڙيون نه هونديون آهن، انهن ٻنهي اندر جيڪو گند ڀريل هوندو آهي، انهن ۾ تفاوت ضرور هوندو آهي. مان پنهنجي کوپڙي اندر ڀريل گند کان ڪم وٺندو آهيان ۽ اوهان پنهنجين کوپڙين اندر ڀريل گند کان ڪم وٺندا آهيو. ڪهڙي مصيبت ٿي پئي ۽ ڪهڙو عذاب ٿي پيو، جو اوهان جي لکين کوپڙين جي ڍڳ ساري گند ۽ مون اڪيلي جي هڪڙي کوپڙي جي ٿورڙي گند ۾ تفاوت ٿي پيو؟

    .پنهنجي شڪل مون کي پاڻ کي به نه وڻندي آهي. مون وٽ ته چوائس/چونڊ ناهي جو مون کي ٻين جون شڪلون به نه وڻنديون آهن، پر اوهان وٽ ته چوائس آهي، جي اوهان کي منهنجي شڪل نٿي وڻي ته ٻين جون شڪلون ڏسو. جي اوهان کي منهنجي لکت ۽ لکڻي نٿي وڻي ته ٻيا جيڪي چاليهه هزار ليکڪ آهن، انهن کي پڙهو. منهنجا لکيل ليک ۽ لکيتون درسي ڪتاب ناهن جو اوهان ضرور پڙهو. جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو هو، تڏهن مون کي يقين هو ته مون کي ڪو به پڙهندو جو سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ انگريزي پڙهڻ جو رواج نه هو. اڄ جي ڪي ٽي اين تي Seeds جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اها وڏي ڳالهه آهي.

    .درسي ڪتاب لکندڙن جو ڪو به تعلق سندن لياقت يا اهليت سان نه هوندو آهي، اثر رسوخ هلندو آهي، چئو چوا هلندي آهي، چاپلوسي هلندي آهي ۽ پيسن جي ورهاست ٿيندي آهي. درسي ڪتابن جي ڇپائي به انهن ئي بنيادن تي ٿيندي آهي. انهيءَ رشوت خور ماحول ۾ ئي سهي، انگريزي/رومن اکرن جا پرائمري ڪتاب لکجي ۽ ڇپجي سگهجن ٿا پر ائين سولائي سان ٿيڻ نه ڏنو ويندو، جو جن ڪيئي ڏهاڪا تمام گهڻو مال کائي ڏٺو آهي، سي پنهنجي رزق ۾ گهٽتائيءَ خلاف آخري مورچي تائين وڙهندا.

    .انهن واندن وٽ ڪو ڪم ڪونهي ڇا، جو اخبارن ۾ ۽ خاص ڪري ڪاوش ۾ منهنجا ليک پڙهي انهن ليکن ۾ وڏون ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري خوش ٿي وڦل ڪري، اها وڦل ڇپائيندا آهن؟ هي واندا اخبارن ۾ پنهنجا لکيل ليک ڇو نه پڙهندا آهن. مان اخبارن ۾ فقط پنهنجا لکيل ليک پڙهندو آهيان ۽ ڪنهن به ٻئي جي ليک ڏي نهاريندو به نه آهيان. چڱي طرح سکي ۽ سمجهي وٺو ته اوهان جي انهيءَ وڦل جو مون تي، منهنجي ذهن تي، منهنجي سمجهه تي ڪو به اثر نه پوندو. اوهان پاڻ پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو ته مرڳو اوهان پاڻ سڌري مون جهڙا نه ٿي پئو. اهو به ياد رکي ڇڏيو ته ائين جلد ٿيڻو آهي.

    .اوهان پنهنجن وڏن کان پڇو، مون ڪيئي ورهيه کين کلايو. هاڻ وقت آيو آهي، اوهان جي سکڻ جو. مان فقط هڪڙ ڳالهه کان ڊڄان ٿو ۽ اها آهي هي ته، جي سڀاڻي توهان مون کان وڌيڪ عقلمند ٿي ويا ته پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟ تنهن ڪري اوهان مهرباني ڪري جهڙا آهيو تهڙا ئي رهو ۽ مان جهڙو آهيان مون کي تهڙو ئي رهڻ ڏيو.

    .اوهان ڪڏهن يوگنڊا جي ادب يا اديب بابت ڪجهه ٻڌو آهي؟ ڀلا اوهان ڪڏهن مومباسا جي ادب يا اديب بابت ڪجهه ٻڌو آهي؟ هرگز نه، اهو ئي حال سنڌي ادب ۽ سنڌي ليکڪ جو ٿيندو جي اوهان آڏن ابتن اکرن تان ڪانٽو بدلائي انگريزي اکر پنهنجا نه ڪيا.

    .تماشا فقط ميلن ۽ نمائش ۾ ئي نه ٿيندا آهن، اصل رڪارڊ مطابق سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جتي وائيس چانسلر جو بنگلو آهي، اتي ايڊمنسٽريشن بلاڪ ٺهڻو هو، جتي اڄ ايڊمنسٽريشن بلاڪ آهي، اتي وائيس چانسلر جو بنگلو ٺهڻو هو. مهراڻ يونيورسٽي جا ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي جي هئي، سا رڪارڊ جي ابتڙ اترئين کي ڏکڻ ۽ ڏاکڻي کي اتر پاسي ٺاهيو ويو. سو تماشا فقط ڳوٺن جي ميلن ۽ شهرن جي نمائش ۾ ئي نه ٿيندا آهن. جتي سنڌالاجي جي عمارت ٺهيل آهي، اتي ان عمارت هيٺ بيس مينٽ ٺهڻي هئي، جا نه ٺاهي وئي. سورهن آنا خاطري آهي مون کي ته سڄو اصلوڪو رڪارڊ انهن ادارن جو غائب ۽ اڻ لڀ هوندو. هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ڪيرايل ايٽم بم انهن ادارن تي ڪيرائجن ها، پر افسوس جو ان زماني ۾ اهي ادارا اڃا ٺاهيا ئي نه ويا هئا. آهيان ته ٻوڙو ۽ ٽن مهينن ۾ باقائدي انڌو به هوندس. پر جي ان کانپوءِ به مون کي موقعو مليو ته اهي ٽيئي ڪم مان ڪري ويندس.

    .هاڻ ويهي پاڻ ۾ بحث ڪريو ته حليم بروهي ڪوڙ ٿو ڳالهائي، گشا هڻي، انڌو ٻوڙو ٿي هي ٽي ايٽم بم ڪيئن ڪيرائي سگهندو؟ خيرپور يونيورسٽيءَ وارا خوش هوندا ته حليم بروهي اتي ڀرتي نه ٿيو هو. مان رڳو ڄامشوري وارو ڪم پورو ڪري وٺان، پوءِ خيرپور يونيوسٽيءَ ۾ ڀرتي ٿيندس، جنهن لاءِ مون اسپيئر ۾ ڪن ۽ اکيون رکيون آهن.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    مختصر





    سومر 2 فيبروري 2009ع





    .جنهن جي لکت ۾ باهه واري تيزي ۽ تکائي ناهي، تنهن وٽ لکڻ لاءِ ڪو مواد ئي ناهي. ٿڌائي ۽ پيار سان لکڻ آهي ٿڌا شوڪارا ڀرڻ ۽ اهو آهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل پاڻ پنهنجو دهل وڄائي پاڻ ئي ان جي ٿاپ تي عورتن وانگي ٻه ڏسڻيون آڱريون مٿي ڪري شادين ۾ نچڻ.

    .هاڻوڪي سنڌ صوبي جي عالمن کي اها ڄاڻ به ناهي ته هاڻوڪي سنڌ صوبي جا ڪهڙا ضلعا ڪيترا ڀيرا ڌار ڪري بلوچستان حوالي ڪيا ويا هئا ۽ بلوچستان جا ڪهڙا ضلعا ڪيترا دفعا سنڌ جي حوالي ڪيا ويا هئا. اها انگريزن جي ايڊمنسٽريشن هئي، جنهن جو ذڪر يا فڪر سنڌي تواريخ نويسن پنهنجن ”مختصر“ تواريخن ۾ نه ڪيو آهي. سنڌي تواريخ نويس جڏهن به سنڌ بابت تواريخ لکندا آهن ته ان جو نالو سنڌ جي ”مختصر“ تواريخ رکندا آهن. هنن مان ڪنهن به اڄ تائين سنڌ جي ”مڪمل“ تواريخ نه لکي آهي. ان جا ٻه سبب آهن: هڪڙو ته، هنن کي ڪا ڄاڻ ئي ناهي ۽ ٻيو ته جي ڪو سچ پچ مڪمل تواريخ لکي ڇڏي ته انهن ”مختصر“ سنڌي تواريخن بابت ثابت ٿي ويندو ته انهن جو بنياد جهالت ۽ اڌوري ڄاڻ تي رکيل آهي. هنن ”مختصر“ قسم جي عالمن کي ڄاڻ ئي ناهي ته سنڌ جي تواريخ ڪٿان ۽ ڪڏهن شروع ٿي، ڪيئن ۽ ڇو بدلجندي رهي ۽ هاڻ جنهن حال ۾ آهي، تنهن ۾ ۽ تنهن تائين ڪيئن پهتي.

    .ساڳيو حال سنڌ جي ”ادب“ جو ڪيو ويو آهي. رڳو سنڌي ادب جي ”مختصر“ تاريخ تي زور آهي، سنڌي ادب جي مڪمل تاريخ جو نالو نشان ئي ڪونهي. هنن ”مختصر“ تواريخ نويسن سان مشڪل اها آهي ته جي سنڌي ادب جي مڪمل تواريخ الف کان ”ي“ تائين ٿي لکجي ته هنن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتب آيل الف بي جي سنڌيت تان ئي هٿ کڻڻو ٿو پوي ۽ انگريزن جي جوڙيل ڪاميٽي طرفان 1845ع ۾ ٺاهيل اکرن کي سنڌي اکرن جو ابو ڏاڏو قبول ڪري پنهنجي ”عالمي سنڌي شهرت“ تان هٿ کڻڻو پوندو.

    .مون سنڌي ادب جي هڪڙي ماهر ”مختصر“ تاريخ نويس کان پڇيو ته، ”تو مختصر تاريخ ڇو لکي آهي ۽ ڇو مڪمل تاريخ نه لکي آهي؟“ سندس جواب فرسٽ ڪلاس هو، چيائين ته، ”گهڻيئي واقف ۽ ليکڪ دوست پڇندا آهن ته مون ان ڪتاب ۾ سندن نالا ڇو شامل نه ڪيا آهن، ته مان کين چوندو آهيان ته هيءَ مختصر تاريخ آهي، جڏهن مڪمل تاريخ لکندس ته تڏهن ان ۾ هنن جا نالا هوندا“.

    .مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته جن جو ڪم ئي فقط سنڌي لکڻ، سنڌي پڙهڻ، سنڌي پڙهائڻ ۽ سنڌي سان وابسته ڳالهين سان رهيو آهي، سي نوڪريءَ جا چاليهه سال ڇا ڪندا رهيا آهن؟ مان سندن جاءِ تي هجان ها ته ضرور ڪو وڏو گند ڪريان ها ۽ خوار خراب ٿي نڪران ها. جي مان ڪنهن ٻئي ڊپارٽمينٽ ۾ هجان ها ته اتي به ڪجهه اهڙو ئي گند ڪريان ها. منهنجا نصيب ئي ڪجهه اهڙا آهن، ڌڪا ٿاٻا کائيندو رهيو آهيان ۽ شايد کائيندو ئي رهندس. غلط قدم کڄي ويندو آهي، ڄاڻي ٻجهي نه کڻبو آهي. غلطي ٿي ويندي آهي، ڪبي ڪانهي.

    .ڪنهن زماني ۾ مون کي ڌڪاريندڙ لکين سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي هزارن ۾ ٿيا آهن. مون کي ذاتي طرح ڌڪارڻ لاءِ ماڻهن وٽ هزارين ذاتي سبب آهن پر منهنجي ڪنهن به ڪيل ڪم کان نفرت ڪرڻ لاءِ ڪنهن هڪڙي فرد وٽ به ڪو غير ذاتي سبب ناهي. مون جن جو نقصان ڪيو، انهن کان مون معافي ورتي. جيڪي رهجي ويا، تن کي ڳولهيان پيو. ڪنهن ڏينهن مان اوهان کي چوندس ته ٿورو ماٺ ڪريو ته مان سمهي وٺان ۽ پاسو ورائي مري ويندس.

    .منهنجي دل تي ٻه ڌڪ اهڙا لڳا جو منهنجي يادگيري اٽڪل ڇهه مهينا غائب ٿي ويئي. مون کي نالو ياد نه پئي آيو، پر اڄ ڪنهن دوست مولائي شيدائي جو نالو ورتو ۽ مون کي امر جليل جون ڳالهيون ياد ڏياريون. مان امر جليل جو احسانمند آهيان، جنهن منهنجو ۽ مولائي شيدائي جا نالا ساڳي ڳالهه ۾ ورتا. مان ته سولو شڪار آهيان، پر هاڻي هي نالي چڙهيا شڪاري امر جليل کي منهن ڏين. مون ڪنهن زماني ۾ مولائي شيدائي جا ڪتاب ڏٺا هئا، پر پڙهيا نه هئم.

    .جيڪي مون تي تنقيد ڪندا آهن، تن کي گهرجي ته پهرين ديوناگري سکن ته سمجهه ۾ اچين ته ساڄي کان کاٻي لکڻ ۽ کاٻي کان ساڄي لکڻ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي ۽ ڇو انگريزي ۽ ديوناگري لکڻ سولو آهي، چڱو ٿو لڳي. پر سنڌي لکندڙن ۽پڙهندڙن جي فطرت ۾ ئي ناهي ته هو ڪا نئين ڳالهه سکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.

    .لکڻ لاءِ هزارين ڳالهيون آهن، پر جي سڀ ڪجهه لکي ڇڏيم ته ٻئي ڪالم لاءِ ڇا بچندو؟ هر ڪو ليکڪ پنهنجي حياتي ۾ ڪو گند ضرور ڪندو آهي، ڪو ليکڪ اهو گند لڪايو ڇڏي ته ڪو ليکڪ مون وانگي ڦاٽيو پئي. ڪو ليکڪ گند نه به ٿو ڪري ته مون وانگي ڪنهن گند ۾ ڦاسيو پئي.

    haleembrohi@hotmail.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مرحوم حليم بروهي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڦوڪڻا



    سومر 9 فيبروري 2009ع



    . سنڌي اکرن جي ساراهه ڪندڙ راڳي ۽ گائڪ حقيقت ۾ سنڌي لفاظيءَ سان ڀريل ڦوڪڻا آهن، جن مان اها لفاظي واري هوا نڪرندي پئي وڃي.

    . مان سمجهندو هوس ته مان اڪيلو آهيان ۽ اڪيلو ئي رهندس، پر ڏسان ٿو ته قدرت مون کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو، هر وقت هر گهڙي ڪنهن ساٿ ڏنو آهي. سنڌالاجي ۾ مئڊم مهتاب اڪبر بدران ڪو به/ڪا به ڊائريڪٽر هجي ها ته سنڌي اکرن سان کيچل ڪرڻ جي مون کي اجازت ئي نه ملي ها. مان ڄاڻان ٿو ته مئڊم لاءِ اهو سندس مزاح هو ۽ هن کي مزو ايندو هو، اهي خط پڙهڻ ۾، جيڪي سنڌي ليکڪ منهنجي انهيءَ ڪم خلاف لکندا هئا. سو منهنجي انهيءَ ڪم جي بنيادي اجازت مئڊم مهتاب وٽان ملي هئي. مئڊم جي مرضي هئي ته مان به ماڻهن جي خطن تي کلان، پر مون کي انهن ماڻهن کان نفرت ٿي وئي، جن اهي خط لکيا هئا.

    .اٽڪل ڏيڍ سئو ورهيه انهن سنڌي لفاظي سان ڀريل ڦوڪڻن سنڌي ڳالهائيندڙن جو دماغ، مغز ۽ ذهن چٽيو آهي. منهنجو خيال آهي ته اهو ڪافي آهي. پرائمري سنڌي گهرن ۾ ڳالهائي ويندي آهي، انهيءَ ٻوليءَ جي انگريزي اکرن لاءِ پرائمري انگريزي اسڪول هئڻ گهرجن، نڪي سنڌي پرائمري اسڪول.

    .گريجوئيشن لاءِ لازمي ڪيل آهي ته اردو ۽ سنڌيءَ مان ڪا هڪڙي ٻولي ضروري کڻو. اها مشڪري صدين کان پئي هلي آخر ڇو؟ اهو اردو يا سنڌي وارو طوق ورهين، ڏهاڪن، صدين کان سنڌين جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ اردو ڊپارٽمينٽ ته هونئن به خالي نظر ايندو آهي، جيڪڏهن اهو اردو يا سنڌي وارو چڪر سنڌ يونيورسٽيءَ مان ختم ڪيو وڃي ته سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ شايد ئي ڪو شاگرد نظر اچي ۽ سڄي ڊپارٽمينٽ ۾ فقط نالي ماتر ماسٽر ويٺل نظر اچن. سنڌ ۾ گريجوئيشن ۾ سنڌي پڙهڻ اهڙو ضروري آهي، جيئن انگلينڊ ۾ گريجوئيشن لاءِ انگريزي ڪمپلسري هجي، اها مشڪري ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ گريجوئيشن جي ليول تي اردو يا سنڌي جو ڪهڙو ڪم؟ هتي انگريزن جي حڪومت ناهي جو انگريز حاڪمن لاءِ سنڌي، اردو، پشتو، بلوچي وغيره قسم جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ضروري هجي.

    .سڄي دنيا جي سڌريل ۽ اڳتي وڌيل ملڪن ۾ رواج/سسٽم آهي ته اسڪول جي شروعاتي ٻن ٽن سالن ۾ ٻارن کي چونڊ ڏيندا آهن ته ڊچ، فرينچ، ڊينش يا ڪنهن ٻي يورپين ٻوليءَ مان واقفيت ڪري وٺو. ڊچ آرٽسٽ Van Gough کي مان وين گوف پڙهندو هوس. هڪڙي ڏينهن منهنجي ڇهن ستن ورهين جي ڏوهٽي بلاول/سمن مون کي چيو ته ”نانا اوهان غلط ٿا نالو اچاريو، اصل اچار ان نالي جو آهي وئن گو.“ مون هن کان پڇيو ته ”توکي ڪيئن ڄاڻ پئي“؟ چيائين ته ”آمريڪا ۾ موڪلن ۾ ٻارن کي يورپين ٻولين جو سيٽ ڏيندا آهن ته ان مان ڪا هڪ ٿوري گهڻي سکي وٺو. مون ڊچ چونڊي هئي“ ۽ هاڻ اوهان پنهنجون، پنهنجن ننڍڙن ٻارن جون، انهن ٻارن جي استادن، ڏيڍ سئو ورهيه اڳ تعليم جي ٺاهيل سسٽم جون شڪلون ڏسو. ڏيڍ سئو ورهين کان ساڳي ذهنيت ۽ ساڳيا ماڻهو ساڳيو ڪورس نصاب تي رکندا اچن. گذريل چاليهه پنجاهه ورهين کان نصابي ڪتاب ساڳيا ئي ماڻهو لکندا ۽ ايڊٽ ڪندا آيا آهن. جيتوڻيڪ نه هنن جي ڄاڻ ۾ ڪو اضافو ٿيو آهي نه هنن جي ذهن ۾ نالي ماتر سڌارو آيو آهي.

    .ڪهڙو پهاڙ ڊهي پوندو جيڪڏهن اوهان گريجوئيشن مان اردو يا سنڌي لازمي کڻڻ وارو معاملو ڪڍي ڇڏيو؟ ها، سنڌي پڙهائيندڙ ماستر جن جي حوالي يونيورسٽين ۾ زوريءَ سوين ڪن حوالي ڪيا ويندا آهن ته هنن جا ڪن کائو ۽ هنن جي ذهنن کي جيترو نااهل ڪري سگهو، اهو ڪريو. سنڌي ۽ اردو ڊپارٽمينٽن مان شاگرد ۽ استاد ڪڍي اهي ڪمرا ڪنهن سائنسداني ڪم سان لڳايو. جن استادن جا نالا صدين کان ليکڪ ۽ ايڊيٽر جي صورت ۾ ڪورس جي ڪتابن تي ڇپبا رهيا آهن، تن کي چئو ته هاڻ موڪل ڪن ۽ رٽائرمينٽ وٺي گهر ويهي پينشنون کائن. منهنجي پينشن چار هزار رپيا آهي، هنن کي ساڍا ٽي هزار رپيا پينشن ڏيو ته جيئن مون وٽ به ڪو سبب هجي پاڻ کي معتبر سمجهڻ جو.

    haleembrohi@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو