محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سنڌي نوجوان ۽ سنڌ جي ڪوٽا واري بيوروڪريسي!



    سومر 2 جنوري 2006ع

    تازو فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران پاڪستان جي سڀ کان وڏي مقابلي واري امتحان سينٽرل سپيئرر سروسز يعني سي ايس ايس جي لکت واري امتحان جا نتيجا ظاهر ڪيا ويا آهن. هنن نتيجن جي باري ۾ حيران ڪن ڳالهه اها آهي ته هن دفعي امتحان لاءِ ويٺل 3678 اميدوارن مان فقط 276 اميدوار انهيءَ امتحان کي پاس ڪري سگهيا. اهو انگ ڪل اميدوارن جو ڏهه سيڪڙو کان به گهٽ يعني فقط ست ڏهائي پنج (7.5) سيڪڙو بيهي ٿو. انهن اميدوارن مان 224 مرد اميدوار آهن، جڏهن ته 52 خواتين اميدوار آهن. سي ايس ايس جي امتحان ۾ ايتري گهٽ اميدوارن جو پاس ٿيڻ ڪو غير متوقع عمل نه آهي. ڪيترن ئي سالن کان وٺي انهيءَ امتحان ۾ پاس ٿيندڙن جو انگ مسلسل گهٽبو پيو وڃي. گذريل سال ته سنڌ لاءِ رکيل سيٽن لاءِ موزون اميدوار نه ملڻ سبب ڪافي سيٽون رهجي به ويون هيون ۽ جهڙو ڏسڻ ۾ پيو اچي ته شايد هن سال به ائين ٿئي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڊوميسائيل تي پاس ٿيندڙن جو انگ ٽيهن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ اڃا امتحان، نفسياتي ٽيسٽ ۽ انٽرويو رهيل آهي، جنهن ۾ سدائين اميدوارن جي ڇانٽي ٿيندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ اها ڳالهه يقين سان چئي نٿي سگهجي ته ڪو هن سال به سنڌ لاءِ رکيل سيٽون پوريون ڀرجي سگهجنديون.

    سي ايس ايس جي امتحان ۾ پاس ٿيندڙن جو ايترو گهٽ انگ يقينن ڪو سٺو سنئوڻ نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو نتيجو ملڪ ۾ عام طور تي ۽ سنڌ ۾ خاص طور تي تعليم جي ڪرندڙ معيار ۽ نوجوانن جي قابليت ۾ گهٽتائي جي نشاندهي ڪري ٿو. نه فقط اهو پيو ٿئي ته سنڌ بيوروڪريسي ۾ پنهنجي حصي کان محروم رهجندي پئي وڃي، پر هزارن نوجوانن جي اميدن ۽ خوابن جا شيشا به ڀڄندا ۽ ڀرندا ٿا وڃن. سنڌ ۾ جتي ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل پروفيشن، مئنجمينٽ يا سائنس ڏانهن ڪو خاص لاڙو نه آهي ۽ جتي خانگي ميدان ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو گهڻو چاهه نه آهي ۽ رتبي لاءِ بيوروڪريسي ڏانهن ڏٺو وڃي ٿو ته اتي اهڙو مايوس ڪن نتيجو يقينن پريشانيءَ جو باعث آهي. پر آخر اهي ڪهڙا سبب آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جو نوجوان مقابلي واري امتحانن يا ٻين نوڪرين کي حاصل ڪرڻ ۾ ايترو پوئتي رهجي ويو آهي؟ ۽ اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته اسان ڪيئن پنهنجي نوجوانن کي هڪ دفعو وري انهيءَ راهه تي وٺي اچي سگهون؟ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران هر سال ملڪ جي اعليٰ نوڪرين لاءِ مقابلي جو امتحان ڪرايو ويندو آهي. هن امتحان جا بنيادي ٽي مرحلا آهن. پهرين مرحلي ۾ لکت جو امتحان ٿيندو آهي. انهي لکت جي امتحان جا ٻه حصا آهن، هڪڙا ته لازمي مضمون آهن، جيئن انگريزي، پاڪستان اسٽڊي، اسلاميات، سائنس ۽ ڪرنٽ افيئرس. جڏهن ته ٻيو حصو اختياري مضمونن جو آهي، جنهن ۾ اميدوارن کي اهو اختيار هوندو آهي ته اهي مضمونن جي وسيع لسٽ مان 6 سئو مارڪن لاءِ مختلف مضمونن جي چونڊ ڪن. ٻئي مرحلي ۾ نفسياتي ٽيسٽ هوندي آهي، جنهن ۾ اميدوارن جي ذهانت جو امتحان ورتو ويندو آهي ۽ آخر ۾ انٽرويو ورتو ويندو آهي، جنهن ۾ اميدوارن جي ڄاڻ، روين ۽ قابليت کي پرکيو ويندو آهي. اهي امتحان انهيءَ ڪري نوجوانن لاءِ ڪشش جو باعث آهن، جو انهن امتحان کي پاس ڪرڻ کان پوءِ وٽن ترقي ۽ طاقت جا رستا کُلن ٿا. انهيءَ امتحان کي پاس ڪرڻ تي بيوروڪريسي ۾ گزيٽيڊ نوڪريون ملن ٿيون، جن مان اهي ترقي ڪري سيڪريٽري جي عهدي يا شايد اڃان به وڏا عهدا کڻي سگهن ٿا. پوليس، ڪسٽم، انڪم ٽيڪس، فارين افيئرس سميت ڪيترن بهترين سمجهندڙ شعبن ۾ نوڪرين لاءِ دروازا انهيءَ امتحان جي ذريعي ئي کلن ٿا ۽ ڊي ايس پي پوليس يا انڪم ٽيڪس آفيسر يا ڪسٽم ۾ ڪليڪٽر ٿيڻ جا موقعا ملن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته هر سال انهيءَ امتحان ۾ حصو وٺڻ لاءِ هزارين اميدوار تياري ڪندا آهن. ڪن لاءِ ته اهو ئي زندگيءَ جو مقصد هوندو آهي، ته ڪن لاءِ اهو هڪڙو ڏاڪو هوندو آهي. ڪيترائي نوجوان پنهنجي گهرن کي خيرآباد چئي وڏن شهرن ۾ اچي ديرو ڄمائيندا آهن، جتي مقابلي واري انهيءَ امتحان ۾ حصو وٺندڙ ٻين نوجوانن سان هڪڙو عجيب قسم جو ڀائيچارو ٺهي ويندو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اهي نوجوان توهان کي لياقت نيشنل لئبريري ۽ ڊاڪٽر دائودپوٽا لئبريري ۾ تياري ڪندي ملندا. انهن نوجوانن جا ڄڻ ته اڻ اعلانيل ڪلب هوندا آهن، جتي هو پنهنجا ڏک ۽ خوشيون ورڇيندا آهن. هڪ ٻئي سان ڪتاب، نوٽسن ۽ طريقيڪار جي مٽ سٽ ڪندا آهن. انهن وٽ پنهنجا هيروز آهن. ڪاميابن جا قصا ۽ ناڪامين جا سور به هر ڪنهن جا پنهنجا آهن. سڀني جي اکين ۾ خوابن ۽ انهن جي ساڀيائن جي اميد جي هڪ پنهنجي دنيا آهي. اهي ئي سنڌ جي ذهانت ۽ قابليت جا علمبردار آهن. سنڌ ۾ خاص طور تي ذهانت ۽ قابليت جي معيار جي پرک اهو امتحان آهي، جنهن به ماڻهو ۾ ڪجهه به ٿوري مڻيا نظر ايندي آهي ته انهيءَ کان پهرين صلاح اها ئي هوندي آهي ته توهان وڃي سي ايس ايس ڪريو.

    جڏهن سڄي ذهانت ۽ قابليت، محنت ۽ مشقت، مطالعو ۽ مشاهدو سڀ گڏ ٿئي ٿو ته پوءِ به ناڪامي ڇو آهي؟ انهي جو هڪڙو سبب اهو آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان سي ايس ايس جي امتحانن جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. اڳ ۾ گهڻو ڪري سوال معلومات تي مبني هوندا هئا. انهي ۾ ڪجهه مخصوص ليکڪن جا ڪتاب پڙهي ۽ ڪجهه معلومات کي ياد ڪري اميدوار پاس ٿي ويندا هئا، پر هاڻ گهڻو ڪري سوال تجزياتي ٿين ٿا. اهڙن تجزياتي سوالن کي ڪاميابيءَ سان اهو ڪري سگهندو، جنهن جو وسيع مطالعو هوندو ۽ جنهن کي مامرن جي مختلف رخن جي ڄاڻ هوندي ۽ وٽس نه رڳو معلومات هوندي، پر انهيءَ معلومات کي استعمال ڪندي دليلن ۽ منطق سان مامرن جو صحيح تجزيو ڪري سگهي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ آزاد مطالعي جو رجحان هاڻ بلڪل ختم ٿي ويو آهي. ڪنهن به موضوع جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ ۽ شوق خاطر انهيءَ جي هر پهلو جو جائزو وٺڻ وارو لاڙو تمام گهٽ ٿي رهيو آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر اخبار جو مطالعو به محدود ۽ هڪ رخو ڪيو ٿو وڃي. انهيءَ محدود مطالعي ۽ هڪ رخي سوچ سبب گهڻو ڪري اميدوار مامرن جو گهڻن رخن کان تجزيو نٿا ڪري سگهن، جنهن ڪري کين ناڪامي ٿئي ٿي.

    هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته گهڻو ڪري اميدوار پنهنجي ڄاڻ ۽ موقف جو صحيح نموني اظهار نٿا ڪري سگهن. سندن ٻولي ڪچي ۽ غير موثر رهي ٿي. اهو انهيءَ ڪري آهي، جو اسان کي اسڪولن، ڪاليجن توڻي يونيورسٽين ۾ ٻولي جي اثرائتي استعمال، تخليقي اظهار ۽ ٻوليءَ جي صحت تي بلڪل ڌيان نٿو ڏنو وڃي. شاگردن کي ڪڏهن به آزاد ۽ تخليقي مضمون گاري تي همٿايو نٿو وڃي. شروع کان وٺي شاگردن کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڪي مضمون استاد لکايو ڇڏين ۽ شاگردن کان وڌ ۾ وڌ اها اميد ڪئي ويندي آهي ته اهي رٽيل مضمون امتحاني پنن تي اتاري اخبار يا گهڻو ڪري مضمون ڪاپي ڪري ئي لکي اچبو آهي. انهيءَ ڳالهه تي بلڪل توجهه نٿي ڏني وڃي ته شاگردن ۾ اها قابليت پيدا ڪجي ته اهي مختلف موضوعن تي پنهنجي سمجهه آهر پاڻ تخليقي انداز ۾ مضمون لکي اچن. نتيجو اهو ٿو ٿئي ته شاگردن ۾ سورنهن سال ٻولي پڙهڻ کان پوءِ به اظهار جي صلاحيت نه هوندي آهي. هن وقت به توهان گريجوئيٽ يا ماسٽرس ڪيل ماڻهن کي چوندا ته انگريزي ته ٺهيو، پر سنڌي ۾ ڪو ڍنگ جو مضمون لکي ڏيکارين ته انهن مان نوانوي سيڪڙو ماڻهو نه لکي سگهندا. ٻولي ۾ اثرائتي اظهار جي قابليت نه هئڻ سبب گهڻو ڪري اميدوار پنهنجي ڄاڻ کي صحيح طريقي سان پيش ڪري نٿا سگهن ۽ ممتحن کي متاثر ڪري نه ٿا سگهن. يقينن هڪڙو وڏو سبب اسان وٽ خاص طور تي انگريزي ٻولي ۾ مهارت جي گهٽتائي آهي. سي ايس ايس جي امتحان ۾ انگريزي نه فقط امتحان ۾ لکت جو ذريعو آهي، پر انگريزي جو سبجيڪٽ 1200مارڪن واري لکت واري امتحان ۾ اهم 200 مارڪن جو اهم پيپر به آهن، جن ۾ مضمون، پرسي، گرامر ۽ ڪمپوزيشن شامل آهي. هڪڙي ٻي بدقسمتي اها آهي ته سنڌ ۾ خاص طور سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن مان انگريزي ڄڻ ته موڪلائي وئي آهي. جيتوڻيڪ هاڻ پرائمري کان وٺي انگريزي پڙهائي ٿي وڃي ۽ جيستائين شاگرد ڪاليج ۾ پهچن ٿا، اهي ڏهه سال انگريزي پڙهي ايندا آهن. پر ان جي باوجود شاگردن جي گهڻائي انگريزي ڳالهائي ۽ لکي ته ٺهيو، پر مورڳو پڙهي به نٿا سگهن. هن وقت به اسان جي گريجوئيٽ ڪندڙ نوجوانن جو تمام وڏو انگ انگريزي لکي ۽ پڙهي نٿو سگهي. انگريزي ۾ ڪمزوري سبب جتي اميدوارن کي امتحان جي تياري ۾ تڪليف ٿئي ٿي ڇا ڪاڻ جو تقريبن سڄو مواد انگريزي ۾ آهي ته ٻئي طرف اهي انگريزي جي پيپرن ۾ به سٺيون مارڪون کڻي نٿا سگهن ۽ ڇاڪاڻ ته سي ايس ايس جي امتحان ۾ اميدوارن جو وڏو انگ سنڌ جي ننڍڙن شهرن ۽ ٻهراڙين سان تعلق رکي ٿو، جتي انگريزي سکڻ ۽ ڳالهائڻ جا ڪي گهڻا موقعا موجود نه آهن، تنهن ڪري لکت جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ انٽرويو ۾ کين ڏاڍي ڏکيائي ٿئي ٿي. اهي مڪمل ڄاڻ هوندي به ايتري اعتماد سان انٽرويو ۾ انگريزي ۾ اظهار نٿا ڪري سگهن. انگريزي ڳالهائڻ ۾ اعتماد جي گهٽتائي سبب مون ڪافي ذهين اميدوار رهجندي ڏٺا آهن.

    اسان جو تعليمي نصاب پڻ اڄ جي دور جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. جڏهن اسان سٺن خانگي اسڪولن جي نصاب کي ڏسون ٿا ته انهي ۾ جتي مختلف سبجيڪٽن تي انتهائي جديد مواد ڏنل آهي ته اتي جاگرافي ۽ تاريخ جهڙا سبجيڪٽ به ڏنل آهن. اسان وٽ عام طور اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن کي اهي ٻئي سبجيڪٽ نٿا پڙهايا وڃن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته شاگردن کي جاگرافي جهڙي اهم موضوع جي باري ۾ ڪا خبر نه آهي ۽ جيستائين توهان جاگرافي جي باري ۾ نٿا ڄاڻو، تيستائين بين الاقوامي سياست ۽ پرڏيهي مامرا سمجهي نٿا سگهو. ساڳي ڳالهه تاريخ سان به لاڳاپيل آهي. منهنجو والد ٻڌائيندو آهي ته، کين اسڪول ۾ پهرين ملڪ جي تاريخ، پوءِ خطي جي ۽ پوءِ وري يورپ جي تاريخ پڙهائي ويندي هئي. اڄ جڏهن سندس اسڪول واري دور کي اڌ صدي گذري وئي آهي، تڏهن به سندس تاريخ تي دسترس حيران ڪن آهي. مون کي به تاريخ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ يا شوق سندس وٽان پيو. جيستائين اسان پنهنجي اسڪولن ۾ تاريخ ۽ جاگرافي جهڙا مضمون شامل نه ڪنداسين، تيستائين اهو ناممڪن هوندو ته اسان جا نوجوان ٻين کان ڄاڻ ۾ گوءِ کڻي سگهن.

    ڳالهه رڳو اها به نه آهي ته اسان وٽ نوجوانن کي هن اهم امتحان ۾ ڪاميابي ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. مامرو رڳو ڪجهه ماڻهن جي انهيءَ امتحان پاس ڪرڻ جو به نه آهي. ڳالهه هڪ پوري نسل جي تربيت جي آهي، جنهن کي دنيا ۾ مقام حاصل ڪرڻو آهي. جيستائين اسان پنهنجي نوجوانن کي صحيح اوزارن ۽ صحيح علم کان واقف نه ڪنداسين، تيستائين انهن کي زندگيءَ جي مقابلن به ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهندي. پوءِ سرڪاري نوڪرين جي ڳالهه هجي، يا خانگي سيڪٽر جي، يا وري سڄي دنيا ۾ نوڪريون حاصل ڪري پنهنجو پاڻ کي مڃائڻ جي. انهي لاءِ سڀ کان پهرين ته اسان کي ننڍن شهرن ۾ مختلف نوڪرين جي باري ۾ ضروري ڄاڻ ۽ انهيءَ لاءِ تربيت جا مرڪز کولڻا پوندا. اهو ڪم سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمون گڏجي ڪري سگهن ٿيون. ساڳئي وقت تي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻو پوندو. شاگردن ۾ تخليقي صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ صحيح نصاب ۽ سرگرمين کي پيش ڪرڻو پوندو. انگريزي سيکارڻ لاءِ خاص انتظام ڪرڻا پوندا. اهي ۽ انهيءَ سوڌو ٻيا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن اسان جا نوجوان به پنهنجي مقصدن ۾ ڪاميابيون ماڻين ۽ مايوسين کان بچي سگهن.

    manojhalai@yahoo.com

    تازو فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران پاڪستان جي سڀ کان وڏي مقابلي واري امتحان سينٽرل سپيئرر سروسز يعني سي ايس ايس جي لکت واري امتحان جا نتيجا ظاهر ڪيا ويا آهن. هنن نتيجن جي باري ۾ حيران ڪن ڳالهه اها آهي ته هن دفعي امتحان لاءِ ويٺل 3678 اميدوارن مان فقط 276 اميدوار انهيءَ امتحان کي پاس ڪري سگهيا. اهو انگ ڪل اميدوارن جو ڏهه سيڪڙو کان به گهٽ يعني فقط ست ڏهائي پنج (7.5) سيڪڙو بيهي ٿو. انهن اميدوارن مان 224 مرد اميدوار آهن، جڏهن ته 52 خواتين اميدوار آهن. سي ايس ايس جي امتحان ۾ ايتري گهٽ اميدوارن جو پاس ٿيڻ ڪو غير متوقع عمل نه آهي. ڪيترن ئي سالن کان وٺي انهيءَ امتحان ۾ پاس ٿيندڙن جو انگ مسلسل گهٽبو پيو وڃي. گذريل سال ته سنڌ لاءِ رکيل سيٽن لاءِ موزون اميدوار نه ملڻ سبب ڪافي سيٽون رهجي به ويون هيون ۽ جهڙو ڏسڻ ۾ پيو اچي ته شايد هن سال به ائين ٿئي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڊوميسائيل تي پاس ٿيندڙن جو انگ ٽيهن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ اڃا امتحان، نفسياتي ٽيسٽ ۽ انٽرويو رهيل آهي، جنهن ۾ سدائين اميدوارن جي ڇانٽي ٿيندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ اها ڳالهه يقين سان چئي نٿي سگهجي ته ڪو هن سال به سنڌ لاءِ رکيل سيٽون پوريون ڀرجي سگهجنديون.

    سي ايس ايس جي امتحان ۾ پاس ٿيندڙن جو ايترو گهٽ انگ يقينن ڪو سٺو سنئوڻ نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو نتيجو ملڪ ۾ عام طور تي ۽ سنڌ ۾ خاص طور تي تعليم جي ڪرندڙ معيار ۽ نوجوانن جي قابليت ۾ گهٽتائي جي نشاندهي ڪري ٿو. نه فقط اهو پيو ٿئي ته سنڌ بيوروڪريسي ۾ پنهنجي حصي کان محروم رهجندي پئي وڃي، پر هزارن نوجوانن جي اميدن ۽ خوابن جا شيشا به ڀڄندا ۽ ڀرندا ٿا وڃن. سنڌ ۾ جتي ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل پروفيشن، مئنجمينٽ يا سائنس ڏانهن ڪو خاص لاڙو نه آهي ۽ جتي خانگي ميدان ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو گهڻو چاهه نه آهي ۽ رتبي لاءِ بيوروڪريسي ڏانهن ڏٺو وڃي ٿو ته اتي اهڙو مايوس ڪن نتيجو يقينن پريشانيءَ جو باعث آهي. پر آخر اهي ڪهڙا سبب آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جو نوجوان مقابلي واري امتحانن يا ٻين نوڪرين کي حاصل ڪرڻ ۾ ايترو پوئتي رهجي ويو آهي؟ ۽ اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته اسان ڪيئن پنهنجي نوجوانن کي هڪ دفعو وري انهيءَ راهه تي وٺي اچي سگهون؟ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران هر سال ملڪ جي اعليٰ نوڪرين لاءِ مقابلي جو امتحان ڪرايو ويندو آهي. هن امتحان جا بنيادي ٽي مرحلا آهن. پهرين مرحلي ۾ لکت جو امتحان ٿيندو آهي. انهي لکت جي امتحان جا ٻه حصا آهن، هڪڙا ته لازمي مضمون آهن، جيئن انگريزي، پاڪستان اسٽڊي، اسلاميات، سائنس ۽ ڪرنٽ افيئرس. جڏهن ته ٻيو حصو اختياري مضمونن جو آهي، جنهن ۾ اميدوارن کي اهو اختيار هوندو آهي ته اهي مضمونن جي وسيع لسٽ مان 6 سئو مارڪن لاءِ مختلف مضمونن جي چونڊ ڪن. ٻئي مرحلي ۾ نفسياتي ٽيسٽ هوندي آهي، جنهن ۾ اميدوارن جي ذهانت جو امتحان ورتو ويندو آهي ۽ آخر ۾ انٽرويو ورتو ويندو آهي، جنهن ۾ اميدوارن جي ڄاڻ، روين ۽ قابليت کي پرکيو ويندو آهي. اهي امتحان انهيءَ ڪري نوجوانن لاءِ ڪشش جو باعث آهن، جو انهن امتحان کي پاس ڪرڻ کان پوءِ وٽن ترقي ۽ طاقت جا رستا کُلن ٿا. انهيءَ امتحان کي پاس ڪرڻ تي بيوروڪريسي ۾ گزيٽيڊ نوڪريون ملن ٿيون، جن مان اهي ترقي ڪري سيڪريٽري جي عهدي يا شايد اڃان به وڏا عهدا کڻي سگهن ٿا. پوليس، ڪسٽم، انڪم ٽيڪس، فارين افيئرس سميت ڪيترن بهترين سمجهندڙ شعبن ۾ نوڪرين لاءِ دروازا انهيءَ امتحان جي ذريعي ئي کلن ٿا ۽ ڊي ايس پي پوليس يا انڪم ٽيڪس آفيسر يا ڪسٽم ۾ ڪليڪٽر ٿيڻ جا موقعا ملن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته هر سال انهيءَ امتحان ۾ حصو وٺڻ لاءِ هزارين اميدوار تياري ڪندا آهن. ڪن لاءِ ته اهو ئي زندگيءَ جو مقصد هوندو آهي، ته ڪن لاءِ اهو هڪڙو ڏاڪو هوندو آهي. ڪيترائي نوجوان پنهنجي گهرن کي خيرآباد چئي وڏن شهرن ۾ اچي ديرو ڄمائيندا آهن، جتي مقابلي واري انهيءَ امتحان ۾ حصو وٺندڙ ٻين نوجوانن سان هڪڙو عجيب قسم جو ڀائيچارو ٺهي ويندو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اهي نوجوان توهان کي لياقت نيشنل لئبريري ۽ ڊاڪٽر دائودپوٽا لئبريري ۾ تياري ڪندي ملندا. انهن نوجوانن جا ڄڻ ته اڻ اعلانيل ڪلب هوندا آهن، جتي هو پنهنجا ڏک ۽ خوشيون ورڇيندا آهن. هڪ ٻئي سان ڪتاب، نوٽسن ۽ طريقيڪار جي مٽ سٽ ڪندا آهن. انهن وٽ پنهنجا هيروز آهن. ڪاميابن جا قصا ۽ ناڪامين جا سور به هر ڪنهن جا پنهنجا آهن. سڀني جي اکين ۾ خوابن ۽ انهن جي ساڀيائن جي اميد جي هڪ پنهنجي دنيا آهي. اهي ئي سنڌ جي ذهانت ۽ قابليت جا علمبردار آهن. سنڌ ۾ خاص طور تي ذهانت ۽ قابليت جي معيار جي پرک اهو امتحان آهي، جنهن به ماڻهو ۾ ڪجهه به ٿوري مڻيا نظر ايندي آهي ته انهيءَ کان پهرين صلاح اها ئي هوندي آهي ته توهان وڃي سي ايس ايس ڪريو.

    جڏهن سڄي ذهانت ۽ قابليت، محنت ۽ مشقت، مطالعو ۽ مشاهدو سڀ گڏ ٿئي ٿو ته پوءِ به ناڪامي ڇو آهي؟ انهي جو هڪڙو سبب اهو آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان سي ايس ايس جي امتحانن جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. اڳ ۾ گهڻو ڪري سوال معلومات تي مبني هوندا هئا. انهي ۾ ڪجهه مخصوص ليکڪن جا ڪتاب پڙهي ۽ ڪجهه معلومات کي ياد ڪري اميدوار پاس ٿي ويندا هئا، پر هاڻ گهڻو ڪري سوال تجزياتي ٿين ٿا. اهڙن تجزياتي سوالن کي ڪاميابيءَ سان اهو ڪري سگهندو، جنهن جو وسيع مطالعو هوندو ۽ جنهن کي مامرن جي مختلف رخن جي ڄاڻ هوندي ۽ وٽس نه رڳو معلومات هوندي، پر انهيءَ معلومات کي استعمال ڪندي دليلن ۽ منطق سان مامرن جو صحيح تجزيو ڪري سگهي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ آزاد مطالعي جو رجحان هاڻ بلڪل ختم ٿي ويو آهي. ڪنهن به موضوع جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ ۽ شوق خاطر انهيءَ جي هر پهلو جو جائزو وٺڻ وارو لاڙو تمام گهٽ ٿي رهيو آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر اخبار جو مطالعو به محدود ۽ هڪ رخو ڪيو ٿو وڃي. انهيءَ محدود مطالعي ۽ هڪ رخي سوچ سبب گهڻو ڪري اميدوار مامرن جو گهڻن رخن کان تجزيو نٿا ڪري سگهن، جنهن ڪري کين ناڪامي ٿئي ٿي.

    هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته گهڻو ڪري اميدوار پنهنجي ڄاڻ ۽ موقف جو صحيح نموني اظهار نٿا ڪري سگهن. سندن ٻولي ڪچي ۽ غير موثر رهي ٿي. اهو انهيءَ ڪري آهي، جو اسان کي اسڪولن، ڪاليجن توڻي يونيورسٽين ۾ ٻولي جي اثرائتي استعمال، تخليقي اظهار ۽ ٻوليءَ جي صحت تي بلڪل ڌيان نٿو ڏنو وڃي. شاگردن کي ڪڏهن به آزاد ۽ تخليقي مضمون گاري تي همٿايو نٿو وڃي. شروع کان وٺي شاگردن کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڪي مضمون استاد لکايو ڇڏين ۽ شاگردن کان وڌ ۾ وڌ اها اميد ڪئي ويندي آهي ته اهي رٽيل مضمون امتحاني پنن تي اتاري اخبار يا گهڻو ڪري مضمون ڪاپي ڪري ئي لکي اچبو آهي. انهيءَ ڳالهه تي بلڪل توجهه نٿي ڏني وڃي ته شاگردن ۾ اها قابليت پيدا ڪجي ته اهي مختلف موضوعن تي پنهنجي سمجهه آهر پاڻ تخليقي انداز ۾ مضمون لکي اچن. نتيجو اهو ٿو ٿئي ته شاگردن ۾ سورنهن سال ٻولي پڙهڻ کان پوءِ به اظهار جي صلاحيت نه هوندي آهي. هن وقت به توهان گريجوئيٽ يا ماسٽرس ڪيل ماڻهن کي چوندا ته انگريزي ته ٺهيو، پر سنڌي ۾ ڪو ڍنگ جو مضمون لکي ڏيکارين ته انهن مان نوانوي سيڪڙو ماڻهو نه لکي سگهندا. ٻولي ۾ اثرائتي اظهار جي قابليت نه هئڻ سبب گهڻو ڪري اميدوار پنهنجي ڄاڻ کي صحيح طريقي سان پيش ڪري نٿا سگهن ۽ ممتحن کي متاثر ڪري نه ٿا سگهن. يقينن هڪڙو وڏو سبب اسان وٽ خاص طور تي انگريزي ٻولي ۾ مهارت جي گهٽتائي آهي. سي ايس ايس جي امتحان ۾ انگريزي نه فقط امتحان ۾ لکت جو ذريعو آهي، پر انگريزي جو سبجيڪٽ 1200مارڪن واري لکت واري امتحان ۾ اهم 200 مارڪن جو اهم پيپر به آهن، جن ۾ مضمون، پرسي، گرامر ۽ ڪمپوزيشن شامل آهي. هڪڙي ٻي بدقسمتي اها آهي ته سنڌ ۾ خاص طور سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن مان انگريزي ڄڻ ته موڪلائي وئي آهي. جيتوڻيڪ هاڻ پرائمري کان وٺي انگريزي پڙهائي ٿي وڃي ۽ جيستائين شاگرد ڪاليج ۾ پهچن ٿا، اهي ڏهه سال انگريزي پڙهي ايندا آهن. پر ان جي باوجود شاگردن جي گهڻائي انگريزي ڳالهائي ۽ لکي ته ٺهيو، پر مورڳو پڙهي به نٿا سگهن. هن وقت به اسان جي گريجوئيٽ ڪندڙ نوجوانن جو تمام وڏو انگ انگريزي لکي ۽ پڙهي نٿو سگهي. انگريزي ۾ ڪمزوري سبب جتي اميدوارن کي امتحان جي تياري ۾ تڪليف ٿئي ٿي ڇا ڪاڻ جو تقريبن سڄو مواد انگريزي ۾ آهي ته ٻئي طرف اهي انگريزي جي پيپرن ۾ به سٺيون مارڪون کڻي نٿا سگهن ۽ ڇاڪاڻ ته سي ايس ايس جي امتحان ۾ اميدوارن جو وڏو انگ سنڌ جي ننڍڙن شهرن ۽ ٻهراڙين سان تعلق رکي ٿو، جتي انگريزي سکڻ ۽ ڳالهائڻ جا ڪي گهڻا موقعا موجود نه آهن، تنهن ڪري لکت جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ انٽرويو ۾ کين ڏاڍي ڏکيائي ٿئي ٿي. اهي مڪمل ڄاڻ هوندي به ايتري اعتماد سان انٽرويو ۾ انگريزي ۾ اظهار نٿا ڪري سگهن. انگريزي ڳالهائڻ ۾ اعتماد جي گهٽتائي سبب مون ڪافي ذهين اميدوار رهجندي ڏٺا آهن.

    اسان جو تعليمي نصاب پڻ اڄ جي دور جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. جڏهن اسان سٺن خانگي اسڪولن جي نصاب کي ڏسون ٿا ته انهي ۾ جتي مختلف سبجيڪٽن تي انتهائي جديد مواد ڏنل آهي ته اتي جاگرافي ۽ تاريخ جهڙا سبجيڪٽ به ڏنل آهن. اسان وٽ عام طور اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن کي اهي ٻئي سبجيڪٽ نٿا پڙهايا وڃن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته شاگردن کي جاگرافي جهڙي اهم موضوع جي باري ۾ ڪا خبر نه آهي ۽ جيستائين توهان جاگرافي جي باري ۾ نٿا ڄاڻو، تيستائين بين الاقوامي سياست ۽ پرڏيهي مامرا سمجهي نٿا سگهو. ساڳي ڳالهه تاريخ سان به لاڳاپيل آهي. منهنجو والد ٻڌائيندو آهي ته، کين اسڪول ۾ پهرين ملڪ جي تاريخ، پوءِ خطي جي ۽ پوءِ وري يورپ جي تاريخ پڙهائي ويندي هئي. اڄ جڏهن سندس اسڪول واري دور کي اڌ صدي گذري وئي آهي، تڏهن به سندس تاريخ تي دسترس حيران ڪن آهي. مون کي به تاريخ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ يا شوق سندس وٽان پيو. جيستائين اسان پنهنجي اسڪولن ۾ تاريخ ۽ جاگرافي جهڙا مضمون شامل نه ڪنداسين، تيستائين اهو ناممڪن هوندو ته اسان جا نوجوان ٻين کان ڄاڻ ۾ گوءِ کڻي سگهن.

    ڳالهه رڳو اها به نه آهي ته اسان وٽ نوجوانن کي هن اهم امتحان ۾ ڪاميابي ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. مامرو رڳو ڪجهه ماڻهن جي انهيءَ امتحان پاس ڪرڻ جو به نه آهي. ڳالهه هڪ پوري نسل جي تربيت جي آهي، جنهن کي دنيا ۾ مقام حاصل ڪرڻو آهي. جيستائين اسان پنهنجي نوجوانن کي صحيح اوزارن ۽ صحيح علم کان واقف نه ڪنداسين، تيستائين انهن کي زندگيءَ جي مقابلن به ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهندي. پوءِ سرڪاري نوڪرين جي ڳالهه هجي، يا خانگي سيڪٽر جي، يا وري سڄي دنيا ۾ نوڪريون حاصل ڪري پنهنجو پاڻ کي مڃائڻ جي. انهي لاءِ سڀ کان پهرين ته اسان کي ننڍن شهرن ۾ مختلف نوڪرين جي باري ۾ ضروري ڄاڻ ۽ انهيءَ لاءِ تربيت جا مرڪز کولڻا پوندا. اهو ڪم سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمون گڏجي ڪري سگهن ٿيون. ساڳئي وقت تي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻو پوندو. شاگردن ۾ تخليقي صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ صحيح نصاب ۽ سرگرمين کي پيش ڪرڻو پوندو. انگريزي سيکارڻ لاءِ خاص انتظام ڪرڻا پوندا. اهي ۽ انهيءَ سوڌو ٻيا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن اسان جا نوجوان به پنهنجي مقصدن ۾ ڪاميابيون ماڻين ۽ مايوسين کان بچي سگهن.

    manojhalai@yahoo.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ”ويلنٽائن ڊي“ ۽ گلوبلائزيشن جي دور جون محمتون



    اڱارو 14 فيبروري 2006ع

    ”توکي ضرور پيار ٿي ويو آهي، ائين آهي نه؟“ مارڪيز جي ڪنهن ناول ۾ ماءُ پنهنجي پٽ کان ٿي پڇي.

    ”ها، پر توهان کي ڪيئن خبر پئي؟“

    ”تو جڏهن پاڻيءَ ۾ آڱر وڌي ته ان ۾ رنگ ڦُٽي پيا“ ماءُ چيو، ”رڳو پيار ۾ ئي ائين ٿيندو آهي ته ماڻهو جنهن به شئي کي هٿ لائيندو آهي، ته ان مان انڊلٺي رنگ ڦٽي پوندا آهن.“

    ان ئي پيار جي احساس جو جشن ملهائڻ جو ڏينهن آهي اڄ. ويلنٽائين ڊي، ميگهه ملهار جهڙن سپرين جي اکين ۾ نهاري کين گلاب جو گل ڏئي پنهنجي پيار جو اقرار ڪرڻ وارو ڏينهن. دل جي شڪل وارن چاڪليٽن سان گڏ پنهنجي دل ڏيڻ وارو ڏينهن. محبوب کي خوشبوءَ جو تحفو ڏئي، هڪ وڏو ساهه کڻي، هن جي بدن جي خوشبوءِ کي ساهن ۾ سانڍي رکڻ وارو ڏينهن. گلابي ڪارڊن تي نيري مس سان پنهنجو ۽ ”هن“ جو نالو گڏ لکي، رشتن کي وقت جي وسعتن کان آزاد ڪرڻ وارو ڏينهن. مڌم روشنيءَ ۾ ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ ڪافيءَ جي وڏي مگ تي گهرين خاموشين ذريعي سڄي ڪائنات جا قصا ٻڌائڻ وارو ڏينهن. ويلنٽائين ڊي آهي اڄ، پر اهو پيار، اهو عشق، اها محبت آهي ڇا، جو دنيا سڄي يا ته انهيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن يا وري انهيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ بي چين. ها! ٻيو توهان دنيا کي ورهائي به ڪيئن ٿا سگهو. هي قوميت، نظرين، رنگ نسل، دولت جون ورهاستون سڀ بي معنيٰ آهن، سڀ سطحي آهن، سڀ ڇسيون آهن. دنيا جي ورهاست ته هڪڙي طريقي سان ئي ڪري سگهجي ٿي. هڪ طرف اهي آهن، جيڪي ڪهاڙين جي ڦل جي چمڪاٽن ۽ بندوق جي گوليءَ جي بارودن جي بدبوئن جي پرواهه ڪرڻ سواءِ هڪ ساعت جي وصل لاءِ پنهنجون نگاهون، پنهنجي محبوب جي چهري تي مرڪوز ڪري، سڀني خطرن کان بيخبر، موت جي راهن تي هلي رهيا آهن، ته ٻئي طرف اهي ماڻهو آهن، جيڪي ذاتين، برادرين ۽ نسلن جا قيد ٺاهي ٽهڪن، مِٺين ۽ ڀاڪرن کي قيد ڪرڻ چاهين ٿا. هڪ طرف دنيا ۾ اهي ماڻهو آهن، جيڪي اهڙي دنيا جي تخليق ۾ رڌل آهن، جتي پيار گناهه نه آهي ۽ جتي سمنڊ جي ڪناري تي هلندڙ جوڙي کي عجيب نگاهن سان نه ٿو ڏٺو وڃي ۽ جتي پارڪ جي بئنچ تي ويٺل ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کان سندن رشتن جي پڇا نه ٿي ڪئي وڃي ۽ جتي ڇوڪريون پنهنجي محبوبن کي ”ڀاءُ“ چئي متعارف ڪرڻ واري اذيت نٿيون ڀوڳين ۽ ٻيا انهيءَ دنيا کي برقرار رکڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن، جتي پيار ممنوع آهي، جواني جرم آهي ۽ خواب گناهه آهن. جتي پيار کي انائن جي بارگاهه ۾ ٻليدان ڪيو ويندو آهي ۽ جتي محبتون قبائلي سردارن جي اجازت سان ڪبيون آهن. دنيا بس اهڙن ٻن قسمن جي ماڻهن ۾ ورهايل آهي ۽ جنهن پيار جي وصف سان دنيا ۽ دنيا جي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، سو پيار ڇا آهي؟ ڀلا انهيءَ ۾ ڪهڙي طاقت آهي، جو پهاڙ جهڙا ماڻهو ميڻ جي ٺهيل محبوبن جي گرم ساهن ۾ وگهرجيو وڃن؟ آخر انهيءَ ۾ ڪهڙي ڪشش آهي، جو هڪ نگاهه جي اشاري تي صدين جا رشتا، هزارن سالن جون سڃاڻپون ۽ ازل جا واسطا پل کن ۾ ٺهيو پون ۽ ٻيا سڀ رشتا بي معنيٰ ٿيو پون. آخر ڪهڙو راز آهي، جو ماڻهو پنهنجو وجود عشق جي باهه ۾ ساڙي ڀسم ڪريو ڇڏين، پنهنجون شناختون مٽايو ڇڏين؟ آخر ڪهڙي قوت آهي، جو ڏاهي کان ڏاهو ماڻهو عقل جو لباس، پيار جي بي لباسي پهري، مستيءَ ۾ سرمست آهي! ڪجهه ته آهي، پر ڇا آهي؟ جسم جي بک آهي يا روح جي پياس؟ پنهنجي تڪميل آهي يا پاڻ کي فنا ڪرڻ آهي؟ ڪنهن کي حاصل ڪر ڻ يا پاڻ کي وڃائڻ آهي؟ صدين جو سودو آهي يا لمحن جو حساب؟ تڙپ آهي يا سڪون آهي؟ ڳولڻ آهي يا لهڻ؟ خير آهي يا شر آهي؟ ڇا آهي هي عشق؟ ڪهڙي رمز آهي پيار ۾؟ شايد اهو سڀ ڪجهه آهي يا ڪجهه به نه آهي. جيڪي سمجهن ٿا عشق رڳو روحاني رشتو آهي، سي برفيلن جسمن جي گرم هٿن ۾ پگهرڻ واري وجد کان واقف نه آهن. جيڪي عشق کي رڳو ڪجهه حاصل ڪرڻ واري راند سمجهن ٿا، سي پاڻ وڃائڻ واري سرور کان محروم آهن. جن لاءِ عشق رڳو پنهنجي تڪميل آهي، تن فنا واري مزي کان پاڻ کي پري رکيو آهي. عشق تڏهن ئي آهي، جڏهن توهان جسمن جي ذريعي روحاني رمزن تائين پهچو. جڏهن سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ واري سوچ ۾ هر شئي وڃائي ڇڏيو ۽ تڪميل واري آرزو ۾ پاڻ پنهنجو وجود فنا ڪري ڇڏيو، تڏهن شايد عشق جي خبر پوي. عشق جو طعام پچائڻ لاءِ روڳ کپي ۽ جوڳ کپي، ساهه کپي ۽ ويساهه کپي، جوش کپي ۽ مدهوشي کپي، آڳ کپي ۽ آلاپ کپي ۽ جيڪر ڪا شئي نه کپي، سا آهي هوش، عقل، سمجهه، دليل، منطق ۽ ڏاهپ. جنهن هار ۽ جيت جا حساب رکيا، جنهن صحيح ۽ غلط جا دليل ڏنا، جنهن ماضي ۽ مستقبل کي آڏو رکيو، سو ڪٿي ٿو عشق ڪري سگهي! پر شايد عشق کي سمجهڻ جي به ضرورت نه آهي. عشق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي سين، ته ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن انهيءَ جي ويجهو نه اچي سگهون. خوشبوءَ کي معلوم ڪرڻ واري جستجو ۾ اسان گل کي چيري ۽ ٽوڙي ڇڏيون ۽ آخر ۾ نه گل هٿ ۾ هجي ۽ نه وري ساهن ۾ خوشبوءِ. سونهن اتي ختم ٿي ويندي آهي، جتي فلسفو شروع ٿيندو آهي.

    پر پيار کي ملهائڻ لاءِ هڪ ڏينهن ئي ڇو؟ ڇا سڀ ڏينهن پيار جا ڏينهن نه ٿا ٿي سگهن؟ اهو شايد انهيءَ ڪري جو سال جا باقي ڏينهن نفرت جا ٿي پيا آهن، هر روز، ڪو خودڪش ڌماڪي ۾، ڪي ماڻهو ماري ٿو. هر روز ڪو ميزائل ڪيرائي آباديون اجاڙي ٿو. هر روز قبائلي جهيڙن، قومي تڪرارن، مذهبي فسادن، طبقاتي ويڙهاندن، نظرياتي جنگين، ذاتي دشمنين، معاشي رقابتن ۽ سماجي ٽڪرائن ۾ رڳو نفرتون راڄ ڪن ٿيون. هر روز فضا ۾ بارود جي بوءِ اچي ٿي، ڪو هڪڙو ڏينهن به ڪڍجي، جو ماحول ۾ گلن جي مهڪار ٿئي. هر روز سڏڪن سان آسمان لرزي ٿو، ڪو هڪڙو ڏينهن ته ٽهڪن سان گونجڻ کپي. هر روز موت تي سوڳوار آهيون، ڪو هڪڙو ڏينهن ته زندگيءَ جو جشن ملهايون. هر روز تاريڪي پنهنجي ڀاڪر ۾ اسان کي ڀري ٿي، ڪنهن هڪ ڏينهن ته ڪنهن جي ڳلن جي لالاڻ سان افق منور ڪريون. هڪڙو ڏينهن ته سال ۾ پيار جو به هئڻ گهرجي. نفرتن جي 364 ڏينهن جي وچ ۾ پيار جو جشن انهيءَ ڪري به ملهائڻ گهرجي، جو هاڻ مستقبل ۾ پيار شايد انهيءَ صورت ۾ نه رهي، جنهن ۾ اسان جي نسل ۽ انهيءَ کان اڳ وارن نسلن انهيءَ کي محسوس ڪيو آهي. اسان وارن نسلن، پيار کي پنهنجون عمريون ڏنيون آهن. پنهنجا سال ۽ صديون ڏنيون آهن. اسان وٽ پيار هڪ اهڙو رشتو آهي، جيڪو وقت جي بندشن کان آزاد آهي، پر اڄ جي هن گلوبلائيزيشن جي دور جو هڪڙو رويو ۽ فلسفو حاوي آهي. شين جي گهڻائي ۽ رشتن جي اڻاٺ، مقدار ۾ وڌيڪ ۽ معيار ۾ ڪسا، قيمت ۾ سستا ۽ عمرين ۾ گهٽ، ڏسڻ ۾ سهڻا ۽ کڻڻ ۾ نازڪ. اسان کان اڳ جي دور ۾ ماڻهن ته ٺهيو، پر پنهنجي چوگرد ماحول ۽ پاڻ سان وابسته شين سان به اڻٽٽ رشتا هئا. گهر ايندڙ نسلن لاءِ ٺاهبا هئا، رومال سڄي زندگي ساڳيو رکبو هو، پين سموري عمر هڪڙي هوندي هئي، دوستيون مرڻ تائين هلنديون هيون ۽ محبتون انهيءَ کان به اڳتي. اڄ جو دور ڊسپوز ايبل شين جو دور آهي، جنهن ۾ شين کي استعمال ڪري اڇلائڻ جو رويو آهي. رومال جي جڳهه ٽشو پيپر ورتي آهي، پين جي بدران بال پوائنٽ آهي، دوستن جي بدران واسطا آهن ۽ محبتون؟ شايد اهي به ڊسپوز ايبل آهن، بس استعمال ڪري اڇلائڻيون آهن. هاڻ زندگين جون ڪير گارنٽيون ڏي؟ ڏينهن جون به نه ۽ شايد ڪلاڪن جون به نه. گلوبلائيزيشن جي هن دور ۾ ڪير ٿو عمرين جا رشتا نڀائي! اڄ جي هن دور ۾ جتي ”هاءِ“ ۽ ”باءِ“ جي وچ وارا عرصا تيزيءَ سان گهٽبا وڃن، جتي وفا جو لفظ هڪ لحظي ۾ ڊڪشنرين مان غائب ٿي ويو آهي، جتي عشق ۽ محبت هاڻ رڳو جوانيءَ جو فرض وڃي بچيو آهي، انهن گلوبلائيزيشن جي ڏينهن ۾، اچو ته محبت جو جشن ملهائي وٺون. انهيءَ کان اڳ جڏهن محبوب جي ڏنل مساڪ جو رنگ ڦٽي وڃي ۽ آر سان نالا ۽ دليون ڀريل رومال ڦاٽي پون، انهيءَ کان اڳ جو ڏنل گلابن جون محفوظ ڪيل پنکڙيون ٺوٺ ٿي هوائن ۾ اڏامي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو خوشبوءِ جو واس وڃائجي وڃي، انهيءَ کان اڳ جو مليل هٿ ڇڏائجي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو دٻيل ٽهڪ گم ٿي وڃن. انهيءَ کان اڳ جو اسان کان هڪ ٻئي جا نالا به وسري وڃن، اچو ته ويلنٽائين جو ڏينهن ملهائي وٺون.

    manojhalai@yahoo.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    آسڪر ايوارڊن جو سياسي چهرو



    سومر 6 مارچ 2006ع

    دنيا ڀلي بمن، بش ۽ برڊ فلو جي باري ۾ پريشان هجي پر فلمن جي شوقينن جون نظرون آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ واقع هالي ووڊ تي آهن، جتي اڪيڊمي آف موشن پڪچرس آرٽس ائنڊ سائنس پنهنجا ساليانا ايوارڊ ڏيڻ واري آهي. اهي ايوارڊ جن کي اڪيڊمي ايوارڊ چيو ويندو آهي، سي 78 سالن کان ڏنا پيا وڃن ۽ فلمي دنيا جا سڀ کان وڏا ايوارڊ مڃيا ويندا آهن. سڀني اداڪارن، اداڪارائن، ڊائريڪٽرن، پروڊيوسرن ۽ ٽيڪنيشنس جي اها خواهش هوندي آهي ته ساڍن تيرهن انچن جو سون جو ٺهيل اهو مجسمو کين ملي. دنيا جي ماڻهن کي خواب ڏيکارڻ وارا هي خوابن جا سوداگر سدائين انهيءَ خواب ۾ هوندا آهن ته ڪروڙن ڏسندڙن جي اکين جي تعاقب ۾ اهي اسٽيج تي اچي پنهنجو ايوارڊ وٺن. انهن خوابن جي سوداگرن جا سڀ لڙڪ ۽ سڀ ٽهڪ انهيءَ ايوارڊ سان لاڳاپيل هوندا آهن، جن کي آسڪر ايوارڊ چئبو آهي. ان انعام کي آسڪر ايوارڊ انهيءَ ڪري چيو ٿو وڃي، جو اڪيڊمي جي لئبريرين انهيءَ مجسمي کي ڏسي چيو هو ته ”اڙي! هي ته صفا منهنجي چاچي ”آسڪر“ جهڙو ٿو لڳي.“ بس! انهيءَ ڏينهن کان اڪيڊمي ايوارڊ ڪنهن کي ياد نه آهي، سڀني کي آسڪر ايوارڊ ئي زبان تي آهي.

    هونءَ به اهي ايوارڊ جتي One flew over cuckoo's nest جي پاڳل اداڪار جيڪي نڪولسن کي سڀ کان وڌيڪ مليا آهن، اتي ڀلا اداڪار جهڙوڪ رچرڊ برٽن ۽ هيرسن فورڊ رهجي ويا آهن. جتي ڊزني فلمن جي خالق والٽ ڊرني کي 0 2 ايوارڊ ته وري سسپنس ۽ ٿرلر جي بادشاهه الفريڊ مڪڪاڪ کي هڪڙو ايوارڊ به نه مليو. ڪيڏي مهل ڪَسيون فلمون به ايوارڊ کڻي وڃن ۽ ڀليون فلمون به رهجيو وڃن. جيتوڻيڪ دنيا جهان جي فلمي صنعتن سان لاڳاپيل ماڻهن جو اهو خواب هجي ٿو ته اهي اهو ايوارڊ حاصل ڪن، پر اتي اهڙا مٿي ڦريا ماڻهو به هوندا، جن کي جڏهن ايوارڊ مليو به هوندو ته هنن انڪار ڪري ڇڏيو. دنيا جي عظيم ترين فلمن مان هڪ فلم ”دي گاڊ فادر“ ۾ لازوال اداڪاري ڪندڙ عاليشان اداڪار مارلن برانڊو انهيءَ فلم تي کيس ملندڙ ايوارڊ کي آمريڪي حڪومتن پاران اصلوڪي رهواسين تي ڪيل ظلم ۽ نسل ڪشي جي خلاف احتجاج طور نه وٺڻ جو اعلان ڪيو. هو پاڻ انهيءَ تقريب ۾ آيو به ڪو نه ۽ پنهنجي پاران آمريڪا جي اصلي رهواسي هڪ ريڊ انڊين ڇوڪريءَ کي موڪليو. جيڪا پنهنجو روايتي لباس پائي اسٽيج تي آئي ۽ آمريڪي پاليسين جي مذمت ڪيائين. جتي آسڪر ملڻ کان پوءِ فنڪار پنهنجي پيارن جو ٿورو مڃيندا آهن ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن ته اتي ڪافي اهڙا به فنڪار/ڊائريڪٽر آهن، جيڪي انهيءَ موقعي کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ به استعمال ڪندا آهن. 1977ع ۾ اداڪارا وينيزا ريڊ گريو پنهنجي تقرير کي، فلسطيني ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم ڏانهن دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ استعمال ڪيو. ساڳئي وقت ”فارهان هائيٽ 911 “ جي ڊائريڪٽر مائيڪل مور پڻ سندس ڊاڪيومينٽري تي ملندڙ ايوارڊ وقت عراق ۾ آمريڪي پاليسين خلاف تقرير ڪئي ۽ بش انتظاميه کي سخت لفظن ۾ ننديو. ائين به نه آهي ته هنن ايوارڊن ۾ ڪو سرڪاري عمل دخل نه هوندو آهي. پنجاهه واري ڏهاڪي دوران آمريڪا ۾ ڪميونسٽن خلاف هلندڙ مهم ۾ جنهن به فنڪار جي ڪميونسٽ پارٽي سان وابستگي هئي، تنهن کي ايوارڊ وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو هو ۽ ڪيترائي شاندار اداڪار، ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ بليڪ لسٽ ڪيا ويا هئا. انهيءَ سبب جڏهن ڊائريڪٽر ايليا ڪازان کي 1998ع ۾ اعزازي آسڪر ايوارڊ ڏنو ويو ته ڪيترن ئي اداڪارن ۽ ٽيڪنيشنس سندس اعزاز ۾ تاڙيون وڄائڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪازان غداري ڪري ڪيترن ئي ڪميونسٽ ليکڪن ۽ ٽيڪنيشنس کي پڪڙائي سزا ڏياري هئي.

    هن وقت تائين جيڪڏهن آسڪر ايوارڊن جي تاريخ تي نظر وجهبي ته سڀ کان وڌيڪ ايوارڊن لاءِ جيڪا فلم نامزد ٿي، سا آهي جيمس ڪيمرون جي شهره آفاق فلم ”ٽائٽنڪ،“ جنهن کي چوڏهن شعبن ۾ ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو ۽ جنهن مان کيس يارهن ايوارڊ مليا. ساڳيا يارهن ايوارڊ 1959ع ۾ رليز ٿيل شاندار فلم ”بن حر“ کي به مليا، جيڪا ٻارهن شعبن ۾ نامزد ٿي. ڀلي ”ٽائٽنڪ“ هالي ووڊ جي تاريخ جي مهانگي ترين فلمن مان هڪ هجي ۽ منجهس آفاقي ڪشش وارا سمورا عنصر شامل هجن، ڀلي انهيءَ ۾ هڪ جوان پيار ڪهاڻي ۽ هڪ خطرناڪ ڊرامو هجي پر حقيقت اها آهي ته ”ٽائٽنڪ“ ڪنهن به طرح سان ”بن حر“ جي مقابلي جي فلم نه آهي. اڄ 47 سال گذري وڃڻ کان پوءِ به ”بن حر“ جو جادو ڏسندڙن کي موهت ڪريو ڇڏي ۽ ٽين فلم جنهن کي وڌ ۾ وڌ يارهن ايوارڊ مليا، سا آهي 2003ع جي ”لارڊ آف دي رنگس.“ هن فلم کي اهو به اعزاز آهي ته هن اهي سڀ ايوارڊ کٽيا، جن لاءِ اها فلم نامزد ٿي، يعني يارهن جا يارهن ايوارڊ. انهيءَ کان پوءِ ڏهه آسڪر کٽڻ واري فلم آهي ”ويسٽ سائيڊ اسٽوري،“ جنهن تان بالي ووڊ جي فلم ”جوش“ به ٺهي، جنهن ۾ شاهه رخ ۽ ايشوريا راءِ آهن. هن وقت تائين جنهن فنڪار کي وڌ ۾ وڌ ايوارڊ مليا آهن، سو آهي جيڪ نڪولسن، جيڪو هيستائين ٻارهن فلمن لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي ۽ کيس ٽي ايوارڊ مليا آهن. جڏهن ته انگرڊ برگمين کي به ٽي ايوارڊ مليا آهن. فنڪارائن ۾ وڌ ۾ وڌ ايوارڊ ڪيٿرن هيپرن کي مليا آهن، جن جو تعداد چار آهي. جڏهن ته ميرل اسٽريپ کي رڪارڊ تيرهن دفعا نامزد ڪيو ويو، پر هوءَ فقط 2 ايوارڊ حاصل ڪري سگهي. ايوارڊ ڏيڻ وقت يقينن گهڻا عنصر فيصلا ڪن هوندا آهن ۽ ضروري به نه آهي ته هر دفعي سٺو فنڪار ئي کٽي. ڪيترن سالن تائين ڪنهن آفريڪي نسل جي اداڪار کي آسڪر ايوارڊ نه مليو ۽ آسڪر ايوارڊ جي تاريخ ۾ مني صدي گذرڻ کان پوءِ 2002ع ۾ آفريڪي، آمريڪن اداڪاره هيلي بيري کي ايوارڊ مليو.

    آسڪر ايوارڊ نوازڻ وقت يقينن ان وقت جون سياسي ۽ سماجي حالتون اثر انداز ٿين ٿيون. سرد جنگ واري عرصي دوران ڪنهن کاٻي ڌر جي اداڪار يا فلم لاءِ ايوارڊ کٽڻ ڄڻ ته ناممڪن هو. هالي ووڊ تي ساڄي ڌر، قدامت پسندن ۽ حڪومتي پاليسين جي حمايتين جو غلبو رهيو آهي. هالي ووڊ جي فلمن ۾ سدائين آمريڪي پاليسين جي پروپيگنڊا لاءِ استعمال ٿيندي فلمن ۾ اڪثر آمريڪا مخالفن کي ولين ۽ آمريڪي ڪمانڊوز کي هيرو ڏيکاريو ويندو رهيو آهي. اڳ هالي ووڊ جي فلمن ۾ دشمن، روسي ڪميونسٽ هوندا هئا ۽ هاڻ اهي عرب ڏيکاريا ويندا آهن، پر انهن سمورين ڳالهين جي باوجود به هالي ووڊ ۾ سنجيدگي ۽ حقيقت پسندي تي مبني فلمون هميشه کان ٺهنديون آيون آهن، پر انهن کي اها شهرت يا توجهه نه ملي آهي ۽ انهن کي گهڻو ڪري نظر انداز ڪيو ويندو هو، پر هاڻ شايد صورتحال تبديل ٿي رهي آهي. هن وقت آمريڪا جي سرڪاري پاليسين ۽ نظرين جي ابتڙ پرچار ڪندڙ فلمون نه فقط ظاهر ٿي رهيون آهن پر انهن فلمن کي اها توجهه ۽ مڃتا به ملي رهي آهي، جيڪي اهي فلمون لهڻن. انهيءَ جو هڪڙو مثال 2006ع جي آسڪر فلمن جون نامزدگيون آهن. هن سال ڪافي اهڙيون فلمون نامزد ٿيون آهن، جيڪي آمريڪا جي اقتدار تي ويٺل نئين قدامت پسند لابي ۽ آمريڪي فلم انڊسٽري ۽ معيشيت تي وڏو اثر رکندڙ اسرائيل نواز ڌر جي نظرين ۽ ترجيحن جي ابتڙ آهن. جيئن مشهور ڊائريڪٽر اسٽيون اسپيلبرگ جي فلم ”ميونخ“ به بهترين فلمن جي ڪيٽيگري ۾ نامزد ٿي آهي. هيءَ فلم 1972ع ۾ جرمني جي شهر ميونخ ۾ اولمپڪ راندين دوران اسرائيلي رانديگرن کي فلسطيني گوريلن پاران اغوا ڪري يرغمال بنائڻ واري حقيقي واقعي تي ٺهيل آهي. انهيءَ واقعي ۾ نَو اسرائيلي يرغمال ۽ چار فلسطيني گوريلا مارجي ويا هئا. هن فلم کي اسرائيلي حڪومت پاران سخت لفظن ۾ ننديو ويو آهي ۽ هن فلم کي غير حقيقي ڪوٺي انهيءَ کي سرڪاري طور تي بليڪ آئوٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته اسپيليبرگ پاڻ به يهودي آهي ۽ هن هٽلر واري ڏينهن ۾ يهودين کي مارڻ تي فلم ”شرنڊلر لسٽ“ به ٺاهي هئي، جنهن کي به آسڪر ايوارڊ مليو هو، پر هن فلم کي آمريڪا ۾ موجود طاقتور يهودي لابي پاران ڪافي مخالفت جو منهن ڏسڻو پيو. اهڙي مضبوط لابي جي مخالفت باوجود انهيءَ فلم جو آسڪر لاءِ نامزد ٿيڻ ڪافي اچرج جي ڳالهه آهي، پر انهيءَ کان به اچرج جي ڳالهه هڪ فلسطيني فلم ”پئراڊائيز نائو“ آهي. هيءَ فلم ٻن خودڪش بمبارن جي آخري ڏينهن تي ٺهيل آهي. هن فلم کي روڪڻ لاءِ اسرائيلي حڪومت باقائده ڪوششون ورتيون. انهيءَ کان سواءِ يهودي ڌرين پڻ انهيءَ فلم جي نمائش ۽ انهيءَ جي آسڪر جي نامزدگي کي روڪڻ لاءِ به وڏا اپاءَ ورتا، پر پوءِ به هن فلم کي روڪي نه سگهيا. انهيءَ جو سبب هن فلم جي شهرت ۽ بهتري آهي. انهيءَ فلم کي برلن فيسٽيول سوڌو ٻين ادارن پاران بهترين فلم جو ايوارڊ مليو آهي ۽ هيءَ فلم آسڪر کٽڻ لاءِ مضبوط اميدوار آهي. سو اهڙي فلم، جنهن کي اسرائيلي حڪومت روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هجي، بلڪه فلم جي شوٽنگ دوران انهيءَ جي ڊائريڪٽر ۽ اداڪارن کي مارڻ لاءِ ميزائل جو حملو به ڪيو هجي، اهڙي فلم جو آسڪر تائين پهچڻ ئي وڏي ڳالهه آهي.

    ٻي به انتهائي اهم فلم هن سال آسڪر لاءِ بهترين فلم واري ڪيٽيگري ۾ نامزد ٿي آهي. اها فلم آهي مشهور اداڪار جارج ڪلوني جي ڊائريڪشن ۾ ٺهيل فلم ”گڊنائيٽ اينڊ گڊلڪ.“ هيءَ سڄي فلم بليڪ اينڊ وائيٽ آهي ۽ ان ۾ 1950ع واري ڏهاڪي کي سئنيما جي پردي تي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جڏهن آمريڪا ۾ سينيٽر جوزف ميڪارٿي جي سربراهيءَ ۾ آمريڪا جي مختلف ادارن ۽ خاص طور تي فلمن ۽ ٽي وي مان ڪميونسٽن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ مهم هلائي وئي هئي. هيءَ فلم ٽيليويزن جي ٻن رپورٽرن جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪي مختلف دٻائن جي باوجود به جوزف ميڪارٿي جي ڪميونسٽن خلاف اهڙي مهم جي مخالفت ڪن ٿا. هن فلم ۾ ڪلوني ميڪارٿي جون اصلوڪيون وڊيو استعمال ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ هن سينيٽ اڳيان صفائي پيش ڪئي هئي. اڌ صدي اڳ جي اهڙي وڊيو مواد کي موجوده دور ۾ استعمال ڪرڻ به پنهنجي جڳهه تي هڪ نئين پيشڪش آهي. هن مقابلي ۾ ايوارڊ ڀلي ڪير به کٽي، پر هالي ووڊ ۾ تبديلي جي اها هڪ وڏي لهر آهي، جنهن جا وڏا اثر نڪرندا.

    manojhalai@yahoo.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    تبديليءَ لاءِ سنڌ جي نوجوان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟



    جمع 31 مارچ 2006ع

    اڄ جو سنڌي نوجوان ڪٿي بيٺل آهي؟ ڇا هو غير عمليت پسند آهي، يا هُو هر ميدان ۾ اڳڀرو آهي؟ ڇا هو نااهل آهي، يا منجهس مقابلي ڪرڻ جي اهليت آهي؟ ڇا هو پنهنجي منزل وڃائي ويٺو آهي، يا سندس نظر پنهنجي مقصد تي آهي؟ اهڙا ۽ انهيءَ جهڙا کوڙ سوال اخبارن جي صفحن کان وٺي نجي ڪچهرين ۾ ڏاڍي گرم جوشيءَ سان اٿاريا وڃن ٿا ۽ انهن تي بحث ڪيا وڃن ٿا. ڪن مطابق سنڌ جو اڄ جو نوجوان سُست، ڪاهل ۽ غير عمليت پسند آهي ۽ منجهس مقابلي جي ڪا به اهليت نه آهي. ٻيا وري انهيءَ جي مخالفت ۾ دليل ڏيندي ٻين معاملن کي اڄ جي نوجوان جي موجوده بدحاليءَ جو ذميوار ڄاڻائين ٿا. ڪي سنڌي نوجوان جي مستقبل مان مايوسي ڄاڻائين ٿا ته ڪن جي نظر ۾ سنڌي نوجوانن جو مستقبل روشن آهي. پر انهن ٻنهي مختلف روين جي موجودگيءَ ۾ حقيقت ڪهڙي آهي؟ ڏوهه اسان جو پنهنجو آهي، يا ٻيا ڪي قصور وار آهن؟ انهيءَ جو فيصلو پاڻ تيستائين نٿا ڪري سگهون، جيستائين اسان مامرن جو گهڻ رخو جائزو نٿا وٺون.

    پر اهڙي جائزي وٺڻ وقت اسان کي کليل ذهن کان ڪم وٺڻو پوندو، نه ته پاڻ کي قصور وار سڏڻ ۽ ٻين تي الزام ڏيڻ وارا ٻئي عمل جيڪي اسان جي گڏيل نفسيات جا ساڳئي وقت تي جز ٿيندا پيا وڃن، تنهن کان پاسو ڪرڻو پوندو ۽ حقيقت پسندانه ائپروچ اختيار ڪرڻي پوندي. سنڌي نوجوان جي موجوده صورتحال کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهرين اسان کي هيٺين اهم معاشي، سماجي ۽ نفسياتي روين کي ذهن ۾ رکڻو پوندو.

    (1) معاشي طور تي سنڌ هڪ زرعي معاشرو آهي ۽ اسان جي آباديءَ جو وڏو حصو اڃان تائين زراعت سان وابسته آهي. پر گذريل ٻن ڏهاڪن کان زراعت سنڌي نوجوانن کي پاڻ وٽ ضم ڪري نه سگهي آهي. انهيءَ جا مختلف سبب آهن. هڪ اهو ته ڪافي جڳهين تي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڪجهه جڳهين تي سم ۽ ڪلر سبب سنڌ ۾ پوک هيٺ ايندڙ زمين ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. ٻيو ته زرعي جنسن جي غير يقيني ۽ گهٽ قيمتن ۽ دوائن ۽ ڀاڻ جي وڌندڙ قيمتن هاڻ زراعت کي گهٽ منافع بخش ڪم ڪري ڇڏيو آهي. ٽيون اهو ته وڏين زميندارين جي گهڻائيءَ سبب سنڌ ۾ زراعت سان وابسته ماڻهن جي گهڻائي زمين کان محروم هارين جي آهي. زمين جي مالڪي نه هئڻ سبب نوجوانن کي هارپي ۾ ڪا ڪشش نٿي محسوس ٿئي ۽ ڪنهن حد تائين هاڻ زرعي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ ۾ نوجوان عار ٿا سمجهن.

    (2) هڪ طرف جيڪڏهن زرعي شعبو سنڌ جي نوجوانن کي پاڻ ۾ سمائي ۽ مصروف نه پيو ڪري سگهي ته وري ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سواءِ باقي ڪٿي به صنعتي شعبي جو وجود ئي نه آهي. نه فقط صنعتون نه آهن، پر امن امان جي خراب صورتحال ۽ ٻين سببن ڪري واپار وارو شعبو به ڪو خاص ترقي ڪري نه سگهيو آهي. انهيءَ سان گڏو گڏ روايتي طور تي ٽيڪنيڪل شعبن ۽ ڪاروبار ڏانهن به اسان جي نوجوانن جو لاڙو نه آهي. انهن سببن ڪري سنڌ جو نوجوان هڪ معاشي خال (Economic Vaccume) ۾ گذاري رهيو آهي ۽ اهو معاشي خال تيزيءَ سان ڦهلجندو ۽ اونهو ٿيندو پيو وڃي. يعني هڪ طرف اهي اڳوڻن معاشي عملن ۾ شريڪ ٿيڻ کان ڪيٻائين ٿا ته ٻئي طرف ڪي نوان معاشي موقعا ملي نه رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسان کي جتي ڪٿي بي روزگاري نظر اچي رهي آهي.

    (3) اهڙي صورتحال ۾ تقريبن سئو سيڪڙو نوجوانن جون اکيون نوڪرين ڏانهن کتل آهن. توهان کي جتي ڪٿي نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوڙ نظر ايندي. نوجوان خسيس کان خسيس نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ گهر جا ڍور، سامان ۽ زمين کپائڻ لاءِ به تيار آهن. توهان کي پٽيوالي کان وٺي ماستريءَ جي نوڪري لاءِ نوجوانن جا هجوم ملندا. نوڪرين ڏانهن انهيءَ لاڙي جو وڏو سبب اهو آهي ته اڄ جو نوجوان محنت ۽ صلاحيتن بنا هڪ مخصوص پگهار حاصل ڪرڻ ٿو چاهي. يعني هو پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن جي بنياد تي ڪم ڪرڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي بدران بنا محنت جي ڪمائي کي ترجيح ڏئي ٿو. پر هاڻ سرڪاري ملازمتون به شايد ايڏي وڏي انگ کي پاڻ ۾ سموئي نه سگهن، ڇاڪاڻ ته بين الاقوامي مالياتي ادارن پاران حڪومتن تي اهو دٻاءُ آهي ته اهي سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪن ۽ ٻين ادارن ۾ ملازمن جو انگ گهٽائين، جنهن سان سرڪار تي مالياتي بار گهٽجي سگهي. انهيءَ ڪري سرڪاري نوڪريون به ايڏي وڏي تعداد ۾ بي روزگارن لاءِ آسرو نه ٿيون ٿي سگهن. خانگي ادارن ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ايتري ڪشش نه آهي، جنهن جا به ڪافي سبب آهن. اول ته اسان جي نوجوانن جو وڏوانگ ”سڪين پگهارن“ ۽ سخت محنت لاءِ تيار نه آهي. خانگي ادارن ۾ محنت ڪري تجربو حاصل ڪري ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ جي بدران اهي گهٽ پگهار تي سرڪاري نوڪرين کي ترجيح ڏين ٿا. منهنجي ذاتي مشاهدي ۾ ڪافي اهڙا مثال آهن، جنهن تحت انجنيئر توڙي ٻين شعبن جا نوجوان ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ سٺين پگهارن يا سٺن موقعن واريون نوڪريون ڇڏي گهٽ پگهارن واريون سرڪاري نوڪريون ورتيون هونديون. هنن جي ائين ڪرڻ جي سببن کان سڀئي واقف هوندا. ٻيو اهو به سبب آهي ته اسان جي نوجوانن جي گهڻائي اڄ جي سٺين نوڪرين لاءِ گهربل تعليم، هنرن ۽ ضرورتن کان محروم آهي. ٽيون سبب نفسياتي آهي ته اڃا تائين اسان مان گهڻا نوجوان وڏن شهرن کي پنهنجو سمجهڻ لاءِ تيار نه آهين. اسان جا گهڻا نوجوان وڏي شهرن جي تيز زندگيءَ ۾ مقابلو ڪرڻ بدران ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي سُست رفتار زندگي ۾ پاڻ کي وڌيڪ پُرسڪون ڀائين ٿا.

    (4) پر سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه اڄ جي سنڌ جي نوجوان تي اثرانداز ٿي آهي، سا آهي تعليمي نظام جي مڪمل تباهي. 0 8 ع جي ڏهاڪي تائين سنڌ جو تعليمي نظام ملڪ جي بهترين نظامن مان لکيو ويندو هو ۽ انهيءَ جا انتهائي مثبت نتيجا سنڌي معاشري تي پيا. بهتر تعليمي صلاحيتن هئڻ سبب وڏي انگ ۾ سنڌي نوجوان نوڪرين ۾ لڳا، جنهن ذريعي سنڌ ۾ هڪ واضح سماجي چرپر نظر آئي. هڪ چڱو انگ ٻهراڙين مان نڪري شهرن ۾ آيو ۽ سماجي طور تي اهي ماڻهو اڳڀرا ٿي ويا. انهيءَ دور جا ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جا گريجوئيٽ ٺيڪ ٺاڪ تعداد ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ ويا. خاص طور تي آمريڪا، برطانيا ۽ گلف جي رياستن ۾ توهان کي انهيءَ دور جي تعليم يافته سنڌي نوجوان جو هڪ چڱو تعداد ملندو، جنهن جو سنڌي معاشري ۽ معاشيات تي گهٽ ئي صحيح، پر مثبت اثر پيو. انهيءَ جي برعڪس 80ع جي ڏهاڪي کان پوءِ تعليمي زوال جو آغاز ٿيو، جيڪو هن وقت پنهنجو ترو وٺي بيٺو آهي. انهيءَ تعليمي تباهيءَ جي مکيه ڪارڻن ۾ مختلف حڪومتن پاران سياسي بنيادن تي استادن جون ڀرتيون، شاگرد ۽ استاد تنظيمن جون منفي سرگرميون، تعليمي ادارن ۾ مداخلت، اقربا پروري ۽ پڙهندڙن توڙي پرهائيندڙن ۾ غير ذميواري ۽ لاپرواهي شامل آهن.

    انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اسان جي نوجوانن لاءِ پرڏيهه ته ٺهيو، پر ڏيهه ۾ به نوڪرين لاءِ موقعا نه بچيا آهن. انهيءَ حقيقت کان اسان بلڪل منهن نٿا موڙي سگهون ته هن مقابلي واري دنيا ۾ جن صلاحيتن ۽ قابليتن جي گهرج آهي، انهن جو پورائو ڪرڻ ۾ اسان جا تعليمي ادارا ناڪام ويا آهن. نتيجي ۾ اسان جا نوجوان هاڻ انهيءَ اهل رهيا ئي نه آهن ته اهي ٻين کان اڳتي نڪري سگهن. انهيءَ جو هڪ واضح مثال گذريل چند سالن کان سي ايس ايس جو نتيجو آهي، جنهن ۾ سنڌ جون سيٽون ڪافي سالن کان خالي وڃي رهيون آهن، ڇاڪاڻ جو ايترا قابل اميدوار نه پيا ملن.

    (5) هڪ ٻئي ٽرينڊ کي به اسان نظرانداز نٿا ڪري سگهون، جنهن جو به سنڌ جي نوجوانن تي وڏو اثر آهي. سو آهي جاگيرداري/زرعي سماج جا قدر. اسان جا نوجوان ڀلي زراعت جي پيشي سان وابسته نه هجن، پر اسان جي تعليم يافته نوجوانن جي گهڻائي ۾ اڃا اهي جاگيردارانه قدر موجود آهن. انهن قدرن ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرانداز قدر آهن. مستقل ۽ وڏي عرصي جي منصوبا بندي نه هئڻ، وقت کي ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ نه، پر مهينن ۽ سالن ۾ ماپڻ، زمين سان تمام ويجهڙائپ ۽ ٻين علائقن ۾ وڃڻ کان لنوائڻ، پنهنجي قبيلي ۽ خاندان کان سواءِ سماجي رشتن رکڻ کان لهرائڻ. اهي مٿيان ٽرينڊ توهان کي نوجوانن ۾ ملندا ۽ اهي ڪافي حد تائين اسان جي نوجوانن جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ به آهن. ٻيو ته اسان جي نوجوانن جو رول ماڊل ڪو سائنسدان، بزنس مين يا صنعتڪار هئڻ جي بدران اسان جي نوجوانن جو رول ماڊل هڪ وڏيرو آهي. اسان مان گهڻا اڃان به وڏيري جهڙا ٿيڻ چاهين ٿا. توهان گهڻن نوجوانن جي لباس کي ڏسندا ته انهن ۾ ڪلف لڳل ڪپڙا، وڏيون گاڏيون، پئسي جو زيان، اوطاق ڪري ويهڻ ۽ طاقت کي حاصل ڪرڻ ۽ انهيءَ جي استعمال ڪرڻ جا شوق ملندا. اهڙي وڏيرڪي ذهنيت سبب اسان جي نوجوانن ۾ ڏاڪي ڏاڪي چڙهي ڪاميابي حاصل ڪرڻ بدران يڪدم مٿي چڙهڻ جا خواب آهن، جيڪي حقيقت پسندانه مقصدن جي برعڪس آهن.

    هاڻ جيڪڏهن توهان مٿئين پسمنظر ۾ سنڌي نوجوانن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندا ته ڪو عجب نه ٿيندو ته اسان جي نوجوانن جي موجوده حالت ايڏي خراب آهي. هن معاشي خال، تعليم جي مڪمل تباهي ۽ جاگيردارانه روين جي موجودگي ۾ اسان جي نوجوانن ۾ موجوده بي روزگاري ۽ سماجي توڙي ذهني ابتري سمجهڻ جوڳي آهي. اسان جي شهرن ۾ بيڪار ۽ پريشان حال نوجوانن جا هجوم مٿئين صورتحال جو فطري نتيجو آهن ۽ ساڳئي وقت اسان کي اهو به سمجهه ۾ ايندو ته ڇو اسان جي نوجوانن ۾ ايتري تيزي سان ڏوهن جو گراف وڌندو پيو وڃي يا منشيات جو واهپو عام ٿيندو وڃي؟ پر هاڻ هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان انهيءَ صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهون؟ ۽ ٻيو اهو ته واقعي به اسان تبديل ڪري به سگهون ٿا يا نه؟ انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪرڻ گهرجي ته ڪجهه ڳالهيون في الحال اسان جي وس ۾ نه آهن. مثال طور سنڌ جي معاشي لينڊ اسڪيپ کي تبديل ڪرڻ شايد عام ماڻهن جي وس کان ٻاهر هجي. پر ڪجهه ڳالهيون اسان سمجهي سگهون ٿا يا انهن جي باري ۾ ڪجهه ڪري سگهون ٿا.

    اسان جي نوجوانن کي هاڻ اهو سمجهڻو پوندو ته ٺلهين دانهن ۽ ٻين تي الزامن ڏيڻ مان ڪجهه به نه ورندو. اسان کي پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. سڀ کان پهرين سرڪاري نوڪرين جي پويان هروڀرو جي ڊوڙ واري رويي کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ انهيءَ خواهش کي تبديل ڪرڻو پوندو ته اسان کي بنا ڪم جي هڪ مخصوص پگهار ملي. انهيءَ جي جڳهه تي اسان کي اهڙين نوڪرين، واپار يا ڌنڌن کي اختيار ڪرڻ لاءِ سوچڻو پوندو، جتي اسان جي آمدني ۽ ترقي اسان جي صلاحيتن ۽ پورهئي سان لاڳاپيل هجي. يعني جيترو اسان وڌيڪ پورهيو ڪريون ۽ جيتري اسان ۾ وڌيڪ صلاحيت هجي، اوترو وڌيڪ ۽ جلدي ترقي ڪري سگهون. ٻيو اهو ته هاڻ تعليمي معاملي تي ڪنهن به قسم جي ڪمپرومائيز يا گهٽتائي کي برداشت ناهي ڪرڻو. تعليمي ادارن ۾ نه پڙهائيندڙ يا نااهل استاد، سنڌ لاءِ ناسور آهن. جيڪو ناسور آپريشن ذريعي ڪٽڻ جي ضرورت آهي. ساڳئي وقت اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۾ اهي صلاحيتون پيدا ڪرڻيون آهن ۽ کين اهي جديد علم ۽ هنر مهيا ڪري ڏيڻا آهن، جنهن سان منجهن ۾ اعتماد اچي ۽ پاڻ مقابلو ڪري سگهن ۽ ٽئين ڳالهه اها ته اسان کي آهستي آهستي انهيءَ جاگيرداري ذهني ڪيفيتن مان پاڻ کي ڪڍڻ لاءِ باقائده ڪوششون وٺڻيون پونديون. اسان کي هڪ جڳهه تي ويهڻ بدران انهن جڳهين تي وڃڻو پوندو، جتي اسان لاءِ موقعا هجن. پوءِ اهي سنڌ جا وڏا شهر هجن، يا ملڪ جا ٻيا حصا هجن، يا دنيا جا ٻيا ملڪ هجن. زمين ۽ پنهنجي خاندان ۽ قبيلن سان گهڻي جذباتي وابستگي اسان کي ڳري پئجي رهي آهي. اسان کي پنهنجا رول ماڊل به تبديل ڪرڻ پوندا، هاڻ اسان جا رول ماڊل پڙهيل لکيل ۽ ذهين ماڻهو هئڻ گهرجن، جن صلاحيتن جي بنياد تي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

    هتي ڳالهه سنڌ جي نوجوانن کي گهٽ سمجهڻ جي يا کين ڏوراپا ڏيڻ جي نه آهي. سنڌي سماج جون هڪڙيون مخصوص سماجي، معاشي ۽ نفسياتي حالتون آهن، جن جي ڪري هڪڙي مخصوص اهليت ۽ روين وارا نسل پيدا ٿي سگهن ٿا. ماضيءَ ۾ جڏهن اسان وٽ معاشي وسيلا هئا ۽ تعليمي حالتون بهتر هيون ته اسان جي نوجوانن جي ڪارڪردگي به بهتر هئي. هن وقت خراب معاشي، سماجي ۽ تعليمي صورتحال ۾ اسان منجهائن سٺي ڪارڪردگيءَ جي اميد به نٿا ڪري سگهون ۽ مٿن الزام تراشي به نٿا ڪري سگهون. منهنجو انهيءَ ۾ اڄ به يقين آهي ته رڳو اسان جي تعليمي صورتحال ئي بهتر ٿئي ۽ اسان پنهنجي سماجي روين ۾ بهتري آڻيون ته اسان جا نوجوان هن وقت دنيا ۾ ڪنهن سان به مقابلي ڪرڻ جا لائق آهن. پر انهيءَ لاءِ اسان کي پنهنجي معاشري جو تجزيو ڪرڻو پوندو ۽ انهيءَ ۾ جيڪي گهٽتايون آهن، تن کي ختم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هڪ اهڙُو معاشرو، جنهن جي تبديل ڪرڻ لاءِ انهيءَ جا فرد جاکوڙ نه ڪن، اهڙو معاشرو رهڻ جي لائق نه آهي.

    manojhalai@yahoo.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    نيپال ۾ بادشاهت جا پويان ڏينهن



    اربع 19 اپريل 2006ع

    ”ڇا نيپال ۾ بادشاهت جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن؟“ اهو سوال سموريءَ دنيا ۾ بحث هيٺ ان ڪري به آهي، ڇاڪاڻ ته گهٽ ۾ گهٽ نيپال جي گاديءَ واري هنڌ کٽمنڊو ۾ ٿيندڙ احتجاجن مان ته ائين ٿو لڳي، ته هاڻ نيپال جو عوام انهيءَ ڳالهه تي متفق آهي ته نيپال جي سياست ۾ بادشاهه گيانندرا جو ڪو به ڪردار باقي نه رهي. نيپال ۾ بادشاهت خلاف جدوجهد جيڪا اڳي مائوسٽ باغين تائين محدود هئي، سا هاڻ وڌي نيپال جي عوام جي تقريبن هر حصي تائين ڦهلجي وئي آهي. نيپال جي بادشاهه گيانندرا خلاف موجوده جدوجهد ۾ سياسي ڌرين سان گڏوگڏ ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، صحافي، سرڪاري ملازم، استاد ۽ شاگرد به شامل ٿي ويا آهن. انهيءَ جدوجهد جي دائري ڦهلجڻ منجهان محسوس ايئن ٿو ٿئي، ته هاڻ بادشاهه کي هٽائڻ رڳو سياسي پارٽين جو اشو نه رهيو آهي ۽ نه ئي اهي انهيءَ معاملي تي ڳالهيون ڪري، هن سڄي جدوجهد کي ختم ڪري ٿا سگهن، پر هاڻ اها جدوجهد ماڻهن جي هٿن ۾ اچي وئي آهي. نه رڳو اهو ته گيانندرا جي پنهنجي ملڪ اندر مخالفت وڌي وئي آهي، پر بين القوامي سطح تي به سندس حمايت تيزيءَ سان گهٽجي رهي آهي. بادشاهن کي دادلو رکڻ وارو ملڪ آمريڪا به هاڻ گيانندرا جي سپورٽ ڪرڻ کان انڪاري آهي. تازو آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اهو بيان جاري ڪيو آهي ته بادشاهه گيانندرا جي سڌي محلاتي حڪمراني هاڻ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.“ نه رڳو آمريڪا، پر برطانيا، انڊيا ۽ چين به بادشاهه جي حمايت تان هٿ کڻي ويا آهن. بهرحال هن موقعي تي اهو سوال پنهنجيءَ جاءِ تي ضرور اهميت رکي ٿو، ته نيٺ اهي ڪهڙا عوامل آهن، جيڪي بادشاهت خلاف جدوجهد کي شهه ڏئي رهيا آهن ۽ هن جدوجهد جو آخرڪار ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟.

    نيپال جي موجوده رياست 1769ع ۾ تڏهن وجود ۾ آئي هئي، جڏهن کٽمنڊو تي راڄ ڪندڙ پرٿوي ڀر وارين ننڍين ننڍين رياستن کي فتح ڪري، کٽمنڊو کي مرڪز بنائي، موجوده نيپالي رياست جو بنياد وڌو هو ۽ انهيءَ سان گڏ ئي نيپال ۾ بادشاهت جو به آغاز ٿيو هو. نيپال جو بادشاهه ته رڳو سياسي حيثيت رکندڙ آهي، پر عام نيپالي ماڻهن ۾ جن جي گهڻائي هندومت سان تعلق رکي ٿي، تن وٽ بادشاهه مذهبي طور تي وڏي حيثيت رکي ٿو. 1846ع ۾ هڪ بغاوت جي نتيجي ۾ هڪ فوجي اڳواڻ جنگ بهادر ملڪ جي بادشاهت جون واڳون سنڀاليون ۽ انهيءَ سان ”رانا“ خاندان جي بادشاهي سلسلي جو بنياد پئجي ويو. موجوده بادشاهه به انهيءَ”رانا“ خاندان سان ئي تعلق رکي ٿو، جيڪو نيپال تي گذريل ڏيڍ سئو سالن کان راڄ ڪري رهيو آهي. 1981ع ۾ سياسي پارٽين جي جدوجهد جي نتيجي ۾ جمهوري عمل جو آغاز ٿيو، پر فقط اٺن سالن کان پوءِ انهيءَ جمهوري عمل کي ختم ڪري، بنا پارٽي وارو پنچائت سسٽم لاڳو ڪيو ويو. 1989ع ۾ هڪ دفعو وري عوامي تحريڪن جي نتيجي ۾ تنهن وقت جي بادشاهه برندرا ملڪ ۾ گهڻ پارٽي جمهوري نظام کي قائم ڪيو ۽ 1991ع ۾ پارليامينٽ قائم ٿي. پارلياماني جمهوريت وارو نظام سياسي لاهين چاڙهين سان هلندو رهيو، پر 2001ع ۾ نيپالي سياست جو سمورو رخ تڏهن تبديل ٿي ويو، جڏهن تنهن وقت جي بادشاهه برندرا ۽ شاهي خاندان جي ٻين ڀاتين کي ملڪ جي ولي عهد دپندرا نشي جي حالت ۾ قتل ڪري ڇڏيو. بظاهر ته شاهي خاندان جي نون ڀاتين جي دپندرا هٿان قتل عام جو سبب اهو پيو ٻڌايو وڃي ته دپندرا جي ماءُ يعني راڻي ايشوريا پنهنجي پٽ جي پسند جي ڇوڪري ديوياراني سان سندس شاديءَ جي حق ۾ نه هئي، ڇاڪاڻ ته اها ڇوڪري شاهي خاندان جي برابر جي خاندان جي نه هئي. انهيءَ تي ڪاوڙ ۾ اچي دپندرا نشي جي حالت ۾ شاٽ گن سان پنهنجي پيءُ يعني نيپال جي بادشاهه، ماءُ ۽ ڀينرن سميت نون ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو. انهيءَ اوچتي حادثي سبب برندرا جو ڀاءُ گيانندرا ملڪ جو بادشاهه ٿي ويو، پر برندارا جي برخلاف گيانندرا ملڪ جي ماڻهن ۾ گهڻو مقبول نه هو، بلڪه ڪن ڌرين پاران برندرا جي قتل جو شڪ به گيانندرا تي ئي ظاهر ڪيو ويو.

    گيانندرا اقتدار سنڀالڻ شرط ملڪي سياست تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. نيپال جي سياست ۾ بادشاهت جي آهستي آهستي گهٽجندڙ ڪردار کي وري اڀارڻ شروع ڪيو ويو. گيانندرا اهو به اعلان ڪيو ته هو پنهنجي ڀاءُ يعني اڳوڻي بادشاهه وانگر خاموش تماشائي ٿي نه ويهندو، پر هو پنهنجو ڪردار مضبوطيءَ سان نڀائيندو. 2002ع ۾ گيانندرا پنهنجن ارادن کي بلڪل واضح ڪري ڇڏيو، جڏهن هن پارليامينٽ کي معطل ڪري، چونڊيل حڪومت کي هٽائي ڇڏيو. تڏهن کان وٺي، هو پنهنجي مقرر ڪيل وزير اعظمن ذريعي حڪومت هلائي رهيو هو. پر بعد ۾ هن کان اها هلڪي سول حڪومت به برداشت نه ٿي ۽ فيبروري 2005ع ۾ سندس ئي مقرر ڪيل وزير اعظم شير بهادر دوبا کي مائو باغين جي خلاف سختي نه ڪرڻ جي الزام تحت هٽائي، ملڪ جون واڳون سڌيون سنئيون پنهنجي هٿن ۾ ڪيون. گيانندرا جي اهڙي عمل جو مقصد نيپال ۾ هر قسم جي جمهوري عمل کي ختم ڪري، ملڪ ۾ بادشاهت کي هٿي وٺرائي، سڌو محلاتي راڄ قائم ڪرڻ هو. بادشاهه جي اهڙي غير جمهوري عمل ملڪ جي سڀني ڌرين ۾ تاءُ پکيڙي ڇڏيو. سڀ کان پهرين بادشاهه گيانندرا خلاف صحافتي پابندين مڙهڻ خلاف اخبار وارن تحريڪ جي شروعات ڪئي. صحافين جي اهڙيءَ تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو. ڪيترن ئي صحافين کي گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿانئن مائو باغين سان همدرديءَ جو الزام مڙهيو ويو. آهستي آهستي عوام جا ٻيا طبقا به انهيءَ تحريڪ جو حصو ٿيندا ويا. هن وقت نيپال جي ستن سياسي پارٽين جو اتحاد بادشاهه کي هٽائڻ واري هڪ نقطي تي متفق ٿي ويو آهي ۽ انهيءَ هڪ نقاطي ايجنڊا کي کڻندي، گيانندرا جي خلاف تحريڪ کي تيز ڪيو ويو آهي.

    تازو انهيءَ ست جماعتي اتحاد سموري نيپال ۾ چئن ڏينهن جي هڙتال جو سڏ ڏنو، جنهن کي عوام پاران زبردست موٽ ملي. پر نيپال جي موجوده بادشاهه جي حڪومت کي جنهن ڌر کان وڌ ۾ وڌ خطرو آهي، سي آهن مائوسٽ باغي. ڪميونسٽ پارٽي آف نيپال جي هن ڌڙي ۾ شامل ماڻهو نظرياتي طور چين جي اڳوڻي ڪميونسٽ اڳواڻ مائوزي تنگ جي فلسفي جا پوئلڳ آهن ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان اهي نيپالي حڪومت خلاف گوريلا جنگ جوٽيو ويٺا آهن. انهيءَ گوريلا جنگ ۾ وٽن 15 هزار کن ويڙهاڪ آهن، جيڪي نيپالي فوج ۽ پوليس سان ويڙهاند ۾ آهن. اهي مائو باغي ملڪ جي اترئين حصي جي مشڪل پهاڙي علائقن تي قابض آهن، جتي سندن برابر جي حڪومت آهي. هن وقت نيپالي حڪومت ۽ مائو باغين جي پاڻ ۾ سخت ويڙهاند هلندڙ آهي ۽ انهيءَ ويڙهاند ۾ هزارين ماڻهن جون حياتيون وڃي چڪيون آهن. جيتوڻيڪ مائوباغي نيپال ۾ هڪ مارڪسسٽ حڪومت قائم ڪرڻ جو مقصد رکن ٿا، پر گيانندرا کي هٽائڻ واري نقطي تي اهي پڻ ست جماعتي اتحاد سان ٺاهه ۾ آهن بلڪه ويڙهاڪ باغين اهو پڻ يقين ڏياريو آهي ته اهي انهيءَ تحريڪ دوران کٽمنڊو ۾ ڪنهن به شهري ٽارگيٽ تي حملو نه ڪندا. سندن اهو فيصلو بادشاهت جي خلاف عوامي ويڙهه کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿو.

    گيانندرا جي خلاف عوامي مزاحمت هاڻ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. کٽمنڊو جو شهر جيڪو اڳي سياحن سان ڀريل هوندو هو، سو هن وقت جنگ جي ميدان جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. کٽمنڊو جا پوش علائقا جيڪي عام طور تي سخت کان سخت ڪرفيو ۾ به کليل هوندا هئا، انهن تائين به احتجاجن جو اثر پهچي چڪو آهي. مخالف ڌرين هاڻ عوام کي ڪنهن به قسم جي ٽيڪس ڏيڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي. هڙتالون روز جو معمول ٿي ويون آهن، جنهن ڪري عام واهپي جي شين جون قيمتون چوٽ چڙهي ويون آهن. اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گيانندرا ٻه طرفي حڪمت عمليءَ سان منهن ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. هڪ طرف احتجاج ڪندڙن سان انتهائي سختي ڪئي پئي وڃي. وڏي تعداد ۾ پوليس ۽ فوج انهن مظاهرين تي تشدد ڪري رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ماڻهن جون حياتيون به ضايع ٿي ويون آهن. هزارن ۾ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف گيانندرا مخالف ڌر کي ڳالهين جي آڇ به ڪئي آهي ۽ 7 0 0 2 ع ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو واعدو ڪيو آهي، پر مخالف ڌر بادشاهه جي انهيءَ آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته بادشاهه جي هٽڻ تائين اها جدوجهد جاري رهندي. پر ڏسڻو اهو آهي، ته هن عوامي جدوجهد جو آخري نتيجو ڇا ٿو نڪري. بادشاهه گيانندرا هن تحريڪ کي طاقت جي زور سان دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿو وڃي؟ يا عوام بادشاهت کي هٽائڻ واري تاريخ کي نئين سر رقم ٿو ڪري!.

    manojhalai@yahoo.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ محبُوب شهر سان ٽُٽندڙ رشتي جو داستان!



    سومر 24 اپريل 2006ع

    حيدرآباد ڏانهن منهنجي ڪشش منهنجي شعوري عمري جيتري ئي پراڻي آهي. جڏهن کان شعور آيو آهي، تڏهن کان حيدرآباد منهنجي لاءِ هڪ طلسماتي دنيا جو ڪو جادوئي شهر رهيو آهي، جتي منهنجي سڀني خوابن جي ساڀيائن جي ڪنجي موجود آهي. منهنجو جنم آستان هالا، جتان کان حيدرآباد فقط 45 منٽن جي فاصلي تي آهي، تنهن هالا ۾ رهي ڪري اسان خواب فقط حيدرآباد ۾ رهڻ جا ڏسندا هئاسين. ننڍپڻ ۾ اسان لاءِ لالچ ۽ سزا به حيدرآباد ئي هوندو هو. حيدرآباد وٺي وڃڻ واري لالچ ڏئي مائٽ اسان کان اهي سڀ سٺا ڪم ڪرائيندا هئا، جن کي ڪرڻ لاءِ اسان تيار نه هوندا هئاسين ۽ حيدرآباد نه وٺي وڃڻ وارو دڙڪو اسان کي پنهنجي آپي ۾ رکڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. حيدرآبا د اسان لاءِ اهڙو جادوئي شهر هو، جتي اسان جي خوشين جا سڀ سامان موجود هئا. فلمون، گهمڻ، هوٽلنگ، ڪتاب، ڇوڪريون....حيدرآباد سان اها فيسينيشن ڄامشوري ۾ پڙهائي دوران به جاري رهي. هاسٽل ۾ رهندي ”سٽي“ اسان لاءِ واحد عياشي هوندي هئي. ڪنهن حد تائين اڃان تائين پنهنجي شهر جي دماغ سُن ڪندڙ روٽين مان فراريت لاءِ به واحد جڳهه حيدرآباد ئي محسوس ٿيندي آهي. جتي جي رستن تي رُلي ماڻهو وري ڪجهه تازو توانو ٿي پوندو آهي. حيدرآباد سان اهڙي فيسينيشن جي ڪري شهر سان هڪ پنهنجائپ وارو رشتو ٺهي ويو آهي. پر شهر سان اهو رشتو ماڻهن جي ڪري نه رهيو آهي. حيدرآباد شهر جي ماڻهن سان نه ڄاڻ ڪهڙي سبب، پر ڪڏهن به ڪو واسطو جڙي نه سگهيو آهي، ڪو ا هڙو رشتو/ واسطو جيڪو اسان کي ڇڪي انهن وٽ وٺي وڃي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي ”سٽي“ جي انهن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان به نه، جيڪي گڏ پڙهندا هئا، جن سان سال گڏ ڪلاس ۾ گهاراياسين. اسان ننڍن شهرن جي ڇوڪرن جي هن وڏي شهر جي تيز ترار ۽ پئسي پئسي جو حساب رکندڙ ۽ آمريڪن شيئر واري طريقي تي هلندڙ انهن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڪڏهن به اهڙو رشتو جڙي نه سگهيو، جيڪو يونيورسٽيءَ مان نڪري وڃڻ کان پوءِ واري بيحسيءَ جو مقابلو ڪندي قائم رهي سگهي. اسان جو ته حيدرآباد سان رشتو حيدرآباد جي ماڳن ۽ مڪانن جي ڪري هوندو هو. رستن سان، دڪانن سان، لائبريرين سان، هوٽلن سان، سئنيمائن سان، ڪتاب گهرن سان. انهن ماڳن سان وابسته ماڻهو اسان لاءِ هميشه بي چهره ۽ بي نام رهيا. اتي ماڻهو اسان لاءِ بس پاڇولا پئي رهيا، جن ۾ ڪڏهن به ايتري جان اچي نه سگهي، جو انهن سان رشتو قائم رکي سگهجي. پر حيدرآباد سان اسان جو اهو رشتو شايد هاڻي برقرار نه رهي سگهي، ڇاڪاڻ جو جن ماڳن ۽ جڳهين جي ڪري هن شهر سان هن غريب دل جو رشتو استوار رهيو آهي، انهن ماڳن جي مٽجڻ کان پوءِ ٺلهين يادن تي برقرار ته نٿو رهي سگهي. انهيءَ ناسٽلجيا جون ڪچيون پاڙون وقت جي تيز وهڪرن ۾ ڪٿي ٿيون بيهي سگهن؟ ٺلهي ياد ڪيترو وقت اسان کي انهيءَ ڏو ر سان ٻڌل رکندي؟

    انهن ماڳن، جن جي ڪري حيدرآباد شهر سان اهو رشتو ٺهيو، تن ماڳن جي مٽجڻ جو عمل آهسته ۽ غير محسوساتي انداز ۾ شروع ٿي چڪو آهي. پهرين ته اهي لائبريريون ويون، جن جي ٿڌي ڇانوَ ۾ اسان هن شهر جا ڪيترائي آرهڙ گذاريا هئا. حيدرآباد ۾ اچڻ جو وڏو سبب تلڪ چاڙهي تي قائم آمريڪين سينٽر جي لائبريري هئي، جتي آئون پهريون ڀيرو مئٽرڪ کان پوءِ ميمبر ٿيس ۽ جتان مون پهريون دفعو انگريزي ڪتاب وٺي پڙهيو هو. هوائي جهاز جي خالقن رائيٽ بردارس جي باري ۾ لکيل اهو ڪتاب منهنجي انگريزي ۾ لکيل مواد پڙهڻ جو پهريون ڏاڪو هو. اتي ئي حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان کان ٿورو اڳيان پاڪستان نيشنل سينٽر جي لائبريري هئي. انهيءَ لائبريري ۾ به اردو ۽ عالمي ادب جو وڏو خزانو موجود هو، جيڪو اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو هو، پر پوءِ اوچتو خبر پئي ته اهي ٻئي لائبريريون بند ٿي ويون. ائين ئي تلڪ چاڙهي تي واقع اديبات جي نالي سان سنڌي ۽ اردو ڪتابن جو اهو ڪتاب گهر به ختم ٿي ويو، جتان خرچي بچائي اسان ڪتاب خريد ڪندا هئاسين. انهيءَ جڳهه تي هاڻي ڪپڙن جو دڪان کلي ويو آهي. بلڪل ائين جيئن حيدرآباد جو واحد چڱو ڪتاب گهر ”ڪريمي بڪ شاپ“ هاڻي تيزي سان رانديڪن ۽ گفٽ سينٽرن جي دڪان ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. حيدرآباد اچڻ جي ٻي وڏي ڪشش فلمون هونديون هيون. جيڪر ڪتاب اسان جو پهريون عشق هو ته فلمون ٻيو. اتي ئي ڪوهنور ۽ هل ٽاپ ۾ اسان فيملي سان ڪيتريون ئي فلمون ڏٺيون ته وري دوستن سان راحت ۽ چاندني ۾ فلمون ڏسندا هئاسين. پر انهن سڀني سئنيمائن جي جڳهه تي وڏا وڏا هيبتناڪ پلازه ۽ شاپنگ سينٽر ٺهي ويا آهن ۽ انهن پلازائن ۽ سينٽرن هيٺان اسان جو فلمن جو اهو شوق به دٻجي ويو ۽ حيدرآباد سان اسان جي رشتي جو آخري ڌاڳو به تڏهن ٽٽي ويو، جڏهن تلڪ چاڙهي جي هيٺان واقع تاريخي ريسٽورنٽ ڪيفي جارج جي بند ٿيڻ جي خبر پئي. هيءُ اهو ريسٽورنٽ هو، جتي شيخ اياز ويهي لطيف جي رسالي جي اردو ترجمي جي شروعات ڪئي. کيس لطيف جي شاعريءَ جو اردو ترجمو پنهنجي وقت جي وڏي عالم مخدو امير احمد ڪري ڏنو هو ۽ اياز انهيءَ کي منظوم شڪل ڏني هئي. هن ڪيفي جارج ۾ ئي مخدوم طالب الموليٰ ۽ غلام محمد گرامي کان وٺي ڪيترائي اديب ۽ شاعر چانهه جي ڪوپن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ۽ ڪچهريون ڪندا هئا. منهنجو ڪيفي جارج سان تعارف پنهنجي والد جي ڪري ٿيو. دنيا جي سڀني مذهبن جي ڄاڻ جي خواهش رکندڙ منهنجي والد صاحب وٽ هن ڪيفي ۾ وڃڻ جو خاص سبب هن ڪيفي جا مالڪ هوندا هئا، جيڪي ”بهائي“ مذهب سان تعلق رکند ا هئا ۽ جن کي پوءِ سندن مذهبي فڪر سبب پنهنجي اصلوڪي وطن ايران مان جلاوطن ٿيڻو پيو. انهن مان هڪڙو خاندان اچي حيدرآباد ۾ وسيو. ايراني ريسٽورينٽ، جيڪي سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، تن جو هڪڙو ڏيک حيدرآباد شهر وارن کي ڏسڻ لاءِ مليو. ننڍي هوندي کان وٺي ڪيفي جارج منهنجي لاءِ هڪ ڪشش هوندو هو، جيڪو آخر تائين رهيو. انهيءَ جي پراڻي عمارت توڙي مخصوص ماحول ۽ کاڌي جي ٽيسٽ پنهنجي ڇڪ قائم رکي ۽ ائين ٿيندو هو ته حيدرآباد ۾ دوستن سان ويهڻ جي جڳهه ڪيفي جارج ئي رهي. پر ڪيترا ماڻهو هوندا، جيڪي يادن جي انهيءَ ڇڪن ۾ ڇڪجي هڪڙي پراڻي ۽ تاريخي ريسٽورينٽ ڏانهن ويندا ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ائين ٿيو ته ڪيفي جارج بند ٿي ويو ۽ شهر سان اسان جو آخري رشتو به ٽُٽي ويو.

    شهر رڳو سيمينٽ ۽ سريئي جي ٺهيل هيبتناڪ وڏين عمارتن جو نالو نه آهي. نه ئي اهو گاڏين جي دونهين ۽ ڪنن جا پردا ڦاڙينڙا هارن جي آوازن جو نالو آهي. شهر رڳو پئسي جي پويان ڊوڙندي ڏينهن مان رات ڪرڻ جو نالو نه آهي، ۽ نه ئي وري شهر لکين بي تعلق ۽ بي حس شهرين جي بي ربط هجوم جو نالو آهي. سڄي دنيا ۾ شهر پنهنجي روايتن ۽ ثقافتن جي حوالن سان سڃاتا ويندا آهن. شهر زندگيءَ جي محسوس ٿيندڙ ڌڙڪن جا مرڪزا هوندا آهن، جتي زندگي پنهنجي سمورن رخن ۽ رنگن سان سڏيندي آهي. زندگي کي ڀرپور انداز ۾ گذارڻ لاءِ شهرن جي لائبريرين، ڪيفي، سئنيمائن ۽ ٿئٽرن جو وڏو ڪردار هوندو آهي. توهان لندن يا ٽوڪيو يا نيويارڪ يا وري لاهور کان ئي سندن ڪتاب گهر، ميوزم، لائبريريون، ڪيفي، ٿيٽر ۽ سئنمائون ڦري ڇڏيو ته اهي شهر زندگيءَ کان خالي رڳو ڪانڪريٽ جا ڍير وڃي بچندا، جتي زندگي گذارڻ ڪنهن وڏي گناهه جي عيوض سزا محسوس ٿيندي. پر ها اها ڳالهه به ضروري آهي ته اهڙي ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ اهل دل فرد هجن. ادبي ۽ آرٽسٽ ذوق رکندڙ ماڻهن جا سرڪل هجن، پر اهڙي زندگي گذارڻ وارا ماڻهو ئي اسان وٽ ڪٿي آهن؟ واقعي به هي لائبريريون ۽ ڪتاب گهر ڪنهن جي لاءِ؟ جڏهن ڪتابن پڙهڻ وارا هجن ئي نه. اهي ڪيفي به ڪنهن لاءِ؟ جڏهن اتي ويهندڙ ادبي سرڪلز وارا اهل نظر قلمڪارن جو وجود ئي نه هجي. هاڻ اهي دنيا جو ادب پڙهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪرڻ وارا اديب ۽ سرڪلز نه آهن. انهيءَ جي جڳهه تي پنهنجي جهالتن کان بي خبر اديبن جي هڪڙي اهڙي مافيا آهي، جن وٽ بحث جا موضوع ذاتي اسڪينڊل ۽ گلائن کان وڌيڪ ڪجهه نه آهن. هاڻ ادب جي مختلف نظرين ۽ تحريڪن تي گفتگو ڪرڻ وارن اديب گروپن جي بدران تقرير باز اديبن جو هڪ ٽولو آهي، جن لاءِ ادبي ڪاڄ رڳو ذاتي واسطن وڌائڻ ۽ پنهنجي لاءِ ڪرائي تي آندل سامعين کان تاڙيون ٻڌڻيون آهن. هاڻي صحيح معنيٰ ۾ تخليقڪارن جي بدران تخليق کان سنڍ ٿيل عظيم دانشورن، اديبن، مشهور اديبائن ۽ نوجوان ليکڪن جي فوج اسان جي حواسن کي سُن ڪرڻ لاءِ وارد ٿيل آهي. خالي ۽ وڏا لفظ، گوڙ، تاڙيون....بس انهيءَ کانسوءِ ٻيو ڇا آهي.

    اسان هن شهر جي گهٽين جي هوائن جا عاشق رهيا آهيون. اسان هن شهر جي مڪينن کان وڌيڪ هن شهر سان عشق ڪيو آهي. اسان کي هن شهر سان رشتن تي فخر رهيو، پر هاڻ هن عشق کي برقرار رکڻ لاءِ بچيو ئي ڇا آهي؟

    manojhalai@yahoo.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ ڪالم حليم بروهيءَ لاءِ

    اربع 10 جنوري 2007ع

    مون کي خبر آهي ته حليم بروهي هي ڪالم نه پڙهندو. هُن جي نه پڙهڻ جا ڪافي سبب آهن. هڪ ته حليم بروهي عمر جي انهيءَ حصي ۾ آهي، جتي گهڻيون شيون بي معنيٰ ٿي وينديونآهن، پڙهڻ به انهيءَ مان هڪ آهي. پڙهڻ جو مقصد پاڻ کي مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ آهي. اخبارون ۽ ڪتاب اهي ماڻهو پڙهندا آهن، جيڪي ماڻهو پنهنجي چوڌاريءَ ٿيندڙ واقعن، عملن ۽ نظرين کان واقف رهڻ چاهيندا آهن، ته جيئن سندن اها ڄاڻ مستقبل ۾ ڪٿي ڪم اچي سگهي. پڙهڻ حال ۽ مستقبل جو پاڻ ۾ تعلق رکڻ جي ڪوشش آهي. حليم لاءِ هاڻ انهيءَ تعلق رکڻ جي ضرورت نه آهي. عمر جي انهيءَ حصي ۾ حال ۽ مستقبل ڌاريا لڳندا آهن، فقط ماضي ئي پنهنجو لڳندو آهي. حليم بروهي منهنجو ڪالم انهيءَ ڪري به نه پڙهندو، جو هاڻ حليم لاءِ فالتو لکڻين کي پڙهڻ لاءِ وقت بچيو آهي ۽ نه دلچسپي ۽ منهنجو ڪالم انهن فالتو لکڻين مان آهي، جيڪو حليم کي پڙهڻ لاءِ موهي نه ٿو سگهي. گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ فن جي تعلق ۾ هن رڳو ٻن ليکڪن کي پڙهڻ جي صلاح ڏني هوندي، هڪڙو گيري زوڪو ۽ ٻيو اسٽيفن ليڪاڪ. گيري زوڪو جو ڪتاب The Dancing wu li master هڪ صحافيءَ جو فزڪس کي، عام ماڻهوءَ کي سمجهائڻ لاءِ لکيل هڪ دلچسپ ڪتاب آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ هن بغير رياضيءَ جي ۽ بغير ڪنهن مساوات استعمال ڪرڻ جي فزڪس جا ڏکيا تصور انتهائي خوبصورت ٻوليءَ ۾ بيان ڪيا آهن. بلڪه حليم وانگر، جنهن جي اها ڪوشش رهي هئي ته هو پنهنجو ٺاهيل رومن اسڪرپٽ گانن ۽ عام چوڻين ذريعي عام ماڻهن کي سيکاري. ٻيو ليکڪ اسٽيفن ليڪاڪ ڪئناڊا جو مشهور مزاح نگار آهي. ليڪاڪ، يونيورسٽيءَ ۾ اڪانامڪس ۽ سياست جو استاد هو ۽ انهن ٻنهي موضوعن تي به سندس کوڙ ڪتاب لکيل آهن. حليم جي بقول ته، اسٽيفن ليڪاڪ ايترو خوبصورت ادب انهيءَ ڪري تخليق ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ ته هو ادب جو استاد نه هو. حليم چواڻي، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ادب پڙهائيندڙ ڪڏهن به تخليقي ادب نه ٿا لکي سگهن. حليم جي لکڻين ۾ به اسٽيفن ليڪاڪ جو اولڙو نظر ايندو آهي. جيتوڻيڪ ليڪاڪ کي حليم تمام دير سان پڙهيو، سو به تڏهن، جڏهن کيس ڪنهن چيو ته سندس لکڻين ۾ اسٽيفن ليڪاڪ جو اثر آهي.

    مون کي اها پڪ نه آهي ته هن ڪالم جي ڇپجڻ سان حليم مون کي وري سڃاڻڻ به لڳندو .حليم هن وقت Dimensia جي اثر هيٺ آهي. دماغ جي انهيءَ حالت ۾ ماڻهوءَ جو حافظو متاثر ٿئي ٿو ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل پنهنجي انتهائي ويجهن کي به سڃاڻي نه سگهندو آهي. حليم کي منهنجي آخري ملاقات ۾ اهو ته ياد هو ته آئون انگريزيءَ جو استاد آهيان، پر منهنجو نالو هُن جي ذهن تي نه اچي سگهيو. هُو مون کي ٻڌائي رهيو هو ته ڪيئن سندس آپريشن کان پوءِ ڪافي هفتن جي وقت جي، کيس ڪا به ياد نه آهي. اهو وقت زندگيءَ مان نڪتل آهي ۽ نه ئي کيس سڌ هئي ته کيس ملڻ لاءِ ڪير آيو آهي، پر حليم کي پنهنجون پراڻيون ڳالهيون سڀ ياد آهن. دماغ جو عجيب حساب هوندو آهي. دماغ جا جيو گهرڙا جيڪي نيوران سڏبا آهن، سي ٻين جيو گهرڙن وانگر ختم نه ٿيندا آهن، پر ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين مستقل برقرار آهن. اُهي نيوران ننڍپڻ ۾ ڇاڪاڻ ته تازا هوندا آهن، تنهنڪري انهن ۾ معلومات گهڻي وقت تائين برقرار رهندي آهي، پر وقت سان اهي ڪمزور ٿي ويندا آهن. وڏي عمر جي ماڻهن سان اڪثر ائين ٿيندو آهي ته کين اهو ته ياد نه رهندو آهي ته هنن منجهند جو ڇا کاڌو آهي، پر ننڍپڻ جي اسڪول جي بيتن کان وٺي سڀ يادون انتهائي واضح هونديون آهن. ٿي سگهي ٿو ته حليم سان منهنجي ايندڙ ملاقات ۾ ساڻس وري نئين سري سان تعلق جوڙڻو پوي، ڇاڪاڻ ته تيستائين رشتن جا سڀ پراڻا حوالا دماغ جي سليٽ تان مٽجي چڪا هجن.

    پر مون کي اها پڪ آهي ته حليم بروهيءَ کي اها ڳالهه بلڪل نه وڻندي ته سندس لاءِ ڪير ڪالم لکي. کيس انهيءَ تي چڙ به اچي سگهي ٿي ته آئون پنهنجي ڪالمن ۾ سندس تعريف ڪريان. هو سڄي زندگي سنڌي اديبن جا گروهه ٺاهي هڪ ٻئي جون تعريفون ڪرڻ ۽ مخالفن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ واري بدبودار ڊوهه بازيءَ وارين روايتن جي خلاف رهيو آهي. هن کي نه رڳو پنهنجي سنگت ساٿ واري ڪنهن ماڻهوءَ جي شان مانَ ۾ تقرير ڪرڻ واري ڊرامي بازيءَ تي چڙ لڳندي آهي، پر هُن کي اها ڳالهه به پسند نه آهي ته ڪو کيس اسٽيج تي چاڙهي سندس شان ۾ ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ڪري. هو ادبي مافيائين جي انهيءَ شامن، سيمينارن، ڪانفرنسن وغيره وغيره واري چڪر کان پري رهيو آهي. سو جنهن شيءَ کان هو سدائين الرجڪ رهيو هجي، تنهن کي عمر جي هن حصي ۾ ڪيئن ٿو پسند ڪري سگهي؟

    پر ڀلي هو منهنجو ڪالم نه پڙهي، ڀلي هُن کان آئون وسري ويو هجان ۽ ڀلي هُن کي منهنجي ڪالم لکڻ وار ي ڳالهه پسند نه به هجي، پر اڄ جو ڪالم حليم بروهيءَ لاءِ آهي. اهو حليم، جيڪو پنهنجي ذات ۾ ننڍڙي ٻار جهڙو مزاج رکي ٿو، جنهن لاءِ محبتون ۽ نفرتون خالص آهن. هن وٽ، ماڻهن لاءِ به پيار به بنا ڪنهن غرض جي ۽ لامحدود آهي ۽ نفرتون به بنا ڪنهن ملاوت جي بلڪل واضح آهن. اڄ جو ڪالم انهيءَ حليم لاءِ آهي، جنهن ڪڏهن به زندگيءَ ۾ ڪو سمجهوتو نه ڪيو هوندو ۽ هُن پنهنجي زندگي ائين گذاري، جيئن هن چاهيو ٿي. حليم بروهيءَ کي نه پنهنجي ادب ۾ حيثيت جي پرواهه رهي آهي ۽ نه ئي کيس انهيءَ ڳالهه جو فڪر آهي ته ماڻهو کيس ڪيئن ياد ڪندا. نه ئي وري هو انهيءَ تي سوچي ٿو ته ماڻهو کيس ياد ڪندا به يا نه. هن ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي آهي ته هن پنهنجين لکڻين ذريعي سنڌ جي خدمت ڪئي آهي ۽ نه ئي پنهنجين لکڻين ذريعي ڪا مڃتا چاهي ٿو. پنهنجي بيماريءَ واري وقت ۾ نه هن ادارن کي سهائتا لاءِ اپيل ڪئي هوندي ۽ نه ئي وري کيس اهو ارمان آهي ته سندس حال پڇڻ لاءِ ماڻهو ڇو نه ٿا اچن. هو انهن سڀني ڳالهين کان گهڻو گهڻو مٿي آهي.

    حليم ڀلي مڃتا نه به چاهي پر هن کي مڃتا ملڻ گهرجي، جو هن پنهنجي تخليقي انفراديت کي قائم رکيو ۽ شايد نثر ۾ سنڌ جو اڪيلو اوريجنل ليکڪ آهي. هُن شعوري طور تي پاڻ کي ڪنهن به گروهه، نظرئي يا تنظيم سان وابسته نه ڪيو، جو هو ڄاڻندو آهي ته نه گروهه، نه نظريا ۽ نه ئي تنظيمون ڪو عظيم ادب تخليق ڪري سگهن ٿيون. هُن شعوري طور تي پاڻ کي سماج کان پري رکيو، جو متان هن زوال پذير سماج جو حصو بڻجي وڃي ۽ پنهنجي تخليق ۾ پنهنجي انفراديت کي سماجي روايتن جي گندي نالي ۾ ٻوڙي ڇڏي. سندس آخري ڪتاب Seeds (ٻج) آهي، جنهن کي هو پنهنجي خيالن جي الٽي چئي ٿو. هن ڪتاب ۾ حليم اهو سڀ اوڳاڇيو آهي، جيڪو هن جي ذهن ۾ هو. انهيءَ ۾ ڪجهه بلڪل بي معنيٰ شيون آهن ۽ ڪجهه تمام معنيٰ خيز. ڪجهه بلڪل اجايون آهن، ڪجهه خيالن جي دنيا ۾ لازوال تجربا، ڪجهه ذاتي مشاهدا ۽ ماڻهن تي ذاتي ڪاوڙون آهن، ته ڪجهه وري آفاقي خيال. انگريزيءَ ۾ لکيل هن ڪتاب جو ڪو به فارميٽ نه آهي ۽ نه ئي ڪا ترتيب. ان کي ادب جي ڪنهن به صنف ۾ شامل نه ٿا ڪري سگهو. انهيءَ Seeds ۾ هن هڪڙي هنڌ لکيو، ”اهي، جيڪي سماجي واسطن کان پري رهن ٿا يا سماج کان مڪمل طور تي ڪنارا ڪشي ڪن ٿا، تن تي فراريت جا الزام لڳن ٿا. اهي جيڪي ماڻهن سان ميل ميلاپ رکن ٿا ۽ سماج جو حصو ٿي رهن ٿا تن کي نارمل ماڻهو چئي ساراهيو ٿو وڃي، پر اهو حقيقت جي بلڪل برخلاف آهي. سما ج کان پري رهندڙ ماڻهو، پنهنجي ڪم يا پورهئي سان سچا رهندڙ ماڻهو ئي نارمل ماڻهو آهن ۽ اهي مڪمل ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي ذات جي تڪميل لاءِ ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي ضرورت نه ٿي پيش اچي. معذور ته اهي ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي ذات جي تڪميل لاءِ سماج جي ڪنهن حصي يا ٻين ماڻهن جي ضرورت ٿي پوي. حليم انهن مان آهي، جيڪي پنهنجي ذات جي تڪميل لاءِ ٻين جو سهارو نه ٿا وٺن، پوءِ ڀلي توهان انهن تي سماج بيزاري يا آدم بيزاري جو الزام هڻو.

    ۽ ائين ئي الڳ رهي هُن پنهنجي انفراديت قائم رکي ۽ اسان کي نه رڳو مزاح پر ٻين صنفن ۾ به شاندار شيون ڏنيون. حليم جي مزاح نگار واري روپ کان ته اسان سڀ واقف آهيون، پر گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته حليم جون انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ٻيون به گهڻيون ئي لکڻيون آهن. هُن سنڌيءَ ۾ شعور جي وهڪري جي ٽيڪنيڪ کي استعمال ڪندي پهريون نفسياتي ناول ”اوڙاهه“ لکيو هو. هن آرڪيالاجي تي به ڪافي لکيو. سندس هڪ ڪتاب قانون تي به آهي ۽ حليم سنڌيءَ لاءِ رومن اسڪرپٽ به جوڙيو ۽ جنهن کي مقبول ڪرڻ لاءِ هڙان وڙان ڪوششون به ڪيون. حليم عمر خيام جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ رومن اردو ۾ شايد اهو واحد ڪتاب هجي. اسان مان گهڻا حليم جي نظرين يا حليم جي طريقي ڪار سان متفق نه به هجن پر اسان هن يگاني ليکڪ کي نظر انداز نه ٿا ڪري سگهون. هو هڪ انارڪسٽ ئي سهي، جنهن پاڻ سماجي ۽ ادبي روايتن کي ٽوڙيو هجي. پر توهان انهيءَ جي جوڙيل نئين روايتن کان انڪار نه ٿا ڪري سگهو. انهيءَ Seeds ۾ هڪ هنڌ اهو به لکيو آهي ته، ”مان تاريخ جي ڪتابن ۾ زنده نه ٿو رهڻ چاهيان، مان ته ڏند ڪٿائي قصي وانگر زندهه رهڻ ٿو چاهيان، جو تاريخن جي عمر پنجاهه يا سٺ سال هوندي آهي، پر ڏند ڪٿائون هزارين سال رهنديون آهن.“

    مون کي پڪ آهي ته حليم کي ڀلي اسان جا تاريخدان نظر انداز ڪري ڇڏين، هن جو ذڪر ڪٿي به نه ملي پر سنڌ ۾ هڪ ڏند ڪٿائي ڪردار جيان رهندو.

    manojhalai@yahoo.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    موجوده نمائندن کي ٿيل عبرت ناڪ واقعن مان سکڻ گهرجي!





    آچر 4 مئي 2008ع



    ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو بادشاهه ۽ سندس وزير جهنگ ۾ شڪار ڪندي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا، وزير کي ڳوليندي بادشاهه جي نظر هڪ فقير تي پئي، فقير کان وزير بابت پڇيائين ته فقير وراڻيو”بادشاهه سلامت ڪجهه گهڙيون اڳ هتان ڪو ماڻهو گذريو هو، مون سندس جُتيءَ جو آواز ٻڌو هو، شايد اهو توهان جو وزير هجي“.بادشاهه اهو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ته فقير نابين هو، فقير توکي اها خبر ڪيئن پئي ته مان بادشاهه آهيان. بادشاهه پڇيو: فقير وراڻيو ”بادشاهه سلامت ان ۾ ڪائي عربي فارسي نه آهي، ڳالهه پڌري پئي آهي، ماڻهوءَ جي زبان ئي سندس مرتبو ظاهر ڪندي آهي“. ان ڏينهن شيراز چوڪ نوابشاهه ۾ هڪ ٽريفڪ سپاهيءَ کي هڪ نوجوان نينگريءَ هٿان ڪٽڪو کائيندي ڏسي چڱو خاصو انبوهه گڏ ٿي ويو، سڀني کي ڏندين آڱريون هيون ۽ اکين ۾ حيرت هئي، ڇوڪري زخمي شينهڻ وانگر همراهه کي ڌڪ، چنبا ۽ مڪون هڻدي رهي، وات تي مسلسل هڪ ئي وائي”توهان جهڙن بد اخلاق مردن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هان... پنهنجي ماءُ ڀيڻ ڪو نه اٿو..هان...“ سپاهي چپ جهڙي ڀت، کيس ڇوڪريءَ کان ڇڏائي ته ڪير ڇڏائي ۽ ڪيئن ڇڏائي؟ نيٺ هڪڙو شخص اڳتي وڌيو ۽ ڇوڪريءَ جي مٿي تي هٿ رکي چيائين،”امان بس هاڻي گهڻو ٿيو، ڇڏينس کڻي، منهنجي ڏاڙهي ڏي ڏس“ تڏهن وڃي ڇوڪريءَ سپاهيءَ جي ڳچي مان هٿ ڪڍيا، مٿي تان لهي ويل پوتي سولي ڪيائين ۽ سپاهي کي رت هاڻي ٻوٿ سان ماڻهن جي وچ ۾ ڇڏي، رڪشا ۾ ويهي انبوهه مان ٻاهر نڪري وئي. شيراز چوڪ تي گڏ ٿي ويل انبوهه ٽڙي پکڙي ويو، لڳ ڀڳ اهڙو انبوهه ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي دروازي تي ڏٺو ويو.

    افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جا سياسي اڳواڻ ۽ حڪمران قول جا ته وڏا شوقين ۽ ماهر آهن پر ”فعل“ جا ڏاڍا سست آهن، هو بيان ته وڏا ڏيندا آهن پر”ڪم“ ننڍڙا به نه ڪري سگهندا آهن ۽ ماڻهن مان توقعه ڪندا آهن ”ڀرپور موٽ“ جي جيڪا اجائي آهي. عمل جي سچائيءَ کان ويندي جان جي قربانيءَ وارو مرحلو ته پري جي ڳالهه آهي، هاڻ ته کانئن چڱو ڪم ته در ڪنار چڱو ٻول به ڳالهايو نٿو ٿئي، کين اقتدار جي انڌ ۾ اهي مذهبي نقطا به ياد نه رهيا آهن ته”سٺو اخلاق به عبادت آهي“ يا ”اهو مومن نه آهي، جنهن جي وات ۽ هٿ کان ٻيو مومن محفوظ نه آهي“ وات جي اڇهرائپ جو سڄو مثال اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ ڊاڪٽر ارباب رحيم جي صورت ۾ سامهون آهي.هڪ وڏي ڄمار وارو شخص زبان بابت چوندو هو ته، انساني عضون ۾ زبان سڀ کان وڌيڪ حساس ۽ ڏنگو عضوو آهي، جيئن ماچيس جي تيلي، جيڪا آهي ته ننڍڙي پر هڪ پل ۾ ٻيلا ٻاري ڇڏيندي آهي، تيئن زبان به آهي ته ننڍڙي پر سندس هڪ جنبش سان ڏيهه ۾ ڏچو پئجي ويندو آهي، ان ڪري ئي قدرت زبان کي وات جي غار ۾ بند ڪري ٻٽيهن پهلوانن(ڏندن) جو پهرو لڳائي ڇڏيو آهي، پر پوءِ به ڪجهه ماڻهن جي زبان ضابطي ۾ نه رهندي آهي ۽ نتيجي ۾ ڪيترن ئي انسانن جي دل آزاري ڪري ويهندي آهي.

    زبان درازيءَ جي معاملي ۾ اڳ لال حويليءَ وارو همراهه مشهور هو، پر سگهو ئي پوءِ ”لوڪ ڏاهو“ اڳوڻو وڏو وزير ٻه هٿ اڳتي نڪري ويو، سندس گوهر افشانين ڪهڙا گل وکيريا، ان تي بحث اجايو آهي، دراصل ڊاڪٽر ارباب رحيم جا ”ٻهڳڻا ٻول“ محض هڪ شخص جا ٻول نه هئا، اصل ۾ اهي ٻول ڊڪٽيٽر شپ جي ڪک مان ڦٽل ”غير عوامي“ ٽولي جي نفسيات جو مظهر هئا، اهڙو ٽولو جيڪو چڱي طرح ڄاڻندو آهي ته، کين جيڪو اقتدار مليو آهي، اهو عوام جي مرضيءَ مطابق نه پر مرضي خلاف آهي، کين اهواقتدار عوام طرفان نه پر عوامي امنگن جي معصوم سلن کي لتاڙيندڙ هڪ ”فرد واحد“ جي آشيرواد سان مليو آهي،ان ڪري ئي اهو غير جمهوري ٽولو هڪ هٿ تي عوام جي اهنج ايذاءَ کان بي نياز هوندو آهي ۽ پنهنجو وقت گهڻو ڪري سامراج جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ ۾ گذاريندوآهي ته، ٻئي هٿ تي ڏينهن رات پنهنجي اقتدار کي قائم ۽ دائم رکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندو آهي، پر وقت گذرڻ سان باوجود ٻاهرين ڏيک ويک ۾ وڏي دٻدٻي ۽ ٺاش ٺوش جي پنهنجي اندر ۾ شديد ذهني الجهن ۾ مبتلا ٿيندو، اها الجهن وڌي نفسياتي بيماري بڻجي پوندي آهي، اها بيماري انهن کان اهڙيون حرڪتون ڪرائيندي آهي، جهڙين حرڪتن جي ڪنهن نارمل ماڻهوءَ مان توقع نه ٿي ڪري سگهجي، مشرف جا سنڌين ۽ بلوچن لاءِ چيل جملا ۽ ارباب رحيم جو استادن، عورتن، وڪيلن، ججن ۽ ڪورٽن وغيره لاءِ اختيار ڪيل لهجو انهيءَ نفسياتي بيماري جو ثبوت آهي، اها بيماري ان احساس مان جنم وٺندي آهي ته ماڻهن جي دل ۾ اسان لاءِ ڪا به جاءِ ڪونهي.

    سنڌ اسيمبليءَ جي دروازي تي ارباب رحيم سان پيش آيل واقعو ان معنيٰ ۾ اهم نه آهي جو اهو ارباب رحيم سان پيش آيو آهي. اهو واقعو ان معنيٰ ۾ اهم آهي جو اهو عبرت حاصل ڪرڻ جهڙو واقعوآهي، خاص ڪري ان واقعي مان هن وقت اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺل وزيرن وڙن کي عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي، کين گهرجي ته هو ان واقعي کي محض مسخري ۽ طنز جو بهانو سمجهي ويهڻ بدران سنجيدگي سان پنهنجي پراڻي ۽ نئين قول ۽ فعل جو جائزو وٺن، کين معلوم هئڻ گهرجي ته سندن سکڻو ”سٺو قول“ ارباب رحيم جي ”خراب ٻول“ سان جسٽيفائيڊ نٿو ٿي سگهي. ڳالهه رڳو سٺي قول جي نه پر سٺي عمل جي آهي، سٺو عمل ئي کين انهن ماڻهن جي نظر ۾ سرخرو بڻائي سگهندو، جن رت جي درياءَ مان گذري کين اقتدار جي مسند تي پهچايو آهي. نگران حڪومت ۾ ڀرتي ڪيل اٺ هزار ملازمن جي برطرفيءَ وارو فيصلو حڪومتي پارٽين جو پهريون ڏکوئيندڙ فيصلو آهي، اهو فيصلو ٻڌي ڪجهه ماڻهن محترمه بينظير ڀٽو کي شدت سان ياد ڪيو هوندو، ضرور سوچيو هوندائون ته جي اها حياتيءَ هجي، هتي شايد اهڙو فيصلو نه ٿئي ها، ڇو جو هوءَ ان سطح جي اڳواڻ هئي، جنهن سطح تي ماڻهوءَ کي ادراڪ هوندو آهي ته، بيرروزگاري، بک، غربت جي ڪا به پارٽي نه هوندي آهي، بيروزگاري، بک ۽ غربت ته هڪ ذلت آهي، جيڪا ماڻهو کي ٻچن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي ۽ سنڌ ته وڏي وقت کان انهن ڏکين ڏينهن مان گذري رهي آهي.

    جڏهن هُوءَ پنڊيءَ جي روڊ تي ڪنهن گمنام گوليءَ جو گهاءُ کائي شهيد ٿي وئي، سڄي دنيا تي سوڳ جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، ملڪ سڪتي ۾ اچي ويو، سنڌ سڏڪا سڏڪا ٿي وئي، گهر گهر ۾ ماتام مچي ويو، ته ڪنهن گهر ۾ چلهه ٻري نه ٻارڙا مائرن کان ماني گهري سگهيا، بلڪ گهر جي وڏن کي خاص ڪري عورتن کي اوڇنگارون ڏيندي ڏسي انهن هيسيل اکين سان هڪ ٻئي کان سرٻاٽن ۾ پڇيو پئي ته آخر اسان جو ڪهڙو مائٽ ويو آهي، جو گهر ۾ روڄ پئجي ويو آهي، پڌر ۾ پيل ڪنهن کٽ تي ڪوئي لاش به ته نه آهي! تڏهن به هن جي منهن ۾ ڪوئي سر نه پيو، سندس وات مان بدستور ”گل“ ڇڻندا رهيا ۽ هو ڏکاري سنڌ جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيندو رهيو .

    munawar.siraj@hotmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    برما ۾ آيل طوفان آمريت کي به لوڙهي ڇڏيندو





    ڇنڇر 24 مئي 2008ع



    چيني علم نجوم (Astrolgy) جو طريقيڪار ٻين کان ٿورو مختلف آهي. عام طور تي سال جي ٻارنهن مهينن کي مختلف برجن ۾ ورهايو ويندو آهي ۽ هر برج سان لاڳاپيل اثرن هيٺ فردن ۽ قومن جي بارن ۾ اڳڪٿي ڪئي ويندي آهي. پر چيني نجوم مهينن جي مطابق نه، پر سالن جي لحاظ کان هلندو آهي ۽ ٻارنهن سالن جو هڪ چڪر ٿيندو آهي. هر سال کي هڪ مخصوص جانور، جهڙوڪ؛ نانگ، ڍڳو، گهوڙو، رڍ، باندر، ڪڪڙ وغيره سان منسوب ڪيو ويندو آهي. هر سال پنهنجي منسوب جانور جي لحاظ کان اثر کڻي ايندو آهي. ڪي جانور ڀاڳ جو اهڃاڻ آهن، تنهنڪري انهن مان ڪنهن جانور سان منسوب سال ڀاڳ وارا سمجهيا ويندا آهن. ڪي جانور وري نڀاڳ جو اهڃاڻ آهن. انهيءَ ڪري اهي سال به مصيبتن جا سال ليکيا ويندا آهن. چيني ڪئلينڊر مطابق 4 فيبروري 2008ع کان وٺي 3 فيبروري 2009ع وارو سال، ڪوئي جو سال آهي. ڪوئو بدبختيءَ جو اهڃاڻ آهي، تنهنڪري اهو سال پڻ پاڻ سان قدرتي آفتون ۽ مصيبتون گڏ آڻيندو. چيني نجوم مطابق، چين ۾ 12 مئي تي آيل زلزلو ۽ 4 مئي تي اڳوڻي برما ۽ هاڻوڪي ميانمار ۾ آيل سامونڊي طوفان نرگس پڻ انهيءَ ڪوئي جي سال جون ”ڪرامتون“ آهن ۽ چينين مطابق، اڃان به وڌيڪ قدرتي آفتون اچڻ جا امڪان آهن.

    جيستائين منهنجو پنهنجو تعلق آهي، ته آئون ذاتي طور تي وهمن ۽ وسوسن ۾ يقين نه رکندو آهيان. آئون نٿو سمجهان ته هن لامحدود ڪائنات ۾ ڦهليل اڻ ڳڻيا ستارا هن نظام شمسي جي ڌرتيءَ نالي هڪڙي ننڍڙي ۽ غير اهم گرهه جي قسمتن سان ڳنڍيل آهن ۽ نه ئي وري آئون اهو سمجهان ٿو ته ڌرتيءَ کان ڪروڙين ڀيرا وڏا ۽ ڌرتيءَ کان اربين نوري سال پري ڪن ٻين ڪهڪشائن ۾ وسندڙ هي ستارا هن ڌرتيءَ جي اڻ ڳڻين جيون ۾، هڪڙي ننڍڙي، غير اهم ۽ ڪمزور ساهواري، جنهن کي ”انسان“ جو نالو ڏنو ويو آهي، تنهن جي قسمت تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا. آئون پنهنجي ذاتي راءِ ۾ اهو به سمجهان ٿو ته، اُهي مظهر، جن کي ”قدرتي آفتون“ سڏيو ٿو وڃي، سي آفتون نه آهن پر قدرت جا معمول جا مظهر آهن. هي زلزلا، هي ٻوڏون، هي آتش فشان، هي طوفان، هي برساتون فطرت جي هڪ نظام جا حصا آهن، جنهن جي ذريعي فطرت هن ڌرتيءَ کي هلائي ٿي. اهي فطري مظهر، نه هجن ها ته شايد هن ڌرتيءَ جي موجوده صورت اُها نه هجي ها، جيڪا هن وقت آهي. زلزلا ڌرتيءَ جو گرمي جو پد ۽ ڌرتيءَ جي مٿاڇري کي توازن ۾ رکيو اچن. طوفانن جي ڪري ڌرتيءَ جي هوا جو دٻاءُ ۽ مينهوڳي وارو نظام توازن ۾ اچي ٿو. انهن جي غير موجودگيءَ ۾ هيءَ ڌرتي انسان جي رهڻ جي شايد لائق به نه هجي.

    نڀاڳ اهو نه آهي ته هن ڌرتيءَ جي مٿاڇري ته هي زلزلا ۽ طوفان اچن ٿا. نڀاڳ اهو آهي ته سڀني جيون کان عقلمند ليکجندڙ انسان هنن فطري مظهرن جي آڏو بيوس بڻيو ويٺو آهي پر انهيءَ کان به وڏو اڀاڳ اهو آهي ته، ڪيترين جڳهين تي ٿورڙي ڪوشش يا بهتر حڪمت عمليءَ سان ٻين انسانن جو زندگيون بچي سگهجن ٿيون، اتي پنهنجي طاقت جي حرص، بيڪار قسمن جي انائن ۽ نظرين جي ڪري اهي جانيون موت جو کاڄ ٿيون وڃن. انهيءَ جو تازو مثال برما ۾ آيل سامونڊي طوفان ”نرگس“ جي نتيجي ۾ ٿيل تباهڪارين جو آهي. انهيءَ طوفان کي 2007ع ۾ هندي وڏي سمنڊ ۾ آيل سونامي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏي پيماني تي ٿيل جاني نقصان سان ڀيٽيو پيو وڃي. اهو طوفان 1991ع ۾ بنگلا ديش ۾ آيل ان طوفان کانپوءِ دنيا ۾ سڀ کان تباهي پکيڙيندڙ طوفان سمجهيو پيو وڃي. جنهن طوفان ۾ اٽڪل 6 لک، چاليهه هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا. برما ۾ آيل هن طوفان ۾ هن مهل تائين هڪ لک پنجٽيهه هزار ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ ٽيهن لکن کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن. انهيءَ طوفان سبب برما جي ڪجهه علائقن ۾ نوي سيڪڙي کان به وڌيڪ گهر پٽ ٿي چڪا آهن. حالتن تي نظر رکندڙ ماڻهن کي اهو ڊپ آهي ته کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين جي منهن ڪڍڻ سبب موت جي انهن انگن اکرن ۾ اڃان به واڌارو اچي سگهي ٿو ۽ لاشن جو اهو ڳاڻيٽو ٽن لکن تائين پهچي سگهي ٿو. انهيءَ سموري منظر جو ڏکوئيندڙ پهلو اهو آهي ته، هيتري وڏي جاني نقصان کان بچي سگهجي ها يا نقصان جي شدت کي گهٽائجي ها، جيڪڏهن برما تي قابض فوجي جنتا وقت تي اکيون پٽي ها يا پرڏيهي امدادي ٽيمن کي ڪم ڪرڻ ڏئي ها، پر انهيءَ فوجي جنتا ۾ نه ته خود ايتري اهليت هئي ته اها برما جي طوفان ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جي وقت سر واهر ڪري سگهي ۽ نه وري انهيءَ ۾ ايترو احساس هو ته پرڏيهي تنظيمن ۽ اقوام متحده جي ٽيمن کي اها اجازت ڏين، ته اهي طوفان سٽيل علائقن ۾ وڃي ماڻهن کي ڪجهه راحت پهچائي سگهن. برما جي فوجي حڪومت انهيءَ تي بضد هئي ته جيڪر ڪو ملڪ مصيبت ماريل ماڻهن کي امداد ڏيڻ چاهي ٿو ته اها کين ڏئي ۽ اها امداد فوجي حڪومت پاڻ ورهائيندي. پر پوءِ بين الاقوامي دٻاءَ سبب ڪافي ڏينهن کانپوءِ حڪومت پرڏيهي ٽيمن کي انهن علائقن ۾ وڃڻ ۽ طوفان سٽيل ماڻهن جي واهر جي اجازت ڏيڻ لاءِ راضي ٿي. انهيءَ هوندي به انهن ٽيمن لاءِ ويزائن ۾ مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون. برما جي فوجي حڪومت جي انهيءَ غير انساني رويي ۽ امدادي ڪمن ۾ دير جي ڪري موت جو انگ جيڪو شروع ۾ ڪجهه سَوَنُ ۾ هو، سو وڃي هزارن ۾ پهتو ۽ هاڻ انهيءَ جو انگ ڏيڍ لک کي پهچڻ وارو آهي. هن وقت برما جي اروادي ڊيلٽا ۽ ٻين علائقن ۾ لاش گهٽين ۾ ڳري رهيا آهن ۽ اتي ڪا ٽيم يا ڪي ٻيا ماڻهو ئي نه آهن، جيڪي انهي کي ٻُڌ مذهب جي ريتن مطابق ڪريا ڪرم ڪري سگهن.

    جيڪڏهن اسان برما ۾ آيل تباهين جي ڀيٽ چين ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ آيل تباهين سان ڪنداسين ته اسان کي صورتحال ڪافي مختلف ملندي. برما ۾ لاشن کي جي ڪا توجهه ملي رهي آهي، ته فقط ڳجهن ۽ ڪانگن کان ملي رهي آهي، جڏهن ته چين ۾ چيني امدادي ڪارڪن علائقن ۾ پهچي فوت ٿيل جي لاشن کي باقاعده ڪريا ڪرم ڪري ۽ بچي ويلن جي ساهتا ۾ لڳي ويا آهن. جتي برما ۾ فوجي جنتا نه ته پاڻ ئي متاثر ماڻهن جي مدد ڪئي، ويتر سرحدون بند ڪري پرڏيهي امدادي ڪارڪنن کي به امداد کان روڪيو، اتي چيني حڪومت نه رڳو پاڻ ماڻهن جي امداد ڪئي پر بين الاقوامي ساهتا کي به ڀليڪار چيو ۽ پرڏيهي امدادي ڪارڪنن کي به زلزلي سٽيل علائقن ۾ امدادي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت ڏني. جيتوڻيڪ چين هڪ ڪميونسٽ ملڪ آهي ۽ اهو به پرڏيهي ماڻهن لاءِ پنهنجون سرحدون بند رکيو ويٺو آهي پر مصيبت جي ان گهڙيءَ ۾ چيني حڪومت نظرين ۽ پاليسين کي پاسي تي رکي انساني زندگيون بچائڻ کي ترجيح ڏني. جيڪڏهن چيني حڪومت جو رويو به برمي حڪومت جهڙو هجي ها ته چين ۾ موت جو انگ ڏهوڻ تي وڌيڪ هجي ها ۽ ائين هڪڙو دفعو ٿيو به هو. چيئرمين مائو جي راڄ دوران آيل زلزلي ۾ چيني حڪومت پرڏيهي مدد جي آڇ کي قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر اهي ايڏي وڏي تباهڪارين کي اڪيلو ايترو تڪڙو منهن ڏيئي نه سگهيا، جنهن ڪري موت جو انگ تنهن دور ۾ وڃي اڍائي لکن تائين پهتو، جيڪو هن وقت زلزلن ۾ موت جو وڏي ۾ وڏو انگ آهي.

    بظاهر ته برمي فوجي جنتا اهو عذر پئي ڏئي ته پرڏيهي امدادي ٽيمن سان جاسوس به اچن ٿا، جن سان سندن ملڪ جي قومي سلامتيءَ کي خطرو آهي پر حقيقت اها آهي ته اهي پنهنجي انهن قدمن ذريعي ٻاهرين دنيا کي برما جي ماڻهن کان پري رکڻ چاهين ٿا. اهي نٿا چاهين ته سڄي دنيا ڏسي ته فوجي جنتا جي راڄ دوران عام ماڻهن جي معاشي حالت ڪيتري خراب ٿي چڪي آهي. اهي نٿا چاهين ته دنيا ڏسي ته برما ۾ سندن مقبوليت جون دعوائون ڪيڏيون کوکليون آهن. اهي نٿا چاهين ته دنيا کي خبر پوي ته برما جا ماڻهو به هن فوجي راڄ کان نجات حاصل ڪري وري جمهوريت ڏانهن ورڻ چاهين ٿا. انهيءَ ڪري ئي برما جي فوجي جنتا پرڏيهي ميڊيا کي ٻاهر رکي، پنهنجي هٿ ٺوڪي سرڪاري ميڊيا تي پنهنجي شاندار ڪارڪردگيءَ جا دهل وڄائي رهيا آهن. پر ان طوفان انهن کوکلن نعرن ۽ ڪوڙين دعوائن کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. ان طوفان سان شايد موجوده قابض حڪومت خلاف عام ماڻهن جي نفرت اڃان به وڌندي. ان طوفان جتي غريب ماڻهن جا اجها اڏائي ڇڏيا آهن، اتي ان حڪومت جي پاڙن کي به ڪمزور ڪيو آهي. ماڻهن جي ڪاوڙ ڪو روپ وٺندي ۽ وري آنگ سان سوڪئي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪا تحريڪ هلندي، جيڪا برما جي ماڻهن کي آمرن مان نجات ڏياريندي ۽ برما جي خلق خدا به راڄ ڪندي. شايد فطرت هي طوفان انهيءَ ڪري موڪليو آهي، ته جيئن هن خوبصورت ڌرتيءَ تان بدصورت آمراڻو راڄ لڙهي وڃي.

    manojhalai@yahoo.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ ۾ بيروزگاريءَ جي مسئلي کي ڪيئن حل ڪجي؟





    آچر پهرين جون 2008ع



    ڪجل پور جي مرتضيٰ سولنگيءَ کي هڪڙي ئي خواهش هئي ته پنهنجي ڀينرن جي اکين ۾ ڪجل ڏسي. هن چاهيو ٿي ته سندس ڀينرن جا هٿ ميندي رتا هجن، پيشانيءَ تي ٽڪو، نڪ ۾ نٿ، ڪنن ۾ جهومڪ ۽ مٿي تي ڳاڙهي چنري هجي. هن جي اها تمنا هئي ته سندس ڀينرن جون سَکيون دهل جي وڄت تي ڳيچ ڳائين ۽ سندس ماءُ فخر سان ڏيج پڙو پنهنجي مٽن مائٽن کي ڏيکاري. هن پنهنجي ڀينرن کي پنهنجي سهاڳن حوالي ڪري پنهنجو فرض پورو ڪرڻ پئي گهريو. مرتضيٰ سولنگي انهيءَ لاءِ هوٽلن ۽ شادي گهرن ۾ بيراگيري ڪئي. ڇو ته هن ڄاتو پئي ته پنهنجي نائب قاصد پيءُ جي پگهار مان گهر جو گذارو به مشڪل سان ٿو ٿئي، پر هو پورهيي ڪرڻ باوجود پنهنجي ڀينرن کي سهاڳڻ ڏسڻ وارو خواب پورو ڪري نه سگهيو. هو شادين ۾ لکين روپيا خرچ ڪرڻ وارن ماڻهن جي خدمت ڪري به ايترو ڪمائي نه سگهيو، جو پنهنجي ڀينرن کي شينهن ڪلهي چاڙهي سگهي. وڏين گاڏين، ڪشادن بنگلن، دولت جي ريل پيل واري هن شهر ۾ جڏهن مرتضيٰ سولنگي ايترو جوڙي نه سگهيو جو هو پنهنجو فرض نڀائي سگهي، ته هن هڪڙو فيصلو ڪيو. هن کي محسوس ٿيو ته سندس وجود جو ڪو به مقصد نه آهي. هن پنهنجي پراڻي موٽر سائيڪل وڪڻي، پنهنجي دوستن جو ورتل قرض واپس ڪيو. هن پنهنجي گهر وارن ڏانهن خط لکي کين ۽ ٻين کي هر ڏوهه کان آجو ڪري، فليٽ جي ڇت تي پاڻ کي باهه ڏئي، ٽپو ڏنائين ۽ ايئن پنهنجي زندگيءَ کان گهڻو پري هليو ويو.

    مرتضيٰ ڀلي پنهنجي آخري خط ۾ سڀني کي پنهنجي موت جي الزام کان آجو ڪري ويو هجي، پر ڇا اسان واقعي به مرتضيٰ جي موت کان پنهنجو پاڻ کي آجو ڪري سگهون ٿا؟. جڏهن سماج جو ڪو فرد سماجي ۽ معاشي سبب پنهنجو انت آڻڻ تي مجبور ٿئي ته سماج جا ٻيا فرد پاڻ کي انهيءَ جي موت کان ڀلا ڪيئن آجو ٿا ڪري سگهن؟ جڏهن ڪو سماج پنهنجي فرد کي عزت سان جيئڻ ۽ روزگار ڪمائڻ جو موقعو نٿو ڏئي ته ڇا اسان سڀ انهيءَ جا گڏيل طور تي ذميوار نه آهيون؟ هتي اهي سوال به اٿن ٿا ته ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ اڻ ڳڻين ڌارين کي وات ۾ گرهه وجهڻ واريءَ هن سڀاڳيءَ سنڌ جو پنهنجو اولاد بک ۽ معاشي بدحاليءَ ۾ ڇو ورتل آهي؟ سوال اهو به آهي ته سنڌ جو نوجوان جيڪو سنڌ جي مستقبل جو سرمايو آهي، تنهن لاءِ رڳو خودڪشيءَ ۽ ڏوهن جا رستا ئي ڇو کليل آهن؟ انهيءَ تي سوچڻ گهرجي ته هي سون ورنيون زمينون، هي امرت ڀريا دريا، هي معدني خزانن سان ٽٻٽار بر بٽ، هي پئٽرول ۽ گئس سان مالا مال ميدان، ڇو اسان جي ڌرتيءَ ڄاون کي هڪ عزت ڀري زندگي ڏيڻ ۾ اڃا تائين سڦل نه ٿي سگهيا آهن؟ منهنجي خيال ۾ اهي سوال هن وقت ٻين سڀني ڳالهين کان مٿانهان آهن. انهن سوالن جي جوابن ۽ انهن مسئلن جي حل کي ٻين سڀني ڳالهين تي فوقيت هئڻ گهرجي ۽ اسان سڀني کي ان تي سوچڻ گهرجي ۽ ڪي اپاءَ به وٺڻ گهرجن.

    پاڻ جيڪڏهن سنڌ ۾ نوجوانن ۾ موجود بيروزگاري ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل مايوسي ۽ بي راه رويءَ جو سرسري جائزو وٺون ته اسان کي سڀ کان پهرين ڳالهه جيڪا نظر ايندي، سا آهي سنڌ جو ڪمزور معاشي نظام. سنڌ جي موجوده معاشي نظام ۾ ايتري سگهه ۽ وسعت نه آهي، جو اهو اسان جي تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ کي روزگار فراهم ڪري سگهي. توهان ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد مان نڪري، جيڪڏهن سنڌ جي ٻين شهرن تي نظر وجهندا ته توهان کي سواءِ چند مهينن لاءِ هلندڙ ڪجهه شگر ملن، ڪجهه ننڍين ڪاٽن فيڪٽرين ۽ رائيس ملن کان سواءِ ٻي ڪا به انڊسٽري نظر نه ايندي. انهن چند ۽ ننڍن صنعتي يونٽن ۾ ايتري به سگهه نه آهي ته اهي سنڌ جي ٻن ڪروڙ ماڻهن جي هڪ سيڪڙو آباديءَ کي به روزگار ڏئي سگهن. حالانڪه سنڌ ۾ تمام سٺي ۽ وڏي پئماني تي ڪپهه جي پيداوار ٿئي ٿي ۽ سنڌ ۾ انهيءَ جي گنجائش به آهي ته هتي وڏيون ٽيڪسٽائيل ملون ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل صنعتون جهڙوڪ گارمينٽ فيڪٽريون، ڌاڳا ٺاهڻ ۽ ڪپڙي رنڱڻ سميت مختلف ڪمن لاءِ ڪيترا ئي ڪارخانا لڳي سگهن، جيڪي ئي سنڌ جي نوجوانن جي هڪ وڏي حصي کي روزگار فراهم ڪري سگهن ٿا. ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ زراعت ۾ ميون ۽ ڀاڄين سان واسطو رکندڙ صنعتون لڳي سگهن ٿيون، جن ۾ فوڊ پروسيسنگ جوس، ميون کي دٻن ۾ پيڪ ڪرڻ وارين صنعتن جي به وڏي گنجائش آهي، پر اها اسان جي بدقسمتي آهي ته اسان پنهنجيءَ زراعت کي صنعتي پيداوار سان ڳنڍي نه سگهيا آهيون ۽ ان جو ڀرپور فائدو نه وٺي سگهيا آهيون. ساڳيءَ ريت اسان جي واپار تي به چند روايتي برادرين جي اجاره داري آهي، جنهن ۾ نون ماڻهن جو گهڙڻ ان ڪري به مشڪل آهي، جو نه ته انهن وٽ گهربل سرمايو آهي ۽ نه ئي وري واسطا ۽ تجربو آهي، جيڪو واپار لاءِ بيحد ضروري آهي. ساڳئي وقت واپار ۾ ايتري سگهه نه آهي، جو ان ۾ وڏي پئماني تي بيروزگار نوجوان کپي سگهن. صنعت جي اڻ هوند ۽ واپار جي ميدان ۾ مشڪلاتن سبب سمورو رجحان سرڪاري نوڪرين طرف آهي، پر حقيقت اها آهي ته ڪا به حڪومت ڪيتري به مخلص ڇو نه هجي، پر اها سنڌ جي هيڏي وڏي بيروزگارن جي هجوم کي نوڪريون نٿي ڏئي سگهي. جتي لکين بيروزگار هجن، اتي ڪجهه هزار نوڪريون ڇا ٿيون ڪري سگهن؟

    اسان وٽ بيروزگاري عام ٿيڻ جو ٻيو وڏو سبب تعليم جي نظام جو مڪمل طور ويهي رهڻ آهي. هن وقت امتحان پيا هلن. توهان وڃي ڏسو ته امتحاني سينٽرن جي ڇا حالت آهي. اهو انتهائي فڪر جو لمحو آهي، جنهن ۾ استاد، شاگرد، والدين ۽ سماج جا چڱا مڙس گڏجي ڪاپي ڪلچر کي هٿي پيا وٺرائين. پراڻي ۽ مدي خارج نصاب، فرسوده تدريسي ٽيڪنيڪن ۽ انتظامي گرفت جي ڪمزوريءَ سبب اسان جي تعليمي ادارن مان ٻارهن ۽ سورهن سالن جي تعليمي سفر کان پوءِ به بي علمن جي هڪ کيپ ئي ٻاهر نڪري ٿي، جن وٽ هٿن ۾ ڊگرين جي نالي ۾ ڪاغذ جا ٽڪرا ته هوندا آهن، پر وٽن اها لياقت نه هوندي آهي ته اهي ڪنهن گهڻ قومي ڪمپني يا ملڪي ۽ غير ملڪي ادارن ۾ ميرٽ تي نوڪريون حاصل ڪري سگهن. اڄ به جيڪڏهن اسان کي ٻڌائڻو پوي ته ڪراچيءَ جي ڪجهه خانگي يونيورسٽين کان سواءِ سنڌ ۾ گهڻا اهڙا اعليٰ تعليم جا ادارا آهن، جن تي حقيقي معنيٰ ۾ فخر ڪري سگهون ۽ جن جي ڊگريءَ کي ملڪي ۽ غير ملڪي سطح تي مان ۽ قبوليت آهي؟ ته شايد اسان کي ماٺ لڳي وڃي ۽ اسين ڪي به نالا کڻي نه سگهون.

    هڪڙو ٻيو به عنصر آهي، جنهن کي اسان نظر انداز ڪري نٿا سگهون. ٿي سگهي ٿو، ڪنهن کي ان سان اختلاف هجي، پر آئون ان راءِ جو آهيان ته سنڌي ماڻهن جي پورهيي جي اخلاقيات (Work Ethics) تي به نظر وجهڻ جي ضرورت آهي. اسان جي ماڻهن ۾ آرام پسندي ۽ اڳتي وڌڻ جي خواهش (Ambition) جي گهٽتائي هاڻ وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي. پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ ماڻهن سان واسطن ۾ اهڙا کوڙ سٺا ڪاريگر، اليڪٽريشن، واڍا يا دڪاندار ملندا آهن، جيڪي روز ايترو ڪمائي سگهن ٿا، جيتري هن وقت سترهين گريڊ جي ڪنهن آفيسر جي پگهار آهي، پر ان جي باوجود سندن اهي منٿون پيون پونديون ته ”سائين، ڪا پٽيوالي ۽ چوڪيداري وٺي ڏيو.“ ڪيڏي مهل ته پروفيشنل ڊگريون رکندڙ به ان لاءِ تيار هوندا آهن ته کين ڪا پرائمري ماستري ملي ته اهي بنا ڪم جي پگهار پيا کڻن. اها ڳالهه به مشاهدي ۾ آئي آهي ته جيڪڏهن پنهنجي ڏهه پندرنهن ايڪڙ زمين رکندڙ هاريءَ جو پٽ ڏهه يا ٻارنهن درجا پڙهي پوي ٿو ته پوءِ اهو مٽيءَ ۾ هٿ وجهڻ ۽ پنهنجي ئي ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي. پنهنجي ڳوٺ ۽ گهر سان ائبنارمل حد تائين لاڳاپي سبب پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر نڪري، ٻئي هنڌ ڪم ڪرڻ ۽ ڪمائڻ تي دل نه چوڻ هاڻ اسان جي ثقافت جو حصو ٿيندو پيو وڃي. پاڻ انهيءَ رجحان کي سڀني تي لاڳو نٿا ڪري سگهون. يقينن اسان کي ڪافي اهڙا به ماڻهو ملندا، جيڪي پورهيي جي تلاش ۾ ڪٿي به وڃڻ لاءِ تيار آهن، پر اسان وٽ سکيا نه ورتل ۽ گهٽ تعليم يافته نوجوانن ۾ اهي لاڙا ڪافي عام ملندا، ته اهي پورهيي جي حصول لاءِ گهر ڇڏڻ بجاءِ بيروزگاريءَ کي ترجيح ڏين ٿا.

    هاڻ سوال پيدا ٿو ٿئي ته نشاندهي ڪيل مسئلن جو حل ڇا آهي؟ منهنجيءَ راءِ ۾ اسان کي سنڌ ۾ موجوده بيروزگاريءَ واري مسئلي کي هڪ وسيع معاشي ۽ انتظامي پسمنظر ۾ ڏسڻو پوندو. اسان کي هاڻ سرڪاري ادارن ۾ غير هنر مند ۽ نيم تعليم يافته ماڻهن کي بغير ميرٽ ۽ ضرورت جي ڀرتي ڪرڻ واريءَ روش اختيار ڪرڻ بجاءِ سنڌ ۾ صنعتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. سنڌ ۾ زراعت سان لاڳاپيل ۽ ٻين صنعتن جو وڏو موقعو آهي. سنڌ حڪومت جيڪڏهن سڀني ضلعن ۾ خاص صنعتي زون قائم ڪري ۽ انهن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ وارن کي ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ۽ ٻيون سهوليتون ڏئي ته ڪافي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪائي ۽ انهن کي صنعتون لڳائڻ لاءِ راضي ڪري سگهي ٿي. سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ سڀ کان پهرين اسان جي حڪومت کي ان لاءِ ماحول ٺاهڻو پوندو ۽ ان لاءِ لازمي آهي ته پهرين امن امان جي حالتن کي بهتر بڻايو وڃي. سنڌ بابت هڪ منفي تاثر جڙيل آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. خود سنڌ ۾ ئي ڪئين اهڙيون برادريون ۽ خاندان موجود آهن، جيڪي ننڍي يا وڏي پئماني تي صنعتون هڻڻ لاءِ تيار آهن ۽ وٽن سرمايو به موجود آهي، پر امن امان جي خراب صورتحال سبب اهي ڪيٻائن ٿا ۽ پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا. ان سان گڏوگڏ سنڌ ۾ بجلي، گئس ۽ روڊن جو انفرا اسٽرڪچر ٺاهڻو پوندو ۽ ٻني کان مارڪيٽ ۽ ڪارخانن تائين پهچ ڏيڻي پوندي. اسان کي پنهنجي تعليم کي معنيٰ خيز ۽ ان جي معيار کي بهتر بنائڻو پوندو. خاص طور ٽيڪنيڪل تعليم تي وڌيڪ توجهه ڏيڻي پوندي ته جيئن انهن صنعتن ۾ تربيت يافته پورهيت ملي سگهن. اسان کي پنهنجي روين کي به تبديل ڪري، پورهئي لاءِ هڪ مثبت رويو اختيار ڪرڻو پوندو.

    ڪجل پور جو مرتضيٰ سولنگي ڪو اڪيلو نوجوان نه هو، جنهن معاشي تنگدستيءَ کان پريشان ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ ۾ به ڪافي ماڻهو معاشي مسئلن سبب خودڪشيون ڪري چڪا آهن. هر روز اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريون پيون آهن ۽ خبر نه آهي ته اڃا اهڙا ڪيترا نوجوان ان راهه تي هلڻ بابت سوچي رهيا آهن، جيڪا راهه موت يا ڏوهن طرف وڃي ٿي. هن وقت سنڌ کي هڪ تاريخي موقعو آهي. عوام جي پارٽين جي حڪومت آهي، جنهن ۾ سنڌ جو عوام اکيون وجهيو ويٺو آهي. اسان کي اميد آهي ته اختيارن جا ڌڻي سنڌ مان خودڪشين جي دڳ تي چڙهيل جوانن کي عزت ڀريي روزگار ۽ بهتر زندگيءَ واري راهه تي وٺي ايندا.

    manojhalai@yahoo.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ايندڙ صدارتي اليڪشن ۽ آمريڪا ۾ تبديليءَ جا اهڃاڻ





    خميس 12 جون 2008ع



    ممڪنات ۽ ناممڪنات فقط وقت جون ڳالهيون آهن. هڪڙا عمل، جيڪي ماضيءَ ۾ ناممڪن هئا، سي هن وقت ممڪن آهن. ٻيا عمل، جيڪي اڳئين وقتن ۾ ممڪن هئا، سي شايد ممڪن نه هجن. اڄ کان پنجويهه سال اڳ تائين ڪير اهو سوچي به نٿي سگهيو ته ڪو نيپال ۾ ائين بادشاهت ختم ٿي ويندي. اڍائي سئو سالن تائين هماليه جي ڪڇ ۾ واقع نيپال تي راڄ ڪندڙ هن واحد هندو بادشاهه کي محل ڇڏڻو پوندو ۽ کيس هڪ عام ماڻهوءَ وانگر گذارڻو پوندو، پر اڄ اهو ممڪن ٿي ويو. ساڳي طرح اڄ کان پنجاهه سال اڳ تائين آمريڪي ماڻهن لاءِ اها سوچ به ناممڪن هئي ته، ڪو آفريقي نسل جي ماڻهن کي ٻين آمريڪي شهرين جيان ڪا برابريءَ جهڙي حيثيت ملي سگهندي. پر هاڻ نه فقط برابريءَ جي ڳالهه آهي، پر هڪ آفريقي آمريڪي، هڪ اهڙي پارٽيءَ طرفان نامزدگي حاصل ڪري چڪو آهي، جنهن پارٽيءَ جا ايندڙ آمريڪي چونڊون کٽڻ جا تمام گهڻا امڪان آهن. سينيٽر بارڪ اوباما جي وائيٽ هائوس ۾ براجمان ٿيڻ هاڻ شايد مهينن جي ڳالهه آهي. جنهن ملڪ ۾ آفريقي نسل جي ماڻهن کي ڪجهه ڏهاڪن تائين ووٽ ڏيڻ جو به حق نه هوندو هو، جتي بسن ۾ گورن ۽ ڪارن لاءِ الڳ سيٽون هونديون هيون ۽ ڪارن لاءِ اهو لازم هوندو هو ته جيڪڏهن ڪو گورو شخص بس ۾ چڙهي، ته کيس اٿي جڳهه ڏئي. هڪڙو اهڙو ملڪ، جتي گورن ۽ ڪارن لاءِ الڳ الڳ رهائشي ڪالونيون هيون ۽ جتي ڪارن کي گورن لاءِ مخصوص هوٽلن، اسڪولن ۽ پارڪن ۾ داخل ٿيڻ جي به اجازت نه هئي ۽ جتي گورن کي اها به اجازت هوندي هئي ته اهي سندن علائقن ۾ داخل ٿيندڙ ڪنهن ڪاري شخص کي ڀلي ماري ڇڏين. هزارن جي تعداد ۾ ائين ڪارن کي ماريو به ويو هو.

    هڪ اهڙو ملڪ، جتي ڪارن کي شهري ته ڇا پر انسان به سمجهيو نه ويندو هو ۽ وقت به وقت سائنسدان اهڙا نظريا پيش ڪندا هئا ته آفريقي نسل جا ماڻهو دراصل اڃان ارتقا جي عمل مان گذري پورا انسان نه ٿيا آهن ۽ انهن جي نس بندي ڪري سندس پوري نسل کي ختم ڪرڻ جا منصوبا تيار ٿيندا هئا. هڪ اهڙي ملڪ ۾، جتي ڪارن کي تعليم حاصل ڪرڻ تي سزا ملڻ جا امڪان هئا، جتي سندن لاءِ روزگار نه هو ۽ نه ئي وري صحت جون ڪي سهولتون. جتي اڃان تائين به رنگ ۽ نسل جي بنيادن تي ويڇا سماجي نفسيات جو بنيادي جز آهن. اڄ انهيءَ ملڪ آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي عهدي لاءِ هڪ ڪارو ماڻهو تمام مضبوط اميدوار آهي. مون شروع ۾ ڳالهه ڪئي ته ناممڪنات فقط وقت جي ڳالهه آهي.

    بارڪ اوباما جي آمريڪا جي ايندڙ صدارتي چونڊن لاءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ پاران نامزدگي تڏهن يقيني ٿي وئي، جڏهن سندس ئي پارٽيءَ جي هڪ ٻي سينيٽر ۽ اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي گهر واري هليري ڪلنٽن آمريڪي صدارت لاءِ نامزدگيءَ واري ڊوڙ مان هٿ کڻي وئي. اوباما ۽ هليري گذريل سترهن مهينن کان ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ پاران نامزدگي حاصل ڪرڻ واري ويڙهه ۾ هڪ ٻئي جي مقابل هئا. ٻئي خواهشمند اميدوار انهيءَ لحاظ کان منفرد هئا، جو اهو آمريڪي چونڊن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهيو هو ته ڪا خاتون يا ڪو آفريقي نسل جو آمريڪي، آمريڪا جي صدارت لاءِ اميدوار هجن. نيويارڪ مان چونڊيل سينيٽر هليري ڪلنٽن کي اڳي ئي ”خاتونِ اول“ جي حيثيت سان آمريڪي سياست سان شناسائي هئي. ڪلنٽن ۽ مونيڪا لوئنسڪي واري ”چڪر“ دوران سندس اميج هڪ بهادر عورت طور اڀريو، جنهن پنهنجي عاشق مزاج مڙس جي بي وفائيءَ کي صبر سان برداشت ڪيو. ساڳي وقت تي سندس لاءِ اهو به تاثر هو ته، هوءَ آمريڪي حڪومت جي مامرن کي هلائڻ لاءِ پنهنجي مڙس جي مددگار به هئي. بل ڪلنٽن کي آمريڪي تاريخ جي چند بهترين صدرن سان ليکيو ويندو آهي ۽ سندس ڪاميابيءَ ۾ هليري ڪلنٽن جو به وڏو هٿ ليکيو وڃي ٿو. 60 سالن جي هليري ڪلنٽن وچولي طبقي جي ۽ نوڪري پيشه گورن ۾ به ڪافي مقبول آهي.

    47 سالن جو بارڪ حسين اوباما پهريون ڀيرو سينيٽر چونڊيو آهي. بارڪ اوباما جو پيءُ ڪينيا جو مسلمان شهري هو، جنهن پوءِ اوباما جي ماءُ کي طلاق ڏني. اوباما 1996ع ۾ آمريڪي رياست ايلونس مان آمريڪي سينٽ ۾ چونڊيو. فيبروري 2007ع ۾ هن آمريڪي چونڊن ۾ صدارت لاءِ پنهنجي اميدواريءَ جو اعلان ڪيو. بارڪ اوباما آمريڪا جي وڏي آفريقي آمريڪي برادري، سياسي ۽ جنسي اقليتن ۽ نوجوان طبقي ۾ ڪافي مقبول آهي. سندس انتخابي نعرو آهي “Change, we believe in” يعني اها تبديلي، جنهن ۾ اسان يقين رکون ٿا. اهو نعرو هن وقت آمريڪا ۾ وڏي معنيٰ رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته آمريڪي عوام موجوده بش حڪومت جي پاليسين جي تبديلي چاهي ٿو ۽ اوباما انهيءَ تبديليءَ جو اهڃاڻ ٿي اڀري آيو آهي. سندس شخصيت ۽ تقرير جو انداز عظيم آمريڪي سياستدان ۽ انساني حقن جي علمبردار مارٽن لوٿر ڪنگ جو نيئر جي ياد ڏياري ٿو. نوبل انعام يافته مارٽن لوٿر ڪنگ آمريڪا ۾ آفريقي آمريڪي آباديءَ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي برابريءَ جو استعارو هو ۽ جنهن کي سفيد فام انتها پسندن قتل ڪري ڇڏيو هو.

    هليري ڪلنٽن ۽ اوباما گذريل سترهن مهينن کان پنهنجي پارٽيءَ جي نامزدگي حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلي ۾ هئا. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي نامزدگي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به اميدوار کي ٻه هزار هڪ سئو ارڙهن پارٽي ڊيليگيٽس جي حمايت گهربل هوندي آهي، جنهن کي اوباما حاصل ڪري ورتو. هليري ڪلنٽن به انهيءَ مقابلي ۾ گهڻي پوئتي نه هئي، کيس به اوڻيهه سئو جي لڳ ڀڳ ڊيليگيٽس جي حمايت حاصل هئي. ڪنهن موقعي تي ائين پئي لڳو ته سندن نامزدگيءَ جو فيصلو پارٽيءَ جا ڊيليگيٽس نه پر سپر ڊيليگيٽ ڪندا، جيڪي مختلف رياستن م چونڊيل ڊيموڪريٽڪ گورنرن ۽ ٻين اعليٰ عهدن تي فائز عهديدارن تي مشتمل هوندا آهن، پر انهن سترهن مهينن جي مقابلي ۾ ساڳي پارٽيءَ جا هي مد مقابل اميدوار هڪ ٻئي جي خلاف ايترو ته اڳتي هليا ويا، جو اهو ڊپ پئي لڳو ته سندن انهيءَ ويڙهه جو فائدو مرڳو ريپبلڪن پارٽيءَ جي اميدوار جان ميڪين کي نه پوي. انهيءَ ڪري هليري ڪلنٽن پنهنجي صدارت جي نامزدگيءَ واري ڊوڙ تان هٿ کڻي وئي ۽ ستين جون تي واشنگٽن ۾ ٿيل پنهنجي حامين آڏو بارڪ اوباما جي حمايت ۽ کيس کٽائڻ جو عهد ڪيو.

    بارڪ اوباما لاءِ سندس پارٽيءَ ۾ ته رستو ته صاف ٿي ويو پر اهي سوال باقي آهن ته، ڇا بارڪ اوباما واقعي به آمريڪي صدارت ماڻي سگهندو؟ اوباما وٽ يقينن اهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي کيس آمريڪي صدارت لاءِ هڪ موزون اميدوار ثابت ڪري سگهن ٿيون. وٽس هڪ ڪرشماتي شخصيت آهي. هو هڪ بهترين مقرر آهي، جيڪو پنهنجي تقرير جي فن سان ماڻهن کي موهي سگهي ٿو. وٽس آمريڪا جي ماڻهن لاءِ صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ ڏيڻ لاءِ بهترين پروگرام آهي. عراق مان فوج واپس گهرائڻ کان وٺي دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي باري ۾ سندس موقف ڪافي واضح آهي، پر انهيءَ هوندي به آمريڪي سياست تي نظر رکندڙ ڪافي ماهر اوباما جي صدر ٿيڻ واري امڪان تي ايترا پراميد نه آهن. انهيءَ جا به ڪجهه سبب آهن؛

    پهريون ته، هليري ڪلنٽن ۽ بارڪ اوباما پنهنجي پارٽيءَ جي نامزدگي حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي تي ايتري ته تنقيد ڪئي هئي، جو هاڻ اها تنقيد سندن ئي پارٽيءَ جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي اهي. جيئن سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته، ”ڪانوَ کي لڙ ۾ مزو“.جڏهن هنن ٻنهي هڪٻئي تي ”حملا“ پئي ڪيا ۽ هڪ ٻئي جون ڪمزوريون بيان پئي ڪيون، ته انهيءَ سڄي لقاءُ کي سندن مخالف پارٽيءَ، يعني ريپبلڪن پارٽيءَ پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪيو آهي. ريپبلڪن پارٽي پنهنجي ويب سائيٽ تي هليري بمقابله اوباما وارو پيج به لڳائي ڇڏيو آهي، جنهن تي ٻنهي جا هڪ ٻئي تي لڳايل الزام به موجود آهن. ساڳئي وقت هڪڙو ٻيو به فيڪٽر آهي. هليري ڪلنٽن کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ ڪافي مقبوليت حاصل آهي. کيس پارٽيءَ سان همدردي رکندڙن ۽ پارٽي ميمبرن جي هڪ وڏي انگ جي حمايت آهي، جيڪو هڪ اندازي مطابق پوڻا ٻه ڪروڙ ووٽرن جي لڳ ڀڳ آهي. اهو خدشو پيو ظاهر ڪيو وڃي ته ٻنهي اڳواڻن ۾ موجود رنجشن سبب ووٽرن جو اهو وڏو تعداد، جيڪو هليري ڪلنٽن جو حمايتي آهي، سو بارڪ اوباما کي متان ووٽ نه ڪري. ڪن تجزيه نگارن مطابق ته، اڃا آمريڪا انهيءَ تبديلي لاءِ تيار نه آهي، جنهن تبديليءَ جو اهڃاڻ بارڪ اوباما آهي. سندن مطابق، اڃا ذهني طور تي آمريڪا هڪ ڪاري رنگ جي شهريءَ کي آمريڪي صدارت واري انهيءَ ”سفيد گهر“ ۾ ويهارڻ لاءِ ذهني طور تي بالغ ٿيو آهي. اوباما هن وقت آمريڪي نوجوانن جو مقبول اڳواڻ آهي، پر آمريڪا جي وڏي عمر جا پراڻ پسند شهري، جن جي تربيت نسلي ورڇ ۽ نسلي نفرتن تي ٿيل آهي، سي هڪ آفريقي آمريڪي کي آمريڪي صدر بلڪل نٿا ڏسڻ چاهين ۽ کيس هارائڻ لاءِ اهي زور شور سان اڳيان ايندا. آمريڪي ووٽرن جو هڪ حصو به هڪ سفيد فام خاتون ڊيموڪريٽ کي ته شايد ووٽ ڏين پر هڪ سياهه فام کي ووٽ متان نه به ڏين. ساڳي طرح آمريڪا ۾ ڏاکڻو علائقو، جنهن کي پنهنجي مذهبي شدت پڻي سبب ”بائيبل بيلٽ“ به چئبو آهي ۽ جنهن ۾ ٽيڪساس جهڙي وڏي رياست به شامل آهي، جنهن سان جارج بش تعلق رکي ٿو، تنهن جي عيسائي انتهاپسند آبادي هڪ اهڙي شخص کي آمريڪي صدر طور متان قبول نه به ڪري، جنهن جو پيءُ مسلمان هو ۽ جنهن جي نالي بارڪ حسين اوباما ۾ انهيءَ مسلمان پيءُ واري سڃاڻپ موجود آهي. مذهبي شدت پڻي واري هن دور ۾ گهڻن آمريڪين کان شايد اها ڳالهه هضم نه به ٿئي.

    بارڪ اوباما واحد سپر پاور ملڪ آمريڪا ۾ تبديليءَ جو اهڃاڻ آهي. انهيءَ تبديليءَ تي توهان ۽ مون سميت سڄي دنيا جي امن ۽ سک جو انحصار آهي. اسان اميد ٿا ڪريون ته اها تبديلي آمريڪا ۾ ضرور ايندي.

    manojhalai@yahoo.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا خوراڪ ۽ تيل جي بحران جا ڪي عالمي سبب آهن؟





    اڱارو 15 جولاءِ 2008ع



    تيل جون قيمتون هاڻ اخبارن جي اندرين ۽ واپار وارن صفحن کان نڪري هر ننڍي وڏي اخبار جي شهه سرخي بڻجي ويون آهن. خام تيل جون قيمتون جيڪي گذريل سال سٺ ڊالرن جي اڳيان پويان هيون، سي هاڻ تقريبن اڍائي سئو سيڪڙو جي واڌ تي پهچي ويون آهن. جڏهن هي مضمون لکي رهيو آهيان ته هن وقت تيل جي قيمت 147 ڊالر في بيرل جي لڳ ڀڳ وڃي پهتي آهي. تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ جي سربراهه شاڪب خليل جو اهو بيان آهي ته تيل جون قيمتون ايندڙ ٻن مهينن اندر وڃي 170 ڊالر في بيرل تائين پهچنديون ۽ عالمي معيشت تي نظر رکندڙن کي اهو ڊپ آهي ته هن سال جي آخر تائين اهي قيمتون وڃي ٻه سئو ڊالرن واري حد تائين پهچنديون. هڪ روسي تيل ڪمپني انهيءَ کي اڍائي سئو ڊالر تائين ويندي ڏسي رهي آهي. تيل جي انهن وڌندڙ قيمتن سڄي دنيا کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي. دنيا جي تقريباً سڀني ملڪن کي غير مقبول فيصلا ڪندي پنهنجي ملڪن ۾ تيل ۽ ڊيزل جي قيمتن کي وڌائڻو پئجي رهيو آهي. اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ گذريل سال جڏهن خام تيل جي بين الاقوامي قيمت سٺ ڊالر هئي، تڏهن پيٽرول سٺ رپئي لٽر جي لڳ ڀڳ هو. هاڻ جڏهن تيل ٽيڻ ۽ چئوڻ تي وڌي وڃي ٻه سئو يا اڍائي سئو ڊالرن تائين في بيرل پهچندو ته في لٽر پئٽرول جي قيمت ڪٿي وڃي پهچندي؟ توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا.

    هڪڙي بيرل تيل ۾ 42 گيلن 159 لٽر تيل هوندو آهي، اهو خام تيل جڏهن صاف ٿي استعمال جوڳي حالت ۾ ايندو آهي ته انهيءَ خرچ سوڌو ٻيا ٽيڪس ملائي تيل عوام کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو آهي. ٽيڪسن جي واڌ سان اهي قيمتون اڃان به وڌي وينديون. خام تيل جي قيمتن وڌڻ سان يقينن سڄي دنيا ۾ مهانگائي جو هڪ وڏو طوفان اچي چڪو آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اڄڪلهه ماڻهن جي زندگيءَ جو گهڻو دارومدار پيٽرول تي وڌندو پيو وڃي. اسان جهڙي ملڪ ۾ جتي بجليءَ جي پيداوار جو هڪ وڏو حصو فرنيس آئل ذريعي پيدا ٿئي ٿو، تنهن بجلي جي قيمتن ۾ به بي پناهه اضافو ٿيڻ سبب تقريباً هر شئي مهانگي ٿيو وڃي، جنهن سان عام ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ واڌ اچي ٿي. ساڳي وقت ڪراين ڀاڙن ۾ اضافن سبب زندگيءَ جي ضرورت واري تقريباً هر شئي جي ماڻهن تائين رسد جي اگهن ۾ به اضافو اچيو وڃي. جيڪا ڳالهه پڻ مهانگائيءَ جو ناقابلِ برداشت عذاب به کڻي اچي ٿي. تيل جي وڌندڙ قيمتن نه رڳو ايشيا ۽ آفريڪا جي غريب ملڪن جي ڪمزور معيشتن کي نقصان پهچايو آهي پر هاڻ آمريڪا ۽ يورپ جون سگهاريون معيشتون پڻ هن بحران جو شڪار ٿي ويون آهن. ساڳي وقت چين جي ڪنٽرولڊ معيشت کي به انهيءَ جي اثرن کي منهن ڏيڻو پيو پوي، جتي تيل جي وڌندڙ قيمت سبب غربت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

    تيل جي وڌندڙ قيمتن سبب عالمي معيشت ۾ به هڪ وڏو بحران اچي رهيو آهي. عام واهپي جي قيمتن ۾ واڌ سبب شين جي کپت ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن سان صنعتي پيداوار ۾ به ٻاڙائي پيدا ٿي وئي آهي. انهيءَ سان بي روزگاري وڌي آهي. ماڻهن جي قوت خريد ۾ گهٽتائي ۽ قيمتن جو آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ، ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ ۽ ڊالر سان وابسته ٻي ڪرنسي جي قدر ۾ لاٿ سبب اهو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته دنيا ۾ هاڻ هڪ خطرناڪ معاشي لاٿ ايندي، جنهن ۾ ائين ٿيندو جو هزارين رپين ۾ به مانيءَ جو ٽڪرو خريد نه ڪري سگهبو. اهڙو وقت ٻي جنگِ عظيم کان اڳ يورپ ۾ آيو هو، جڏهن ڪرنسي جي نوٽ جي اهميت ڪنهن ڪاغذ جي ٽڪري کان وڌيڪ نه هئي.

    تيل جي وڌندڙ بحران سڄي دنيا ۾ اناج جي قيمتن ۾ به بي انتهائي واڌ آڻي ڇڏي آهي. اهو انهيءَ ڪري جو زمين مان نڪرندڙ پئٽرول جي نعمل بدل طور بايو فيول يعني حياتياتي ٻارڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي. اهو بايو فيول مڪئي ۽ ٻين فصلن مان ٺاهيو پيو وڃي. مڪئي مان تيل ٺاهڻ سبب مڪئي جي قيمتن ۾ اوچتو اضافو ٿي ويو. جڏهن سڄي دنيا ۾ هارين ۽ آبادگارن مڪئي مان ملندڙ منافعي کي ڏٺو ته هنن سارين ۽ ڪڻڪ جي پوکي کي گهٽ ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سڄي دنيا ۾ اوچتو غذائي بحران شروع ٿي ويو ۽ چانورن ۽ ڪڻڪ جو قيمتون چوٽ چڙهي ويون. اسان جي ملڪ ۾ به جيتوڻيڪ سارين جو فصل سٺو ٿيو ۽ اسان وٽ چانورن جو واهپو به اسان جي پيداوار کان به گهٽ آهي پر عالمي منڊي ۾ چانورن جي قيمت گهڻي هئڻ سبب چانور ٻاهرين ملڪ ۾ ايڪسپورٽ ٿيڻ لڳو ۽ چانور جو اگهه اسان جي ملڪ ۾ به ٻيڻ تي پهچي ويو. ساڳيو چڪر ڪڻڪ جو به آهي. ڀر وارن ملڪن ۾ ڪڻڪ جو اگهه وڌيڪ هئڻ سبب پنهنجي ملڪ مان ڪڻڪ انهن ملڪن ۾ اسمگل ٿيو وڃي ۽ اسان جا ماڻهو ڪڻڪ ۽ اٽي لاءِ واجهائي رهيا آهن. فطري طور تي اهو سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته آخر تيل جي هن وڌندڙ قيمتن جو سبب ڪهڙو آهي؟ ڇا سبب آهي جو فقط هڪڙي ئي سال ۾ تيل جون قيمتون ٽيڻ تي وڃي پهتون آهن ۽ ايندڙ وقتن ۾ اڃان به وڌڻ جو امڪان آهن. روايتي معاشي ماهر گهرج ۽ رسد جي وچ ۾ تفاوت کي تيل جي وڌندڙ قيمتن جو ذميوار ڄاڻائين ٿا. سندن اهو موقف آهي ته چين ۽ هندستان جي وڌندڙ صنعتي پيداوار سبب تيل جي گهرج ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته تيل پيدا ڪندڙ ملڪ انهيءَ وڌندڙ گهرج پٽاندڙ تيل جي پيداوار نه پيا ڪن. سندن مطابق تيل پيدا ڪندڙ ملڪ هن وڌندڙ گهرج مان فائدو وٺڻ چاهين ٿا ته جيئن کين دل گهريا اگهه ملي سگهن. ظاهر ڳالهه آهي ته جڏهن توهان جي سموري معيشت ۽ ڪار وهنوار جو دارومدار تيل تي هوندو ۽ مارڪيٽ ۾ تيل جي فراهمي گهٽ هوندي ته پوءِ توهان ڪنهن به قيمت تي تيل خريد ڪرڻ لاءِ مجبور هوندا.

    هڪ طرف تيل جي گهرج ۾ اضافو آهي ته ٻئي طرف ڊالر جي جي قدر ۾ گهٽتائي آئي آهي. تيل جي واپار جي سڄي ڏيتي ليتي ڊالر ۾ ٿيندي آهي. گذريل ڪيترن ئي مهينن کان يورو جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ لاٿ آئي آهي، جنهن جو اثر تيل جي قيمت تي به پئجي رهيو آهي. هن وقت آمريڪي معيشت ۾ ٻاڙائي جو رجحان آهي. اتي به بي روزگاري وڌي رهي آهي. انهيءَ سبب ڊالر ڪمزور ٿي رهيو آهي. ڊالر جي انهيءَ ڪمزوري تيل جي قيمتن ۾ اوچتو اضافو ڪيو آهي. مثال طور جڏهن آمريڪا جي معاشي جائزي ۾ سرڪار اهو تسليم ڪيو آهي ته معاشي بحران سبب بي روزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي ته انهيءَ هڪڙي ڏينهن ۾ آمريڪي معيشت جي ڪمزوري واري اعلان جي رد عمل ۾ تيل جون قيمتون يارنهن ڊالر وڌي ويون.

    تيل جي وڌندڙ قيمتن جو هڪ وڏو سبب تيل جا نوان ذخيرا دريافت نه ٿيڻ به آهي. تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ اهو احساس وڌندو پيو وڃي ته سندن وٽ موجود تيل جا ذخيرا تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن. انهيءَ ڪري ٻين ملڪن ۾ به افرا تفري وڌي وئي آهي ۽ سڀ ملڪ هاڻ پنهنجي مستقبل جي ضرورتن لاءِ وڌ ۾ وڌ تيل جو ذخيرو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. تيل ذخيرو ڪرڻ واري اها افرا تفري ۽ ڊوڙ پڻ تيل جي قيمت ۾ اضافي جو سبب بڻي آهي. تيل جا گهٽ ٿيندڙ ذخيرن سان گڏ هڪ ٻيو به فيڪٽر آهي، جنهن پڻ ٿوري عرصي ۾ تيل جي قيمت ۾ اوچتي واڌ آندي آهي، سو آهي دنيا ۾ امن امان جي غير يقيني صورتحال- دنيا ۾ تيل جي ذخيرن جو هڪ وڏو حصو اهڙن علائقن ۾ آهي، جيڪي هن وقت مقامي، قومي ۽ بين الاقوامي جنگين ۽ ڇڪتاڻن جا مرڪز آهي. جنهن ۾ وچ اوڀر جا عرب ملڪ ۽ آفريڪي ملڪ جهڙوڪ نائجيريا وغيره شامل آهن. عراق ۾ مزاحمت، ايران تي جوهري پروگرام ڪري ممڪنه عالمي پابندين جو خدشو، نائيجيريا ۾ علائقائي ڇڪتاڻ سميت کوڙ اهڙا مامرا آهن، جنهن مان تيل جي فراهمي ۾ خلل پئجي رهيو آهي. اهڙي غير يقيني واري صورتحال پڻ تيل جي قيمتن ۾ واڌ آندي آهي. اهو به ڊپ ڏيکاريو پيو وڃي ته جيڪڏهن آمريڪا يا اسرائيل هن وقت ايران تي حملو ڪيو ته انهيءَ جا وچ اوڀر ۾ تيل پيدا ڪندڙ سڀني ملڪن تي اثر پوندا. جنهن سان تيل جا اگهه اڃان به مٿي چڙهي ويندا. ڪجهه ماهر جن ۾ مشهور آمريڪي سٽي باز ۽ سرمائيڪار جارج سورو به شامل آهي، سي انهي راءِ جا آهن ته تيل جي قيمتن جي موجوده چاڙهه جا ذميوار سٽي باز آهن. سندن چواڻي ته سٽي باز جنهن ۾ وڏا معاشي ادارا ۽ بئنڪون توڻي فرد شامل آهن، سي دنيا جي حالتن تي نظر رکيو ويٺا آهن ۽ کين خبر آهي ته اهي حالتون ڪهڙي طرف وڃي رهيون آهن. انهن وڏي پيماني تي تيل جي خريداري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. انهن ماهرن جي چواڻي ته اهي مارڪيٽ ۾ هڪ هٿرادو چاڙهه پيدا ڪري رهيا آهن ۽ جڏهن مارڪيٽ پوري عروج تي پهچندو ته اهي انهيءَ تيل کي انهن وڏين قيمتن تي وڪڻي کربين ڊالرن جو منافعو حاصل ڪري وٺندا. انهيءَ کانپوءِ تيل جون قيمتون آهسته آهسته هيٺ لهڻ شروع ٿينديون. پر ماهرن جي چواڻي ته هاڻ تيل جي قيمتن جو وري اصل اگهه تي اچڻ مشڪل آهي. تيل جي قيمتن جو هاڻ هڪ سئو ڊالرن کان هيٺ لهڻ ڪافي مشڪل آهي.

    بهرحال هي دور ۽ هن کان پوءِ ايندڙ دور تيل جي وڌندڙ قيمتن، انهيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مهانگائي، واپار ۾ لاٿ، بي روزگاري ۾ اضافي جو دور آهي. بقول جارج سورو ته هي دور اهو آهي، جنهن ۾ ڪمائڻ وارا ٿورا ۽ وڃائڻ وارا گهڻا هوندا. انهي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ وارن ۾ وچولو طبقو ۽ غريب ماڻهو هوندا. هيستائين سعودي عرب پاران تيل جي پيداوار وڌائڻ کان وٺي ٻين اعلانن تيل جي قيمتن کي گهٽائڻ بدران مورڳو وڌائي ڇڏيو آهي. تيل جون روز به روز وڌندڙ قيمتون عام ماڻهن جي زندگين تي ڪهڙي ريت اثر انداز ٿينديون، انهي جو تصور ڪرڻ ڪو ايڏو مشڪل ڪم نه آهي.

    manojhalai@yahoo.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    فراز ۽ بهارن جي اميد!



    اربع 6 آگسٽ 2008ع



    مون هي سڄو هفتو فراز جي شاعريءَ جي پاڇولي ۾ گذاريو آهي. سڀ کان پهرين خبر ”بريڪ“ ڪرڻ واري ميڊيا جي هن گوءِ ۾ ڪنهن چينل اردو جي هن وقت جي بلا شڪ سڀ کان وڏي شاعر جي لاڏاڻي جي خبر به بنا تصديق ڪرڻ جي ئي ”بريڪ“ ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ڇا؟ فراز جي شاعري جي عاشقن جو هڪ ٻئي سان شاعري ۾ عذرخواهيءَ جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو. منهنجي موبائيل فون جي ايس ايم ايس تي فراز جي شعرن جو هڪ درياءُ اٿلي پيو. انهيءَ ۾ سندس شاعري جي چاهيندڙن ڪجهه اها پڪ به گهٽ پئي رکي ته ڪهڙو شعر فراز جو آهي ۽ ڪهڙو نه. بس جنهن شعر تي فراز جو نالو فٽ ٿي پئي ويو، اهو ايس ايم ايس ذريعي ٻئي وٽ پهچي ويو. ائين موبائل فون ۾ ذري گهٽ سندس شاعري جو ديوان گڏ ٿي ويو. خير چينل جي هن غلطي مان اهو ته ثابت ٿي ويو ته ماڻهو پنهنجي محبوب شاعرن سان ڪيئن نه بي غرض ۽ غير مشروط محبتون ڪن ٿا. ڪيئن هنن سخنورن جي قلم مان نڪتل لفظن جا موتي شاعرن ۽ پڙهندڙن کي محبتن جي زنجير سان ڳنڍيو ڇڏين. حالانڪه پنهنجي ذاتي زندگين ۾ شاعر شايد ايڏا ڪي چڱا به نه هجن، جن سان ائين بي حساب محبتون ڪجن. وفائن کي ڳائڻ وارا هي وڏا شاعر شايد پاڻ محبتن ۾ وفائن جا قائل نه هجن. اياز ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته، ”ڪير آهي جو پوپٽن جا پير کڻي ٻڌائي ته هن ڪيترن گلن جو رس چوسيو آهي.“

    اياز، فيض، پئبلو نرودا ۽ فراز سميت وڏن شاعرن جي شاعري جي ماکي ۾ ڪيترن گلابي بدنن جو رس هوندو، تن جو حساب ته هي شاعر پاڻ به نه رکندا هجن. شيلي ۽ بائرن جي پوپٽن جيان هڪ گل کان ٻئي گل تائين جا سفر هاڻ تاريخ ۾ به رقم ٿي چڪا آهن. ساڳي طرح گهڻو ڪري وڏا شاعر پنهنجن ميل ملاقاتن ۾ به گهٽ ئي ملنسار هوندا آهن. شيخ اياز سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪهي سندس سکر واري گهر تائين پهچڻ وارن کي انهيءَ جو چڱي طرح اندازو هوندو. وڏا شاعر مغرور به هوندا آهن. کين اها خام خيالي به هوندي آهي ته سندس شاعري کانپوءِ اونداهه آهي. غالب به اهو چوندو هو ته ڀلي ٻيا به سخنور هجن پر سندس انداز بيان ”اور“ ئي آهي. اياز به پڇندو هو ته شاهه کان پوءِ سنڌ ۾ ڪنهن جي شاعري رهندي؟ فراز کي ته اهو به پسند نه هو ته سندس همنام به ڪير هجي.

    مجهئ ڪوئي بهي اڇا لگتا نهيڻ همنام تيرا فراز

    ڪوئي تجھـ سا هو تو نام تجھـ سا رکئ.

    پر دنيا ڀر ۾ شاعرن جي ذاتي زندگين جي بي وفائين، غرور ۽ رکي مزاج جي باوجود سندس شعرن سبب سندن سڀ گناهه معاف ڪندي کين اڻ ميون محبتون ملنديون آهن. اهڙيون محبتون جو ڪير پنهنجن سڳن کي به نه ڏي، ۽ ڇو نه ڏجن. شاعر نه هجن ته هي زندگي ڪيڏي نه ڦڪي، بي سوادي ۽ بي رنگ هجي ها. شاعر پنهنجي شاعري سان اهي طلسم تخليق ڪن ٿا، جن طلسمن جي بلوري شيشن سان هي بي رنگ دنيا ۾ انڊلٺي رنگ سميٽجي اچن ٿا ۽ هن بي مقصد زندگي ۾ جيئڻ جو مطلب نڪري ٿو ۽ هي ڪائنات ڪنهن نئين روپ ۾ نظر اچي ٿي. شاعر اسان لاءِ ڪي نيون حقيقتون تخليق ڪن ٿا، جيڪي اسان جي روز مره جي زندگي جي تلخين ۾ شيرين ڀري ڇڏين ٿيون. شاعري اسان کي هن دنيا کي ڪنهن نئين رنگ ۽ ڪنهن نئين زاويي ۾ ڏسڻ ۾ مددگار ٿي ٿئي. زندگي جي انتهائي مايوس لمحن ۾ اها شاعري ئي آهي، جنهن اسان کي حوصلو ڏنو هوندو. هن وسيع ڪائنات جا گونا گون مسئلا، جن جو حل ڪنهن به فلسفي وٽ نه هوندو آهي، سي مسئلا ڪڏهن ڪڏهن شاعري جي ڪنهن هڪڙي سٽ ۾ سُلجهندي ملي ويندا آهن. زندگي ۾ جڏهن ڪو دڳ نه ملندو آهي ته ڪو شعر، ڪو نظم ڪا نئين راهه کولي ڇڏيندو آهي. مونکي خبر نه آهي ته شاعري کانسواءِ اسان جي روحاني زندگي جو ڇا ٿئي ها.

    سو ڳالهه پئي ڪئيسين ته فراز جي ته هن وقت ڪي به ٻه رايا نه آهن ته موجوده وقت ۾ فراز اردو جو سڀ کان مقبول شاعر آهي. محبت کي جهڙي ريت فراز ڳايو آهي يا جهڙي طرح فراز پنهنجي شاعري کي موجوده دور جي محبتن جي مختلف زاوين کي نفاست سان پيش ڪيو آهي، تنهن جو مثال گهٽ آهي. بقول ناليواري انگريزي ڪالمسٽ خالد حسن جي ته ”شايد اهڙي ڪا جوان ڇوڪرو يا ڇوڪري هجي، جنهن پنهنجي محبت جي اظهار لاءِ موڪليل ڪارڊ يا خط ۾ فراز جو شعر نه لکيو هجي.“ فراز جي شاعري هن دور جي هر جوان دل جي ترجماني ڪندي ايترا انڊلٺي رنگ پکيڙيا آهن، جنهن ۾ هر مزاج جي ماڻهو کي پنهنجو رنگ نظر اچي رهيو آهي.

    انگلياڻ آج بهي اس سوچ ميڻ گم هيڻ فراز

    اس نئ ڪيسئ نئيڻ هاٿ ڪو ٿاما هو گا.

    ۽ انهيءَ ڪري فراز تي اها به تنقيد ٿي ته هو ”ٽين ايج“ جو شاعر آهي. ڪشور ناهيد تازو فراز تي لکليل پنهنجي مضمون ۾ هڪ واقعي جو ذڪر ڪيو ته ڪيئن هڪ دفعي عورتن جي ڪنهن تنظيم پاران ڪرايل عورتن جي عالمي ڏينهن تي فنڪشن ۾ فراز جڏهن رومانوي شاعري پڙهي ته هڪ شعله بيان فيمينسٽ اڳواڻ اٿي فرمائش ڪئي ته فراز عورتن تي شاعري پڙهي ۽ فراز پنهنجي مخصوص انداز ۾ جواب ڏنو ته، ”سندس سڄي شاعري عورتن تي آهي ۽ اها ئي پڙهي پيو.“ فراز کي پنهنجي شاعري جي ڪري ايتريون ته محبتون مليون جو بقول فراز:

    اور ڪتني محبتي۾ تمهي۾ چاهئيڻ فراز

    مائوڻ نئ اپنئ بچوڻ ڪئ نام تجھـ په رک ديئي.

    فراز پنهنجي شاعري جي حوالي سان فيض جو جانشين تسليم ڪيو ويندو آهي. فيض جيان فراز ۾ به محبت ۽ انقلاب جي هڪڙي خوبصورت آميزش ملي ٿي. ٻنهي پنهنجي وقت جي آمرن جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ انهيءَ تي کين جيل به ڪٽڻا پيا ۽ جلاوطني به ڏسڻي پئي پر ٻنهي ۾ هڪڙو فرق آهي. فيض آخر تائين اميد جو شاعر رهيو. سندس شاعري ۾ ڪٿي به مايوسي يا نا اميد نظر نه ايندي، پر خبر نه آهي ڇو فراز آخر ۾ ڏاڍو نا اميد ٿي پيو. انهيءَ جو اظهار هن پنهنجي هڪڙي شعر ۾ به ڪيو ۽ اهو شعر هو اڪثر مختلف انٽرويوز ۾ به چوندو رهندو آهي. انهيءَ شعر ۾ هن فيض ۽ پنهنجي حوالي سان چيو آهي ته:

    فراز صحنِ چمن مي۾ بهار ڪا موسم

    نه فيض ديک سگي تهئ نه هم ديکهيڻ گئ.

    فراز کي اها نا اميدي آهي ته اسان جي چمن ۾ بهار اچڻ ۽ گل ٽڙڻ جا خواب فيض به ڏٺا هئا ۽ پنهنجي شاعري ۽ حياتي انهيءَ اميد تي گذاري ڇڏي، پر اهو موسم فيض پنهنجي حياتي ۾ نه ڏسي سگهيو ۽ فراز به موجود حالتن ۾ اها ڪا اميد نٿو ڏيکاري ته هو پنهنجي حياتي ۾ اها بهار جي موسم ڏسي سگهندو. پر آئون سمجهان ٿو ته سياسي نظام جي بقا لاءِ لازم آهي ته ماڻهن جون اميدون انهيءَ نظام ۾ قائم هجن. اميد هئڻ ضروري آهي ته اڳ يا پوءِ اسان جي ڏکن جو خاتمو هتان ئي ٿيڻو آهي. جيستائين اميد آهي تيستائين ماڻهو انهي جمهوري ۽ سياسي عمل ۾ حصو وٺندا. جڏهن اها اميد ختم ٿي ويندي ته پوءِ ڪجهه به نه بچندو. هن ملڪ جي ماڻهن جون به موجوده حڪومتن سان ايتريون ئي وڏيون اميدون وابسته آهن، هنن کي محسوس ٿئي ٿو ته ڏهاڪن جي مايوسين کان پوءِ هاڻ سندن وارو آيو آهي ۽ هاڻ سندن سڀ محروميون ختم ٿي وينديون. منهنجي ڳوٺ جو ولي محمد ميمڻ به هن حڪومت کان اها اميد رکيو ويٺو آهي. ولي محمد انهن پنج هزار ملازمن مان آهي، جيڪي اڄ کان ڏهاڪو سال اڳ تنهن دور جي حڪومت جي قلم جي هڪڙي جنبش مان يو بي ايل بئنڪ مان ڪڍيا ويا هئا. رات وچ ۾ پنهنجي سالن جي نوڪرين ۽ گذر سفر کان محروم ٿي ويل اهي ملازم اڄ به انهيءَ صدمي مان نڪري نه سگهيا آهن. انهن مان ڪجهه مري ويا هئا ۽ ڪجهه آفيسر گريڊ جا ماڻهو ننڍيون ننڍيون نوڪريون ڪرڻ تي مجبور آهن. اڄ به هڪ وڏو تعداد ان اميد ۾ آهي ته ساڻن ٿيل نا انصافي جو ازالو ٿيندو. اهي شهيد بينظير ڀٽو سان به سندس ڀٽ شاهه جي آخري ۽ اوچتي دوري دوران مليا، جنهن به کين يقين ڏياريو هو ته کين نوڪرين تي بحال ڪبو. يو بي ايل جا اهي ملازم هن حڪومت سان اميد رکيو ويٺا آهن ته اها کين واپس سندن عزت ڀريو روزگار ڏيندي.

    رڳو ولي محمد ميمڻ نه، پر اهڙا لکين ماڻهو آهن جيڪي بي روزگاري جي گهاڻي ۾ پيڙهجن پيا. جيڪڏهن موجوده حڪومت بنا فرق جي کين ميرٽ تي روزگار ڏي ته هوند هن نظام ۾ ماڻهن جو اعتبار باقي رهندو. نه فقط انفرادي طور تي، پر اجتماعي طور تي به سنڌ پاڻ سان ٿيل زيادتين جي حل لاءِ انتظار ڪري رهي آهي. هي شايد هڪڙو سنهري موقعو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي قدم کڻي سگهجن ٿا. ائين جو سنڌ جي ماڻهن جي هن نظام ۾ اميد برقرار هجي ۽ کين فراز جيان اها نا اميدي نه ٿئي.

    ۽ ها، فراز! شاعر سخت مايوسين ۾ پنهنجي شاعري ذريعي پنهنجي پڙهندڙن کي اونداهن آسمانن تي اهي چنڊ ڏيکاريندا، جيڪي اڄ نه به آهن پر سڀاڻي چمڪڻا ضرور آهن. هو موت جهڙي خاموشي ۾ اهي آواز ٻڌائيندا، جيڪي سڀاڻي ڇيرن جي صورت ۾ وڄڻا آهن ۽ خزان جي موسم ۾ انهن گلن سان معطر ڪرائيندا آهن، جيڪي اسان جي چمن جي اڱڻ ۾ نه ٽڙيا، پر اسان جي ايندڙ نسلن جي اڱڻ ۾ اوس ٽڙڻا آهن.

    manojhalai@yahoo.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    صدارتي آمريڪي چونڊ: هڪ نئين دنيا جي اميد

    اربع 5 نومبر 2008ع



    توهان جڏهن هي مضمون پڙهندا هوندا، تيستائين آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ وارو مرحلو پورو ٿي چڪو هوندو ۽ ٽيليويزن اسڪرين تي مختلف رياستن جا چونڊ نتيجا اچي رهيا هوندا. اسڪرين تي رياستن جي ڳاڙهي ۽ نيري هئڻ وارو فرق انهيءَ ڳالهه کي ظاهر ڪندو ته اها رياست ريپبليڪن کٽي آهي يا ڊيموڪريٽ، ۽ انهن رياستن جي اليڪٽورل ووٽن مان پوءِ اهو فيصلو ٿيندو ته آمريڪا جو ايندڙ صدر موجوده صدر جارج بش جي پارٽي جو جان مڪين ٿيندو يا ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو اوباما. جيڪڏهن اسان مختلف ماهرن ۽ راءِ شماري وارن پولز کي ٿا ڏسون ته انهيءَ حساب سان اوباما جهڙو ڪر کٽيو ويٺو آهي. گيلپ پول اوباما کي يارهن پوائنٽن جي برتري ڏيو ويٺو آهي. ساڳي طرح مشهور خابرو ايجنسي رائيٽر مطابق، اوباما انهن اٺن رياستن ۾ آساني سان کٽي ويندو، جيڪي اڳي عام طور تي ريپبليڪن جي حصي ۾ وينديون آهن. انهن آمريڪي رياستن ۾ فلوريڊا جهڙي اهم رياست پڻ آهي. هي اهي ئي رياستون آهن، جن کي کٽڻ لاءِ اوباما پنهنجي چونڊ مهم جي آخري وقت ۾ وڌ ۾ وڌ توجهه ڏني. اوباما جي اها اخلاقي همت افزائي به ٿي آهي ته آمريڪا جون وڏيون وڏيون اخبارون، جهڙوڪ نيويارڪ ٽائيمز وغيره اوباما جي کلي حمايت ڪري رهيون آهن. ساڳئي وقت هالي ووڊ جي فلم ٽائيٽينڪ جي هيرو ڊيڪا پريو سميت ٻيا اداڪار ۽ فنڪار به سندس حمايت ڪري رهيا آهن، پر سندس سڀ کان وڏي حمايت بش حڪومت جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ڪولن پاول پاران آئي. ريپبليڪن پارٽي جي اهڙي وڏي اڳواڻ پاران حمايت يقينن اوباما لاءِ وڏي فتح آهي.

    اوباما جي فتح لاءِ سندس والد جي آبائي وطن ڪينيا ۾ خاص عبادتون پيون ڪرايون وڃن. نه رڳو ڪينيا پر جڏهن تازو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سروي ڪرايو ويو ته سموري دنيا ۾ ماڻهن بش حڪومت سان پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندي اوباما جي نئين آمريڪي صدر طور چونڊجڻ جي خواهش رکي هئي. سڄي دنيا اها تبديلي جي آس رکيو ويٺي آهي، جنهن تبديلي جو واعدو اوباما ڪري رهيو آهي. پر جڏهن سڀئي عالمي سياسي پنڊت، اخبارون، سروي، خابرو ادارا، نيوز چينل، اوباما جي فتح کي يقيني ٻڌائي رهيا آهن ته ڇا پڪ ڪرڻ گهرجي ته هاڻ آمريڪا جي انهيءَ اڇڙي گهر (وائيٽ هائوس) ۾ هڪ ڪارو ماڻهو برجمان ٿيندو؟ اڃا اها ايتري پڪ به نه ڪرڻ هجڻ گهرجي. آمريڪي معاشري ۽ آمريڪي ووٽرن جي ڪردار تي نظر رکڻ وارا چون ٿا ته ايتري تڪڙ به نه ڪريو. توهان هڪ سفيد رنگ واري ووٽر تي اعتبار به نٿا ڪري سگهو ته هو اليڪشن واري ڏينهن بوٿ ۾ وڃي ڪاري رنگ واري صدارتي اميدوار جي نالي تي ٺپو هڻندو. سندس چواڻي ته، سروي يا راءِ ڏيڻ جي پولز ۾ ڀلي آمريڪي ماڻهو اوباما کي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جي ڳالهه ڪن، پر جڏهن ووٽ ڏيڻ جو مرحلو ايندو ته ممڪن آهي ته صدين تائين رهندڙ اهي نسلي تعصب وري به جاڳي پون ۽ ووٽ سندن سفيد رنگ واري ڀاءُ جان مڪين کي ملي. اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه آمريڪي سياست ۾ ناهي، انهيءَ ڪري ان کي ”براڊلي افڪيٽ“ چئبو آهي. يعني ووٽ جو واعدو ڪاري سان ۽ ڏبو وڃي اڇي کي.

    ”براڊلي افيڪٽ“ نالي اهو عنصر ٽام براڊلي نالي هڪ ڪاري رنگ واري آفريڪي–آمريڪي سان منسوب آهي. 1982ع ۾ ٽام براڊلي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي گورنر جي عهدي لاءِ بيٺل هو. سڀني پولز ۽ سروي ۾ کيس برتري حاصل هئي، سڀني اخبارن کيس تقريبن فاتح ڄاڻائي ڇڏيو هو، پر جڏهن چونڊن جا نتيجا آيا ته ٽام براڊلي هارائي ويو. اهو سياسي رويو آمريڪي اليڪشن ۾ عام آهي. مختلف شهرن جي ميئرن ۽ آمريڪي ڪانگريس جي چونڊ ۾ اهو عام ڏٺو ويو آهي ته آمريڪي سفيد رنگ جو ووٽر جيتوڻيڪ ٻاهران پاڻ کي لبرل ۽ ڊيموڪريٽڪ ظاهر ڪندو آهي، پر اندران وري به قدامت پسند ۽ نسل پرست هوندو آهي ۽ ووٽ به انهيءَ نسل پرستي جي بنياد تي ڏيندو آهي. نسل پرستي اڃا تائين آمريڪي سياست ۾ هڪ وڏو هٿيار آهي. انهيءَ هٿيار جو استعمال هن اليڪشن ۾ به عام ڏٺو ويو آهي. اليڪشن مهم دوران اهڙا گندا طريقا عام جام رهيا آهن، جنهن ۾ اوباما کي اسامه بن لادن سان ملايو ويو يا سندس پيءَ جي مسلمان هئڻ ۽ سندس مدرسي ۾ پڙهڻ واري اشو کي وڌائي پيش ڪيو ويو. اهڙيون حرڪتون به ڪيون ويون، جنهن جو مقصد اقليتي گروپ ۽ آفريڪي–آمريڪي ماڻهن کي چونڊن کان پري رکجي. پر هن ڀيري ڊيموڪريٽڪ پارٽي پوري تياري ڪئي آهي. انهن انهيءَ ڳالهه جو پورو انتظام ڪيو آهي ته، وڌ ۾ وڌ ماڻهو ووٽ ڏيڻ اچن. کين انهيءَ ۾ ڪافي ڪاميابي به ملي آهي.

    آمريڪي چونڊن ۾ عام طور تي ووٽ ڏيڻ جي شرح ڪافي گهٽ هوندي آهي. اليڪشن وارو ڏينهن ڪم ڪار وارو هئڻ سبب هيٺين طبقي سان واسطو رکندڙ وڏي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجي روزگار جي ڏهاڙي وڃائي ووٽ ڏيڻ نه ايندا آهن ۽ هي ئي اهو طبقو آهي، جيڪو عام طور تي ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي ووٽ ڪندو آهي. پر هن ڀيري ڊيموڪريٽڪ پارٽي ڪوششون وٺي انهن غريبن ۽ هيٺين طبقي جي ووٽرن کي پولنگ بوٿن تائين وٺي اچڻ جي حڪمت عملي جوڙي آهي.

    هڪ طرف ڪي ماهر اهو خدشو پيا ڏيکارين ته اڃا آمريڪي ماڻهن جي ذهنيت تبديلي نه ٿي آهي، ته ٻئي طرف ٻيا پيا چون ته هاڻ وقت تبديل ٿي چڪو آهي، آمريڪي نئون نسل هڪ ڪاري رنگ واري ماڻهوءَ کي ملڪ جي نئين صدر طور قبول ڪري چڪو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ماڻهو هاڻ ريبپليڪن ۽ بش حڪومتي ٽولي جي پاليسين کان بيزار ٿي چڪا آهن، اهي تبديلي چاهين ٿا، اهي هاڻ لالچي واپارين جي منافعن لاءِ پنهنجا ٻچا عراق ۽ افغانستان ۾ مارائڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ نه ئي اهي چاهين ٿا ته سندن ٽيڪسن جو پئسو جنگ ۾ خرچ ٿئي. اهي انهن معاشي پاليسين مان به تنگ آهن، جنهن ڪري آمريڪي معيشت جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج وڃي پٽ تي پئي آهي. جنهن ۾ به عام وچولي طبقي جي ماڻهن جا اربين ڊالر ٻڏي ويا آهن. هاڻ آمريڪي ماڻهو امن، روزگار، تعليم ۽ تحفظ گهرن ٿا. اهي ئي سڀ شيون آهن، جيڪي ڏيڻ جو واعدو اوباما ڪري رهيو آهي، آمريڪا اها تبديلي چاهي ٿو، جنهن تبديليءَ جو اهڃاڻ اوباما آهي.

    آمريڪا جون صدارتي چونڊون ڪهڙا به نتيجا آڻين، پر هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته هاڻ بش پاليسين جو دور ختم ٿي چڪو آهي. اليڪشن ۾ ڪير به کٽي پر هاڻي اهو انهن پاليسين کي جاري نه رکندو، جن پاليسين سبب نه فقط آمريڪا جي خواري ٿي آهي، پر آمريڪي معيشت تباهيءَ جي ڪناري تي وڃي پهتي آهي. هي اليڪشن آمريڪي پاليسين جي هڪ نئين دور جو آغاز ڪندي. هي چونڊون تبديلي آڻينديون. جيڪڏهن هي اليڪشن اوباما کٽي ٿو ۽ جنهن جا چٽا امڪان آهن، ته پوءِ اهو تبديلي جو عمل تيز ٿيندو. اسان به اها اميد ٿا رکون ته هن اليڪشن جي نتيجي ۾ هڪ نئين دنيا جي جوڙجڪ ٿيندي، اهڙي دنيا، جنهن ۾ امن هوندو. جنهن ۾ ماڻهو خودڪش بمبار جي حملي جي ڊپ کان آزاد ٿي بازار ۾ گهمي سگهندو. هڪ اهڙي دنيا، جنهن ۾ معاشي پريشانيون ماڻهن کان ننڊون نه کسينديون. هڪ اهڙي دنيا، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي اولاد جي مستقبل جي باري ۾ ڳڻتي نه کائيندو.

    manojhalai@yahoo.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عيد ۽ خوشي





    اڱارو 9 ڊسمبر 2008ع



    وقت پنهنجو دائرو پورو ڪري انهي جڳهه تي آيو آهي جتي اسان کي وري هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي خوشين ونڊڻ جو موقعو مليو آهي، وري اسان کي پنهنجن سڀني غمن، ڳڻتين، فڪرن ۽ پريشانين کي پاسي تي رکي مرڪن، ٽهڪن، خوشين محبتن ۽ دوستين کي پنهنجي چوگرد ڦهلائڻ جو موقعو مليو آهي. وري اسان کي اونداهين کي هٽائي روشين جلائڻ جو موقعو مليو آهي. وري فراقن کي ختم ڪري وصال جا لمحا ميسر ٿيا آهن.

    وري معصوميت سان وقت بسر ڪرڻ جي ساعت نصيب ٿي آهي. وري انڊ لٺي رنگن کي وکرڻ لاءِ آسمان مليو آهي ۽ وري سڪون جو ڊگهو ساهه اسان جي وجود کي تازگي بخشي رهيو آهي. وري عيد آئي آهي ته جيئن اسان کي نئين سر جيئڻ جو موقعو مليو.

    اهو مڃـون ٿا ته زندگي ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ نه آهي. اسان پاڻ کي ڪنهن خود فريب ۾ رکڻ نه ٿا چاهيون. اسان انهي کان واقف آهيون ته اونداهه ۽ موت جو قوتون في الحال زندگي ۽ روشني جي قوتن تي غالب آهن. اسان اهو به ڏسون ٿا ته ننڍي کنڊ جي مٿان اڏامندڙ امن جو پکي بمبئي ۽ پشاور ۾ دهشتگردي جي هلايل گولين ۽ لڳايل بمن زخمي ٿي لڇي رهيو آهي. اهو به محسوس ڪريون ٿا ته سڄي عالم جي معاشي بدحالي ماڻهن جي روزگار جا وسيلا کسي ڇڏيا آهن ۽ عام انسان پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ٻچن لاءِ ٻن وقت جي ماني ٽڪر جي بندوبست ڪرڻ ۾ پريشان آهي. اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته مدد تحفظ ۽ پنهنجي مستقبل جي ڳڻتي ماڻهن کان سندس سڪون کسي ڇڏيو آهي. اهو به اسان جي علم ۾ آهي ته زندگي مان گھڻن کي ڪو اطمينان به نه آهي. پر انهيءَ ڳالهين جي موجودگي ۾ ته اسان کي عيد جهڙين موقعن جي ضرورت آهي. هي ته اهو ڏڻ آهي جنهن ڏينهن ته اسان خوشيون ملهائي اهو با آور ٿا ڪرايون ته موت ۽ اونداهي جا سوداگر اسان کان طاقتور نه آهن ۽ اسان انهن کان پنهنجون ڇنيل خوشيون واپس ورائي سگهون ٿا، اسان اڄوڪي ڏينهن ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته ڀلي زندگي ڪيتري به مايوس ڪن ڇو نه هجي پر اسان ۾ وري به جيئڻ جو حوصلو آهي ۽ اسان زندگي جي انهن سڀني مشڪلاتن جي منهن ۾ پنهنجي چپن تي مرڪون آڻي سگهون ٿا. اسان اهو به جتائڻ چاهيون ٿا ته ڪيترا به معاشي مسئلا اسان کي پنهنجي بنيادي خوشين کي حاصل ڪرڻ کان روڪي نه ٿا سگهن. اسان باربار اهو اعلان ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن اسا لاءِ زندگي جا ڪي هڪڙا گس بند ٿيندا ته اسان جيئڻ جا ڪي ٻيا گس وٺنداسين.

    پر جڏهن اسان خوشين جي ڳالهه ٿا ڪريون ته اسان اهو به سمجهيون ٿا ته اسان خوشيون رڳو مادي شين ۾ نه ٿا ڳوليون. اسان وٽ خوشيون رڳو مهنگيون مهنگيون شيون خريد ڪرڻ جو نالو وڃي بچيو آهي. اسان کي غلط فهمي آهي ته پاڙي وارن تي رعب وجھڻ لاءِ ڪيل قربانيون اسان کي خوشيون آڻي ڏينديون. اسان کي اهو ٿو محسوس ٿئي ته جيستائين اسان کي قيمتي لباس درآمد ٿيل موبائل سيٽ چمڪندڙ گھڙيون ۽ حواسن ۾ سرائيت ڪندڙ خوشيون نه ملنديون تيستائين اسان کي خوشيون حاصل ٿي نه سگهنديون. اسان پنهنجي خوشين جو ذريعو ٻئي کي بنائي ڇڏيو آهي. اسان کي ائين ٿو لڳي ته رڳو امير ماڻهو ئي خوش ٿي سگهن ٿا ۽ غريب ماڻهو وٽ خوشين جا ڪي به ذريعا نه آهن.

    اسان کي اهو سمجھڻ گهرجي ته خوشي اسان کي اتي ئي ملندي جتي اسان جو ذهن انهيءَ کي تلاش ڪندو. جيڪڏهن اسان خوشيون امارت جي بدران فقيريءَ ۾ تلاش ڪنداسين ته ڪلفي پائي دنيا کي تياڳڻ ۾ به خوشي آهي. جيڪڏهن اسين پنهنجي ذهني ڪيفيت کي تبديل ڪريون ته اسان کي خوشي تمام ننڍين ننڍين شين مان به ملي سگهي ٿي. اسان کي خوشي پرائڻ دوستن وٽ عيد جي موقعي تي وڃي ننڍپڻ جي ڪيل شرارتن کي ياد ڪرڻ ۾ به خوشي ملي سگهي ٿي. اسان کي پنهنجي ٻارن سان وري ٻار ٿيڻ ۾ به خوشي ملي سگهي ٿي. اسان کي ڪاوڙيل مائٽن ۾ وڃي کين پرچائڻ ۾ به خوشي ملي سگهي ٿي. اسان کي هن خوبصورت موسم ۾ ڪنهن پارڪ ۾ وڏو ڊگهو ساهه کڻڻ سان به خوشي ملي سگهي ٿي. خوشيون ڪائنات جي هر ڪنڊ هر ڪڙڇ هر سمت هر جهت ۾ موجود آهن فقط اسان وٽ اهو ذهني رويو هجي جنهن جي ذريعي اسان خوشي تلاش ڪري سگهون ٿا. اسان هڪ دفعو پاڻ کي اهو مڃرايون ته اسان کي خوشيون سادگي ۾ ئي ميسر ٿيڻيون آهن.

    اڄ جي ڏينهن اسان کي وري پنهنجو پاڻ سان اهو اقرار ڪرڻو پوندو ته ڇا به ٿي پوي اسان زندگي ڏانهن هڪ مثبت رويو رکنداسين زندگي اسان کي آزمائڻ لاءِ ڪهڙا به سامان پيدا ڪري پر اسان زندگي جي انهي سڀني آزمائش تي پورو لهو لاهي اهو ثابت ڪنداسين ته اسان وٽ جيئڻ جو ڍنگ آهي ۽ اسين زندگي جي جياپي لاءِ اهل آهيون، اسان اهو به ثابت ڪنداسين ته خوشيون اسان جو حق آهن ۽ اسان ڪنهن کي به اهو حق کسڻ نه ڏينداسين. اسان عيد ڏينهن وري پنهنجي جيئڻ جو اعلان ڪنداسين.

    manojhalai@yahoo.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا بنگلاديشي چونڊن کان پوءِ هاڻي ”بيگمات جي ويڙهه“ ختم ٿيندي؟







    ڇنڇر 10 جنوري 2009ع



    پوءِ ٿيو وري ائين، جنهن جي ڪنهن کي اميد به ڪو نه هئي. پاڻ ڳالهه پيا ڪريون بنگلاديش جي تازين چونڊن جي، جتي 300 سيٽن جي لاءِ ٿيل اليڪشن ۾ شيخ حسينه واجد جي عوامي ليگ کي 231 سيٽن تي ڪاميابي ملي آهي. سندس اها ڪاميابي کيس پارليامينٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ڏيندي، سندس مخالف بيگم خالده ضياءَ جي بنگلاديش نيشنل پارٽي (BNP) کي ٽيهارو کن سيٽون مس مليون، سندس اهڙي شڪست ۽ عوامي ليگ جي اهڙي فتح نه رڳو انهن ٻنهي پارٽين لاءِ پر سياسي پنڊتن لاءِ پڻ حيران ڪن آهي، جيڪي اهي پيشنگوئي ڪريو ويٺا هئا ته ٻنهن جي سيٽن جي تعداد ۾ گهڻو فرق نه هوندو، پر عوامي ليگ جي اها حيران ڪن فتح ته ڪنهن جي خواب خيال ۾ ئي نه هئي. چونڊن ۾ ووٽن وجهڻ جي شرح تقريبن 85 سيڪڙو هئي، جيڪا ٻهراڙي جي ڪن علائقن ۾ وڃي 90 سيڪڙو بيٺي. هونئن به بنگالي ماڻهو هن سڄي خطي ۾ سياسي شعور جي حوالي سان ڪافي اڳڀرا سمجهيا ويندا آهن، سندن تعليم جي شرح به سڄي ملڪ ۾ سريلنڪا کانپوءِ ٻيو نمبر تي يعني تقريبن 56 سيڪڙو آهي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي ٿيل سياسي ۽ سماجي جاڳرتا سبب ماڻهو ڪافي شعور رکن ٿا. اليڪشن جي چونڊن دوران تشدد جا واقعا به تقريبن نه جي برابر هئا ۽ عام طور تي اهو پيو سمجهيو وڃي ته چونڊون ڪافي حد تائين شفاف رهيون. اليڪشن تي نظر رکڻ لاءِ ويل ڏکڻ ايشيا جي مبصرن جي ٽيم مطابق اليڪشن آزادانه ۽ شفاف هيون ۽ يورپي يونين جي مبصرن مطابق به اليڪشن ۾ هروڀرو ڪي غلط طريقا استعمال نه ٿيا هئا. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ به اليڪشني عمل کي بنگلاديشي عوام لاءِ فخر جوڳو قرار ڏنو. چونڊون ڇاڪاڻ ته فوج جي نگراني ۾ پئي ٿيون، تنهن ڪري پوليس جي ڇهه لک سپاهين کي پولنگ اسٽيشن تي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته اڌ لک کان وڌيڪ فوجي دستا به هاءِ الرٽ ئي هئا. عام طور تي اليڪشن ۾ ووٽن دوران تمام گهڻا جهيڙا جهٽا ٿيندا آهن، پر هيل اليڪشن مڙئي خير سان گذري وئي. پر جيئن اسان وٽ ڏکڻ ايشيا جي سياست ۾ ٿيندو آهي، تيئن بنگلاديش نيشنل پارٽي جي سربراهه اليڪشني نتيجن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مائي جو خيال آهي ته سندس حامين کي اليڪشن ۾ ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو، بوٿن تي ڪوڙا ووٽ وڌا ويا، وغيره وغيره. پاڻ واري ملڪ ۾ به هر هارائيندڙ اميدوار اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي، سو اهي ڳالهيون ٻڌل سڻيل آهن ۽ پاڻ لاءِ ڪي نيون نه آهن. پر ڏٺو وڃي ته مائي جو به ڏوهه نه آهي، سندس پارٽي کي گذريل اليڪشن ۾ ايتري ئي ڪاميابي حاصل ٿي، جيڪا اڪثريت هاڻي عوامي ليگ کي ملي آهي، سو هن دفعي کين بلڪل اها اميد نه هئي ته مرڳو نتيجا اتي وڃي پهچندا، جتي سندس پارٽي جا ترا نڪري ويندا. نه رڳو اهو پر خالده ضياءَ جي اتحادي جماعتِ اسلامي جنهن گذريل چونڊن ۾ ستاويهه سيٽون کٽيون هيون، تنهن کي ماڳهين رڳو ٻه سيٽون مليون، سو نتيجن تي هاءِ گهوڙا فطري آهي.

    پر عام طور تي اهو تصور ڪيو پيو وڃي ته ڇاڪاڻ جو هيءَ اليڪشن هڪ اهڙي دور ۾ ٿي رهي، جنهن ۾ نگران حڪومت ۾ ٻنهي پارٽين جي ڪا به نمائندگي نه آهي ۽ انهيءَ فوجي جنتا جي نگرانيءَ هيٺ ٿي رهي آهي، جنهن تازو ٻنهي پارٽين کي ڪٽڪا ڪڍيا آهن. انهيءَ دور ۾ ٻنهي پارٽين تي ڪيس هليا، ٻنهي کي نظربند ڪيو ويو، سندن اولاد کي گرفتار ڪيو ويو، سندن اڳوڻن وزيرن کي سزا ڏني وئي، ٻيو ته ٺهيو، ٻنهي بيگمات کي بنگلاديشي سياست مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻنهي کي جلاوطن ڪرڻ جا پڻ منصوبا ٺاهيا ويا، تنهن ڪري موجوده حڪومت ڪنهن به هڪڙي پارٽي جي حمايت ڪئي هوندي، اهو چوڻ صحيح نه ٿيندو. هاڻ سڄو دارومدار انهيءَ تي آهي ته بيگم خالده ضياءَ اليڪشني نتيجن تي ڪيئن ٿي ردِعمل ڏيکاري. جيڪر هوءَ پر وقار طريقي سان پنهنجي شڪست قبول ڪري مستقبل لاءِ تياري ڪندي ته اهو بنگلا ديشي عوام لاءِ هڪ سٺو سنئوڻ هوندو، پر جيڪڏهن بيگم خالده ضياءَ اهي نتيجا قبول نٿي ڪري ته پوءِ وري بنگلاديش ۾ اهو ئي ٿيندو، جيڪو گذريل ٽن ڏهاڪن کان ٿيندو آهي.

    1971ع ۾ بنگلاديش جي ٺهڻ کانپوءِ شيخ مجيب الرحمان حڪومت جون واڳون سنڀاليون، پر شيخ مجيب ملڪ جي معيشت کي چڱي طرح سنڀالي نه سگهيو، ويتر 1974ع ۾ آيل ٻوڏن سبب چانورن جي فصل کي سخت نقصان پهتو. چانور ڇاڪاڻ ته بنگلاديشي معيشت جو اهم جز هو، تنهن ڪري عام ماڻهو تمام گهڻو متاثر ٿيو، ويتر 1975ع ۾ شيخ مجيب پارليامينٽري ڍانچي ۾ تبديلي آڻي انهيءَ کي هڪ پارٽي ۽ صدارتي نظام ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. 15 آگسٽ ۾ هڪ فوجي بغاوت ۾ ڪجهه فوجي آفيسرن شيخ مجيب کي سموري خاندان سميت صدارتي محل ۾ قتل ڪري ڇڏيو. مجيب جي خاندان مان فقط سندس هڪڙي ئي ڌيءَ شيخ حسينه بچي، سا به انهيءَ ڪري جو هو ملڪ کان ٻاهر رهيل هئي. انهيءَ کانپوءِ ٽن لڳاتار فوجي بغاوتن بعد جنرل ضياءُ الرحمان اقتدار ۾ آيو ۽ اها به هڪ دلچسپ ڳالهه آهي ته بنگلاديش ۾ به جنرل ضياءَ 1977ع ۾ حڪمراني سنڀالي ۽ اسان وٽ پاڪستان ۾ به ساڳي نالي واري جنرل ضياءَ 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو. بنگلا ديش ۾ جنرل ضياءَ ڪافي سڌارا آندا. 1979ع جي چونڊن ۾ سندس پارٽي کي ڪاميابي ملي، پر 1981ع ۾ جنرل ضياءَ به هڪ فوجي بغاوت ۾ قتل ڪيو ويو. جيئن شيخ حسينه واجد قتل ٿي ويل صدر شيخ مجيب جي ڌيءَ آهي ته وري بيگم خالده ضيا به قتل ٿيل صدر ضياءُ الرحمان جي زال آهي. ضياءُ الرحمان کانپوءِ جنرل ارشاد 1982ع ۾ حڪومت تي قبضو ڪيو، جنهن جو اٺ سالا دور 1990ع ۾ پورو ٿيو، جڏهن ٻنهي سياسي پارٽين ملي ڪري جنرل ارشاد جي خلاف تحريڪ هلائي. 1990ع ۾ ٿيل نسبتن شفاف چونڊن ۾ بيگم خالده ضياءَ جي پارٽي اڪثريتي پارٽي ٿي اڀري ۽ ان حڪومت ٺاهي. انهيءَ کانپوءِ اهو دور ٿيو، جنهن کي بيگمات جي جنگ (Battles of Begums) سڏيو ويندو هو. بيگم خالده ۽ بيگم حسينه واجد جي وچ ۾ اقتدار جي جنگ ملڪ کي بحرانن ۾ وجهي ڇڏيو. اليڪشن ۽ انهيءَ ۾ بائيڪاٽ ۽ وري اليڪشن کانپوءِ 1996ع ۾ حسينه واجد اقتدار ۾ آئي. وري ساڳي وٺ وٺان، احتجاج پر هن پنهنجو ٽرم پورو ڪيو. 2001ع ۾ ٿيل اليڪشن ۾ وري خالده ضياءَ اقتدار ماڻيو ته اقتدار جي رساڪشي وري شروع ٿي، تان جو 2007ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ ٿيل وڳوڙن دوران وڏي پيماني تي جانين جي زيان سبب آرمي هڪ دفعو وري اقتدار ۾ ڪاهي پئي ۽ ايمرجنسي لڳائي ڇڏيائين. ”ڍاڪا فارمولا“ تحت ٻنهي وڏين پارٽين کي سياست کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون، پر نيٺ جمهوريت وري ڪامياب ٿي، هڪ دفعو وري حسينه واجد اليڪشن کٽي ۽ هاڻ هوءَ حڪومت ٺاهڻ واري آهي.

    بنگلاديش ۾ بيگمات جي ويڙهه کي روڪڻ لاءِ حسينه واجد مخالف ڌر کي اها دعوت ڏني آهي ته اهي اچي ساڻن اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين. جيڪر ايئن ٿيو ته بنگلاديش ۾ ماڻهن کي سک جو ساهه کڻڻ لاءِ ملندو. هڪ اهڙو ملڪ، جنهن جي وڏن شهرن کي ماحولياتي تبديلي سبب ٻڏڻ جو خطرو آهي، جتي هر ٻئي يا ٽئين سال طوفان تباهي آڻي وري ملڪ کي پوئتي ڌڪي ڇڏي، جتي اڃا آبادي جو وڏو حصو غربت ۾ گذاري ٿو ۽ ماڻهن کي بنيادي سهولتون ميسر نه آهن، اهڙي ملڪ ۾ جڏهن سياسي بحران ايندا آهن ته اهي عوام لاءِ عذاب ٻيڻا ڪندا آهن. اميد ٿي ڪجي ته نه رڳو بنگلاديش، پر ڏکڻ ايشيا جون ٻيون پارٽيون به هڪ نه ختم ٿيندڙ ويڙهاند کي پاسيرو رکي پنهنجي پنهنجي ملڪن جي ماڻهن لاءِ ڪو خوشحالي ۽ امن جو پروگرام کڻي اينديون ته جيئن هتي جا ماڻهو به ڌرتي تي سکيو ساهه کڻي سگهن.

    manojhalai@yahoo.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڊسمبر جا وڇوڙا ۽ نئين سال جون اميدون!




    جمع 1 جنوري 2010ع



    اسان جيڪي غريبِ شهر آهيون ۽ جن جي هٿن ۾ فقط هڪ ئي گل آهي، سي انهي جو فيصلو ڪري نه سگهيا آهيون ته اهو گل اسان گذريل سال جي انهن معصومن جي قبرن تي رکون، جيڪي هڪ انڌي جنگ ۾ بيگناهه ماريا ويا، يا اهو گل هن نئين سال جي موقعي تي ڪنهن اميد سان ڀريل اکين واري معصوم چهري جي نذر ڪريون؟ اسان جن وٽ رڳو هڪڙي ئي ميڻ بتي آهي، سي اڃان انهي ٻڏتر ۾ آهيون ته اُها ميڻ بتي گذريل سال جي اونداهين ۾ ڀٽڪي ويل ۽ نه ورندڙ مسافرن جي يادن کي ارپيون يا نئين سال ۾ امن جي اميد لاءِ روشن ڪريون؟ اسان جن جي نڙي ۾ هڪ آواز آهي، سي انهي فيصلي ڪرڻ کان قاصر آهيون ته انهي آواز سان گذريل سال ۾ خاموش ٿي ويل پاڪيزه ٽهڪن جي ماتم ۾ نوحه گري لاءِ سسڪون يا ايندڙ سال جي لاءِ نون واعدن ۽ پيمانن لاءِ سرگوشيون ڪريون؟ اسان جن وٽ چونڊڻ لاءِ هڪ ئي رنگ آهي، سي اڃان تائين انهي سوچ ۾ آهيون ته اهو رنگ اسان گذريل سال جي المين جي ماتم جي سياهيءَ لاءِ چونڊيون يا ايندڙ سال جي خوشين جي لالاڻ لاءِ چونڊيون؟ سچ پچ ته آئون اڃان انهيءَ ئي مونجهاري ۾ آهيان ته اڄ پنهنجا هي حقير لفظ گذريل سال جي زخمن کي سبڻ لاءِ لکان يا وري ايندڙ سال جي ڪن اڻڏٺل خوشين جي اميد لاءِ ارپيان؟ناميدي، اميد، غم، خوشي، اونداهه، روشني، نوحي، سهري ۽ سڏڪن، ٽهڪن جي وچ ۾ هئڻ واري هن عذاب جو هڪ سبب آهي، ۽ اهو سبب آهي ڊسمبر ۽ جنوري وارا ٻه مهينا. اهو ڄاڻندي ته وقت جا هي ٻئي ماپا اسان جي هٿ جا گهڙيل آهن، پر اهي مهينا منهنجي لاءِ انتهائي مختلف ڪيفيتون کڻي ايندا آهن. آئون سياري جي مند جو هميشه کان متلاشي رهيو آهيان. پوهه جي مهيني جون راتيون مون لاءِ هميشه کان پرڪشش رهيون آهن. مونکي سياري جي مند جي ڪچڙي اُس انتهائي وڻندي آهي ۽ پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ سياري جي هن مختصر اُس ۾ ويهڻ لاءِ ايئن ئي سڪندو آهيان، جئين گلزار جي دل انهيءَ گيت ۾ اهي ڏينهن رات وري ڳوليندي رهندي آهي. مون کي سياري جي سنسان رات ۾ پنهنجي دوستن سان ڊگهو واڪ ڪرڻ پسند آهي. مون کي سياري ۾ ڪوئلن تي پچندڙ گجر جي مٺڙي مٺڙي خوشبوءِ سدائين معطر ڪري ويندي آهي. مون کي سياري ۾ پنهنجي ٻارن سان چڪن ڪارن سوپ پيئندي ڏاڍو مزو ايندو آهي. مون کي پنهنجي گهرواري سان ڪافي جي مگ تي هِتي هُتي جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون ڪرڻ به سٺو لڳندو آهي. مون کي سياري جون ڊگهيون راتيون انهي ڪري به پسند آهن جو انهن ڊگهين ۽ سرد راتين ۾ سوڙ ۾ ويهي ڪري آئون دير تائين ڪتاب پڙهڻ جو موقعو هٿ ڪري وٺندو آهيان. مونکي شام جو اوني شالن ۾ ملبوس عورتن ڏاڍيون حسين لڳنديون آهن. وات مان نڪرندڙ دونهن کي روڪڻ لاءِ سگريٽ وانگر ٻه آڱريون چپن تي رکندڙ ٻار پيارا لڳندا آهن. پر سياري سان منهنجي انهيءَ چاهه جي باوجود سياري جي مند جا هي ٻه مهينا ٻن الڳ الڳ رنگن ۾ رنڱيل هوندا آهن. مون کي ڊسمبر کان ڀئه لڳندو آهي ۽ مون کي جنوري جو هميشه انتظار رهندو آهي.

    مونکي ائين لڳندو آهي ته ڊسمبر هڪ اهڙو راڪاس آهي، جنهن کي جڏهن پنهنجي ختم ٿي وڃڻ جو يقين ٿي وڃي ٿو ته اهو انتقام جي طور تي هر شيءَ کي تباهه ۽ تاراج ڪندو ٿو وڃي. ڊسمبر جو مهينو مون کي وڇوڙي جو وقت لڳندو آهي ۽ مون کي هميشه اهو احساس ٿيندو آهي ته هيءُ مهينو مون کان ڪجهه نه ڪجهه کسي ويندو. ڏسو ته سهي ڊسمبر اسان کان ڇا ڇا ته کسيو آهي. ڊسمبر اسان کان ڌيمن لهجن جو شاعر منير نيازي کسي ورتو. اُهو منير نيازي جيڪو چونڊو هو:

    ايک اور دريا کا سامنا تها مجهي منير،

    جب مين ايک دريا کي پار اترا.

    هن ڊسمبر اسان کان ڪومل جذبن جي اُها خوبصورت شاعره پروين شاڪر به کسي ورتي. اها پروين شاڪر جنهن جي غمزده اکين ۾ ڏک واڪا ڪندا هئا ۽ هوءَ چونڊي هئي ته:

    تجهه کو بهي نه سل سکي مڪمل،

    مين اتني دکهون مين بٽ گئي تهي!

    انهيءَ ڊسمبر اسان کان اياز به کسي ورتو. اهو اياز، جنهن کانسواءِ نئين دور جو رومانوي احساس بي معنيٰ آهي. جنهن اسان جي شعور کي هڪ مترنم آواز ڏنو، ۽ جنهن اسان کي برِصغير جي جديد شاعري ۾ جڳهه ڏني. اهو اياز به هن ڊسمبر ۾ اسان کان کسجي ويو. هي اهو اياز آهي، جنهن چيو هو ته،

    ڏس ڏس مون ماڻهو مٽي آ ڳوڙهي گوڙهي سان ڳوهي،

    ڪيڏو نه لسايو آپيارا، ڇا جام بڻايو آ پيارا.

    پر انهن سڀني کان وڌيڪ ڊسمبر اسان کان بينظير کسي ورتي. هو گلابن جهڙي پنڪي، جنهن پنهنجي وجود سان سنڌ کي معطر ڪيو هو. هو جنهن جي ڌرتي سان جڙڻ هن ڌرتي جو ڀاڳ هو. هوءَ جا انهن سڀني لاءِ روشني مثل هئي، جن جو حياتيون انڌرين کان ٻاهر نڪري نه سگهيون هيون. هوءَ جا نٽهڻ اس ۾ هلندڙن لاءِ ڇانو جيان هئي. هوءَ جنهن جي وڇوڙي جي ڪرب کي اڃان آئون قلم ذريعي بيان ڪرڻ جي همت ساري نه سگهيو آهيان. اُها بينظير ڪئين هئي؟ آئون ڇا ٿو بيان ٿو ڪريان، بس ذيشان ساحل جو نظم ئي هتي ڏئي سگهان ٿو،

    وقت کي گذرني پر تم جو بهول جائوگي،

    هم تمهين بتائين گي بينظير کيسي تهي،

    زندگي کي ماتهي پر وه لکير جيسي تهي،

    ظلم کي نشاني پر ايک تير جيسي تهي

    شهر کي غريبون مين اک امير جيسي تهي،

    بيظير تو بس بيظير جيسي تهي

    انهي ڊسمبر جا اسان جي سياست، ادب، احساسن ۽ جماليات تي جيڪي راتاها آهن، سي مون کي ڊسمبر کان ڊپ ڏياريندا آهن.

    پر جنوري مون لاءِ اميد کڻي ايندو آهي. هيءَ جنوري ئي آهي، جنهن اسان لاءِ هن ڌرتي تي ٻه عظيم الشان اڳواڻ آندا. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جي ايم سيد. اهي ٻئي ليڊر آهن، جيڪي اڄ جي جديد سياست کي بيان ڪن ٿا. سنڌ جي سياست جي ٻن الڳ ڌارن کي هنن ٻن سياستدانن کان الڳ ڪري ڏسي به نٿو سگهجي. جيڪڏهن ڊسمبر اسان کان پروين شاڪر، منير نيازي، شيخ اياز ۽ بينظير کسي ورتا هئا، ته جنوري اسان کي اهڙا ٻه وڏا اڳواڻ ڏنا. جيڪڏهن ڊسمبر موت جو استعارو ٿي اڀريو آهي، ته جنوري زندگي جو اهڃاڻ آهي. جيڪڏهن ڊسمبر اسان لاءِ مايوسيون آنديون آهن، ته جنوري اسان لاءِ اميد آندي آهي. جيڪڏهن ڊسمبر اسان کي ڳوڙها ڏنا آهن ته جنوري اسان کي هڪ بهتر مستقبل جو خواب ڏنو آهي. ڊسمبر هاڻ گذري چڪو آهي ۽ جنوري اسان لاءِ اچي چڪو آهي. آئون ڄاڻان ٿو ته چئوگرد علامتون ڪي چڱيون نه آهن. آئون واقف آهيان ته موت آدم بوءِ ڪندو اوچتو ڪٿان به نمودار ٿي سگهي ٿو. مايوسي فضا ۾ موجود آهي ۽ مايوسي اسان جي ساهه جو حصو ٿي چڪي آهي. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود آئون توهان کي جنوري جي اچڻ تي اميد ڏيان ٿو. اچو ته اها اميد ڪريون ته ايندڙ وقت تان مايوسين جو ڪوهيڙو هٽي ويندو ۽ نئين سال جو سج اسان لاءِ ڪا خوشين ۽ خوشبوءِ جي نويد کڻي ايندو. اچو ته گڏجي اِها اميد ڪريون ته هن جنوري جي آمد سان اسان لاءِ خوف ۽ خطرن جا ڪڪر ختم ٿي ويندا ۽ اسان پنهنجي پيارن سان هڪ بي خوف زندگي گذاري سگهندا سين.

    manojhalai@yahoo.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    او منهنجي جيجل ٻولي!





    ڇنڇر 30 جنوري 2010ع



    منهنجي جيجل!

    منهنجي ماءُ ٻولي، توکي خط لکڻ، ماڻهن کي شايد عجيب لڳي پر مونکي بلڪل عجيب نه ٿو لڳي. توسان اڄ هي رتي جي رهاڻ ڪرڻ مونکي وڌيڪ سڦل لڳي ٿو، انهيءَ سڄي ڳالهه ٻولهه کان جيڪا اسان روز پنهنجي وجود جي ثابتي ڏيڻ لاءِ ماڻهن سان پيا ڪندا آهيون. پنهنجي ٻولي سان مخاطب ٿي، پنهنجي هانوَ کي هلڪو ڪرڻ مونکي وڌيڪ ڦلدائڪ ڀاسي ٿو، انهن سڀني ڪاڳرن کي ڪارو ڪرڻ کان، جيڪي آئون هيستائين ڪندو آيو آهيان. پنهنجي ٻولي سان ويهي آئون ڇونه اندر جو حال اوريان؟ آخر ٻولين جو به ته وجود آهي. ٻوليون جيئَن ٿيون ۽ ٻوليون مرن ٿيون. ٻولين سان پيار ڪبو آهي ۽ ٻولين سان نفرتون ڪبيون آهن. ٻولين سان رشتا جڙندا ۽ ٻولين سان تشخص ٺاهبا آهن. مونکي محسوس ٿئي ٿو ته تون منهنجي چوڏس هميشه موجود هوندي آهين، تنهنڪري اڄ توکي خط لکي رهيو آهيان، جو مان ڀانيان ٿو ته تون مونکي سڀ کان ويجهي آهين. شايد آئون پهريون ماڻهو آهيان، جيڪو تنهنجي وجود جي موجودگي کي محسوس ڪندي، توکي هيءُ خط لکي رهيو آهيان.

    منهنجي مٺڙي ٻولي! توکي خبر آهي ته اڄڪلهه تنهنجي حوالي سان ڪافي گهڻيون سرگرميون ٿي رهيون آهن. اسان جا سڄاڻ ۽ ڏاها توکي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ مصروف آهن. آئون ڄاڻان ٿو ته تون انهن ڳالهين کان بي نياز آهين، تنهنجو وجود آدجڳاد کان آهي ۽ انت تائين رهندو. توکي انهيءَ ڳالهه جي ذري جي به پرواهه نه آهي ته حڪومتون توکي ڪهڙو درجو ڏين ٿيون. توکي انهيءَ جو يقينن فڪر آهي ته ماڻهو توکي پنهنجي دلين ۾ ڪهڙو درجو ٿا ڏين؟ توکي اها اونَ هوندي آهي ته تنهنجو وجود ماڻهن جي چپن ٿي هُري ٿو يا نه. تو هزارن سالن کان سوين دور ڏٺا آهن، تون انهيءَ کان واقف آهين ته ڀلي سرڪار جو توڏانهن رويو ڇا به هجي، پر جيڪڏهن عام ماڻهو توکي هانوَ سان هنڊائي ٿو ته تنهنجي لاءِ اهو ئي وڏو مرتبو آهي. تنهنجي اها قلندرانه بي نيازي بلڪل صحيح، پر منهنجي دل به چوي ٿي ته توکي هن ڌرتي سان جڙيل ٻين ٻولين سان گڏ اُها حيثيت ملي، جيڪا تون لهڻين. ٻين سڀني سان گڏ منهنجي من ۾ اها آس آهي ته تون به هن ملڪ جي قومي ٻولين ۾ ڳڻجين.

    منهنجي پياري ٻولي! ڪڏهن ڪڏهن مونکي تو وانگي لڳندو آهي ته تنهنجي لاءِ ٿيندڙ هي مجلسون، هي تقريرون، ۽ اهي سڀ ڳالهيون اجايون آهن. مون کي ته ائين به لڳندو آهي ته اهي سڀ سرگرميون توکي بچائڻ کان وڌيڪ انهن مقررن ۽ مهمانن جي اسٽيجن تي قائم مسَندن کي قائم رکڻ جون مشقون آهن. تنهنجي عظمتن جا گڻ ڳائي اهي مقرر پنهنجي گڻن جي داد وصولي جا طالب آهن. هي توکي بچائڻ لاءِ نيڻ نَم ڪندڙ شايد پنهنجين ڪرسين ۽ حيثيتن کي بچائڻ جي جستجو ۾ رڌل آهن. تون ته انهن مذاڪرن ۽ انهن اجلاسن کان گهڻو، گهڻو مٿي آهين. هنن کي تنهنجي ضرورت ڀلي هجي، پر توکي انهن جي ضرورت نه آهي. توکي ته انهن مائرن جي ضرورت آهي، جيڪي پنهنجن ابهم ٻارن سان اڪيلائي ۾ ڪچهريون ڪري، سندن ڪنن ۾ تنهنجي مڌرتا اوتين، توکي ضرورت انهن پيئرن جي آهي، جيڪي آڱر جهلي پنهنجن ٻارن کي فطرت جي مختلف مظهرن سان تنهنجي وسيلي واقفيت ڪرائين، توکي انهن مخلص استادن جي ضرورت آهي، جيڪي اکين ۾ علم جي اُڃ کڻي ايندڙ شاگردن کي نظمن جي صحيح هِجي ۽ اُچار سيکارين، توکي ضرورت انهن ليکڪن جي آهي، جيڪي دنيا جهان جي علم ۽ ادب سان توکي شاهوڪار ڪن، توکي ضرورت اڄ جي اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ماهرن جي آهي، جيڪي توکي ٻين سڌرندڙ ٻولين جي ڀرسان آڻي بيهارين، توکي انهن فنڪارن جي ضرورت آهي، جيڪي رنج منج جي ڀومي تي تنهنجو مان مٿانهون ڪن. توکي هر ڪاڄ ۾ شريڪ ٺلهيون ڳالهيون ڪندڙن جي ضرورت نه آهي.

    منهنجي امڙ! آئون تنهنجي غم کان ڀلي ڀت واقف آهيان. مون کي انهيءَ جو بلڪل احساس آهي ته تنهنجي دل پنهنجي انهيءَ اولاد ڪري ملول آهي، جيڪي توکي پنهنجو ڪرڻ کان انڪاري آهن. تون يقينن انهيءَ تي رنجيده آهين ته تنهنجا پنهنجا توکي پنهنجن گهرن مان، پنهنجي محبتن مان، پنهنجي ڪاروبار مان ۽ پنهنجي حياتي مان نيڪالي ڏئي رهيا آهيان. ڪجهه ئي ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته تنهنجي هڪ سپوت پٽ ۽ منهنجي پياري دوست نثار نظاماڻي سان توسان ٿيل پنهنجن جي انهيءَ ڪلور جو ذڪر ٿي رهيو هو. مارگلا جي جبلن ۾ رهيل ۽ هڪڙي گهڻ قومي اداري ۾ ڪم ڪندڙ نثار نظاماڻي اهو شعوري فيصلو ڪيو ته سندس نياڻي سنڌي ضرور پڙهندي. هن انهيءَ خاطر اسلام آباد جي هڪ بهترين اسڪول کي ڇڏي، پنهنجي ننڍڙي کي حيدرآباد موڪليو ته جيئن هو پنهنجي ماءُ ٻولي (توکي)کي سکي سگهي، پر اها ڳالهه نثار لاءِ ڏاڍي حيرت ۾ وجھندڙ هئي ته نج سنڌي وسندي قاسم آباد ۾ به نالي ۾ وڏا اهي خانگي ادارا سنڌي پڙهائڻ کان انڪاري هئا! انهن وٽ سندن اسڪولن جي انهيءَ سلسلي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙو نصاب هئڻ جهڙو ردي دليل هو، پر اڃان به افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن خانگي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي مائٽن کي به انهيءَ جو بلڪل احساس نه آهي ته سندن ٻار پنهنجي ماءُ ٻولي (توکان) پڙهڻ کان محروم رکيا پيا وڃن. اهي والدين ته اهي ڳالهيون ڪندي به ٻڌا ويا آهن ته سنڌي پڙهڻ مان آخر فائدو ڪهڙو آهي؟ آخر سنڌي پڙهي ڪهڙي نوڪري ملندي؟ سنڌي ٻولي پڙهڻ سان ڪهڙي ترقي ڪبي؟ پر هو اهو ڄاڻن نه ٿا ته هر عمل کي معاشي فائدن واري ڪسوٽي تي نه پرکبو آهي.گلن جي خوشبوءَ مان ڪهڙيون تجوڙيون ڀربيون آهن؟ موسيقي مان ڪهڙا گريڊ ملندا آهن؟ چانڊوڪي مان ڪهڙو نفعو آهي؟ پيار ڪرڻ سان ڪهڙي پگهار وڌندي آهي؟ پر اهي سڀ زندگي جي سونهن لاءِ ضروري آهن. اهي نه هجن ته زندگي ڀوائتي ٿي پوي. ساڳي طرح ماءُ ٻولي کي به، ترقي، نوڪري ۽ معاشي فائدن جهڙن حقير قدرن تي پرکي نه ٿو سگهجي.

    پنهنجي ٻولي جا پنهنجا ڪارج آهن. ٻولي توهان جي سڃاڻپ آهي. ڪنهن کان سندس ٻولي کسي ڇڏجي ته هن گوناگون دنيا ۾ سندس تشخص ڪهڙو وڃي رهندو؟ توهان ڀلي پنهنجي ٻولي کي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ کان لنوايو، پر ٻي سڄي دنيا توهان کي توهان جي ٻولي سان ئي سڃاڻيندي. ٻولي توهان کي پنهنجي وجود ۾ موجود هزارن سالن جي تجربن تي محيط لوڪ ڏاهپ جي خزاني جي ڪنجي، چوڻين ۽ پهاڪن جي صورت ۾ ڏئي ٿي. ٻولي توهان کي توهان جي عملي ۽ ادبي ميراث جي وارثي ڪرڻ جي لائق بڻائي ٿي. ٻولي توهان کي پنهنجي تهذيبي تسلسل سان لولين، ڳيچن، داستانن، ساڻن ۽ ساٺن ذريعي ڳنڍي رکي ٿي. ٻولي توهان کي پنهنجي اردگرد جي واءُ سواءُ کي اخبارن ۽ رسالن، ٽي وي ۽ ريڊيو ذريعي پروڙڻ جو موقعو ڏئي ٿي. ٻولي توهان کي پنهنجن ئي ماڻهن سان جڙڻ جو وسيلو مهيا ڪري ٿي. ٻولي جا ڪيترائي ڪارج آهن ۽ ڪيترائي فائدا آهن، پر مونکي لڳي ٿو ته اسان جا محدود سوچ رکندڙ ڀائر ۽ ڀينرون انهن ڪارجن ۽ ٻولين سان وابستگين کان اڻڄاڻ آهن.

    منهنجي جيجل! تو وانگر مونکي به اهو خوف آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ سنڌ جي پڙهيل لکيل ۽ سکيي ستابي طبقي جي ڊاڪٽرن، انجنيئرن، بئنڪرن، آفيسرن، واپارين ۽ زميندارن جا ٻار، جيڪي ننڍڙن وڏن شهرن ۾ رهن ٿا، سي توکان اڻڄاڻ هوندا. مونکي ته اهو سوچيندي به ڊپ ٿو لڳي ته اسان جو ايندڙ نسل، جنهن مان اسان کي وڏيون اميدون آهن ته اهي پنهنجي ديس جي دردن جا دارون بڻجندا، سي پنهنجي ٻولي، ثقافت، تاريخ، فن، ادب ۽ سياست کان اڻواقف هوندا!!

    او منهنجي مٺڙي ٻولي!

    اسان ماڻهن کي پنهنجي ٻولي (توکي) وسارڻ جو طعنو ته ڏيون ٿا، پر ڪجهه ٻين ڳالهين کي به نظر ۾ رکڻو پوندو. تنهنجي نالي ۾ ڪافي ادارا آهن، جن وٽ ڪروڙين رپين جا مالي وسيلا ۽ سوين ماڻهن جي پورهيي جي سگهه آهي، پر انهيءَ جي باوجود تنهنجي وسيلي جديد علمن کي سکڻ جو ڪو جوڳو انتظام ته ٺهيو، پر ڪو چڱو ڪتاب به نه اچي سگهيو آهي. مونکي انهيءَ ڳالهه تي بلڪل ويساهه آهي ته تو ۾ ايتري وسعت آهي ته دنيا جي ڪنهن به علم کي تنهنجي ذريعي سکي، ان جو اظهار ڪري سگهي ٿو، پر اها اسان جي ادارن جي خامي آهي، جو اڃان به تنهنجي وسعت لاءِ اهڙو ڪو ڪم نه ڪيو ويو آهي، نتيجي ۾ اسان جي شاگردن ۽ شاگردياڻن کي ٻين ٻولين لاءِ واجهائڻو ٿو پوي. اهو اسان جو ڏوهه آهي، جو اسان پنهنجي ٻارن لاءِ سندن سمجهه ۽ پهچ آهر ڪتاب نه پيا آڻيون، جن جي ذريعي ٻارن ننڍپڻ ۾ ئي توسان پنهنجو رشتو جوڙي سگهن. اهو الزام به اسان کي پاڻ تي ئي کڻڻو پوندو ته اسان هن جديد دور جي ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ موبائيل فون، ڪمپيوٽر توڙي انٽرنيٽ لاءِ ڪي اهڙا پروگرام نه ٺاهيا آهن، جو اسان جي نوجوانن جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي فرضن ۾ غافل رهجي وياسين ۽ توکي هن جديد دور جي گهرجن مطابق ٺاهڻ لاءِ اپاءُ نه ورتاسين ۽ رڳو ڳالهيون ڪندا، صحيحون وٺندا ۽ تقريرون ڪندا رهياسين ته پوءِ شايد ايندڙ نسلن کي توسان محبت ڪرڻ جو ڪو ڪارج نه رهندو ۽ پوءِ شايد ايندڙ نسل لاءِ تون ڪو اوپرو وجود هوندئينءَ! امڙ! تو سان ڪي موڪلياڻيون نه آهن. توکان چاهيندي به ڌار نه ٿو ٿي سگهان. بس اها حسرت آهي ته اسان سڀ توکي مان ڏيون ۽ تنهنجي سپوت اولاد ٿيڻ لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکاريون. شل تنهنجو وجود هميشه قائم رهي.

    manojhalai@yahoo.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اياز سنڌ جو ڀاڳ هو!





    اڱارو 2 مارچ 2010ع



    آئون جڏهن پوڙهو ٿي ويندس ۽ منهنجا پوٽا پوٽيون مون کان پڇندا ته توهان جي وقت جي سڀ کان ڀاڳائتي ڳالهه ڪهڙي هئي؟ اهو ڇا هو، جنهن ڪري اوهان پاڻ کي خوشنصيب ٿا ڀانيو؟ ته يقينن آئون جواب ڏيندس ته مون شيخ اياز جو دور ڏٺو هو. مون لاءِ اهو وڏو ڀاڳ آهي ته آئون شيخ اياز سان مليو هئس، مون هن کي پڙهيو هو. مون هن جي هڪڙو دفعو ئي سهي پر سندس آواز ۾ شاعري ٻڌي هئي ۽ ها منهنجي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته آئون شيخ اياز جي شاعري جي ڇانوَ ۾ وڏو ٿيو هئس ۽ آئون انهيءَ نسل سان تعلق رکان ٿو، جيڪي شيخ اياز جي شاعري ۾ جيئندا هئا. اسان وٽ محبوب جا تصور به شيخ اياز جا ڏنل هئا. اهي ٺٽي جي هوائن ۾ گلابي بدن، اهي پيلا گل پلاند ڳاڙها ويس پهريل وينگس، اها جنهن جا نهٺا نيڻ ائين هئا، جيئن رڻ ۾ رات ٺرندي آهي. اها جنهن جي وارن جي پناهن ۾ اسان کي ريتي ۾ رلندي ڇانوَ ملندي آهي، اها جنهن جي نڪ جي سوني ڦلي ايئن هوندي هئي، ڄڻ ته ڪو تارو چنڊ سان چيڪيل هو ۽ اها جنهن جو عشق اسان وٽ آرائين جيئن جهول ڀري ايندو هو، ته اسان بيوس ٿي پوندا هئاسين. آئون شايد انهيءَ آخري نسل جو فرد آهيان، جنهن وٽ انقلاب جا خواب اياز جا ڏيکاريل هئا. هو جيڪو ڌرتي کي سيس نمائڻ لاءِ چوندو هو ۽ اسان کي وڏي آواز سان گدلي سينور ۾ نيل ڪنول ٽڙڻ واري ڏوهه جو اقرار ڪرڻ لاءِ چوندو هو. هو جيڪو چوندو هو ته هي نظام خراب آهي ۽ هن سماج کي ڌوڏبو ۽ سامراج کي ٽوڙبو ۽ جوڙبو ڪو نئون نظام، جنهن کي عوام چڱو چوندو. هو جيڪو چوندو هو ته ماڻهو جي مٽي ٻيهر ڳوهڻي آهي. آئون انهيءَ نسل سان تعلق رکان ٿو، جيڪو جڏهن مايوس ٿيندو هو ته اياز انهيءَ کي آٿت ڏيندو ته هانءُ هارائڻو ڪونهي ۽ هي ڏينهن به گهاري وينداسين ۽ آخر هيءَ رات به گذرڻي آهي. جڏهن ٽارين تي ڳاڙها گل ٽڙندا ۽ هر هر ڪري ڪونجڙيون ورنديون، تڏهن هو اسان کي ملڻ جي پڪ ڏيندو هو. هو يقين ڏياريندو هو ته پنهنجي رت ۾ ريٽيل جهنڊو اڀ تائين جهولڻ وارو ڏينهن ضرور ايندو. اهو اياز هو، جنهن اسان جي نسل کي ڌرتي سان پيار ڪرڻ سيکاريو، جيڪو سنڌ تان جنم وارڻ جون صدائون ڏيندو هو ۽ جنهن جي جيءَ ۾ سنڌڙي جو ساهه جرڪندو هو. جنهن لاءِ ڌرتي ته سمورو ديس هو، پر جندڙي سنڌ سان لائڻي آهي، جنهن جا ڪاتي هيٺان ڪنڌ هوندي به سنڌڙي جا نعرا هوندا آهن، جنهن کي خبر به هوندي هئي ته سنڌڙي جو نالو وٺڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير پوڻ آهي، پر پوءِ به گيت لکي ڌرتي جو قرض لاهيندو هو، جنهن کي سنڌ سڀني رنگن ۾ قبول هئي، پوءِ ڀلي اتي لڪ لڳي يا اڪ تپن.

    انهيءَ اياز جي شاعري اسان جي نسل کي زندگي ۽ موت جو حقيقتون ٻڌايون ۽ چيو ته موت ڪا شيءِ نه آهي، زندگي آزاد پل جو نالو آهي. هن اسان کي ڏات کان وڌيڪ سچ جي ڳالهه ٻڌائي ۽ اهو ٻڌايو ته وڏي ڳالهه اهو مچ آهي، جيڪو سچ ٻاريندو آهي. اياز اسان جي شعور کي زمين تان کڻي ستارا لتاڙي ڪائنات جي ڏورانهين وسعتن ڏانهن کڻي ويو. اسان جي نسل کي سونهن جا تصور، عشق جا پيچرا، انقلابن جو عزم، جدوجهد جي جستجو، زندگي جي سمجهه، موت جي حقيقت، بک جو ادراڪ، خوشين جو احساس، سانوڻ جي تانگهه، بهارن جي هٻڪار، ظلم سان نفرت، جبر سان ويڙهه، درد کي سهسائڻ، مظلوم سان دوستي...سڀ اياز وٽان ئي ته مليو هو.

    اڄ جڏهن نئون نسل اياز جي نالي کان آشنا ناهي ۽ سندس هٿن ۾ نه اياز جو ڪتاب آهي ۽ نه چپن تي اياز جو گيت انهيءَ کي ٻڌائڻو آهي ته اياز ڇا هو؟ اسان جي نسل جنهن اياز جي ڏنل خوابن کي اکين مان وسائي ڇڏيو آهي، انهيءَ کي اياز جا قول به ياد ڏيارائڻا آهن. اسان کان اڳ جو نسل جيڪو پنهنجي مڃتا جي خواهش ۾ اياز کي ننڍڙو ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، انهن کي احساس ڏيارائڻو آهي ته اياز سنڌ کي ڇا ڏنو. شيخ اياز کان اڳ سنڌي شاعري نه ئي ڌرتي سان جڙيل هئي ۽ نه ئي ڌرتي جي ماڻهن جي دردن، خوشين، تهوارن، قصن، ڪٿائن، ڏاهپ ۽ فڪر جو انهيءَ شاعري ۾ ڪو ذڪر هو. اها اهڙي شاعري هئي، جنهن ۾ هن ڌرتي جي مٿان آسمان ۾ اڏامندڙ پکين جي لات بدران ڪنهن ٻئي ملڪ جي بلبل جو آواز هو. انهيءَ شاعري ۾ ڌرتيءَ تي ٽڙندڙ گلن ۽ وڻن بدران ڪنهن ٻئي ديس جي سور ۽ صنوبر جو ذڪر هو، جنهن شاعري ۾ ڌرتي سان وابسته دودي، سسئي، مارئي ۽ نوري بدران ليليٰ، شيرين ۽ رستم جي هاڪ هئي. انهيءَ شاعري ۾ ڌرتي جي ٻولي جي خوشبوءِ نه هئي ۽ نه ڪو ڌرتي تي اسريل صنفن يعني بيت، وائي، دوهي ۽ ڇيڄ کي ايترو قابل سمجهيو پئي ويو ته انهن کي اظهار جو ذريعو بڻائجي. انهن ۾ نه موضوئن جي ڪا نواڻ هئي، ۽ نه ئي فڪر جي گهرائپ. مشاعرن ۽ شاعرن جي نجي محفلن ۾ اسرجندڙ اها شاعري اهڙي نه هئي، جيڪا روح کي گرمائي، ماڻهن کي اتساهي ۽ قوم جي تقدير بدلائي. اها سنڌي شاعري جو گهٽ ٻوسٽ ۽ اونداهيءَ وارو دور هو. انهيءَ دور ۾ شيخ اياز آيو ۽ اياز جي اچڻ سان شاعري جي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ ڄڻ ته ٿڌڙي هير گهلي وئي ۽ چوڏس هٻڪار ڦهلجي وئي. اياز جي شاعري سان انهيءَ اماس جي رات ۾ چانڊوڪي جي اجريل روشني جرڪي پئي. اياز سنڌي شاعري کي ڳپل صدين کانپوءِ وري پنهنجي عروج واري حيثيت ڏياري. وائي، بيت، دوهو، ڳيچ ۽ گيت جهڙيون ڪلاسيڪي صنفون جن کي اياز جي دور ۽ انهيءَ کان اڳ جا شاعري ٻهراڙي جي سگهڙن جون صنفون چئي ڌڪاريندا هئا، انهن کي اياز وري معتبر بنايو. نه فقط اياز انهن صنفن کي وري تخليقي اظهار جو ذريعو ٺاهيو، پر انهيءَ کي محدود موضوعن مان ڪڍي جديد ۽ وسيع موضوعن جي اظهار لاءِ به موزون بنايو. بيت ۽ وائي جون صنفون رڳو لوڪ داستان ۽ روحاني رمزن کي پروڙڻ جو ذريعو نه رهيون، پر اڄ جي موجوده انسان جي دردن ۽ روزگار کان وٺي جدوجهد تائين سڀني موضوعن جو اظهار بڻجي ويون. هن بيت کي پڙهو، جنهن ۾ اياز بيت جهڙي صنف کي جديد دنيا جي مسئلن جي اظهار لاءِ استعمال ڪيو آهي.

    چمني مٿان چنڊ، موهي ماڻهو هينئڙو،

    سِمي پيو سونهن سان، مل کا ٻاهر منڊ،

    اندر جيئن جنڊ، پيڙهين پورهيت هڏڙا!

    ساڳي طرح اياز وائي ۽ گيت جهڙين صنفن کي به ڪلاسيڪي حدن مان ڪڍي زندگي جي هر موضوع جي اظهار لاءِ استعمال ڪيو، پر ائين نه آهي ته اياز ڪو رڳو ڪن مخصوص صنفن تائين محدود رهيو. اياز مشرقي صنفن ۾ غزل، قطعا، بيت، وائي، دوها، گيت، ڇيڄ مغربي صنفن ۾ نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ترائيل، اوپيرا ۽ جاپاني صنف ٽيڙو يا هائيڪو ۽ پنهنجي ايجاد ڪيل چئو سٽن سميت ٻين به ڪيترين ئي صنفن تي لکيو ۽ انهن کي عروج تي کڻي ويو. توهان کي هت جاپاني صنف هائيڪو جو مثال ڏيان ٿو، جيڪي اياز جي مختلف شاعري جي مجموعن ۾ شامل آهن ۽ ”پن ڇڻ پڇاڻان“ نالي سان سڄو ڪتاب به هائيڪو جي صنف ۾ لکيل آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ توهان کي هائيڪو جا مختلف رنگ نظر ايندا، جنهن ۾ جاپاني ۽ سنڌي جي خوبصورت آميزش آهي.

    سو ڪيئن سليان عام

    ڪانگل مون کي جو چيو

    لَمي مٿي لام

    ----

    مومل ساڳي سار

    کٻي تيل ڪٽورڙي

    سڄي سرها وار

    جهڙي جلا اياز سنڌي شاعري جي صنفن کي بخشي، ساڳيو اوج سنڌي ٻولي کي اياز جي شاعري ۾ مليو. اياز سنڌي ٻولي کي پنهنجي نج رنگ ۾ استعمال ڪيو. هن شاعري بديسي اثرن کي خارج ڪري سنڌي ٻولي کي اصلوڪي شڪل ۾ رائج ڪيو. اها اياز جي ٻولي ئي آهي، جنهن جو تسلسل اڄ به اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ به اياز کان بعد شاعري ڪندڙ تقريبن سڀني شاعرن ۾ ملي ٿو. اياز جو هيءُ بيت ته پڙهو ۽ انهيءَ ۾ ٻولي جي نفاست ڏسو.

    ڏيئا منجهه ڏهر، چونري چونري چمڪيا

    آڌي اتر واءَ جي، ٿر ۾ آهي ٺهر

    تو بن پوهه پهر، سو ساروڻيون سيءَ ۾

    اسان جي ڪجهه بزرگن جي اياز تي اها تنقيد آهي ته اياز مصنوعي طريقي سان شاعري ۾ نج سنڌي لفظ ٽنبيا آهن. يا وري اهو ته اياز ٿر مان لفظ کي گڏ ڪندو هو ۽ پوءِ لکندو هو. پر آئون سمجهان ٿو ته اها اياز جي شعوري ڪوشش هئي، جنهن تحت هن سنڌي ٻولي کي سنڌ جي مختلف جاگرافيائي خطن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جي ذخيري سان متعارف ڪرائي شاهوڪار ڪيو. اها ساڳي شعوري ڪوشش لطيف به ڪئي هئي، جڏهن هو مختلف سرن ۾ انهيءَ سرن جي ماڳن مطابق ٻولي استعمال ڪئي ۽ سنڌي ٻولي کي اڻکٽ لفظن جو ذخيرو ڏنو. انهيءَ سان اياز به لطيف وانگر اهو ثابت ڪيو ته هو ڪو سنڌ جي ڪنهن هڪڙي خطي جو شاعر نه هئو. پر سندن شاعري ۾ سنڌ جي سڀني ماڳن جا رنگ شامل هئا. اياز ٻولي جي معاملي ۾ ڪڏهن به جمود جو شڪار نه رهيو. اياز جي پهرين ڪتاب کان وٺي آخرين ڪتاب تائين ٻولي ۾ مسلسل تبديلي ڏسڻ ۾ ايندي، جيڪا اياز جي شعوري سفر جي عڪاسي ڪري ٿي.

    پر اياز جو سڀ کان وڏو ڪردار اهو آهي ته هن سنڌي شاعري کي تُڪ بندي، لفظن جي ٺلهي جوڙجڪ، بي معنيٰ ۽ هلڪن شعرن واري ڌٻڻ مان ڪڍي شاعري کي جمالياتي، شعوري احساسن جي اظهار جو ذريعو بنائڻ سان گڏوگڏ ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻهن جي دکن ۽ دردن کي قلم ڪرڻ لاءِ به ڪم آندو. اياز شاعري کي رڳو ذهني عياشي واري ڪيفيت مان ڪڍي شاعري کي سماجي تبديلي واري ذريعي طور به پيش ڪيو. اياز پنهنجي شعرن ۾ ڌرتي جي درد کي پيش ڪيو آهي ۽ انهيءَ جو درمان به ڏنو. سون ورني ڌرتي تي موجود بک کي فنڪارانه اظهار سان اياز کانسواءِ ٻيو ڪير پيش ڪري سگهيو آهي؟

    آ گدري جي ڦار امان!

    اڄ پورو ناهي چنڊ

    اسان کي بک به ڏاڍي آ

    ڏاڙهون ڪڻ چوڌار امان!

    هي تارا تارا منڊ

    اسان کي بک به ڏاڍي آ

    هي چنڊ امان! هي منڊ امان

    پر سڀ کان ڳورو جنڊ امان!

    هي تنهنجو ڪورو جنڊ امان!

    پر انهيءَ استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ اياز دڳ به ڏسي ٿو. بقول اياز جي ته انهيءَ سموري استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ باهه جي ڄڀي ٿيڻو پوندو.

    ڪنهن به آزادگي روئي ناهي وتي

    آگ جي راڳ جي ٿي ڪائي ڄڀي

    تون به ٿي ڪا ڄڀي، تون به ٿي ڪا ڄڀي!

    اهو اياز جو فڪر هو ته پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ اياز سنڌ جو آواز ۽ سنڌ جي جدوجهد جي علامت ٿي اڀريو. سڄي سنڌ جا نوجوان اياز کي ٻڌڻ لاءِ سمنڊ جيان اٿلي پوندا هئا. فقير عبدالغفور جي آواز ۾ ڳايل اياز جي وائي ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو“ ون يونٽ واري دور ۾ سنڌ جي احتجاج جو آواز ٿي اڀري. اياز شاعري کي محبوب جي زلفن مان ڪڍي بکايل ٻارن جي دانهن بنائي ڇڏيو.

    هي گيت لهو جي لڙڪن جا، هي گيت سلهاڙيل سڏڪن جا

    هي گيت اڏايل ڳيرن جا-آنڌيءَ ۾ آکيرن جا

    هي گيت بکايل ٻارن جا ۽ مستقبل جي تارن جا

    شاعري کي بدبوبدار ۽ سائي ورتل سماج کي بدلائڻ لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اياز کي ڇا ڇا نه سهڻو پيو. سندس ڪتابن تي پابنديون پيون، کيس جيلن ۾ وڃڻو پيو، سندس خلاف رجعت پسند قوتن جي واويلا هئي، پر اياز پنهنجي گيت جي ٻاريل مچ کي ماٺو نه ڪيو.

    سڏ کي ڪي هڏ ته ناهن

    ٽوڙ جي ٽوڙي سگهين

    مان ته ڪو آواز آهيان

    زندگي جو ساز آهيان

    موڙ جي موڙي سگهين

    شاعري ۾ اياز اتي بيٺل هو، جتي فيض، ناظم حڪمت ۽ پئبلو نرودا بيٺل هئا. هو انهيءَ صف جو شاعر هو ۽ هو اها حيثيت لهڻي. اياز تي جشن ملهائڻ گهرجن، اياز جي شاعري کي ڳائجي، اياز جي ڊرامن کي پيش ڪجي، هن نسل کي ۽ هن کان پوءِ ايندڙ نسلن کي اهو ٻڌائجي ته سنڌ اياز پيد اڪيو هو ۽ اهو سنڌ جو ڀاڳ هو.

    manojhalai@yahoo.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌي ادبي سنگت کي رضاڪارانه طور ختم ڪيو وڃي





    آچر 11 جولاءِ 2010ع



    پيارا حفيظ! نه، آئون ريما ڪو نه آهيان، آئون منوج آهيان..مون کي خبر آهي ته تون پنهنجي خط جي جواب ۾ ريما جي خط جو انتظار ڪري رهيو آهين، پر تنهنجي ڪالم/خط پڙهڻ کانپوءِ مون کان رهيو ڪو نه ٿيو ۽ آئون به ڪانگل کي خط پهچائڻ واري ڪم تي لڳائيندي، توکي هي خط موڪلي رهيو آهيان... مون کي اها خبر نه آهي ته تون مَردن جا به خط وصول ڪندو آهين يا نه، اهو شرف رڳو مستورات لاءِ مختص آهي، جيڪر اهو حق فقط ريما لاءِ مخصوص آهي ته هوءَ تنهنجي خط جو جواب ڏئي ته پوءِ آئون توکان ۽ ريما کان انهيءَ واعدي سان معذرت ٿو ڪريان ته وري اها گستاخي ڪو نه ڪبي ۽ ها، آئون انهيءَ لاءِ به معافي ٿو گهران ته آئون پنهنجي هن خط ۾ جابجا فارسي جا شعر استعمال ڪرڻ کان قاصر آهيان، آئون فارسي سکان پيو، پر آئون اڃا ابتدائي سبقن تي آهيان ۽ شيخ سعدي، عرفي، حافظ شيرازي ۽ عمر خيام جي شاعري پڙهڻ، سمجهڻ ۽ پنهنجي ڪالمن ۾ استعمال ڪرڻ واري اعليٰ درجي تي آئون اڃا پهچي نه سگهيو آهيان. توکي خط لکڻ جو به هڪڙو سبب آهي، جو تون اڪثر انهن موضوعن سان هٿ چراند ڪندو رهندو آهين، جن تي بحث ڪرڻ اسان وٽ منع آهي. اهي موضوع تنهنجي خطن/ڪالمن ۾ کنيل هوندا آهن، جيڪي هاڻ اسان جي سماجي روايتن ۾ اهڙي مقدس حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن، جن سان اختلاف اسان جي ادبي ۽ سماجي پيشوائن وٽ گناهه جي حيثيت رکن ٿا. تون اڪثر ککر ۾ کڙا هڻندو رهيو آهين، سو مون کي به هڪڙو ککر ۾ کڙو هڻڻو آهي ۽ اها ککر ڪا جهڙي تهڙي ککر نه آهي، پر انتهائي خطرناڪ ککر آهي، جنهن ۾ کڙو هڻڻ جو مقصد آهي ته پنهنجو منهن سڄائڻ ۽ هميشه لاءِ پاڻ تي ملامت کڻڻ، پر انهيءَ خطري جي باوجود به آئون اهو جوکم کڻان ٿو ۽ توکي حال ڀائيوار ڪندي انهيءَ موضوع تي قلم کڻان ٿو. ڳالهه آهي سنڌي ادبي سنگت جي ۽ اديبن جي ٺيڪيدارن جي.

    حفيظ! توکي ڪو نه ٿو لڳي ته هاڻ سنڌي ادبي سنگت پنهنجو ڪارج وڃائي چڪي آهي ۽ هاڻ سنگت کي باعزت طريقي سان ختم ڪرڻ جو اعلان ڪجي، انهيءَ کان اڳ جو تاريخي جبر انهيءَ کي ڪچري جي دٻي ۾ وجهي ڇڏي؟ توکي نه ٿو لڳي ته هاڻ اسان جي ادبي ٺيڪيدارن کي سنڌ جي شعوري اڳواڻي ڪرڻ واري دعويٰ تان هٿ کڻڻ کپي، انهيءَ کان اڳ جو اهي سماج ۾ پنهنجو رهيل سهيل قدر به وڃائي ويهن. گهٽ ۾ گهٽ آئون انهيءَ موقف جو آهيان ته سنڌ جي معروضي صورتحال ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪو به ڪردار نه رهيو آهي، بلڪه هاڻ سنگت اديبن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ واري پليٽ فارم هئڻ واري دعويٰ جي برعڪس اديبن ۾ خواهه مخواهه جي اختلافن ۽ تڪرارن جو سبب بڻجي رهي آهي. اسان سنڌ جي اديبن ۾ نظرياتي اختلافن جي بنيادن تي ورهاست ڏٺي هئي، جڏهن کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ ۽ قومپرست سوچ رکندڙ اديب هڪ ٻئي سان اصولي طور تي اختلاف رکندي، ٻن مختلف ڌڙن ۾ ورهايل هئا. سندن اهي اصولي ۽ نظرياتي اختلاف سمجهه جوڳا به هوندا هئا، پر موجوده اديبن جي ڌڙن ۾ اختلاف ڇا تي آهن؟ سا ڳالهه ته سمجهه کان ٻاهر آهي، سندن هڪ ٻئي خلاف الزام ۽ بيان بازي مان ظاهر ته اهو پيو ٿئي ته جهيڙو ڪو مال ۽ پلاٽ تي آهي. ادبي مافيائن جي سردارن جي پاڻ ۾ دشمني جو سبب اهو به نظر پيو اچي ته سڀئي، ادبي پروگرامن ۾ صدارتن ۽ مهمانِ خصوصي واري مسند رڳو پاڻ لاءِ مخصوص رکڻ چاهين ٿا.

    جيستائين سنڌي ادبي سنگت جو ادب ۾ واڌاري واري ڪردار جو سوال آهي، سو به منهنجي خيال ۾ تمام وڏي غلط فهمي تي ٻڌل آهي. ادب ڪو مشيني پورهيو ڪونهي ۽ نه ئي ڪو اديب ڪي مزدور، سو ٽريڊ يونين ٽائيپ ادبي تنظيمون نه ئي ادب کي بهتر بنائي سگهن ٿيون ۽ نه ئي اديب جي حقن جو بچاءُ ڪري سگهن ٿيون، اهو به سوال پنهنجي جڳهه تي آهي ته اديبن جا به ڪي حق هوندا آهن، ڇا يا اديبن کي به ڪنهن قسم جي بچاءُ ۽ مدد جي به ضرورت هوندي آهي؟ ادب جو سرجڻ هڪ لاشعوري ۽ رضاڪارانه انتهائي ذاتي عمل آهي، انهيءَ ۾ ادبي سنگت ڇا ٿي ڪري سگهي؟ دنيا جي ڪنهن به ادبي شاهپاري جي تخليق ادبي سنگت ٽائيپ تنظيمن جي مدد جي محتاج نه آهي ۽ نه ئي سنڌ ۾ لطيف، اياز، بخاري، حسن درس، مظهر لغاري، ماڻڪ، نسيم کرل، حليم بروهي، امر جليل، آغا سليم ۽ ٻين اديبن جون شاندار تخليقون ڪو سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگن مان نڪري نروار ٿيون آهن. سنڌي ادبي سنگت بنيادي طور تي برصغير ۾ ترقي پسند اديبن جي تنظيم انجمن ترقي پسند مصنفين جي اثر هيٺ ٺهي هئي، انجمن ۽ سنگت جو بنيادي مقصد ادب ۾ مارڪسي لاڙا ۽ کاٻي ڌر جي نظرين کي متعارف ڪرائڻ هو، اهي ادب کي هڪ مخصوص سانچي ۾ ٽڪسائڻ لاءِ وجود ۾ آيون هيون. هاڻ نه ته اهي مارڪسي نظريا دنيا ۾ ڪي قبوليت واري درجي تي آهن ۽ نه ئي اهي حالتون، جن ۾ انهيءَ سوچ ۾ سٽيل ادب جي ضرورت هجي، بلڪه ادب ۾ رڳو ڪنهن به سياسي نظريي جي ڇاپ هڻڻ ادب جو موت آهي. ادب ۽ پروپيگنڊا ۾ ايترو ئي فرق آهي، جيترو لطيف ۽ سڀني نعريباز شاعرن ۾ آهي ۽ جيترو غالب ۽ حبيب جالب ۾ آهي. ڪنهن به مخصوص سوچ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ سڄو ادب وقت جي ڌوڙ ۾ لٽجي ويندو، پر اهو ترقي پسندانه سوچ کي اڳتي وڌائڻ جي سرجيل ادب هجي يا رجعت پسندانه سوچ هيٺ تخليق ٿيل ادب هجي.

    اهو به هڪ وڏو مفروضو آهي ته ڪو سنڌي ادب سنگت جي ميٽنگ، جن کي اسان جا اديب ماستري سوچ جي اثر هيٺ ادبي ڪلاس سڏيندا آهن، تن ۾ ڪا اعليٰ درجي جي تنقيد ٿيندي آهي. مون اهي نام نهاد ادبي ڪلاس ڏٺا آهن، جن ۾ ڪنهن به تخليق تي پيش ڪيل راءِ ۾ نوي سيڪڙو اهي جملا هوندا آهن، ته ”آئون فلاڻي دوست جي راءِ سان متفق آهيان“ يا دوست کي وڌيڪ مطالعي يا مشاهدي جي ضرورت آهي“، يا ”دوست کي گهرجي ته هو ڌرتيءَ جي مسئلن کي پنهنجي لکڻين ۾ پيش ڪري“ وغيره وغيره. اهڙا ڇسا تنقيدي جملا ڪيترو ادب کي بهتر بنائيندا، تن جي سڀني کي خبر آهي. حفيظ! تون ۽ آئون انگريزي ادب جا شاگرد رهيا آهيون، پاڻ دنيا جي ادبي تحريڪن کي پڙهيو آهي، تون ٻڌاءِ ته انهن ادبي ڪلاسن ۾ عام ماستر ٽائيپ اديب/اديب دوستن جي تنقيد جي ڪا اهميت آهي! ادبي تنقيد انتهائي ڏکي ۽ خاص علم آهي، تنقيد نگار پنهنجي علم جا انتهائي ماهر هوندا آهن ۽ انهن جي تنقيد جو هڪ خاص بنياد ۽ معيار هوندو آهي، سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگن ۾ ٿيندڙ تنقيد کي ڪنهن به لحاظ کان ادبي تنقيد نه ٿو سڏي سگهجي.

    ٿئي ائين پيو جو ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ شاخون کولي واندن جا ٽولا ٺاهيا پيا وڃن، جن جو سنڌ جي شعوري هلچل ۾ ڪو به ڪردار ڪونهي، جيڪي رڳو ڌڙابندين ۽ هڪٻئي جي گلائن ۾ پورا آهن، بلڪه هاڻ ته اهي اختلاف انهن ميٽنگن مان نڪري اخبارن ۽ رسالن تائين وڃي پهتا آهن ۽ سڄي دنيا ۾ خلق کلائڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. اهڙي تنظيم، جنهن جو ڪو به سماجي ڪارج نه هجي ۽ جنهن جا ميمبر ڪنهن به تعميري سرگرمين ۾ مشغول نه هجن، تنهن تنظيم جي هئڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟

    حفيظ! تون پنهنجي ڪالمن ۾ انهن نوجوانن جو ذڪر ڪندو آهين، جيڪي سنڌ کي اوليائن جي حوالي ڪري پاڻ لت کوڙي ستا پيا آهن. جهالت ۾ ورتل ان خلق جو ذڪر ڪندو آهين، جيڪي اڃا وهمن ۽ وسوسن ۾ ورتل آهن، اسان جو نئون نسل اڃا جديد سوچ کي اختيار ڪري نه سگهيو آهي. انهيءَ جو هڪڙو سبب اهو به آهي جو اسان وٽ سائنس ۽ سائنسي سوچ کي ماڻهن تائين پهچائڻ جو ڪو ذريعو ڪونهي. ڪو وقت هو جو سيد وڏل شاهه ۽ ٻين ڪوششون وٺي سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جو بنياد وڌو هو. انهيءَ سوسائٽي جي عمارت به هئي، پر پوءِ مارشل لا جي دور ۾ اها عمارت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قبضي هيٺ اچي وئي، جيڪا اڃا انهن جي قبضي ۾ آهي. انهيءَ سبب سوسائٽي پاران نڪرندڙ اهو شاندار رسالو ”سائنس“ به بند ٿي ويو، اڄ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي نه پر سنڌ سائنس سوسائٽي جي شاخن جي ضرورت آهي، جيڪي اسان جي نوجوانن کي نون سائنسي لاڙن سان متعارف ڪرائين ۽ کين جهالت ۽ وسوسن جي دنيا مان ڪڍي عقليت ۽ علم جي دنيا ۾ آڻين، اسان کي ٽه ماهي ”سنگت“ رسالي جي ضرورت ڪونهي، جنهن ۾ غير معياري تخليقون شايع ڪري سنڌي ادبي سنگت جي ميمبرن جي مٿي ۾ هڻجي، پر ماهوار ”سائنس“ جي ضرورت آهي، جنهن مان اسان جا نوجوان دنيا ۾ ٿيندڙ نئين ترقين کان واقف ٿي سگهن. اسان کي ادبي ڪلاسن جي ضرورت نه آهي، پر هر هفتي سائنسي ليڪچرن جي ضرورت آهي، جنهن سان اسان جي نوجوانن جي سوچ وسيع ٿئي ۽ اهي به انهيءَ سائنسي ڪم ۾ مشغول ٿين.

    حفيظ! مون کي خبر نه آهي تون يا ٻيا انهيءَ سان ڪيترو متفق ٿيندا، پر آئون هڪڙي راءِ سڀني اديبن آڏو رکان ٿو ته هاڻ سنڌي ادبي سنگت کي رضاڪارانه طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ سڀئي شاخون بند ڪرڻ گهرجن، سنڌي ادبي سنگت کي مليل گرانٽ ۽ پلاٽ مان سنڌ سائنس سوسائٽي کي فعال ڪيو وڃي، سائنس رسالي جو وري اجراءُ ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هفتيوار سائنس ليڪچررن جو سلسلو شروع ڪيو وڃي. مون سنڌ جي سڀني ساڃهه وند ماڻهن آڏو هڪ راءِ رکي آهي، ڏسون انهيءَ جو ڪهڙو ٿو جواب اچي.

    تنهنجو پنهنجو منوج

    manojhalai@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو