جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن ڇنڇر 24 جولاءِ 2010ع اهي هڪ نئين سنڌ جا نوجوان آهن. اهي نئين ريتن ۽ روايتن جا امين آهن ۽ هنن جو سندن پراڻين روايتن سا ڪوبه واسطو ڪونهي. انهن کي نه ته شهرت جي بک آهي ۽ نه ئي ڪنهن مڃتا جي خواهش. اهي نه ته ڪنهن ايوارڊ جا متلاشي آهن ۽ نه ئي کين ڪنهن معاوضي جي تمنا. نه کين اسٽيجن تي، ڪرسين تي ويهڻ جي آرزو آهي ۽ نه وري کين وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن جي نه ڪا تنظيم آهي، نه ڪو وٽن اليڪشنون ٿين ۽ نه وري اهي عهدن تي هڪ ٻئي سان وڙهن. نه کين اها لالچ آهي ته کين ڪنهن اداري جو سربراهه بنايو ويندو ۽ نه ئي کين انهيءَ جو شوق ته کين ڪو ٽوئر تي ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. انهيءَ نئين سنڌ جا اهي نوجوان انهن سڀني شين کان مٿانهان ٿي سنڌي ٻولي جي لاءِ اهو ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو اسان جا عالم، اديب، ماهر ۽ ٻولي جا گھڻگهرا اڃان نه ڪري سگھيا آهن. پر انهن گمنام ڪارڪنن جو ذڪر توهان کي اخبارن، مئگزينن ۽ ڪتابن ۾ به ڪونه ملندو. اسان مان کين رڳو اهي سڃاڻن، جيڪي نئين دنيا جي بدليل ضرورتن ۽ نون رجحانن سان لاڳاپيل آهن. انهن نوجوانن جي ڪم جي رڳو انهن کي خبر آهي، جيڪي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا سان ڳنڍيل آهن، ۽ جيڪي انهيءَ ڳالهه کان واقف آهن ته ايندڙ ويجهي مستقبل ۾ رڳو سندن ئي ڪيل ڪم هوندو، جيڪو سنڌي ٻولي کي جيئدان ڏيندو. اهي سنڌي ٻولي جي سڀاڻي جا امين آهن. سنڌي ٻولي جي انهن خاموش ڪارڪن ۾ بدين جا ننڍڙا آفتاب ٽالپر ۽ اشفاق ٽالپر به آهن، جن جي ”وائس آف سنڌ“ جي نالي واري ويب سائيٽ تي سنڌي ادب، تاريخ ۽ سياست تي ايترا ته ڪتاب ڊجيٽل فارميٽ ۾ لکيل آهن، جيترا ٻولي ۽ ادب سان جڙيل ڪنهن به سرڪاري اداري جي ويب سائيٽ تي نه آهن. انهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو استاد احسان عرساڻي به آهي، جنهن ڄاڻ ۽ علم جي حوالي سان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ انٽرنيٽ انسائيڪلو پيڊيا، وڪي پيڊيا جو سنڌي ۾ اجراءُ ڪيو آهي ۽ سنڌي ٻولي ۾ معياري مواد مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. انهن ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڪارڪنن ۾ رابطي جي پل بڻيل علي حسن ملاح به آهي. انهن ۾ سنڌي ٻولي کي يونيڪوڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سافٽ ويئر ٺاهيندڙ لطيف ساگر شيخ به آهي ته عبدالرحيم نظاماڻي به. انهن ۾ ڊاڪٽر گل آغا، حبيب ساجد، اڪبر لاکو، عبدالعزيز مڱريو، عبدالطيف انصاري، غلام قادر ڄاموٽ، خليق جمالي، احمد سومرو به آهن، جيڪي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جا مختلف فورم جوڙي ۽ ويب سائيٽون يا بلاگ ٺاهي اڄ جي نوجوانن کي پنهنجي ٻولي سان جوڙي ويٺا آهن. هتي ٽنڊي باگي جو ڪرشن لوهاڻو به آهي، جنهن ڪمپيوٽر لاءِ سافٽ ويئر ۽ سنڌي-انگريزي ۽ انگريزي-سنڌي ڊڪشنريون نه فقط سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ اتساهه آهن، پر جنهنجو دماغ نون نون خيالن سان ڀريل آهي. سنڌي ٻولي جي گمنام ڪارڪنن ۾ شبير پرين ڪنڀار، عبدالستار سمون، ثناءُ الله مڱڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن، جن سنڌي ٻولي جي سونهن وڌائڻ لاءِ پنهنجي پيار جي پورهئي تحت سوين نوان ۽ خوبصورت فونٽ تخليق ڪيا آهن، انهيءَ لسٽ ۾ شاهنواز سومرو، حبيب سنائي آهن، جن جي محنتن سان لطيف ۽ سچل جا رسالا ۽ قرآن شريف جو سنڌي ترجمو انٽرنيٽ تي اچي سگهيو. اهڙا ٻيا به کوڙ سارا نوجوان آهن، جيڪي پنهنجي نوڪرين ۽ مصروفيتن جي باوجود پنهنجي ٻولي جي لاءِ وقت ڪڍيو سنڌي کي جديد ٻولين جي صف ۾ بيهارڻ جي عمل ۾ رڌل آهن. پر انهن سڀني نوجوانن کي سو آهي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي. جن جي جوڙيل ايم بي ڀرڳڙي پروگرام تحت اسان نه رڳو ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ لکي پڙهي سگهون ٿا، پر اسان سنڌي ٻولي جون ويب سائيٽون ٺاهي، بلاگ جوڙي، انٽرنيٽ چيٽ ڪري، پنهنجيون پريزنٽيشنس ڏئي ۽ ٻين سافٽ ويئرن ۾ ڪم ڪري سگهون ٿا. ماجد ڀرڳڙي جي انهيءَ انقلاب جو پاڻ پهرين به هنن ڪالمن ۾ ذڪر ڪندا آيا آهيون ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر سان واسطو رکندڙ تقريبن سڀني دوستن کي سائين ڀرڳڙي جي سنڌي ٻولي تي ڪيل احسان جي خبر آهي. اڄ آئون پنهنجي ڪالم ۾ سندس هڪ ٻئي ڪم جو ذڪرڻ ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن جي پوري ٿيڻ سان سنڌي ٻولي ۾ هڪ ٻيو انقلاب اچي ويندو. ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ سڀني ماڻهن کي خبر آهي ته ڪمپيوٽر هلائڻ لاءِ هڪ آپريٽنگ سسٽم جي ضرورت هوندي آهي. اسان وٽ عام طور ونڊو ايڪس پي يا نئون آيل ونڊو وسٽا يا ونڊوز سيوَن استعمال ٿيندا آهن، پر اهي آپريٽنگ سسٽم اهي ئي استعمال ڪري سگهندا آهن، جيڪي انگريزي کان واقف هجن، ڇاڪاڻ ته انهن کي هلائڻ وارو نظام انگريزي ٻولي ۾ هوندو آهي. اهي سسٽم ڇاڪاڻ ته پرائيويٽ ڪمپنين، يعني مائڪرو سافٽ جي ملڪيت آهن، تنهن ڪري اهي مهانگا به آهن، ۽ انهن ۾ اسان تبديليون به ڪري نٿا سگهون، پر ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ انهن وڏن فرمن جي هڪ هٽي ٽوڙڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ ڪمپيوٽر ماهر مفت آپريٽنگ سسٽم جوڙي رهيا آهن. اهي جيئن ته اوپن سورس جي تحت آهن، تنهن ڪري انهن ۾ ڪير به پنهنجي ضرورتن تحت تبديليون ڪري سگهي ٿو. ماجد ڀرڳڙي هن وقت لينڪس (Linux) جي هڪ مشهور آپريٽنگ سسٽم ابنٽو (Ubuntu) جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ رڌل آهي، انهيءَ سسٽم جي ٺهڻ سان اهو ٿيندو ته انگريزي سان واقفيت نه هئڻ باوجود به هر ماڻهو ڪمپيوٽر استعمال ڪري سگهندو. انهيءَ سسٽم سافٽ ويئر جي سنڌي ۾ اچڻ سان روينيو ڊپارٽمينٽ جهڙن کاتن ۾ ڍل يا زمين جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ رڳو سنڌي پڙهيل به درج ڪري سگهندو. تپيدارن ۽ ٻين ننڍن اهلڪارن پاران سنڌي ۾ ورتل انگن اکرن کي سڌو سنئون ڪمپيوٽر ۾ رکي سگهبو، ۽ کين انهيءَ رڪارڊ کي انگريزي ۾ ترجمي ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. نه فقط روينيو، پر آبپاشي، پوليس، تعليم کاتو، عدالتن ۾ به سنڌي ۾ موجود رڪارڊ کي ڪمپيوٽر تي محفوظ ڪري سگھبو. نه رڳو ايترو پر ڦٽين جي ڪارخانن کان وٺي پيڊين ۽ ننڍڙن ڪاروبار ڪندڙ دڪاندارن کان وٺي زمينداري حساب کي به ڪمپيوٽر تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪنهن اضافي پورهئي يا مهارت جي ضرورت نه پوندي ۽ هر ماڻهو، جنهن کي صرف سنڌي ٻولي ايندي، سو به دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي سگهندو. پر هڪ پوري آپريٽنگ سسٽم کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. انهيءَ ۾ سوين ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي ڪم کي ورهائي کڻن. سولي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن پنج ماڻهو ايڏو وڏو ڪم ڪندا ته کين پنج سال لڳندا، پر جيڪڏهن پنج سئو ماڻهو هجن ته ساڳيو ڪم پنجن مهينن ۾ به ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪمپيوٽر جي شاگردن ۽ استادن کي گذارش آهي ته اهي انهيءَ ڪم ۾ ماجد ڀرڳڙي جو هٿ ونڊائين، انهيءَ سان نه رڳو کين پنهنجي ڪم جو تجربو ٿيندو، پر انهيءَ سان گڏ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ واري اعزاز سان به نوازبا. انهيءَ لاءِ توهان هن لنڪ تي وڃي ڪم لاءِ جوڙيل گروپ جو حصو ٿي سگهو ٿا. https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd اسان کي اهو ڪم پنهنجي هٿ ۾ انهيءَ ڪري به کڻڻو پيو پوي جو اسان جي ادارن جو حال پورو سارو آهي. سواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي، ڪنهن ٻئي اداري جي ڪا مڪمل ويب سائيٽ سنڌي ۾ ڪانهي. ايتري قدر جو سنڌي ٻولي کي بااختيار بنائڻ واري اداري جي سنڌي ويب سائيٽ به مڪمل طور تي سنڌي ۾ ڪانهي. اسان جي ٻولي جي بي حسي جو توهان کي هڪڙو مثال ڏيان ته ٻه سنڌي، انگريزي ڊڪشنريون آن لائين آهن. آن لائين ڊڪشنري مان مراد ته اهي انٽرنيٽ تي موجود آهن ۽ انهن ۾ توهان ڪو لفظ سنڌي ۾ داخل ڪندئو ته انگريزي ۾ انهيءَ جي معنيٰ ملندي يا انگريزي لفظ جي سنڌي ۾ معنيٰ ملندي، پر ٻنهي ڊڪشنرين مان ڪا هڪڙي به سنڌ جي ڪنهن اداري يا يونيورسٽي طرفان نه جوڙي ويئي آهي. هڪڙي آمريڪا جي شڪاگو يونيورسٽي پاران جوڙي ويئي آهي، جنهن جي نگراني ڊاڪٽر جينيفر ڪول ڪئي آهي. اها ڊڪشنري هن لنڪ تي ڏسي سگهجي ٿي. http://dsal.uchicago.edu/dictionaries/mewaram جڏهن ته ٻي ڊڪشنري لاهور جي هڪ پرائيوٽ يونيورسٽي پاران قائم ڪيل ڪمپيوٽر تي ادارو ٻولي جي واڌاري واري اداري پاران جوڙيل آهي، جنهن کي هن لنڪ تي ڏسي سگهجي ٿو: www.crulp.org/sed جيڪو ڪم اسان جي ٻولي جي اٿارٽي يا سنڌ ۾ موجود يونيورسٽين کي ڪرڻ گهربو هو، اهو شڪاگو ۽ لاهور جا ادارا ڪري رهيا آهن. سنڌي ڪمپيوٽنگ کي اڃان به اڳتي وٺي وڃڻو آهي، انهيءَ جي ٽڙيل پکڙيل ڪارڪنن کي هڪ هنڌ آڻڻو آهي. ڪم جي دهرائجڻ بجاءِ نئين ڪم تي توجهه ڏيڻي آهي. مستقبل جي ٽيڪنالاجين ۽ خاص طور تي موبائيل فون جي لاءِ سنڌي سافٽ ويئرن کي جوڙن تي توجهه ڏيڻي آهي. اسان اميد ڪنداسين ته حڪومت ۽ ٻولي جي ترقي لاءِ جوڙيل ادارا ۽ سنڌ جون يونيورسٽيون ان ڏس ۾ به نظر ڪندا ۽ سنڌي ٻولي کي ايندڙ نسل جي گهرجن مطابق ترقي وٺرائيندا. manojhalai@yahoo.com
جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ حليم بروهي ڏانهن موڪلڻ کان رهجي ويل هڪ خط خميس 29 جولاءِ 2010ع پيارا حليم! مونکي پڪ آهي ته تون جتي ويو آهين، اتي خوش هوندين ۽ مونکي اها به پڪ آهي ته جنهن مالڪ حقيقي وٽ تون ويو آهين، اهو به توکي پاڻ وٽ موجود ڏسي خوش هوندو. مونکي تنهنجي هن دنيا ۾ نه هجڻ واري خبر منهنجي دوست لياقت ٿهيم مونکي ايس ايم ايس ذريعي ڏني. ”يار! حليم گذاري ويو“ وارو هڪ سٽ جو اهو مختصر جملو منهنجي مٿان هن سانوڻي مند ۾ وڄ جيان ڪري پيو. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ انهي خبر جي پڪ ڪيئن ڪريان؟ بجلي به بند آهي. ٽي وي به نٿي هلي ۽ انهيءَ وقت عزيز سولنگي جو فون اچي ٿو ۽ مونکي تنهنجي نه هئڻ واري خبر جي نه چاهيندي به پڪ ڪرڻي ٿي پئي. حليم!آئون پنهنجي مزاج ۾ ڏاڍو عقليت پسند آهيان، مونکي فطرت کان مٿانهين ڳالهين تي اعتبار گهٽ ايندو آهي پر گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان تون مونکي ڏاڍو ياد اچي رهيو هئين. منهنجي ڏاڍي دل پئي ٿي ته آئون صدر ۾ تنهنجي گهر شهزادي منزل تي اچي توسان ملان، جتي تون مونکي هميشه پيار سان ملندو هئين. اڃان مهينو کن اڳ جي ته ڳالهه آهي جو آئون پنهنجي پٽ ڪبير کي تو وٽ وٺي آيو هئس ۽ پاڻ ويهي جهان جو ڳالهيون ڪيون. تو مونکي تڏهن چيو هو ته تون هاڻ انهيءَ انٽرويو لاءِ تيار آهين، جنهن لاءِ مون توکي ڪافي وقت کان منٿون پئي ڪيون. منهنجي خواهش هئي ته انهي انٽرويو ۾ تنهنجي زندگي جي سڀني رخن تي ڳالهائجي. تنهنجي ذاتي زندگي کان وٺي تنهنجي ادب ۽ لسانيات تي ڪيل ڪم تي، پر اهو انٽرويو نه ٿي سگهيو ۽ تنهنجي شخصيت ۾ جهاتي پائڻ جي اها خواهش اڌوري رهجي وئي. مون توسان انهيءَ ڪري به ملڻ پئي چاهيو جو اڄ کان هفتو پوءِ يعني 5 آگسٽ تي تنهنجو جنم ڏينهن هو. انهيءَ ڏينهن تي تون 75 سالن جو ٿئين ها. مون تنهنجي جنم ڏينهن تي هڪ ڪالم پئي لکڻ پئي چاهيو. مون چاهيو پئي ته توسان ملان ته جيئن مونکي انهي ڪالم لاءِ اتساهه ملي. مونکي خبر نه هئي ته انهي ڪالم ۾ آئون ڇا لکان ها. پر مون انهيءَ ڪالم جو عنوان سوچي ڇڏيو هو. هونئن آئون عنوان ڪالم لکي پورو ڪري پوءِ ڏيندو آهيان، پر انهي ڪالم جو عنوان مون اڳواٽ سوچي ڇڏيو هو. انهي ڪالم جو عنوان هجي ها ”حليم بروهي جي اڪيلائپ جا پنجهتر سال“. اهو عنوان مون گارشيا مارڪئيز جي ناول جي طرز تي ڏنو پئي، جو مونکي سدائين لڳندو آهي ته تنهنجي زندگي اڪيلائپ جو هڪ وڏو سفر رهيو آهي. مون توکي ڪڏهن به هجوم ۾ ڪونه ڏٺو آهي. مون توکي ڪڏهن به ٻئي سان گڏ ويندي نه ڏٺو آهي. تنهن ڏينهن به جڏهن تون مونکي اوچتو فاران هوٽل جي سامهون ملي وئين ۽ مون چيو ته پاڻ هلي فاران هوٽل ۾ ڪچهري ٿا ڪريون ۽ تو ٿوري دير سوچي پوءِ حامي ڀري هئي. اتي ويهي تو مونکي ٻڌايو هو ته فاران هوٽل تنهنجي ناناڻن جي هئي ۽ تون اتي سالن کانپوءِ آيو آهين، ڇاڪاڻ ته تون شايد انهن سان ايتري ويجهڙائپ رکڻ نه پئي چاهيندو هئين. مون توکي جڏهن به ڏٺو ته انهيءَ اڪيلائي ۾ ئي ڏٺو. پنهنجي گهر ۾ به تون دروازي وٽ انهيءَ ڪرسي تي اڪيلو ويٺو هوندو هئين. نيم اونداهي ۾ انهيءَ ڪمري ۾ هلندڙ ٽي وي جا عڪس تنهنجي چهري تي بدلجندا هئا. انهي ٽي وي جو آواز بند هوندو هو پر تون اها ٽي وي ڏسندو رهندو هئين، يا ٽي وي هلڻ ڪو بهانو هو ۽ تون بس پنهنجي خيالن ۾ گم هوندو هئين. حليم! آئون ڄاڻان ٿو ته تون اڪيلو ڇو هوندو هئين. ڪافي وقت اڳي مون شيخ اياز جي هڪ سٽ پڙهي هئي. ”لليپٽ ۾ گليور ٿيڻ دنيا جي سڀ کان وڏي بدنصيبي آهي“. مونکي تڏهن انهي سٽ جو مقصد سمجهه ۾ ڪونه آيو هو. پر انگريزي ۾ ايم اي ڪرڻ دوراڻ مون جوناٿن سفٽ جو ڪتاب ”گليورز ٽريول“ پڙهيو هو، جيڪو برطانوي سماج تي هڪ خطرناڪ طنز هو. انهي ۾ لليپٽ ڄامڙن جو ديس هو، جن جا قد فقط ڪجهه انچن جا هئا. گليور حادثاتي طور ڄامڙن جي انهيءَ ديس ۾ وڃي نڪتو. اهي ڄامڙا جڏهن انهيءَ قدآور شخص کي ڏسن ٿا ته انهيءَ کان ڊپ کائيندي کيس هوش ۾ اچڻ کان اڳ ٻڌي ڇڏين ٿا ۽ کيس عذاب ڏيڻ شروع ڪن ٿا. انهيءَ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مونکي احساس ٿيو ته ڄامڙن جي ملڪ ۾ قدآور ماڻهو جو جنم واقعي به سندس لاءِ بدنصيبي آهي. حليم! تون اهو قدآور ماڻهو هئين، جيڪو اسان ڄامڙن جي ملڪ ۾پيدا ٿئين. انهيءَ ڪري اسانکي توکان خوف لڳندو هو ۽ اسان توکي پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو. تنهنجو ڏوهه اهو هو ته تو هن سماج ۽ هن سماج جي ادبي ۽ علمي ٺيڪيدارن جي چيل ڪوڙن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. اهي ڪوڙ جيڪي اسانکي سالن کان وري وري ٻڌايا پيا وڃن. انهن علمي ۽ ادبي ٺيڪيدارن کي جڏهن پنهنجا ڪوڙ ظاهر ٿيندي ۽ پنهنجون ڪرسيون لڏندي محسوس ٿيون ته هنن توتي الزام هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ توکي اڪيلو ڪري ڇڏيو ۽ تون انهن سڀني ڳالهين کان بي نياز ٿي پنهنجي ئي ڌُن ۾ پنهنجي ئي رستي تي اڪيلو هلندو رهين. حليم! ڪو وقت اڳ مون توتي ڪجهه لکيو هو. آئون هتي وري انهيءَ کي ورجائڻ هڪ دفعو ٻيهر چاهيندس. ”ائين ئي الڳ رهي حليم پنهنجي انفراديت قائم رکي ۽ اسان کي نه رڳو مزاح پر ٻين صنفن ۾ به شاندار شيون ڏنيون. حليم جي مزاح نگار واري روپ کان ته اسان سڀ واقف آهيون، پر گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته حليم جون انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ٻيون به گهڻيون ئي لکڻيون آهن. هُن سنڌيءَ ۾ شعور جي وهڪري جي ٽيڪنيڪ کي استعمال ڪندي پهريون نفسياتي ناول ”اوڙاهه“ لکيو هو. هن آرڪيالاجي تي به ڪافي لکيو. سندس هڪ ڪتاب قانون تي به آهي ۽ حليم سنڌيءَ لاءِ رومن اسڪرپٽ به جوڙيو ۽ جنهن کي مقبول ڪرڻ لاءِ هڙان وڙان ڪوششون به ڪيون. حليم عمر خيام جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ رومن اردو ۾ شايد اهو واحد ڪتاب هجي. اسان مان گهڻا حليم جي نظرين يا حليم جي طريقي ڪار سان متفق نه به هجن پر اسان هن يگاني ليکڪ کي نظر انداز نه ٿا ڪري سگهون. هو هڪ انارڪسٽ ئي سهي، جنهن پاڻ سماجي ۽ ادبي روايتن کي ٽوڙيو هجي. پر توهان انهيءَ جي جوڙيل نئين روايتن کان انڪار نه ٿا ڪري سگهو. انهيءَ Seeds ۾ هڪ هنڌ اهو به لکيو آهي ته، ”مان تاريخ جي ڪتابن ۾ زنده نه ٿو رهڻ چاهيان، مان ته ڏند ڪٿائي قصي وانگر زندهه رهڻ ٿو چاهيان، جو تاريخن جي عمر پنجاهه يا سٺ سال هوندي آهي، پر ڏند ڪٿائون هزارين سال رهنديون آهن.“ مون کي پڪ آهي ته توکي ڀلي اسان جا تاريخدان نظر انداز ڪري ڇڏين، تنهنجو ذڪر ڪٿي به نه ملي پر سنڌ ۾ تون هڪ ڏند ڪٿائي ڪردار جيان رهندين. تنهنجو پنهنجو...........منوج manojhalai@yahoo.com
جواب: محترم منوج ڪمار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ اعتراف اڱارو 3 آگسٽ 2010ع سڀ کان پهرين مونکي اهو اعتراف ڪرڻ ڏيو ته نه آئون ڪو سٺو ڪالم نگار آهيان ۽ نه وري ڪنهن به حوالي کان ڪو مشهور آهيان. شهرت ته پري جي ڳالهه آهي پر منهنجي پنهنجي شهر ۾ به ڪي ٿورا ماڻهو آهن، جيڪي مونکي سڃاڻن. بقول منهنجي هڪ ڪليگ عاشق ڪلهوڙي جي ته، ” توکي ته تنهنجي پاڙي وارو سيڌي جي دڪان وارو به ڪونه سڃاڻي.“ آئون سمجهان ٿو ته سندس اها راءِ ڪا غلط به ڪانهي. پر جيڪي ٻه ٽي ماڻهو مونکي شهر يا شهر کان ٻاهر سڃاڻن، سي به انهيءَ ڪري جو ڪاوش ۾ منهنجا ڪالم ايندا آهن، يا انهيءَ ڳالهه کي اڃان به صحيح ڪري لکان ته، ماڻهو مونکي انهيءَ ڪري سڃاڻن جو منهنجو ڪاوش ۾ فوٽو ايندو آهي. انهيءَ سڃاڻپ کانسواءِ منهنجي ٻي ڪابه سڃاڻپ ڪانهي. نه ڪو آئون ڪهاڻيڪار ۽ نه وري آئون ڪو شاعر، نه ته ڪنهنجي حقن جو علمبردار ۽ نه وري ڪو ريٽائرڊ ڪامورو. سڀاڻي جيڪڏهن آئون ڪاوش ۾ لکڻ ڇڏي ڏيان ته وري اهڙي جو اهڙو ڪانهي جهڙو پهرين هئس. فوٽو جي ڳالهه نڪتي آهي ته اِهو به اعتراف ڪندو هلان ته اهو ڪو منهنجو تازو فوٽو ڪونهي. منهنجي موجوده شڪل ۽ ڪاوش ۾ ڇپجندڙ فوٽو ۾ ڪا به مماثلت ڪانهي. اهو فوٽو به انهيءَ ڪري هلائيندو اچان جو مونکي لڳي ٿو ته اهو منهنجو واحد چڱو نڪتل فوٽو آهي. مون انهيءَ کا اڳ ۽ پوءِ به ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪو چڱو فوٽو ڪڍرائڻ ۾ مونکي ڪا خاص ڪاميابي نه ملي آهي. حالانڪه مون مختلف پوزن ۾ به فوٽو ڪڍرايا آهن. مون سڌو فوٽو ڪڍرايو آهي ته پاسيرو به. مون سنجيده فوٽو ڪڍرايو آهي ته مسڪرائيندي به. مون ڪوٽ سان فوٽو ڪڍرايو آهي ته ٽائي سان، پر انهن سڀني تجربن جي باوجود منهنجو ڪو عزت وارو فوٽو نڪري نه سگهيو آهي. انهيءَ ڪري پراڻي فوٽو تي گذارو ڪريو ويٺو آهيان. مونکي اهو به اعتراف ڪرڻو آهي ته مونکي لکڻ جو ڪو خاص ڏانءُ به ڪونهي. آئون ڪوشش به ڪريان ته به مونکي اهو ڊڪشن حاصل نه ٿي سگهندو، جنهن ذريعي آئون فقط لفظن جي سحر ۾ ماڻهن کي قابو ڪري سگهان. مونکان ٽٻڪن جي ڀرمار وارا ۽ وڏن وڏن جملن وارا ڊگها ڊگها مضمون به لکيا ڪونه ٿيندا آهن. مونکي اها به پڪ آهي ته منهنجا ڪالم ڪي هميشھ زنده ڪونه رهندا. آئون مولانا چراغ حسرت جي احمد بشير کي ڏنل انهيءَ صلاح کي به هينئين سان هنڊائيندو آهيان ته اخباري ڪالمن تي ڪڏهن به غرور نه ڪجان جو اهي ٻئي ڏينهن پڪوڙن ۾ ويڙهيل ملندا آهن. حقيقت اها آهي ته آئون لکڻ کان پوءِ پنهنجي لکڻي پڙهڻ جي جرئت به ڪري نه سگهندو آهيان. ڪالمن لکڻ لاءِ مونکي ڪو ڪٿان اتساهه ڪونه ملندو آهي، نه ئي آئون تخليقي ڏات سان ڪو مالا مال ماڻهو آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته لکڻ مون لاءِ ڪو سولو عمل به ڪونهي. جيئن هڪڙو ڪالم لکي پورو ڪندو آهيان ته وري ٻئي جي اون ٿيڻ لڳندي آهي. وري ڪنهن نئين موضوع جي تلاش، وري انهيءَ موضوع لاءِ مواد جي ڳولا. مواد سوچيو ته وري انهيءَ کي لکڻ جا سور. ٻين جي ته خبر ڪانهي پر ڪالم لکڻ کا پهرين آئون جملو جملو سوچي پوءِ لکڻ لاءِ قلم پڪڙيندو آهيان. انهيءَ ڪري پوءِ بازار مان لنگهندي، سودو وٺندي، يا گهٽي مان گذرندي دماغ ۾ بس ڪالم لاءِ جملا پيا ٺهندا آهن. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته اوسي پاسي جي ڪا سُڌ ڪونه هوندي آهي ته ڪير لنگهي ويو ۽ ڪنهن کيڪاريو، ۽ جڏهن منهنجي ڪليگ سائين عثمان ڳاهوٽي ميار ڏيندي مونکي چوندو آهي ته، ”سائين! توهان کي مارڪيٽ ۾ سڏ ڪيوسين، پر توهان جواب ئي ڪونه ڏنو“، ته آئون رڳو اهو چوندو آهيان ته، ”سائين! مون تي اها ميار ٺهي ڪونه ٿي جو توهان کي خبر آهي ته اسان ڪهڙي جهان ۾ پيا هلون“. آئون اهو به اعتراف ٿو ڪريان ته ڪالم لکڻ منهنجي مجبوري آهي ۽ پڙهندڙن تي ڪو ٿورو ڪونهي. هي جو اسان واندا ماڻهو پيا ڪتاب پڙهون، فلمون ڏسون، انٽرنيٽ تي پيا اخبارون، رسالا ۽ ويب سائيٽون ڦلاريون ۽ پيا سوچيو، اهي سڀ ڀلا ڪنهن سان ونڊيون؟ هجي ڪو شهر ۾ سنگتي ساٿي ته ڪي ڊاڙ ٺڪاءَ هڻي هانءُ هلڪو ڪريون. پر اسان ڪن ڪڍيو اڪيلا پيا ڦرون، انهن جو ڇا؟ هي جو ڪنهن ڪتاب جو ذڪر ڪرڻو آهي، يا واقعن تي پنهنجي راءِ ڏيڻي آهي، هي جو جيڪو گند پيو ٿئي، انهيءَ جي گلا ڪرڻي آهي، يا مفت جا مشورا ڏيڻا آهن، هو جو مستقبل جا منصوبا ٺاهڻا آهن، هي جو گذاري ويو، انهيءَ جو ڏک، هي جا مسخرين تي ٽهڪ، هي جا نئين ٽيڪنالاجي، هي جي پراڻا نظريا..... انهن کي ونڊڻ لاءِ مونکي ٻڌڻ وارن ڪنن ۽ پڙهڻ وارين اکين جي ضرورت آهي. اهي نه هجن ته اسان پارا ماڻهو پيرين اگهاڙي، اڀ ۾ اکيون وجهيو پيا پاڻ سان ڳالهيون ڪريون ها. منهنجي لکڻ جو ٻيو سبب منظور ميراڻي آهي. هي شخص مونکي هرو ڀرو به لکڻ واري پاسي گهلي آيو آهي، نه ته آئون ڪنڊ وٺيو سڪون سان ويٺو هئس. انهيءَ ظالم ماڻهو مونکان اهڙن اهڙن موضوعن تي ۽ اهڙن اهڙن موقعن تي آرٽيڪل لکايا آهن جو ڪو شريف ماڻهو تصور به ڪري ڪونه ٿو سگهي. هينئر به جڏهن ڪا عيد براد، ڪو قومي ڏينهن، ڪو نئون سال، ڪو ابي امان جو ڏهاڙو ٿيندو آهي ته منهنجا ڏوھ پيا ڏڪندا آهن ته اجهو ٿو منظور ميراڻي يا عزيز سولنگي جو فون اچي ته آرٽيڪل لکي ڏي ۽ اسان لاءِ وري ساڳيا سور. سو ڪنهن کي منهنجيون لکڻيون نه ٿيون وڻن ۽ اهڙا کوڙ آهن، جن کي منهنجي ڪالمن جي حوالي سان پاءُ پلاند ڪرڻو آهي ته منظور ميراڻي ويٺو آهي، انهي سان وڃي ڪريو. آئون اهو به اعتراف ڪندو هلان ته آئون انهن موضوعن ته ڪونه لکندو آهيان جن تي دنيا جهان جا ڪالم نگار عام طور تي لکندا آهن. بقول منظور ميراڻي جي ته آئون اصل موضوعن تي نٿو لکان پر رڳو سائيبر دنيا وغيره جهڙن نقلي موضوعن تي ٿو لکان. اصلي موضوعن مان سندس مراد آهي سياسي موضوع، انقلاب آڻڻ جا طريقا، نظرين جي ڇنڊ ڇاڻ، قانوني ۽ آئيني بحران، پاڻي وغيره جهڙا موضوع آهن. منظور جي راءِ پنهنجي جڳھه تي پر حقيقت اها آهي ته انهن موضوعن مان گهڻا ته اهڙا موضوع آهن، جن جي پاڻ کي بلڪل به خبر ڪانهي. انهن موضوعن تي لکڻ جي معنيٰ آهي ته پاڻ تي خلق کلائڻ. تنهنڪري انهن کان پنهنجي بس آهي، باقي جيڪي انهن موضوعن مان سمجهن ڀلي اهي لکن. پاڻ لکنداسين ته هرو ڀرو پيا داڦوڙا هڻنداسين. ٻيو اهو ته جيڪر انهن موضوعن تي لکڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته انهن موضوعن جا ”اصلي تي وڊا“ ماهر ناراض ٿيو پون. ڊاڪٽر رفيق چانڊيو اڃان تائين مون تي چڙيو پيو هلي جو ڪجهه سال اڳ مون معاشيات تي آرٽيڪل لکڻ جي گستاخي ڪئي هئي. سندس اهو به موقف صحيح آهي ته جڏهن هي لنڊن مان انهيءَ موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهي ته هالا ۾ ويهي ڪري انهيءَ موضوع تي آئون لکڻ جي جرئت ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ آئون قانوني مامرن تي نٿو لکان جو بئريسٽر ضمير گهمري جهڙو قابل ماڻهو ويٺو آهي. پاڻي تي لکڻ لاءِ ادريس راجپوت آهي. سياسي موضوعن تي لکڻ لاءِ قطار ليکڪن جي ويٺي آهي. سو مون جهڙي ماڻهو کي انهن موضوعن تي ٻوڙ هارڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هونئن به لکندس ماحوليات تي ته نواز ڪنڀر کي خراب لڳندو. لکندس مزاح تي ته ماڻهو چوندا ته امتياز ابڙي جي ٿو ڪاپي ڪري. لکندس ريما کي خط ته حفيظ ڪنڀر چڙي پوندو. سو انهيءَ ڪري پاڻ اهڙا موضوع چونڊيا آهن، جن جو والي وارث ڪونهي. ٻيو اهو ته ڪجهه ته اخبار ۾ ويرائٽي به هجي، سڀ ڀلا ساڳين موضوعن تي لکندا ڇا؟ مونکي آخري اعتراف اهو ڪرڻو آهي ته منهنجين لکڻين جا ڪي ”فين“ ڪونهن، جيڪي مونکي باقائده پڙهن. ڪي مهربان دوست منهنجي ڪالم کي لفظ لفظ غور سان پڙهي انهيءَ تي ٽيڪا ٽپڻي به ڪندا آهن. ائين به ڪونهي ته سڀ گلا ڪندا هجن، ڪافي ماڻهو منهنجي ڪالمن جي هرو ڀرو به تعريف ڪندا آهن پر انهن ۾ گهڻا اهي آهن، جن سان منهنجي ذاتي نيازمندي آهي. ڪي ٻه ٽي اي ميل به اينديون آهن. فيس بڪ تي به ڪي راءِ ڏيندا آهن، پر منهنجي ٺونٺ جيڏي ڪالم تي فيس بڪ تي ايترا ڪمينٽس ڪونه هوندا آهن، جيتري ڪنهن ڪوڙي سچي شاعر جي پنهنجي يا پرائي انگريزي يا سنڌي چئن پنجن سٽن جي نظم تي واهه واهه جي لٺ لڳل هوندي آهي. دوستو! سچ اهو آهي ته سنڌي صحافتي ۽ ادبي کيتر ۾ جنس مذڪر هئڻ ڪافي نقصانڪار آهي. manojhalai@yahoo