محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    اين ايف سي جو نئون فارمولا سنڌ کي ڪيترو نقصان ڏيندو؟



    سومر 23 جنوري 2006ع

    صدر جنرل پرويز مشرف تازو نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ يعني اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان ڪيو آهي ۽ سندس دعويٰ آهي ته صوبن کي نئين فارمولا هيٺ تمام گهڻو فائدو ٿيندو. صدر جي دعويٰ پنهنجي جاءِ تي، پر حقيقت ان جي گهڻو برعڪس آهي. جيڪڏهن اسين ان جو تفصيلي جائزو وٺنداسين ته اها ڳالهه واضح ٿي ويندي ته سنڌ کي ڪافي نقصان ٿيندو، جڏهن ته بلوچستان کي نه فائدو نه نقصان ٿيندو. پر اصل ۾ پنجاب ۽ سرحد کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. جيڪڏهن اسين انگ وار ڏسنداسين ته يقينن سڀني صوبن کي اڳ کان وڌيڪ رقم ملندي، يعني فرض ڪريو جيڪڏهن ڪالهه تائين 50 رپيا ملندا هئا ته هاڻي کڻي 55 رپيا ملندا. ان جو اصل سبب صدر جو اعلانيل نئون فارمولا ناهي، پر ٽيڪس جي وڌيڪ وصولي آهي. جيڪڏهن نئين فارمولي هيٺ تناسب يا شرح جي اعتبار سان ڏسنداسين ته ان اعتبار کان سنڌ کي نقصان، جڏهن ته پنجاب ۽ سرحد کي فائدو ٿيندو. سنڌ حڪومت ڪالاباغ ڊيم جو معاملو ٽرڻ ڪري اين ايف سي ۾ ٿيل نقصان تي احتجاج نه پئي ڪري. ان جي مصلحت پنهنجي جاءِ تي، پر ايم ڪيو ايم لاءِ اهو وڏو چئلينج آهي ته هو اين ايف سي جي باري ۾ پنهنجو اختيار ڪيل موقف مڃرائڻ ته ٺهيو، پر جيڪو حصو اڳ ملندو هو، هاڻي ان کان به گهٽ رقم ملڻ تي هو خاموشي اختيار ڪن. سنڌ جي اڌ ۽ اهم حڪومتي کاتن جي مالڪ ايم ڪيو ايم آهي ۽ ناڻي جو کاتو به هنن وٽ آهي، ان ڪري ڏسڻو اهو آهي ته هو ڪهڙي حڪمت عملي ٿا اختيار ڪن. اچو ته تفصيل سان جائزو وٺون ته سنڌ کي ڪيترو ۽ ڪيئن نقصان ٿيندو؟

    ماضي ۾ حڪومت ساڍا ٻارنهن سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس لاڳو هئي، جنهن کي ڪجهه سال اڳ وڌائي پندرنهن سيڪڙو ڪيو ويو. وفاقي حڪومت جيڪا اڍائي سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس وڌائي ان باري ۾ چيو ويو ته اها رقم صوبن کي ختم ڪيل ضلعي ۽ آڪٽراءِ ٽيڪس جي مد ۾ ٿيندڙ نقصان جي پورائي لاءِ ڏني ويندي. وفاقي حڪومت ضلعي ۽ آڪٽراءِ ٽيڪس ختم ٿيڻ بعد هڪ ڪاميٽي ٺاهي ان کي چيو ته هو اهو جائزو وٺي رپورٽ ڏئي ته ڪهڙي صوبي کي ضلعي ۽ آڪٽراءِ ٽيڪس ختم ٿيڻ سان ڪيترو نقصان ٿيو. وفاقي حڪومت جي ان ٽيم رپورٽ ڏني ته سنڌ کي 46 سيڪڙو، پنجاب کي 42 سيڪڙو، سرحد کي 7 سيڪڙو ۽ بلوچستان کي 5 سيڪڙو ملڻ گهرجي. جيئن ته اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته جي ايس ٽي جي وڌايل اڍائي سيڪڙو رقم صوبن ۾ ورهائبي ته گذريل سال اها رقم بڻبي 46 ارب رپيا. جيڪڏهن اسين هن رقم کي ئي بينچ مارڪ وٺون ۽ معاملي کي اڳتي وڌايون ته معاملو آسانيءَ سان سمجهڻ ۾ مدد ملندي.

    هلندڙ سال واڌو اڍائي سيڪڙو جي ايس ٽي واري 46 ارب رپين جي رقم صوبن درميان هن طرح ورهائي وئي آهي، جو پنجاب کي 21.8 ارب رپيا ڏنا ويا، سنڌ کي 17.4 ارب رپيا، سرحد 4.4 ارب رپيا، ۽ بلوچستان کي 2.4 ارب رپيا مليا. جيڪڏهن وفاقي حڪومت جي ٺاهيل ان ڪاميٽيءَ جي رپورٽ جي روشني ۾ اسين جائزو وٺون ته ضلعي ۽ آڪٽراءِ ٽيڪس جي مد ۾ صوبن کي ٿيندڙ نقصان جي پورائي لاءِ جيڪا رقم ڏيڻ لاءِ چيو ويو هو ۽ جيڪو سنڌ جو مطالبو به هو ته ان بنياد تي 6 4 ارب رپين جي ورڇ هن طرح بڻجي ٿي ته: پنجاب 42 سيڪڙو جي حساب سان 19.3 ارب رپيا ملن، سنڌ کي 46 سيڪڙو جي حساب سان 21.2 ارب رپيا، سرحد کي 7 سيڪڙو جي حساب سان 3.2 ارب رپيا ۽ بلوچستان جا 5 سيڪڙو جي حساب سان 2.3 ارب رپيا ٺهن ٿا.

    صدر جنرل پرويز مشرف جيڪو نئون ”قومي ايوارڊ“ ڏنو آهي، ان مطابق چيو آهي ته واڌو اڍائي سيڪڙو جي ايس ٽي سبب 46 ارب رپين جي ملندڙ رقم مان 6 /1 حصو يعني 8 ارب رپيا صوبن ۾ هن شرح سان ورهائبا: پنجاب 0 5 سيڪڙو، سنڌ 5 3 سيڪڙو، سرحد 10 سيڪڙو ۽ بلوچستان لاءِ 5 سيڪڙو. 46 ارب رپين مان 8 ارب مٿي ڏنل شرح جي حساب سان ورهائڻ کان پوءِ باقي بچيا 38 ارب رپيا ۽ هيءَ رقم صوبن ۾ صدر جي قومي فارمولي موجب هن شرح سان ورهائبي: پنجاب 57 سيڪڙو، سنڌ 24 سيڪڙو، سرحد 14 سيڪڙو ۽ بلوچستان کي ملندو 5 سيڪڙو.

    هاڻي اچو ته صدر جي ”قومي ايوارڊ“ هيٺ 46 ارب رپين جي ورڇ بابت سندس 8 ارب ۽ 38 ارب رپين جي ورهائڻ بابت ڏنل ٻنهي فارمولن بعد ڏسون ته ڪهڙي صوبي کي ڪيتري رقم ٿي ملي؟ ضلعي آڪٽراءِ ٽيڪس ختم ٿيڻ بعد وفاقي حڪومت جيڪا ڪميٽي ٺاهي ۽ نشاندهي ڪئي ته ڪهڙي صوبي جو ڪيترو نقصان ٿيندو؟ ان شرح ۽ صدر جي اعلانيل فارمولن موجب رقم ڪيتري ٿي ملي، ان لاءِ اسان کي هتي ڏنل چارٽ تي نظر وجهڻي پوندي.

    صوبي جو نالو


    ضلعي آڪٽراءِ سبب ٿيندڙ نقصان


    صدر جي فارمولي

    بعد ملندڙ رقم


    فائدو / نقصان

    (+) (- )

    سيڪڙو


    رقم ملڻ کپي

    پنجاب


    42


    19.3 ارب رپيا


    25.7 ارب رپيا


    5.4+ ارب رپيا

    سرحد


    46


    21.3 ارب رپيا


    11.9 ارب رپيا


    9.3- ارب رپيا

    سنڌ


    7


    3.2 ارب رپيا


    6.1 ارب رپيا


    2.9+ ارب رپيا

    بلوچستان


    5


    2.3 ارب رپيا


    2.3 ارب رپيا


    0

    ٽوٽل


    100 سيڪڙو


    46 ارب رپيا


    46 ارب رپيا


    0

    مٿئين چارٽ ۾ واضح آهي ته سنڌ کي جيترو ملڻ گهرجي، ان کان 9.3 ارب رپيا گهٽ ملندا، جڏهن ته موجوده مالي سال ۾ جيڪو ڪجهه سنڌ کي ملي رهيو آهي، ان کان پنج ارب 2 ڪروڙ رپيا گهٽ ملندا. هيءُ ته اسان ذڪر ڪيو ضلعي ۽ آڪٽراءِ ٽيڪس جي خاتمي کانپوءِ صوبن کي ٿيندڙ نقصان جي مد ۾ وڌايل اڍائي سيڪڙو جي ايس ٽي واري 46 ارب رپين جي رقم جي ورڇ جو. هتي مان اهو واضح ڪندو هلان ته هي 46 ارب رپين جي رقم مسلسل وڌي رهي آهي، يعني جيئن جيئن جنرل سيلز ٽيڪس يعني ”جي ايس ٽي“ جي وصولي وڌندي ويندي ته هن رقم ۾ به اضافو ٿيندو. جيئن شروع ۾ اسان ڏٺو ته صوبن کي نئين اين ايف سي ۾ ٽيڪس جي وصولي وڌيڪ ٿيڻ سان رقم وڌيڪ ملندي، پر وڌيڪ ملندڙ رقم لاءِ جيڪو نئون ”قومي فارمولو“ اعلانيو ويو آهي، ان جي شرح سان رقم مقدار جي لحاظ کان نه، پر شرح جي لحاظ کان يقينن تمام گهٽ ملندي. صدر صاحب جي اعلانيل ”قومي فارمولي“ جو ٻيو اهم نقطو آهي 27.8ارب رپين جي ماليت وارو (Subvention pool) جو قيام هن پول ۾ رکيل اها رقم ورهائڻ لاءِ صدر شرح هن ريت مقرر ڪئي آهي ته: پنجاب 11 سيڪڙو جي حساب سان 3.1 ارب رپيا، سنڌ کي 21 سيڪڙو جي حساب سان ملندا 5.8 ارب رپيا، سرحد کي 35 سيڪڙو جي حساب سان 9.7 ارب رپيا ۽ بلوچستان کي 33 سيڪڙو جي حساب سان ڏنا ويندا 9.2 ارب رپيا.

    Subvention جي مد ۾ اڳ ۾ پنجاب ۽ سنڌ کي ڪجهه به نه ملندو هو ۽ صدر جي قومي فارمولي هيٺ هاڻي ٻنهي کي مٿي ڄاڻايل شرح سان رقم ملندي. هن نئين مد ۾ سنڌ کي ملندڙ 5.8 ارب رپين جي رقم سبب صدر جي اڳ ۾ ذڪر ڪيل 6 4 ارب رپين جي ورڇ ۾ ٿيندڙ نقصان جي ته تلافي ٿي وئي، پر جيڪا رقم هن سال ملي آهي، اها نئين فارمولي هيٺ شرح جي اعتبار سان ايندڙ سال وري به 5 ارب 2 ڪروڙ گهٽ هوندي. جڏهن ته پنجاب 46 ارب رپين واري ورڇ ۾ صدر جي قومي فارمولا مان 5.4 ارب رپيا اڳ ۾ ئي وڌيڪ کڻندو، مٿان Subvention جي مد ۾ 3.1 ارب رپيا وڌيڪ ملندس. يعني پنجاب کي مجموعي طور هن سال ملندڙ رقم کان ساڍا 8 ارب رپيا وڌيڪ ملندا. مٿي ڏنل ڄاڻ مان اهو واضح ٿئي ٿو ته هيءُ فارمولو قومي نه، پر پنجاب جو آهي ۽ هن وڏي صوبي جي وفاق ۾ ويٺل ”خاموش مجاهدن“ جو ئي ڪمال آهي. صدر صاحب! انگن جي هيرا ڦيري شايد اوهان کي مڪمل طور سمجهه ۾ نه اچي، ڇو ته اقتصادي ۽ ناڻي جي معاملن تي اوهان گهڻو ڌيان ناهي ڏنو. ٿي سگهي ٿو اوهان جي نيت ٺيڪ هجي، پر جيڪي ماڻهو اوهان کي الجهائن ٿا، انهن جي نيت تي سنڌ کي شڪ آهي. اوهان بار بار چئو ٿا ته اوهين سنڌي آهيو ۽ ان لاءِ صرف اجرڪ پائڻ ڪافي ناهي، پهريان اوهان وفاقي حڪومت پاران آڪٽراءِ ۽ ضلعا ڪاميٽين جي جوڙيل رپورٽ تي ته عمل ڪرايو.

    ahmahar@yahoo.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اڊيالا جيل ۾ وي آءِ پي ڪمري جي سجاوٽ ڪنهن لاءِ پئي ٿئي؟



    ڇنڇر 28 جنوري 2006ع

    تازو اطلاع آهي ته راولپنڊي جي بدنام زمانه جيل اڊياله ۾ هڪ وي آئي پي قيدي لاءِ خاص ڪمرو تيار ڪيو پيو وڃي. مرمت ۽ سجاوٽ جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي ۽ اطلاعن موجب ان شاندار ڪمري ۾ شايد ملڪ جي سابق وزير اعظم بينظير ڀٽو کي ترسايو ويندو. اڊيالا جيل ۾ هن وقت گنجائش کان ٽيڻ تي قيدي موجود آهن ۽ 2 ڏينهن اڳ ”حڪومت پارليامينٽري هيومن رائٽيس ڪميشن“ جنهن جو سربراهه رياض فتيانه آهي ۽ سندس تعلق حڪومتي جماعت سان آهي، ان دورو ڪيو ۽ ڪافي ڳڻتيءَ ظاهر ڪئي. هن جي رپورٽ مطابق جيل ۾ قيد قيدين لاءِ طبي سهولتون موجود ناهن ۽ خاص ڪري عورت قيدين لاءِ ليڊي ڊاڪٽر موجود ئي ناهي.

    اڊيالا جيل جتي ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي چاڙهيو ويو، هاڻي جيل ان جاءِ تي ته ناهي، پر ساڳئي نالي سان ساڳيو جيل شهر کان ٻاهر تعمير ڪرايو ويو آهي. ذوالفقار ڀٽو کي جنهن جاءِ تي ڦاهي ملي، اتي بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ پارڪ ٺاهيو ويو ۽ هن پنهنجي والد جي ياد ۾ ”يادگار“ به تعمير ڪرايو. اهو يادگار چند ڏينهن اڳ راولپنڊي جي نيم فوجي شهر جي ناظم ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيو. اڊيالا جيل ۾ آصف علي زرداري به ڪيترا سال گذاريا ۽ بينظير ڀٽو لاءِ اهو جيل نئون ناهي. هوءَ پنهنجي والد جي قيد کان ڦاهي تائين ۽ بعد ۾ سندس ور جي موجودگي دوران اڊيالا کان ڪافي مانوس آهي. اسان کي پنهنجي خابرن ٻڌايو آهي ته انٽر پول سان رابطو ڪرڻ ۽ بينظير ڀٽو کي گرفتار ڪرائي وطن آڻڻ جي صلاح ڪنهن ٻئي نه، پر سندس اڳوڻي ويجهن ساٿين، جيڪي هاڻي صدر جنرل پرويز مشرف جا ويجها آهن، انهن ئي ڏني آهي. انٽر پول کان حڪومت وارن ته Red warrant جاري ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هنن ان جي جاءِ تي Red Notice جاري ڪيو. ريڊ وارنٽ جاري ٿيڻ جي صورت ۾ انٽر پول پنهنجي پوليس موڪلي متعلقه ماڻهو کي گرفتار ڪندي آهي، جڏهن ته ريڊ نوٽيس جي صورت ۾ ان ملڪ کي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي، جتي گهربل شخص رهندڙ هجي ته هو ان کي گرفتار ڪري يا نه؟ انٽر پول يعني عالمي پوليس جو قانون آهي ته هو ڪنهن به اهڙي شخص جي گرفتاري لاءِ وارنٽ يا نوٽيس جاري نه ڪندا، جنهن جي باري ۾ اهو شڪ هجي ته واسطيدار حڪومت ان شخص جي گرفتاري کي مذهبي، سياسي، لساني يا فوجي مقصد لاءِ استعمال ڪندي. پيپلز پارٽي وارا ته اهو چون پيا ته انٽر پول وارنٽ جاري ناهي ڪيو، پر نوٽيس جاري ڪيو آهي. پر هتي اهو نقطو سوچڻ جو آهي ته انٽر پول پاران نوٽيس جاري ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هو اهو سمجهن ٿا ته بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي گرفتاري خالصتن بدعنواني جي الزام جي بنياد تي آهي ۽ سياسي مقصد لاءِ استعمال نه ٿيندي.

    بينظير گرفتار ٿئي يا نه، پر هن لاءِ انٽر پول پاران ريڊ نوٽيس جاري ٿيڻ ئي تمام وڏي ڳالهه آهي ۽ سندس ساک خراب ٿي آهي. ان جا وڌيڪ ڪهڙا خراب اثر پيدا ٿيندا، ان باري ۾ ڪجهه ڏينهن بعد ئي درست اندازو ڪري سگهبو. حڪومتي حلقن جي خواهش آهي ته بينظير ڀٽو کي انٽر پول ذريعي گرفتار ڪرائي جيڪڏهن اڊيالا جيل ۾ رکيو وڃي ۽ پوءِ ساڻس ڳالهيون ڪيون وڃن ته هوءَ جلد ڊيل لاءِ راضي ٿي ويندي. حڪومت جي خواهش پنهنجي جاءِ تي، باقي ٿئي ڇا ٿو، اهو خدا کي خبر. ڇو ته Man Proposes God disposes يعني ”بندو سوچيندو آهي ۽ ڪندو الله پاڪ آهي.“ سنڌي ۾ به اها به چوڻي آهي ته جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کوٽيندو آهي، اهو پاڻ ئي ان ۾ ڪرندو آهي. مان هتي واضح ڪندو هلان ته منهنجو هرگز اهو مقصد ناهي ته ڪو بينظير ڀٽو کي انٽر پول ذريعي گرفتار ڪرائي اڊيالا جيل ۾ رکڻ ۾ حڪومت ڪامياب ٿي ويندي، پر مون اوهان کي حڪومت جي خواهش، ڪوشش ۽ تيارين بابت آگاهه ڪيو آهي.

    بينظير ڀٽو جي باري ۾ اهو چوڻ ته کيس جيل ۾ بند ڪرڻ بعد هن سان جلد حڪمرانن جي خواهش مطابق ڊيل ٿي ويندي. ٿي سگهي ٿو ته ائين ٿي به وڃي، ڇو ته جنهن عمر جي حصي ۾ بي بي آهي، ان عمر ۾ اڪثر ماڻهو مصلحت پسنديءَ جو مظاهرو ڪندا آهن، پر نيلسن منڊيلا جهڙا ڪجهه ماڻهو آخر تائين به آڻ ڪو نه مڃيندا آهن. خير اهو ڌار بحث آهي، پر جيڪي چون ٿا ته محترمه مڃي ويندي، انهن کي غلام اسحاق خان جو حشر نه وسارڻ گهرجي. جنهن سان هن واعدو ڪيو هو ته نواز شريف کي هٽائڻ جي صورت ۾ هوءَ کيس صدر چونڊرائيندي ۽ بعد ۾ هڪ ئي ڌڪ ۾ بينظير ڀٽو ٻنهي مان جان ڇڏائي. خير اها ٻي ڳالهه آهي ته غلام اسحاق خان بدران فاروق لغاري کي صدر چونڊرائڻ وارن پنهنجي سياسي فيصلي تي بي بي اڄ به پڇتائيندي آهي. بينظير ڀٽو تي دٻا ءُ وجهڻ جي حوالي سان هڪ ٻئي ٿيوري اها به مارڪيٽ ۾ آهي ته پاڪستاني حڪمرانن جي پاليسي پنهنجي جاءِ تي، پر عالمي فيل مستن جي به پاليسي اها لڳي رهي آهي ته هو پاڪستان ۾ ڪنهن به امڪاني سياسي تبديلي جي صورت ۾ هڪ پاسي جتي بي بي کي آشيرواد ڏئي رهيا آهن ته ساڳئي وقت هو مٿس دٻاءُ وجهڻ لاءِ به سرگرم آهن، جيئن هو پنهنجي ايجنڊا مطابق کانئس واعدا وٺي سگهن. انٽر پول جي نوٽيس تي عمل جو دارو مدار به ان فيل مست جي فيصلي تي منحصر آهي، جيڪو ڪنهن کي به ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، چاهي اهو ملڪ هجي يا فرد يا ڪوئي ادارو. ساڳئي وقت اهو طاقتور ڪنهن به ملڪ، فرد يا اداري کي عين وقت تي وڏي کان وڏي مصيبت کان بچائي به سگهي ٿو. هنن جو هر قدم پنهنجي مفاد مطابق هوندو آهي. وقت ۽ حالتن مطابق سندن مفاد مٽبا رهندا آهن ۽ ڪردار به. تنهن ڪري انهن جي مفاد جي تڪميل جو سبب پي پي ۽ بي بي ڪڏهن بڻبا، اهو هُو پاڻ ئي طئي ڪندا آهن.

    هي حال احوال هو اڊيالا جيل ۾ سجائجندڙ خصوصي ڪمري جو، ۽ انٽر پول پاران بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي گرفتاري لاءِ جاري ٿيل ريڊ نوٽيس جو. ٻين معاملن بابت ڪجهه ڄاڻ هئي ۽ سوچيم پئي ته ڪنهن ٻئي وقت اوهان کي آگاهي ڏيندس، پر ٺهيو هاڻي ئي حاضر ٿا ڪريون.

    اوهان کان آءِ ايس آءِ جي سابق سربراهه جنرل محمود جو نالو شايد نه وسريو هوندو ۽ اهو به ياد هوندو ته هيءُ اهو شخص آهي، جيڪو صدر جنرل پرويز مشرف جو جهاز لينڊ نه ڪرڻ جي ڏينهن ۾ راولپنڊي جو ڪور ڪمانڊر هو. هيءُ ئي اهو جنرل آهي، جنهن وزير اعظم هائوس ۽ ٽي وي اسٽيشن تي قبضو ڪرايو ۽ صدر مشرف جي حق ۾ ڪارروائي ڪئي ۽ بعد ۾ جڏهن جنرل مشرف ملڪ جو والي بڻيو ته جنرل محمود کي آءِ ايس آءِ جي سربراهي عطا ڪئي ۽ ڪجهه ئي عرصي بعد هن کي نوڪري تان هٽايو ويو ۽ هن غالب جو هي شعر پئي پڙهيو ته،

    نکلنا خلد سي آدم کا سنتي آئي تهي ليکن

    بڙي بي آبرو هوکر تيري کوچي سي هم نکلي

    جنرل محمود اڄڪلهه سوانح حيات لکي آهي ۽ پاڻ تي لڳل سنگين الزامن ۽ جنرل پرويز مشرف جي جهاز کي لينڊ ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ سميت ڪيترن ئي واقعن جي حقيقت جي باري ۾ هن تفصيلي احوال لکيو آهي. سندس ڪتاب تيار آهي، پبلشر شايع ڪرڻ لاءِ به آتو آهي، پر اصل اقتدار ڌڻين مان هن کي اجازت نٿي ملي، جنهن ڪري هي جنرل صاحب ٿورو مايوس آهي. ٻئي خبر اها آهي ته تازو پاڪستان حڪومت 1300 بلٽ پروف جيڪٽس درآمد ڪيون آهن. هر جيڪٽ جي قيمت 3 کان ساڍا ٽي هزار ڊالر ٻڌائي پئي وڃي ۽جڏهن اهي جيڪٽس ڪراچي بندرگاهه تي پهتيون ته انهن تي اسرائيلين جي ٻولي Hebrew ۾ ڪجهه لکيل هو. اسان جي پياري ملڪ ۾ ڪافر ملڪ کان کائڻ پيئڻ ۽ زلزلي جي متاثرين لاءِ امدادي سامان اچڻ تي ته پابندي آهي، پر وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ وڙهندڙ جوانن جي زندگي بچائڻ لاءِ گهرايل جيڪٽس حرام ناهن. خير اهو ته اسان جي مذهب ۾ به آهي ته زندگي بچائڻ فرض آهي ۽ ان لاءِ حرام جانور کائڻ به گناهه ناهي. ڇو ته حڪومت چاهي ٿي ته وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ سندس اختيار ۽ حڪمراني قائم ٿئي ۽ ان لاءِ هو پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ تيار آهي. موجوده حڪومت پاران ملڪ ۾ رٽ قائم ڪرڻ جي ڪوشش کي وائکو ته باجوڙ واقعي ڪيو، جتي آمريڪا حملو ڪري پاڪستان جي خود مختياري ۽ سلامتي جي ڀڃڪڙي ڪئي، پر شايد حڪمرانن لاءِ رياستي خودمختيارن کان وڌيڪ ا هم حڪومتي اختيارن جو قيام آهي.
    ahmahar@yahoo.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بارودي سرنگن ۽ ڌماڪن جي خوف ۾ جيئندڙ ڊيرا بگٽي!



    ڇنڇر 11 مارچ 2006ع

    اسان جي آڏو ٽڪريون ۽ پٺيان رڻ هو. گوڙي نئن جي ساڄي ڪنڌيءَ تي، فرنٽيئر ڪور يعني ايف سي جي مورچابند اهلڪارن اسان تي بندوقون کڻي تاڻيون ۽ هڪ اهلڪار گاڏيءَ جهلڻ جو اشارو ڪيو. يڪ ساهيءَ پڇيائين:”ڪير آهيو....ڪٿان پيا اچو....ڪيڏانهن ٿا وڃو...“ هي بلوچستان جي ضلعي سبي جو آخري تعلقو لهڙي هو، جتان کان ديرا بگٽي جون حدون شروع ٿين ٿيون. سڃاڻپ ڪرائڻ بعد هن سنهڙي سيپڪڙي، قدآور ۽ سانوري پشتون اهلڪار اڙدوءَ ۾ چيو، ته تون ساڳيو ئي آهين نه، جنهن ڪالهه ڪرمو وڍ ۾ اسان جي ايف سي وارن خلاف رپورٽ ڏني هئي. مون هائوڪار ڪئي. ايتري ۾ ٻه ٽي ٻيا اهلڪار به پهچي ويا، پر سندن لهجي ۾ کهرائپ بجاءِ همدردي هئي. مون کين چيو ته اسان ديرا بگٽي وڃڻ چاهيون ٿا. هلڪي ڏاڙهي، ننڍي قد ۽ ڀريل بت واري سپاهيءَ چيو”اوڏانهن ويندڙ رستو خراب اٿوَ، بگٽي جي حامين بارودي سرنگهون وڃائي ڇڏيون آهن. چوڻ وٺو، ته واپس هليا وڃو“. ايف سي اهلڪار همدردي به ڪئي، ته ڊپ به ڏنو. ڊپ ته اسان کي اڳي ئي هو. ڇاڪاڻ ته سبي منجهان ڪوبه گاڏيءَ وارو بارودي سرنگهن ۽ حالتن جي سنگينيءَ سبب ديرا بگٽي هلڻ لاءِ تيار نه هو. سورن سان هڪ 83 ماڊل جي ٽويوٽا ڪرولا وارو سنڌي ڊرائيور راضي ٿيو. سبي، نصير آباد، ديرا مراد جمالي ۽ سنڌ سان لڳندڙ بلوچستان جي ٻين ضلعن ۾ اڪثر ماڻهو سنڌي ڳالهائين ٿا.

    پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي گاديءَ واري هنڌ ڪوئٽا کان اٽڪل ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن جو فاصلو ٽن ڪلاڪن ۾ طئي ڪري، سبي پهتاسين ۽ اتان کان ڪوهلو جي تعلقي ڪاهان وڃڻ ٿي گهريوسين، پر ڪرمو وڍ وٽ ايف سي وارن جهلي ڇڏيو. رات سبيءَ ۾ گذارڻ کان پوءِ صبح جو ديرا بگٽي لاءِ نڪتاسين. هڪ سئو ڪلوميٽرن جي جابلو، ڪچي، پٿريلي ۽ ور وڪڙ رستي ۾ ڪئين هنڌن تي نواب اڪبر بگٽيءَ جا حامي موٽر سائيڪلن ۽ اٺن تي جديد هٿيارن، وائرليس ۽ سيٽلائيٽ فون سيٽن سان نظر آيا. ڪئين پهاڙي چوٽين تي مورچا صاف نظر ٿي آيا. ٻڪرين ۽ دنبن جي ڌڻن وارا به مليا. ڌنارن جي ڪلهن تي به ڪلاشنڪوفون نظر آيون. اڪبر بگٽيءَ جا حامي سيٽلائيٽ فون تي رابطي ۾ هئا ۽ سج لهڻ کان ٿورو اڳ ۾ ٻڌايائون ته نواب صاحب اسان سان صبح جو ملندو.

    هڪ هنڌ تي رستو وڃائي ويٺاسين ۽ ڏهه ٻارنهن ڪلوميٽر غلط رخ ۾ هليا وياسين. هر پاسي واري هئي. گاڏي ڦاسي پئي. سج لهي چڪو هو ۽ اوندهه ڇانئجي وئي هئي. ڊرائيور چيو”منهنجي الائي ڪهڙي ڦٽي، جو اوهان سان آيس.“ اسان اوندهه ۾ پريشان بيٺا بگٽيءَ جي ماڻهن سان رابطي ڪرڻ ۾ رڌل هئاسين، ته اوچتو هڪ همراهه ظاهر ٿيو ۽ پنهنجو نالو لونگ بگٽي ڏسيائين. هن چيو ته سٺو ٿيو، اوهان هيڏانهن اچي ويا. ٻئي پاسي وڃو ها ته ايف سي جي چيڪ پوسٽ آهي ۽ جهلجي پئو ها. لونگ ٻڌايو ته ڏيڍ ڪلاڪ ۾ بگٽي قلعي پهچي وينداسين. اسان نواب جي ماڻهن سان رابطي ۾ هئاسين. هنن چيو ته جيڪڏهن سنگسيلا وٽان ايف سي وارا نه ڇڏن، ته هو پاڻهي بندوبست ڪري وٺندا، پر ان جي نوبت نه آئي. اسان کي ٻئي ڏينهن تي اڪبر بگٽيءَ سان ملڻ لاءِ هتي اچڻو هو ۽ ميجر نويد چيو هو ته توهان اچو، ته مهرباني ڪري اسان لاءِ شربت ۽ ٻيو سامان اوهان کي ديرا بگٽي ۾ موجود ايف سي هيڊ ڪوارٽر مان ڏيندا، سو کنيو اچجو. اسان ها ڪئي. ديرا بگٽي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ايف سي چيڪ پوسٽ تي مڪمل تلاشي ورتي وئي ۽ ان بعد شهر اندر گهڙڻ ڇڏيو ويو. شهر ۾ داخل ٿياسين، ته اتي موجود ايف سي چيڪ پوسٽ وارن روڪي ورتو ۽ چيائون ته اڳ ۾ سندن قلعي يعني هيڊ ڪوارٽر وڃڻو پوندو. ايف سي جو ڪرنل فرقان ۽ ان جو جونيئر آفيسر انتظار ۾ هئا. ڪرنل صاحب ڏاڍي جارحاڻي موڊ ۾ هو ۽ چوڻ لڳو: اڪبر بگٽي صحافين کي خريد ڪري ٿو وٺي ۽ فلاڻي صحافيءَ کي ڏيڍ لک رپيا ڏنا اٿس. مون ڪرنل صاحب کي چيو، ته مان به ڪافي ڏينهن کان پنڌ ۾ آهيان، جيڪڏهن توهان بگٽي سان ملڻ ڇڏيو ته جيڪي پئسا ملندا، سي ورهائي کڻنداسين. ان تي جونيئر آفيسر مرڪندو ڪمري مان نڪري ويو ۽ ڪرنل صاحب هڪ گهڙيءَ لاءِ ڪجهه محسوس ڪيو. اسان ڪرنل کان موڪلايو، ته هو گاڏيءَ تائين ڇڏڻ آيو ۽ سنگسيلا چيڪ پوسٽ وارن لاءِ سگريٽ ۽ نسوار سميت ڪجهه شيون هڪ ننڍي ٻوريءَ ۾ وجهي، گاڏيءَ ۾ رکرايائين.

    اسان جيئن ئي بگٽي قلعي طرف هلڻ لڳاسين ته هڪ ٽرالي رستي تي بيٺل نظر آئي، جنهن ۾ ڪجهه هٿياربند هئا. هنن کڻي بندوقون سڌيون ڪيون. مان هٿ مٿي ڪري گاڏيءَ مان لٿس ۽ کين سڃاڻپ ڪرايم ته چيائون ”خير آهي، خير آهي، وڃو“. رات بگٽي قلعي ۾ گذاريسين. ٽين وڳي ڌاري هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو. ڳڻتيءَ ورايم ته ڪٿي ايف سي وارن سگريٽن ۽ نسوار واري ٻوريءَ ۾ اعتراض جوڳيون شيون ته ناهن رکيون ۽ صبح جو پاڻ ئي چيڪ پوسٽ وٽ کڻي جهلي نه وٺن. ايتري دير ۾لاڳيتو ڌماڪا ٿيڻ لڳا. ڌماڪن جي آواز ۽ سامان واري ٻوريءَ جي ڳڻتي ننڊ اڏاري ڇڏي. بگٽي قلعي ۾ ٻوريءَ کي ان ڪري به کولي نه پئي ڏٺم، ته متان بگٽي ناراض نه ٿي پون. صبح جو اٿياسين ته وهنجڻ لاءِ ميرو پاڻي ڏنو ويو، اسان بنا وهنجڻ جي ئي بگٽي قلعي کي ڏسڻ وائسڻ نڪري پياسين. بگٽي جي تمام اعتماد جوڳي ملازم نبي بخش ايف سي وارن جي ميزائلن لڳڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان بابت پئي ٻڌايو. مهمان خاني ۾ پهتاسين ته کوٽيل مورچن منجهان نڪري آيل ماڻهو اسان کي سرڪاري ظلمن جا تفصيل ٻڌائڻ لڳا. ايتري ۾ ٻه راڪيٽ ويجهو ئي اچي ڪريا، ته هنن چيو ”اندر اچو، ڪٿي توهان کي نه ڪو ميزائيل لڳي.“ بگٽيءَ جي ملازم جو سڄو زور ان تي هو ته ڪلپر ۽ مسوري قبيلي جا اڪثر ماڻهو ايف سي وارن سان گڏ آهن. اتان ٿي هندن جي پاڙي وياسين، جتي مندر ۽ گهر ويران پيا هئا ۽ زندگيءَ جو ڪو آثار نظر نٿي آيو. گهر مٽيءَ جو ڍير لڳا پيا هئا. نبي بخش ٻڌايو ته سمورا هندو رهواسي بلوچستان جي ٻين علائقن ۽ سنڌ لڏي ويل آهن. بگٽي قلعي جي آڏو هندن جي آبادي ڏسي، محسوس ٿيو ته اقليت جي ماڻهن کي اڪبر بگٽي پنهنجيءَ حفاظت لاءِ شايد ڍال طور آباد ڪرايو آهي.

    اسان سڌو ايف سي جي قلعي وياسين ۽ گيٽ تي سپاهين کي سڏي سڄي رات ننڊ ڦٽائيندڙ ٻوري سندن حوالي ڪري، شڪر ڪيوسين ته جان ڇٽي. اسان پنهنجي گاڏي اتي ئي ڇڏي ۽ بگٽين سان گڏ نئين ڊبل ڪيبن ۾ چڙهياسين، جنهن کي مٽي هڻي ڪيموفلاج ڪيو ويو هو. ڏکين رستن تان ٿيندا، اٽڪل اڌ ڪلاڪ کان پوءِ نواب اڪبر بگٽيءَ سان هڪ نامعلوم هنڌ تي ملاقات ٿي جتي سڀ هيٺ ويٺا هئا. اڪبر بگٽيءَ جا پوٽا ۽ ڏوهٽا، جن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ سيٽلائيٽ فون هئا، سي مليا. بگٽي سنڌيءَ ۾ خوش خير عافيت ڪئي ۽ ان بعد اڙدو ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. اٽڪل اڌ ڪلاڪ جي انٽرويوءَ کان پوءِ منجهند جي ماني کاڌيسين. ٻڪر جي سِجي ۽ ڪاک نالي گرم ماني جڏهن آڏو رکي وئي، ته مون بگٽيءَ کي چيو: ڪرنل صحيح ٿي چيو، ته توهان مهمانن کي سِجي کارائيندا آهيو. بگٽي گڏ ويٺل قبيلي جي ماڻهن سان ان نموني ٻئي ڳالهايو، جو هڪ سردار ۽ عام ماڻهن ۾ ڪو فرق ئي نٿي ڏٺو. اسان اڪبر بگٽيءَ کي عام ماڻهن سان ته ڳالهائيندي ڏٺو، پر کيس پنهنجي پوٽي، وڏي پٽ مرحوم سليم اڪبر بگٽيءَ جي پٽ مير عالَي عرف مير عدو سان ڳالهائيندي نه ڏٺو. هن پنهنجي هڪ ٻئي پوٽي برهمداخ کي وڌيڪ اهميت ٿي ڏني ۽ اڻ اعلانيه طور هو ان کي ئي پنهنجو جانشين ڪرڻ گهري ٿو. مون جڏهن کانئس جانشين مقرر ڪرڻ بابت پڇا ڪئي، ته چيائين:”ان جو فيصلو قبيلو ڪندو.“ پر ظاهري طور ايئن ٿو محسوس ٿئي، ته ان سوال تي سندس پوٽن ۾ جهيڙو ٿي سگهي ٿو ۽ قبيلو ورهائجي سگهي ٿو.

    هڪ سئو ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊگهي جابلو علائقي ۾ لاتعداد مورچن ۾ رهندڙ بگٽيءَ جي حامين جي کائڻ پيئڻ، گولي بارود، سيٽلائيٽ فون ۽ ٻين سهولتن تي هڪ محتاط اندازي موجب به اٽڪل ڏيڍ کان ٻه لک ڏهاڙي خرچ ٿيندو هوندو. مان اڃا ان بابت سوچ ويچار ۾ ئي هئس ته نيٺ ڪيستائين اها ويڙهه جاري رهندي، ته اوچتو نواب اڪبر بگٽيءَ هڪ هڏي ڪڍي. ان هڏيءَ کي غور سان ڏسڻ کان پوءِ، هن بلوچيءَ ۾ پنهنجن ساٿين کي چيو: ايندڙ ڏينهن ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. ان هڏيءَ وسيلي قسمت ۽ حالتن بابت اڳ ڪٿي ڪرڻ جي روايت هن قبيلي ۾ جُڳن کان هلندي پئي اچي ۽ سمورن بگٽين جو ان تي ايمان جي حد تائين يقين آهي. اها هڏي بگٽي قبيلي جي هڪ پالتو ٻڪر جي ڪلهي جي ٿيندي آهي. ڪي خاص بزرگ شخص ان جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ اڳڪٿيڪندا آهن. اڪبر خان، پنهنجن ماڻهن کي ايندڙ وقتن ۾ وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ بابت خبردار ڪيو ۽ اسان کانئس موڪلائي، نڪري آياسين.
    ahmahar@yahoo.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بلوچستان واري ”علائقه غير“ جو خوفائتو منظر



    اڱارو 14 مارچ 2006ع

    ڊيره بگٽي ضلعي ۾ نواب اڪبر بگٽي جي انٽرويو کانپوءِ جيئن ئي فرنٽيئر ڪور جي قلعي ۾ پهتاسين، ته راڪيٽن جي برسات ٿي رهي هئي، ۽ اهلڪارن سميت سڀ ماڻهو هيسجي ويهي رهيا هئا. اٽڪل هڪ ڪلاڪ جي راڪيٽ بازي کانپوءِ فائرنگ جو سلسلو ته بند ٿي ويو هو، پر هر طرف بارود جي بوءِ ڦهليل هئي. وڏي تعداد ۾ فائر ٿيندڙ راڪيٽن مان ڪو جاني نقصان ته نه ٿيو هو ۽ نه ڪو راڪيٽ ايف سي قلعي جي آفيسن ۽ ٻين اهم جڳهين تي ڪريو. اهڙي صورتحال سبب هڪ لمحي لاءِ شڪ پيدا ٿيو ته ڪٿي ايف سي وارن بگٽين کي بدنام ڪرڻ لاءِ پاڻ ته راڪيٽ فائر ناهن ڪيا؟!

    رات جي مانيءَ تي ايف سي جي آفيسرن جيڪي اڪبر بگٽي سان ملاقات جا تفصيل پڇيا ته ان جي صحت ڪيئن هئي، ڪيترا ماڻهو ساڻس گڏ هئا يا ڪهڙي جڳهه تي ملاقات ٿي؟ وغيره، پر مون انهن کان معذرت ڪئي.

    اهڙي صورتحال کانپوءِ انهن پاڻ ئي فوج جي سياسي ڪردار تي بحث ڇيڙيو. انهن آفيسرن جي دعويٰ هئي ته فوج هڪ منظم ادارو هجڻ سبب سياست کان وٺي ملڪي بچاءَ تائين سڀ ڪم احسن طريقي سان انجام ڏئي سگهي ٿي. بحث دوران ڪافي نرمي گرمي به ٿيندي رهي ۽ فوج جي سوال تي هڪ نوجوان ڪيپٽن اٽڪي پيو، ۽ هن جي دعويٰ هئي ته فوج هڪ شفاف ادارو آهي. جڏهن هن کي ٻڌايو ويو ته هر سال آڊيٽر جنرل آف پاڪستان دفاعي بجيٽ جي آڊٽ ڪري جيڪا رپورٽ ڏيندو آهي، جيڪڏهن انهن رپورٽن جو جائزو ورتو وڃي ته گذريل ڏهن سالن ۾ به گهڻو ڪجهه پڌرو ٿيندو. ڪرنل فرقان جي سيڪريٽري اڪبر بگٽي جون تازيون تصويرون گهريون ته جيئن هو جڳهه، ماحول ۽ ان جي صحت جي باري ۾ اندازو لڳائي سگهن. انڪار باوجود هو اصرار ڪندو رهيو، جنهن ڪري هن کي هڪ تصوير ڏيڻي پئي. اهي تصويرون هونءَ به بي بي سي ويب سائيٽ تي شايع ٿي چڪيون آهن. ايف سي جي قلعي ۾ رات گذارڻ کانپوءِ ڪرنل فاروق ۽ ان جي ساٿي آفيسرن جا ٿورا مڃي کانئن اجازت وٺڻ کانپوءِ سوئي لاءِ روانا ٿياسين. مني ڪلاڪ کانپوءِ سئي پهتاسين ته شهر ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين ساڄي طرف تعميراتي ڪم تيزيءَ سان هلندڙ هو. ڊرائيور ٻڌايو ته هيءَ سوئيءَ جي فوجي ڇانوڻي ٺهي رهي آهي، جنهن جون تصويرون وٺڻ بعد شهر روانا ٿياسين. رستي ۾ ڊرائيور ٻڌايو ته هو ضلعي رابطا آفيسر جي آفيس ۾ ملازم آهي ۽ ٽن مهينن کان هنن جون پگهارون بند آهن. هن فرمائش ڪئي ته پگهارون جاري ڪرائڻ لاءِ سفارش ڪريان. خير ضلعي رابطا آفيسر عبدالصمد لاسي جي آفيس پهتاسين ته خبر پئي هو آفيس ۾ تمام گهٽ ايندو آهي ۽ گهڻو وقت فوج جي زير انتظام ”هاءِ سيڪيورٽي زون“ يعني پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي ڪالوني ۾ رهندو آهي. اسان جي آمد جي اطلاع تي پنهنجي سرڪاري گاڏي موڪليائين ۽ چيائين ته ڪابه خانگي گاڏي ان علائقي ۾ مشڪل سان داخل ٿيندي آهي. ضلعي رابطا آفيسر جي سرڪاري گاڏيءَ جي باوجود ”ڊفينس سيڪيورٽي گارڊز“ روڪي ورتو ۽ اڌ ڪلاڪ جي جاچ پڙتال بعد اندر وڃڻ ڏنو. سخت سيڪيورٽي ڏسي خيال آيو ته جڏهن ڊي سي او جي گاڏي ۽ اجازت باوجود ايتري تلاشي پئي ورتي وڃي ته ڊاڪٽر شازيه ڪيس جو جوابدار ان علائقي ۾ ڪيئن داخل ٿيو هوندو؟ عبدالصمد لاسي کي ڪمپني جي فراهم ڪيل عام رهائشگاهه پهتاسين ته خبر پئي ٽن ڪمرن واري ان گهر ۾ ڊي سي او جي آفيس ۽ بيڊ روم هڪ ئي آهي، جتي ٻه فونو لڳل آهن ۽ سڄي ضلعي جو انتطام هو اتان ويهي ئي هلائي ٿو. ڳالهه ٻولهه کانپوءِ خبر پئي ته عبدلصمد لاسي سترهين گريڊ جو آفيسر آهي ۽ کاتي وارا امتحان پاس نه ڪرڻ سبب ترقيءَ کان محروم ٿي ويو، پر ان باوجود هن وقت ويهين گريڊ جي پوسٽ تي ويٺل آهي. لاسي صاحب چيو ته، ”هن ملڪ ۾ هڪ صدر مشرف آهي ۽ ٻيو آئون آهيان، جن وٽ ٻن عهدن جي چارج آهي.“ هن ٻڌايو ته هن ضلعي ۾ مقرري ۽ فوجي ڇانوڻي جي لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ لاءِ ڪو به آفيسر تيار نه هو. اهڙين حالتن ۾ هن عهدو سنڀاليو ۽ سوئي ڇانوڻيءَ لاءِ چار سئو ايڪڙ زمين الاٽ ڪري ڇڏي. جنهن تي هاڻ تيزيءَ سان ڪم جاري آهي. عبدالصمد لاسي ڪيتري معلومات بنا پڇڻ جي به ٻڌائي ڇڏي ته انهيءَ ڇانوڻيءَ لاءِ ڏنل زمين جا مالڪ بگٽيءَ جي خوف کان پئسا نه پيا وٺن، ۽ ڪروڙين رپيا اڃا به سرڪاري خزاني ۾ پيل آهن. ان موجب ڇانوڻي ٺهڻ سان نواب بگٽي جي سرداري ختم ٿي ويندي ۽ ماڻهن کي سڪون ملندو، هتي فيڪٽريون لڳنديون ۽ خوشحالي ايندي.

    ڳالهين دوارن لاسي چيو ته اڪبر بگٽي تمام چالاڪ ماڻهو آهي، ڊيرا بگٽي جي سمورن سرحدي ضلعن جا جيڪي به سردار آهن، انهن سان هن جون مٽيون مائٽيون ٿيل آهن ته جيئن ڏکئي وقت ۾ انهن کان مدد وٺي سگهي. هن ٻڌائڻ شروع ڪيو ته ضلعي سبي جو طاقتور قبيلو ڊومڪي هجي يا بارکان ضلعي جا سردار، ڪوهلو ضلعي جا نواب مري هجن يا راجن پور ۽ ڪشمور جا مزاري، انهن سڀني سان بگٽيءَ جون مائٽيون ڪيل آهن. هن موجب ”جمهوري وطن پارٽي جا قومي اسيمبليءَ جا ميمبر حيدر بگٽي ۽ ترجمان شاهد بگٽي، نواب بگٽيءَ جا ناٺي ۽ ڀاڻيجا آهن. ٻنهي جي ڏاڏن کي قتل ڪرايو ويو ۽ ان جي پيئرن کي اڪبر بگٽي پنهنجين ڀينرن جا رشتا ڏنا.“ ڊي سي او اها ڳالهه تسليم ڪئي ته امن امان خراب ٿيڻ ۽ بگٽي قبيلي جي خوف کان هنن ضلعي آفيسون ڊيرا بگٽي کان سوئي منتقل ته ڪري ڇڏيون آهن پر هن چيو ته ”مان ڪامريڊ ماڻهو آهيان، جيڪو ڪم 5 1 سالن ۾ نه ٿي سگهيو، اهو 5 1 مهينن ۾ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي منهنجا لاڳاپا وڏن ماڻهن سان آهن ۽ مان بلوچستان جي قسمت بدلائي ڇڏيندس.“

    اڪبر بگٽي جي مخالف ڪلپر قبيلي جي ماڻهن جي سرڪاري سرپرستي ۾ آبادڪاري جي باري ۾ هن جو چوڻ هو ته، هاڻي اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي؟ هن چيو ته ”ماضيءَ ۾ حڪومتون ڪلپرن کي واپس آڻيديون هيون ۽ پوءِ بگٽيءَ سان ٺاهه ٿيڻ بعد ڪلپرن کي ڀڄڻو پوندو هو، پر هن ڀيري ايئن نه ٿيندو. هن دفعي اڪبر بگٽي کي ڀڄڻو پوندو، ڇوته ڪلپرن کي وڏي سرڪار آندو آهي.“ انتهائي سيڪيورٽي ۾ ڪمپني جي ڪوارٽرز ۾ ترسايل ڪلپر خاندان سان ملاقات ٿي ته هر خاندان پنهنجي مٿان اڪبر بگٽيءَ جي مبينا ظلمن جا الڳ الڳ قصا ٻڌايا. ڪنهن ڀاءُ ته ڪنهن پٽ ۽ ڪنهن مڙس جي مارجڻ ۽ نجي جيل ۾ بند ڪرڻ جا قصا ٻڌايا. انهن جون ڳالهيون ٻڌي نواب اڪبر بگٽي جي هڪ نئين روپ جو انڪشاف ٿئي ٿو. اهي ڪلپر بنيادي طور تي سوئي جي علائقي جا رهندڙ آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته نواب جي ظلمن سبب هو دربدر آهن، ۽ حڪومت ٽي سئو رپيا في فرد ماهوار کين معاوضو ڏئي ٿي. ان باري ۾ نواب بگٽي هجي يا ان جوترجمان شاهد بگٽي هو اهو چئي نٿا ڳالهائين ته، اهو انهن جي قبيلي جو اندروني معاملو آهي ۽ هن مهل هو صوبي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهن.

    بگٽي قبيلي جي اڪثر ماڻهن ٻن کان ٽي شاديون ڪري رکيون آهن ۽ انهن جو اولاد به تمام گهڻو آهي. نواب اڪبر بگٽي جون پنهنجون به ٻه گهرواريون آهن، پر هو چوي ٿوته هن جي ڏيڍ شادي ٿيل آهي. ڪلپر قبيلي جو هڪ شخص جنهن جون ٽي شاديون ٿيل آهن، ان مان کيس 9 پٽن سميت 17 ٻار آهن. ان چيو ته اسان قبائلي ماڻهو مشڪل علائقن ۽ ڏکين حالتن ۾ رهون ٿا، هڪ ٻه بار بيمارين سبب ۽ ٻه ٽي قبائلي جهيڙن ۾ مري وڃن ٿا، انهيءَ لاءِ گهڻا ٻار پيدا ڪندا آهيون ته جيئن نسل وڌندو رهي.

    شام جو واپس ڊي سي او جي گهر پهتاسين ۽ ڳالهين جو سلسلو جاري رهيو. رات جو ماني کائڻ کانپوءِ جڏهن هن کان پڇيم ته، توهان بگٽيءَ سان ٽڪر ورتو آهي ڇا خوف نٿو ٿئي؟ هن چيو ته، ”وڌ ۾ وڌ ڇا ٿيندو، مارجي ويندس، پوءِ ماڻهو ۽ حڪومت ته ياد ڪندي.“ اڃا اها ڳالهه جاري هئي ته فون جي گهنٽي وڳي ۽ جيئن ئي هن فون کنئي ته کيس گهرواري اطلاع ڏنو ته سندس گهر بم ڌماڪو ٿيو آهي. عبدالصمد لاسي پريشان ٿي ويو ۽ ڪنهن دوست کي چيائين ته سندس ڪٽنب کي حب مان ڪراچي منتقل ڪيو وڃي. هن موجب ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو، بس البت گهر جي ڀت ڪري پئي آهي، ۽ ڪچن کي نقصان رسيو آهي. مون صمد لاسيءَ تي زور ڀريو ته جتي ڊاڪٽر شازيه مٿان جنسي تشدد ٿيو هو، مون کي اتي وڃڻ جي اجازت ڏيو، پ رهن اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته ”اتي وڃڻ لاءِ کيس به اجازت ڪونهي، اوهان پنهنجي ڳالهه پيا ڪريو. اهو ممڪن ڪونهي، اوهان اسان جي عزت جو به ته ڪجهه خيال ڪريو.“ ان کان پوءِ مون هن کان اجازت ورتي ۽ بگٽي ڪالوني ويندي اڪبر بگٽيءَ جو سوئيءَ ۾ ٺهيل قلعي جو ٻاهران کان ئي نظارو ڪيم. ڀت مٿان لکيل هو ته ”هيءَ عمارت هاڻي سرڪاري تحويل ۾ آهي، ۽ عام ماڻهن جي داخلا منع آهي.“ انهيءَ عمارت جي دروازي تي فرنٽيئر ڪور يعني ايف سي جا اهلڪار مورچه سنڀالي ويٺل هئا.
    ahmahar@yahoo.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    آمريڪي نائب پرڏيهي وزير رچرڊ بائوچر پاڪستان آيو ۽ واپس هليو ويو. هن تعارفي دوري دوران جيڪي ڳالهيون ڪيون، اهي بظاهر پاڪستان ۾ جمهوريت جي تقويت لاءِ تازي هوا جو جهوٽو ۽ مخالف ڌر جي سياسي جماعتن لاءِ وڏي آٿت ثابت ٿيون آهن.

    ناشتي تي صبح جو آمريڪي سفارتخاني ۾ اڌ ڪلاڪ اڪيلائيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم امين فهيم سان رچرڊ بائوچر ملاقات ڪئي ۽ بعد ۾ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ راجا ظفر الحق به ڳالهين ۾ شامل ٿيو. ان ملاقات سياسي بوريت سبب پيدا ٿيل ”هينگ اوور“ واري ڪيفيت مان ڄڻ ته مخدوم صاحب کي ان ڏينهن ڪڍي ڇڏيو ۽ ٿيل ڳالهين ڄڻ ته ٻهڪائي ڇڏيو.

    ٻنهي جي ملاقات کان هڪ ڏينهن اڳ رچرڊ بائوچر ڪجهه صحافين کي سڏائي ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ جڏهن مون کانئس پڇيو ته، پاڪستان ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ اوهان چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ صدر پاڪستان سان ڪهڙا ويچار ونڊيا، ۽ آمريڪا کي ان باري ۾ ڪهڙا خدشا آهن؟ ته هن چيو: ”آمريڪا، پاڪستان ۾ مضبوط جمهوريت چاهي ٿو ۽ عوام جي راءِ جي بالادستيءَ جو خواهشمند آهي.“ ميڊيا کي منهن ڏيڻ جو بائوچر اڳي ئي ماهر آهي، ڇو ته نئين چارج سنڀالڻ کان اڳ هو وائيٽ هائوس جو ترجمان رهي چڪو آهي ۽ ڳچ عرصي تائين هن وار جي کل لاهيندڙ مغربي ميڊيا جي نمائندن کي چڱيءَ طرح منهن ڏنو، سو هن پريس ڪانفرنس ۾ به ان صحافين کي گهمائي لاٿو.

    صحافتي پروفيشنلزم جي حوالي سان گهٽ، پر ”وطن عزيز جي محافظن“ جي حيثيت ۾ وڌيڪ سڃاتا ويندڙ ڪجهه صحافين جو فوڪس ڀارت جيان پاڪستان کي سويلين جوهري پروگرام ۾ تعاون نه ڪرڻ بابت هو. بائوچر چيو ته پاڪستان سان ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ٻين وسيلن مان توانائي حاصل ڪرڻ ۾ آمريڪا ساڻس مدد ڪندو. جڏهن کانئس وڌيڪ سوال ٿيڻ لڳا، ته هن چيو ته، اوهين چاهيو ٿا ته مان ساڳي ڳالهه ورجايان، ان ڪري ان باري ۾ وڌيڪ نه پڇو. هن اهو به چيو ته، ڀارت سان جوهري تعاون سان خطي جو توازن خراب نه ٿيندو. ساڳي پريس ڪانفرنس ۾ هن پاڪستان ۾ جمهوريت جي باري ۾ جيڪا وڏي ڳالهه چئي، اها هي هئي ته، آمريڪا، پاڪستان ۾ مضبوط جمهوريت، عوام جي بالادستي ۽ اهڙي جمهوري حڪومت چاهي ٿو، فوج جنهن جي ماتحت هجي. پاڪستان ۾ جڏهن فوج جو ڪردار ايترو وڌي وڃي، جو ٻين معاملن کان سواءِ روڊ ٺاهڻ تائين اسان جي محافظن جو دائره اختيار هجي، ته پوءِ ڪٿان هو پاڻ کي جمهوري حڪومت جي تابع ڪندا. بهرحال حقيقت کڻي ڪيئن به هجي، پر رچرڊ بائوچر جو اهو بيان هڪ پاسي اهو ثابت ڪري ٿو ته گذريل عام چونڊون شفاف نه هيون ۽ آئنده به موجوده سرڪار ڌانڌلي ڪري سگهي ٿي، جنهن کي روڪڻ لاءِ هو هر هر شفاف چونڊن تي زور پيا ڏين.

    حڪمران مسلم ليگ جي طارق عظيم، رچرڊ بائوچر جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته، هن کي اندروني معاملن ۾ مداخلت جو ڪو به حق ناهي، پر چيف اليڪشن ڪمشنر سان جڏهن هو مليو ته ان تي ڪنهن کي اعتراض نه ٿيو. ايندڙ چونڊون شفاف هئڻ، عوامي راءِ جي بالادستي ۽ فوج جي جمهوري حڪومت جي ماتحت هجڻ واري سندس ڳالهه رڳو زباني ڪلامي بيان نٿو لڳي. بائوچر پهريون آمريڪي نمائندو آهي، جنهن هڪ وک اڳتي وڌي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ان باري ۾ ملاقات ڪري ساڻس تفصيل سان ڳالهايو آهي. صدر مشرف جي 6 سالن جي دور ۾ آمريڪا جمهوريت جي زباني ڪلامي حمايت ڪندو رهيو پر دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ تعاون سبب ان باري ۾ گهڻي ڀاڱي اکيون ٻوٽي رکيون. هاڻي سندس اکيون ڏيکارڻ سان گهڻائي سوال اڀرن ٿا ۽ مطلب نڪرن ٿا. هن جو بيان ڪنهن لاءِ خطري جي گهنٽي آهي، ته ڪنهن لاءِ خوشيءَ جي خبر.

    بائوچر جي بيان کان پوءِ موجوده حڪومت پيپلز پارٽيءَ خلاف وڌيڪ سرگرم پئي ڏسجي ۽ جنهن نموني بينظير ڀٽو جي دبئيءَ واري ڪمپنيءَ جي مبينا ڪرپشن جو ڪمزور ڪيس سامهون آندو ويو آهي، ان مان لڳي پيو ته هو پيپلز پارٽيءَ تي دٻاءُ وجهڻ چاهين ٿا. موجوده صورتحال ۾ ته ائين پيو لڳي ته صدر مشرف اهو محسوس ڪيو آهي ته ڊگهي عرصي تائين رهڻ لاءِ بهتر آهي ته ڪنهن پاپولر سياسي جماعت، پوءِ اها کڻي پيپلز پارٽي هجي يا مسلم ليگ (ن)، انهن سان ڳالهيون ڪجن ۽ ساڻن گڏجي حڪومت ٺاهجي. اڃان تائين حڪومتي فرشتا ان تي بضد آهن ته نواز ليگ هجي يا پي پي، انهن سان جيڪو به معاملو ٺهي، ان گيم ۾ بينظير يا نواز شريف نه هجن، پر جنهن نموني ٻئي جماعتون اڃا پنهنجن فيصلن تي اٽل آهن، جيڪڏهن آئنده به ائين رهيون ته اهي اڳي پوءِ فائدي ۾ ئي رهنديون.

    اهڙي منظر ۾ صدر مشرف وٽ هڪ آپشن اهو آهي ته هو نواز شريف يا بينظير ڀٽو مان ڪنهن کي قبول ڪري ۽ يقينن هن جي چونڊ پ پ ئي ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ان صورت ۾ به عددي اڪثريت جي اعتبار سان انجنيئرڊ شفاف چونڊن جا قابل قبول نتيجا اهڙا هوندا، جو سڀاڻي پيپلز پارٽي اقتدار کان جيڪڏهن ڌار به ٿيندي ته به صدر جي حامين جو تعداد ايترو هوندو، جو ”حقيقي جمهوريت“ جو تسلسل ڪونه ٽٽندو. ان صورتحال ۾ صدر جنرل پرويز مشرف وردي لاهڻ تي راضي ٿي سگهي ٿو ۽ پيپلز پارٽيءَ کي اهو موقعو ملندو ته هو چئي سگهندا ته هنن فوجي صدر مان قوم جي جان ڇڏائي. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن هن ڊيل ۾ بينظير ڀٽو کي اقتدار کان ٻاهر رهڻو پوي ۽ سندس پارٽي اقتدار ۾ اچي، ته اها هن لاءِ ڪا خراب ڊيل نه هوندي. الطاف حسين جيان محترمه کي به پنهنجي پارٽيءَ تي گرفت آهي ۽ سندس ساٿي اهو ئي ڪندا، جيڪو هوءَ چاهيندي، ڇو ته ايندڙ چونڊن کان پوءِ اقتدار کان پري رهڻ پيپلز پارٽيءَ لاءِ شايد ائين ثابت ٿئي، جيئن مڇي پاڻيءَ کان سواءِ رهي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ٻي صورت ۾ صدر مشرف ملڪ جي انگ انگ ۾ سمائجي ويل قومي محافظن معرفت پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ چوڌري برادران کي اهي اختيار ڏئي ڇڏيندو، جو هو مقبول شيخ سميت جنهن کي چاهين، وزير بڻائين ۽ جنهن کي چاهين جماليءَ جيان ڪڍي ڇڏين. ان صورت ۾ ”ملا ملٽري الائنس“ پائيدار ٿيندو ۽ متحده مجلس عمل ”فرينڊلي مخالف ڌر“ جو ڪردار بدستور ادا ڪندي رهندي ۽ هنن جي عددي اڪثريت پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ کان گهڻي هوندي. ڪجهه مبصرن موجب، ان صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ تاريخ جا بدترين ڏينهن ايندا. سڀاڻي ته خير ڪنهن ناهي ڏٺي ۽ ڪنهن کي خبر ته ڪير جيئرو هوندو، باقي انساني فطرت مطابق هر ماڻهو پنهنجي لاءِ جنهن نموني ڊگهي رٿابندي ڪندو آهي، ظاهر آهي ته ان حوالي سان اقتدار جي سيج تي حڪمران به تاحيات پنهنجي اقتدار جي منصوبا بندي ضرور ڪندا هوندا.

    وقت ۽ حالتون تبديل ٿيندي دير ناهي ٿيندي، باقي جنهن نموني پاڪستان ۾ ”مضبوط جمهوري حڪومت“ جي قيام واري آمريڪي ڪوشش نظر اچي رهي آهي، اها مستقبل جي سياسي صورتحال ۾ وڏي پيماني تي تبديليءَ جي علامت آهي ۽ پاڪستان جي سياسي وايو منڊل ۾ وڏو ڀونچال اچڻ وارو آهي. مبصرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ سان صدر جا معاملا طئي ٿي ويا ته چونڊون وقت کان اڳ به ٿي سگهن ٿيون ۽ ٻي صورت ۾ دير سوير ممڪن آهي.

    ahmahar@yahoo.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بش-مشرف تعلقات، لنڊن ملاقات ۽ ڪابينا ۾ واڌ



    سومر پهرين مئي 2006ع

    پاڪستان جي ٻن اڳوڻن وزير اعظمن بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جي لنڊن ملاقات کي جيتوڻيڪ ڏهاڪو ڏينهن گذري چڪا آهن، پر اڃا تائين ان ملاقات جي اقتداري ايوانن ۾ گونج ۽ سياسي حلقن ۾ چرچو ختم ناهي ٿيو. ان ملاقات تي فوري تبصرو ڪندڙ سابق وزير اطلاعات شيخ رشيد احمد چيو ته، ”اها ملاقات هوائي فائرنگ آهي“ ۽ چند ڏينهن ۾ هو پاڻ ”فائر“ ٿي ويو ۽ پنهنجي دوست لالو پرشاد جي هم وزارت جو وزير بڻجي ويو، يعني ريلوي جو کاتو وڃي سنڀاليائين. شيخ رشيد احمد پنهنجي الوداعي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته، ڀلي وزارت هن وٽ ناهي، پر وري به خبرون هو ئي ڏيندو. خبرن جو ته هونئن ئي استاد آهي. تازو هن صحافين لاءِ ريلوي ڀاڙن ۾ رعايتي حد 50 سيڪڙي کان وڌائي 80 سيڪڙو ڪئي آهي، جڏهن ته صحافين جي گهر ڀاتين کي به 0 5 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيائين. خبر پڙهي کيس فون ڪيم ته، هرئي جي هير ٽنگ ڀڄي به نه وڃي. خير پاڻ ڳالهه پئي ڪئي نواز-بينظير ملاقات جي. ان ملاقات تي نئين اطلاعات واري وزير محمد علي دراني المعروف ايم اي ڊي تبصرو ڪيو آهي ته، ”اها ملاقات ڊرائنگ روم جو ڊرامو آهي.“

    سياسي حلقن ۾ اهي ڳالهيون به هلي رهيون آهن ته وفاقي ڪابينا ۾ واڌ، وزيرن جي پريشاني وارا بيان ۽ خود صدر جنرل پرويز مشرف جو اهو چوڻ ته، هو صدر بش جو پاليل ناهي، پر وزيرستان ۾ آپريشن پنهنجي ملڪي مفاد هيٺ ڪري رهيو آهي. آمريڪي صدر بش پاران پاڪستان ۾ شفاف چونڊن بابت ڏنل بيان، رچرڊ بائوچر پاران چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪري شفاف چونڊون يقيني بنائڻ بابت ڳالهيون ڪرڻ ۽ اهو بيان ڏيڻ ته، آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان ۾ فوج سويلين حڪومت جي تابع هجڻ گهرجي ۽ مٿان وري نواز-بينظير لنڊن ملاقات جي ڪڙين ملڻ ۽ ان سبب پيدا ٿيل صورتحال هڪ لحاظ کان اقتدار ڌڻين جي پريشاني جي علامت آهي.

    مون هن ئي اخبار ۾ ڪجهه هفتا اڳ پنهنجي ڪالم ۾ بائوچر جي پاڪستان جي دوري جي تناظر ۾ تفصيلي طور لکيو هو ۽ تقريبن ان سان ڪافي حد تائين ملندڙ جلندڙ تجزيو، جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي اخبار ۾ سندن سينئر تجزيه ڪارن جو تجزيو شايع ٿيو ته پاڪستان جي آمريڪي سفارتخاني کي ڪافي ڏينهن ان جي وضاحتن لاءِ مختلف اخبارن ۾ وضاحتون شايع ڪرائڻ ۽ خود رچرڊ بائوچر کان ان جي وضاحت ڪرائڻ ۾ لڳا ته، آمريڪا جو آشيرواد اڃا صدر مشرف تي آهي ۽ هنن هٿ ناهي ڇڪيو. حڪمران مسلم ليگ جي هڪ سينيئر ۽ مرڪزي اڳواڻ ڪجهه صحافين کي ٻڌايو ته صدر بش ۽ صدر مشرف وچ ۾ جيڪا ملاقات ٿي هئي، ان ۾ بينظير ڀٽو جو به ذڪر ٿيو هو ۽ آمريڪي صدر خواهش ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي ايندڙ چونڊن بعد هو ٻئي گڏجي ڪم ڪن. بقول ان مسلم ليگي شاهد جي ته صدر مشرف کي ڳالهه نه وڻي ۽ هن پنهنجي مهمان کي چيو ته ڇا اوهان مون کي اجازت ڏيندا ته اوهان جي ۽ جان ڪيري جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري صلح ڪرايان. خير ان ملاقات کان پوءِ جيڪڏهن اسين ڏسون پيا ته مٿي ذڪر ڪيل چند واقعا ان مسلم ليگي شاهد جي ڳالهه کي تقويت پهچائين ٿا. صدر بش ۽ صدر مشرف جي ملاقات کان پوءِ واضح ٿي ويو ته آمريڪا پاڪستان سان سويلين نيوڪليئر پروگرام بابت تعاون نه ڪندو. باقي ڪوئلي ۽ ٻين وسيلن مان بجلي پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪندو. آمريڪا اڃا تائين بضد آهي ته ايران کان گئس پائيپ لائين پاڪستان ۽ ڀارت تائين نه وڇائجي. هو چاهين ٿا ته ترڪمانستان کان پاڪستان گئس وٺي. خير آمريڪا جو اهو پراڻو موقف آهي ۽ بينظير ڀٽو چئي چڪي آهي ته سندس ٻي حڪومت دوران آمريڪي سفير ان معاملي ۾ ذاتي دلچسپي وٺي رهيو هو ۽ جڏهن هن کيس ترڪمانستان منصوبي کي قابل عمل بڻائڻ جي مخالفت ڪئي ته سندس حڪومت هلي وئي. ساڳئي منصوبي جي اڃا به آمريڪا مخالفت پيو ڪري، پر صدر پرويز مشرف جي حڪومت بينظير کان وڌيڪ واضح نموني ايران سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اڃا بضد آهي، ڏسجي ته ان جو انت ڪٿي ٿو ٿئي؟

    جڏهن کان آمريڪا پاڪستان کي نان نيٽو اتحادي جو درجو ڏنو آهي، تڏهن کان سندن خواهش آهي ته عراق هجي، يا ايران پاڪستان سندن اکيون ٻوٽي حمايت ڪري. اهو ڪريڊٽ صدر مشرف کي وڃي ٿو ته هن واضح نموني اسٽينڊ ورتو آهي. سياسي مبصرن جو خيال آهي ته آمريڪا ايران کي سوڙهو ڪرڻ ۽ چين جو بلوچستان مان اثر رسوخ گهٽائڻ لاءِ بلوچستان ۾ پنهنجي لاءِ اڏو چاهي ٿو ۽ اڃا تائين پاڪستان ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي. اهڙي پس منظر ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ جا نتيجا ڪي چڱا ڪو نه نڪرندا. بهرحال ايندڙ حڪومت کان آمريڪا اهو ضرور چاهيندو ته هو سندن منصوبه بندي ۾ مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. اهو چند مهينن ۾ واضح ٿي ويندو ته صدر جنرل پرويز مشرف پاڪستان ۽ آمريڪا جي مستقبل جي تعاون بابت ڪهڙي لائين ٿو اختيار ڪري ۽ پوءِ ئي پاڪستان جي سياسي مستقبل جو به فيصلو ٿي ويندو.

    هاڻي ٿورو ذڪر ڪابينا ۾ ڦيرڦار جو به ڪرڻ چاهيان ٿو ته اوچتو صرف مسلم ليگ وارن کي وزير بنائڻ بابت جتي ايم ڪيو ايم کي تحفظات آهن، اتي لغاري گروپ ۽ پيٽرياٽ وارا به خوش نظر نٿا اچن. خيرن سان خالد لنڊ کي وري اڌ وزير بنايو ويو آهي ۽ هن پنهنجي لاءِ دفاع واري وزارت مناسب سمجهي. دفاع واري وزارت جا فوجي حڪومت ۾ هو ڪهڙا معاملا هلائيندو، باقي ايترو ضرور آهي جو فوجي جرنلين سان کيس راهه و رسم وڌائڻ ۾ مدد ملندي ۽ تعلقات بهتر ٿي ويندس. دفاع واري وزارت جا ٻئي وزير يعني وفاقي ۽ مملڪتي اهڙا آهن، جو اسيمبليءَ ۾ ڳالهائڻ هو پسند ئي نه ڪندا آهن. ڪابينا ۾ ردوبدل جو وڏو جهٽڪو ته خير شيخ رشيد کي لڳو ۽ ان کان وڏو ڌماڪو محمد علي دراني جي اها وزارت سنڀالڻ جو ٿيو آهي. ان باري ۾ چيو پيو وڃي ته شيخ رشيد حڪومت جي گهٽ، پر پنهنجي پروجيڪشن وڌيڪ ڪري رهيو هو. دراني صاحب کي ٽاسڪ مليو آهي ته هو حڪومت جي پروجيڪشن وڌيڪ ڪري. ان ڊپ وچان ڪنهن معاملي تي سندس تبصري يا حڪومت جي راءِ وٺڻ لاءِ فون ٿا ڪريون، تڏهن به ايترو محتاط آهي جو ڳالهائي ڪو نه ٿو.

    جيئن ئي محمد علي دراني اطلاعات جي وزارت سنڀالي ته انيسه زيب طاهرخيلي جيڪا ان وزارت جي مملڪتي وزير هئي، تنهن شيرپائو کي چئي ان وزارت مان جان ڇڏائي ۽ تعليم کاتو ورتو اٿائين. محمد علي دراني ۽ انيسه زيب جو گڏ هلڻ ظاهر آهي ته تمام گهڻو مشڪل هو، ڇو ته هو شاگردي واري زماني کان هڪٻئي جا مخالف ترين هئا. خود انيسه زيب جو چوڻ آهي ته هوءَ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي صدر هئي. محمد علي دراني اسلامي جمعيت طلبا جو صوبائي صدر هو ۽ ان وقت کان هنن جا پاڻ ۾ سياسي اختلاف رهيا آهن. اسلامي جمعيت طلبا جي صوبائي صدر هجڻ سبب ظاهر آهي ته دراني صاحب قاضي حسين احمد کي پٽن جيان پيارو هو ۽ قاضي حسين احمد جي نياڻي جيڪا اڄڪلهه ايم اين اي آهي، سميعه راحيل قاضي، اها تڏهن ميٽرڪ ۾ پڙهند ي هئي ۽ اڄ تائين دراني کي ادا چوندي آهي. تازو هڪ نجي ٽي وي چينل جي اسٽوڊيو ۾ انيسه زيب ۽ سميعه راحيل قاضي جي ملاقات ٿي ۽ ماضي بابت پنهنجون پراڻيون يادون به تازيون پئي ڪيائون ڪابينا ۾ ردوبدل سبب فيصل صالح حيات جو کاتو به تبديل ٿيو. هن لاءِ ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. جهڙي سندس ڪشمير وزارت تهڙي ماحوليات واري. ان ردوبدل ۾ هڪ وڏي تبديلي نيلوفر بختيار کان عورتن واري وزارت کسجڻ جي به آهي، جنهن تي هر ڪو حيران آهي. نيلوفر بختيار واحد ڪابينه جي ميمبر آهي، جيڪا پاڪستان جو وڏو انقلابي اڳواڻ ۽ خيرخواهه صدر مشرف کي قرار ڏيندي رهي آهي. هاڻي خبر ناهي ته متان سندس موقف ۾ تبديلي آئي هجي، پر 2 ڀيرا سرڪاري خابرو اداري اي پي پي تان مون پاڻ خبر پڙهي ته هن چيو هو ته، ”پاڪستان ۾ عورتن کي آزادي ۽ بااختيار بنائڻ ۾ الله تعاليٰ کان پوءِ صدر مشرف ڪردار ادا ڪيو آهي.“ هن جي آئوٽ ٿيڻ ۽ ثميرا ملڪ جي اچانڪ آمد اڃا تائين صحافين لاءِ هڪ راز بڻيل آهي ۽ هرڪو ان جي فاش ڪرڻ لاءِ مناسب موقعي جي تاڙ ۾ آهي.

    ahmahar@yahoo.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    آمريڪا پاران پاڪستان تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڇو؟



    سومر 08 مئي 2006ع

    صدر جنرل پرويز مشرف ۽ آمريڪي صدر جارج بش جي انتظاميه وچ ۾ مختلف معاملن تي اختلاف راءِ هجڻ جو ذڪر گذريل ڪالم ۾ به ڪيو هو، پر هاڻي پيدا ٿيل غلط فهميون وڌيڪ گهريون ٿيندي نظر اچن ٿيون. جنهن جو چٽو ۽ تازو مثال آمريڪا جي خارجه وزارت جي دهشتگردي ٽوڙ معاملن جي رابطه ڪار هينري ڪرمپٽن جو ڪابل ۾ جاري ڪيل بيان آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته، ”پاڪستان القاعده ۽ طالبان شدت پسندن خلاف گهڻي ڪارروائي نه پيو ڪري.“

    هينري ڪرمپٽن 2 ڏينهن پاڪستان ۾ هو ۽ اسلام آباد ۾ وزارت داخلا ۽ خارجه جي نمائيندن سان ملاقات کان پوءِ راولپنڊيءَ جي فوجي هيڊ ڪوارٽر ۾ اعليٰ فوجي عملدارن سان ملاقاتون ڪيائين ۽ پروگرام موجب ڪابل روانو ٿي ويو. جنهن ڏينهن هينري ڪرمپٽن اسلام آباد پهتو، ساڳئي ڏينهن آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ”سينٽڪام“ جو ڪمانڊر انچيف جنرل جان پي ابي زيد به عليحده شيڊول تحت اسلام آباد پهتو. ٻنهي آمريڪي عملدارن جي پاڪستان ۾ سرگرمين بابت ڌرين پاران گهڻو ڪجهه نه ٻڌايو هيو ۽ بظاهر ان باري ۾ سندن سرگرمين کي پُراسرار پئي چيو ويو ۽ اهي گمان وڌندا پئي ويا ته شايد ٻنهي ڌرين ۾ مختلف معاملن تي ڪٽ پٽ ٿي آهي ۽ اختلافن ۽ غلط فهمين واري وڇوٽي وڌي رهي آهي.

    انهن خدشن کي تقويت ان مهل ملي، جڏهن هينري ڪرمپٽن پاڪستان جي باري ۾ پاڪستان ۾ هجڻ دوران ڪجهه نه چيو ۽ ڪابل پهچندي ئي پاڪستان تي الزام هنيو ته هو دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پنهنجي قبائلي علائقن ۾ اهو ڪجهه نه پيو ڪري، جيڪو هن کي ڪرڻ گهرجي. آمريڪي نمائيندي موجب پاڪستان حڪومت جي ڪوتاهيءَ سبب ئي طالبان شدت پسندن جي حمايت ۽ اثر رسوخ وڌي رهيو آهي، ۽ هاڻي هو قبائلي علائقن کان اڳتي نڪري اچي Settled Areas جن، ۾ بنون، ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان شامل آهن، اتي پهتا آهن. جتي اطلاعن موجب هو ميوزڪ ۽ وڊيو جي دڪانن کي ساڙين ٿا. پاڪستان آمريڪي عملدار جي بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي ۽ ان کي رد ڪندي چيو آهي ته، پاڪستان گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. پاڪستان ترجمان موجب، هنن هزار فوج افغان سرحد تي مقرر ڪئي آهي ۽ شدت پسندن خلاف ڪارروايون به ڪاميابيءَ سان جاري آهن ۽ هيستائين شرپسندن سان ويڙهه ۾ سندن ڪيترائي فوجي شهيد ڪيا ويا آهن.

    تازو پاڪستان جي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري پڻ آمريڪي موقف سان ملندڙ هڪ مغربي صحافي جي سوال تي ڪاوڙ ۾ اچي چيو هو ته، ايتري تعداد ۾ جديد هٿيارن سان ليس آمريڪي ۽ سندن اتحادي فوجن هيستائين عراق ۾ الزرقاوي کي گرفتار ناهي ڪيو، ته ڇا پاڻ ائين چئون ته آمريڪا کيس پڪڙڻ ۾ سنجيده ناهي. هن چيو هو ته افغانستان ۾ به آمريڪا ۽ اتحادي فوجون آهن، ڇا ائين چئون ته هو ملا عمر کي پڪرڻ ۾ سنجيده ناهن. پاڪستاني خارجه وزير جي دليل ۾ ڪافي وزن هو، پر 6 سالن ۾ پهريون دفعو ان وقت صدر مشرف جي انتظاميه جي ڪنهن ذميوار شخص اهڙو جارحانه انداز اختيار ڪيو هو. جنهن مان آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ اختلافن جي دونهين جا غير واضح اشارا مليا هئا. جيڪي بعد ۾ آهستي آهستي ٿيندي واضح صورت اختيار ڪرڻ شروع ڪري چڪا آهن ته پاڪستان ايران خلاف ڪارروائي واري سوال تي آمريڪا سان گڏجڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو آهي ۽ چين جو بلوچستان ۾ اثر رسوخ گهٽائڻ لاءِ به تيار ناهي. اهڙي صورتحال ۾ بظاهر ”اختلافن جو سبب“ ڀلي القائده ۽ سندن حامي شدت پسندن خلاف ڪارروائي ۾ پاڪستان جو ڪردار ئي ڄاڻايو وڃي، پر ان جا اصل سبب ايران ۽ بلوچستان ئي بڻبا.

    ٻنهي ملڪن ۾ واضح اختلافن جو هڪ ٻيو مثال ”بلوچستان لبريشن آرمي“ کي پاڪستان پاران دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ ۽ آمريڪا کان اها توقع ڪرڻ به هئي ته هو به ان کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيندا. آمريڪا ائين نه ڪيو ۽ انساني حقن بابت رپورٽ ۾ الٽو بلوچستان ۾ انساني حقن جي خلاف ورزيءَ جو ذڪر ڇيڙيو. مٿان آمريڪا وري جماعت الدعوت نالي تنظيم کي دهشتگرد قرار ڏنو، جنهن تي پاڪستان ردعمل ۾ چيو ته آمريڪا ڀلي جماعت الدعوت کي دهشتگرد قرار ڏئي، پر پاڪستان ائين نه ڪندو. جماعت الدعوت نالي تنظيم جو سربراهه حافظ سعيد آهي، جيڪو اڳ ۾ ڪشمير ۾ جهاد جي حوالي سان مشهور تنظيم پابندي پيل ”لشڪرِ طيبه“ جو سربراهه هو. آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ قربت وارن ڏينهن ۾ پاڪستان جي صدر پرويز مشرف ”لشڪر طيبه“ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي، ان کي ڪالعدم قرار ڏنو هو. جنهن بعد ئي حافظ سعيد نئين تنظيم جماعت الدعوت ٺاهي هئي.

    پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف معاملن تي وڌندڙ اختلافن جا اڃا ٻيا به ڪيترائي معاملا ٿي سگهن ٿا، جن بابت شايد وقت جي مناسبت سان اهي سامهون اچن. بهرحال اڪثر تجزيه نگار ٻنهي ملڪن جي نمائيندن وچ ۾ اختلاف راءِ کي ٻنهي ملڪن ۾ غلط فهميون قرار نٿا ڏين، پر انتظامي عملدارن وچ ۾ اختلاف قرار ڏين ٿا. اهڙي پس منظر ۾ سندن خيال آهي ته ان صورتحال جا پاڪستان جي سياست تي سڌا اثر پوندا.

    پاڪستان جي سياست جو ذڪر آيو آهي ته اهي خبرون اوهان پڙهي چڪا هوندا ته صدر جنرل پرويز مشرف ڪافي سرگرم ٿي ويو آهي، جتي هن حڪمران مسلم ليگ ۾ اختلاف نبيرڻ شروع ڪيا آهن، اتي هن ان جماعت جي هر صوبي جي بااثر ماڻهن سان به ملاقاتون ڪرڻ شروع ڪيون آهن. اوهان کي ياد هوندو ته هنن ئي ڪالمن ۾ اوهان پڙهيو هو ته صدر جنرل پرويز مشرف ايندڙ مدت جي عام چونڊن ۽ پاڻ کي صدر چونڊرائڻ لاءِ پهرين ڪوشش اها ڪندو ته پيپلز پارٽي سان ٺاهه ڪري، جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته هو موجوده مسلم ليگ کي مضبوط ڪندو ۽ اڇي ڪاري جو مالڪ چوڌري برادران کي ڪندو. صدر جي تازين سرگرمين مان لڳي ٿو ته هن پيپلز پارٽي سان ڳالهائڻ کان اڳ مٿن دٻاءَ وجهڻ لاءِ اڳ ۾ ئي چوڌري شجاعت کي با اختيار بنائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ صدر جي ساٿين حڪومتي اتحاد جي اهم ڌر يعني ايم ڪيو ايم سان به اهو سمجهوتو ڪيو آهي ته (پ پ سان ٺاهه نه ٿيڻ جي صورت ۾) کين فري هينڊ ملندو ۽ هو سنڌ صوبي جي هڪ وڏي جماعت طور اڀرڻ سان گڏوگڏ حڪمران مسلم ليگ جي تعاون سان ٻين صوبن مان به ايم ڪيو ايم جا هڪ اڌ ميمبر چونڊرايا ويندا ته جيئن ان جماعت تان لساني جماعت هجڻ جي ڇاپ ختم ٿئي ۽ قومي پارٽي جي کيس نيئن سند ملي.

    ظاهر آهي ته حڪومت جي انهن سمورين حڪمت عملين بابت پيپلز پارٽي سميت مخالف ڌريون به سوچنديون هونديون ۽ ڪو نه ڪو حل هو به ڪڍندا. ان سڄي سياسي هيرا ڦيري تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته ڀلي ڌريون هڪٻئي تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ اٽڪل بازيون ڪن، پر صدر جنرل پرويز مشرف ۽ پيپلز پارٽي وارن کي سنجيدگيءَ سان جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته هو وقت وڃائڻ بدران ٺوس تجويزن تي ٻيهر ڳالهيون ڪن. ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته حڪمران مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو ضرور موجود آهن، جيڪي مشرف- بينظير جي تعاون ۾ رڪاوٽون ۽ غلط فهميون پيدا ڪري وڇوٽيون وڌائي رهيا آهن. انهن مبصرن جي راءِ موجب موجوده صورتحال ۾ جنرل مشرف ۽ بينظير جو ڀلو ان ۾ آهي ته هو مستقبل جي گڏيل سيٽ اپ لاءِ پاور شيئرنگ جي ڊيل ڪن.

    انهن مبصرن جي راءِ پنهنجي جاءِ تي، پر جيئن اسين صدر بش ۽ صدر مشرف جي انتظاميه وچ ۾ اختلافن جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ان تناظر ۾ جيڪو ماحول جڙي پيو، اهو شايد ڏينهون ڏينهن موجوده حڪمرانن جي بارگين واري پوزيشن کي ڪمزور ڪري. بهرحال هي پاڪستان آهي، ۽ هتي جي سياسي گيمز ٺهڻ ۽ بگڙڻ ۾ لمحا لڳندا آهن. تڏهن ئي شايد چيو ويندو آهي ته There is the much difference between cup and lips آخر ۾ ٿورو ذڪر موجوده وزير اعظم سان ”خصوصي تعلقات“ واري ناڻي کاتي جي پارليماني سيڪريٽري خواجه شيراز پاران فنانس واري وزارت جي پنهنجي والد جيڏي عمر واري سينئر ڪاموري افتخار ملڪ کي ميٽنگ ۾ 10 منٽ دير سان اچڻ تي مارڪٽ جو- اوهان اخبارن ۾ ان جو تفصيل پڙهي چڪا هوندا ته موجوده اسيمبلي هوندي اهو ٻيو واقعو آهي جو ڪنهن پارليمنٽيرين ائين ڪيو هجي. پهريون قصو 2 سال اڳ هڪ وزير کي ٻن حڪومتي ايم اين ايز پاران پنهنجي آَفيس ۾ مارڪٽ ڪرڻ جو آهي، جنهن ۾ هن باٿ روم ۾ وڃي جان بچائي هئي ۽ ٻيو واقعو هڪ ايم اين اي جو آهي، جنهن کلي عام وزارت واري آفيس ۾ هڪ پوڙهي آفَيسر کي مارڪٽ جو آهي. قصو ته ڪافي وڌي رهيو هو، پر خبر ناهي ڇو وزير اعظم ايتري دلچسپي وٺي معاملي کي دٻائي ڇڏيو. وزير اعظم جي هڪ نوجوان ايم اين اي کي بدنامي کان بچائڻ لاءِ اثر رسوخ استعمال ڪرڻ واري مجبوري جو راز ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور پڌرو ٿيندو.

    ahmahar@yahoo.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    کنڊ جو بحران پيدا ڪندڙ نيٺ بي نقاب ٿي ويا



    خميس 11 مئي 2006ع

    ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ، ملڪ ۾ کنڊ جي بحران ۽ ان جي ذميوارن جي نشاندهي ڪرڻ بابت تفصيلي بحث ڪيو. اٽڪ جي ملڪ الله يار خان جي سربراهي ۾ جوڙيل ايوان جي هن ڪاميٽيءَ جڏهن به مختلف کاتن جي بجيٽ ۾ هيرا ڦيري، بدعنوانين جي معاملن جي تفصيلي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي، ته ڪيترن ئي ماڻهن کي اهو يقين هوندي به ته هن ملڪ ۾ طاقتورن کي ڪجهه نه ٿيندو، پر پوءِ به اخبارن ۾ خبرون پڙهي اها آٿت ٿيندي آهي، ته ڪنهن به ڪڌي ڪم جي ذميوار ماڻهن کي کڻي سزا نه به ملي، پر بدنام ته ٿيا نه.

    پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ ۾ هونئن ته اڪثر ميمبرن پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، پر گذريل چند ڏينهن کان فوج جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن واري رقم دفاعي بجيٽ بدران سول حڪومت جي کاتي ۾ ڄاڻائڻ ۽ تازو ملڪ ۾ کنڊ جي پيدا ڪيل هٿراڌو بحران جي حوالي سان جنهن نموني کليل تنقيد ڪئي ۽ حڪومت جي عيوضين کي چڻا چٻرايائون، ان ۾ پنجاب ۽ اهو به چوڌرين جي اباڻي علائقي مان پيپلز پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر قمر الزمان ڪائره ۽ سنڌ جي ميمبر قربان علي شاهه کي ان جو ڪريڊٽ ٻين کان وڌيڪ وڃي ٿو. جنهن انداز ۾ هنن هوم ورڪ ڪري اچي حڪومتي نمائندن کان پڇاڻا ڪيا، ۽ سٺي وڪيل جيان پنهنجو ڪيس کنيو، ان انداز سبب حڪومتي نمائندن به تسليم ڪيو ته کنڊ جي بحران جا ذميوار چوڌري شجاعت، همايون اختر، جهانگير ترين، سردار نصر الله دريشڪ، ۽ چند وڏا ڪاروباري سيٺ، جن ۾ ديوان گروپ، حبيب گروپ، اتفاق گروپ به شامل آهن، انهن هٿراڌو کوٽ پيدا ڪري عوام جي کيسي تي 10 ارب جي قئنچي هنئي.

    پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ جي اجلاسن ۾ وزير اعظم جي مشير ڊاڪٽر اشفاق حسين اهو تسليم ڪيو ته حڪومت مٿي ڄاڻايل سياسي ۽ ڪاروباري حضرات جي ملز کي ڊيوٽي فري خام کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي اجازت ڏني، ته جيئن ملڪ ۾کنڊ مهانگي نه ٿئي. 0 2 شگر ملز جي مالڪن پاڻ ۾ ونڊ ورڇ ڪري 4 لک ٽن کنڊ 200 ڊالر في ٽن جي حساب سان گهرائي پنهنجي شگر ملز ۾ جڏهن ان کي صاف ڪري قابل استعمال بنائي، ته ان جي قيمت 20 رپين کان 22 رپيا في ڪلو گرام ٿي وئي ۽ هو جيڪڏهن 2 کان 3 رپيا في ڪلو گرام نفعي تي به کنڊ مارڪيٽ ۾ وڪڻن ها ته به کين ڪروڙين رپين جو فائدو ٿئي ها. پر هنن ائين نه ڪيو ۽ حڪومت کان ڊيوٽي فري 4 لک ٽن کنڊ گهرائي اها مارڪيٽ ۾ 35 کان 38 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪئي ۽ عام ماڻهوءَ کي 40 کان 45 رپيا في ڪلو خريد ڪرڻي پئي.

    ڊاڪٽر اشفاق اهو به تسليم ڪيو ته شگر ملز مالڪن کي ڪل پيداوار جو 25 سيڪڙو اسٽاڪ ڪرڻ جي اجازت آهي، باقي کنڊ هو مارڪيٽ ۾ آڻڻ جا پابند آهن، پر هنن شگر ملز مالڪن ملي ڀڳت ڪري 40 کان 85 سيڪڙو کنڊ ملز ۾ اسٽاڪ ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر اشفاق اهو به انڪشاف ڪيو ته هن اها سڄي صورتحال ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪئي، وزير اعظم کي به ان کان آگاهه ڪيو هو. هن وڌيڪ ڪجهه نه چيو پر هڪ وڏي حقيقت عوام آڏو رکي ويو ته هي عوام جا هڏ ڏوکي، ڳوڙها ڳاڙيندڙ ”معصوم سياستدان“ اندر ۽ اصل ۾ ڇا آهن.

    ڪالهه پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ هڪ ته اهو واضح ٿيو ته شگر ملز مالڪن حڪومت کان رعايت وٺي ڊيوٽي فري کنڊ گهرائي ۽ چيو ته عوام کي سستي اگهه تي ڏينداسين، پر هنن الٽو 10 کان 15 رپيا في ڪلو کنڊ مهانگي وڪرو ڪئي. ٻيو ته اسٽاڪ جي مقرر ڪيل قانوني حد کان ٽيڻ تي هنن اسٽاڪ ڪيو، ته جيئن مارڪيٽ مان کنڊ غائب ٿئي ته اگهه وڌن. اهو به ثابت ٿيو ته موجوده حڪومت شگر ملز لڳائڻ تي پابندي هنئي آهي ۽ ان جي باوجود جهانگير ترين ۽ همايون اختر نيون ملز هنيون. ان سڄي معاملي جي وزير اعظم کي به خبر پئي، ان کانسواءِ قومي احتساب بيورو وارن به انڪوائريءَ جو اعلان ڪيو پر نامعلوم سبب جي ڪري 4 ڏينهن ۾ انڪوائري ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

    ان سڄي وايو منڊل ۾ 20 شگر ملز جي مالڪن 10 ارب رپين جي عوام کي جيڪا چٽي هنئي، ان معاملي تي ارباب اختيار ڇو خاموش آهن ۽ نيب انڪوائري ڇو ختم ڪئي؟ بهرحال ٿي سگهي ٿو ته اهو قومي ۽ عوامي مفاد ۾ هجي ۽ ان جي ڪري نه عدالت ازخود نوٽيس ورتو ، نه عوام احتجاج ڪيو، نه ئي وري قومي احتساب بيورو کي همت ٿي. جيڪڏهن ائين ئي آهي ته پوءِ ڇا ائين سمجهجي ته عوام سان موجوده حڪمران جهان خان واري چوڻيءَ تي پيا عمل ڪن؟ جيڪڏهن احتساب بيورو جو حال اهو آهي ته پوءِ ڪروڙين رپين جا خرچ ڪري بينظير ڀٽو کي ڦاسائڻ (مان اهو نٿو چوان ته هن جا هٿ صاف آهن) پنهنجي حلقي جي بيروزگارن کي نوڪريون ڏيڻ جي ”ڏوهه“ ۾ يوسف رضا گيلانيءَ جو جيل ۾ هجڻ، فوج کي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۽ غير آئيني ڪم نه ڪرڻ جو صلاح ڏيڻ جي ”ڏوهه“ ۾ جاويد هاشميءَ کي زندان ۾ رکڻ ۽ ملازمت ڏيڻ جي ”ڏوهه“ ۾ نيب جي ٺاهيل ڪيس مان بري ٿي ويل انور سيف الله کي ٻيهر گرفتار ڪرائڻ واري سڄي ڪارروائيءَ جي باري ۾ ڇا عوام سوال نٿو ڪري سگهي ته اهو حتساب سڄو ڍونگ ۽ ڊرامو آهي؟

    قومي اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ آڏو هڪ ٻيو به حڪومت جو دلچسپ انڪشاف سامهون آيو آهي. اهو فوج جي رٽائرڊ ملازمن جي 35 ارب 60 ڪروڙ رپين جي پينشن دفاعي بجيٽ بدران سول حڪومت جي کاتي ۾ ڄاڻائڻ بابت آهي. اهو به خير سان حقيقي جمهوريت ۽ شفاف حڪمرانيءَ جي دعويدار ”روشن خيال“ ۽ ”اعتدال پسند“ حڪمرانن جو ئي ڪارنامو آهي. ظاهر آهي ته ان جو بنيادي مقصد دفاعي بجيٽ جو مجموعي مقدار، يعني انگ گهٽ ڏيکارڻ آهي. حڪومت جي نمائندن اهو تسليم ڪيو ته02-2001ع واري بجٽ ۾ جڏهن فوج جي بجٽ وڌيڪ رکڻ تي تنقيد ڪئي وئي هئي، ته ان وقت موجوده وزير اعظم ۽ تڏهوڪي ناڻي واري وزير پنهنجي ”فنانشل مهارت“ ڏيکاريندي ”صاحب وڏي“ کي خوش ڪرڻ لاءِ رٽائرڊ فوجين جي پينشن واري رقم سول حڪومت جي کاتي ۾ شامل ڪئي هئي. ظاهر آهي ته اهو ڪم به عوام ۽ قوم جي ”مفاد“ ۾ هو ۽ پاڪستان ۾ ”قومي مفاد“ هيٺ ٿيندڙ هر ڪم ٺيڪ ئي هوندو آهي ۽ ان باري ۾ سوال اٿارڻ گناهه آهي.

    تازو اهي خبرون به آيون ته 600 سول سروسز جي اهم عهدن تي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجين جي تعنياتيءَ تي سول سرونٽ پريشان آهن. ڪنهن جي ترقي رڪجي وئي آهي، ته ڪنهن جو ڪيريئر پيو تباهه ٿئي، پر شفاف حڪمراني به ته آخر هلائڻي آهي نه. صدر صاحب جي دور ۾ جنهن نموني هائوسنگ اسڪيمز ۽ پلاٽن کان پوسٽنگز تائين ڪم ٿيا آهن

    ahmahar@yahoo.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عوام ”لاپته“ ماڻهن جو پتو ڪٿان حاصل ڪري؟



    سومر 26 فيبروري 2007ع

    قومن جي مهذب پڻي جو اندازو سندن رياستن پاران پنهنجن شهرين کي ڏنل شهري آزادين ۽ انهن آزادين جي محافظ عدليا جي حڪمن جي ٿيندڙ پوئوارين منجهان لڳايو ويندو آهي، پر بدقسمتي چئجي جو اسان جو سمورو ماضي ان معاملي ۾ مايوس ڪندي نظر ايندو.

    اسان جو ملڪ هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي بلڪه مختلف قومن جو ”رضاڪارانه“ الحاق يعني هڪ فيڊريشن آهي، جيڪو هاڻ ايٽمي طاقت بڻجڻ جو شرف پڻ رکي ٿو. اسان بلاشڪ ته ڪن شعبن ۾ ترقي به ڪئي آهي، پر پنهنجي شهرين سان مختلف بنيادن تي ٿيندڙ غير مساوي سلوڪ ۽ عدليه کي مليل آزادي هميشه بحث هيٺ رهيا آهن. ماضيءَ ۾ آيل سياسي ۽ پاڻ کي جمهوري چورائيندڙ حڪومتون به ”پنهنجا“ رکڻ واري روايت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيون. ڪيترن ئي مثالن مان ثابت ٿي سگهندو ته هنن جو ٽريڪ رڪارڊ به فوجي حڪومتن جيان سٺو نه رهيو آهي، پر فوجي حڪومتن جو انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان رڪارڊ وڌيڪ خراب رهيو آهي.

    موجوده حڪومت جي باري ۾ عالمي توڙي مقامي انساني حقن جي تنظيمن جي رپورٽن جو جائزو وٺون ٿا ته صورتحال ماضيءَ کان وڌيڪ خراب محسوس ٿئي ٿي. عام تاثر جڙيو هو ته صدر جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ماڻهن کي وڌيڪ آزادي ڏني آهي، پر هاڻي ٿورو گهڻو جڙيل اهڙو تاثر به حڪومتي پاليسين سبب ختم ٿي رهيو آهي.

    سنڌ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل صفدر سرڪيءَ جي پراسرار گمشدگيءَ کي هڪ سال ٿي چڪو آهي. هن جي تنظيم جا 3 ٻيا ڪارڪن به غائب آهن. جڏهن ته ٻين پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به لاپته آهن. بلوچستان ۾ ته سوين سياسي ڪارڪن سالن کان لاپته آهن. سرحد ۽ پنجاب جي مختلف علائقن جا درجنين ماڻهو (سخت گير مذهبي سوچ رکندڙ) سالن کان گم آهن. اهڙن لاپته سڏجندڙ ماڻهن جا گهر ٻار دربدريءَ جو شڪار آهن ۽ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.

    ڊاڪٽر سرڪيءَ سميت سمورن لاپته ماڻهن جا وارث عدالتن جا در به کڙڪائي چڪا آهن ۽ پنهنجي سموري جمع پونجي پنهنجن عزيزن جي واپسيءَ تي لڳائي چڪا آهن، پر کين ڪٿان به اها کڙڪ نه پئجي سگهي آهي ته هو جيئرا به آهن يا نه. آخر هو ڪٿي آهن؟ سندن گناهه ڪهڙو آهي؟ ان بابت سرڪار توڙي سرڪار جو ڪوبه ”باخبر“ ادارو، کين ڪابه خبر ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. بقول مولانا فضل الرحمان جي ته ”ڌاڙيل به ڪنهن ماڻهوءَ کي اغوا ڪندا آهن ته ڏينهن ٻن ۾ وارثن کي اطلاع ڪندا آهن ته فلاڻو ماڻهو اسان وٽ آهي، پر سرڪاري ايجنسيون جنهن ماڻهوءَ کي کڻي وڃن ٿيون، ان جو ڏس پتو ڪٿان به نٿو ملي“. اهڙن لاپته ماڻهن جا وارث به سالن کان پنهنجي پيارن جي وڇوڙي جي عذاب ۾ پل پل مري رهيا آهن.

    بلوچستان جي سابق وڏي وزير سردار اختر مينگل کي جنهن نموني گرفتار ڪري سندس تذليل ڪئي وئي، تنهن مان حڪمران سمجهي سگهن ٿا ته اهي شايد چڱو ڪم رهيا آهن، پر اهڙا عمل عام خلق ۽ خاص طور بلوچ قومپرست سوچ رکندڙ ماڻهن ۾ اڃا به وڌيڪ ڪاوڙ ۽ ردعمل پيدا ڪندي نظر اچن ٿا. جڏهن ڪراچيءَ ۾ آپريشن دوران پوليس اهلڪار اردو ڳالهائيندڙن کي هڪ شهري تنظيم جو ڪارڪن سمجهي مٿن ٽارچر ڪندا هئا ۽ موٽر سائيڪلن جا گرم سائلينسر چمرائيندا هئا ته ان تنظيم سان واسطو نه رکندڙ ماڻهو به ان سان سلهاڙجي ويندا هئا. ان وقت جي حاڪمن جي غلط پاليسين ئي ماڻهن کي باغي بڻايو ۽ ان تنظيم جي حمايت ۾ اضافو آندو. اڄ وقت ثابت ڪيو ته آپريشن ۽ پوليس ڪارروائين سان اها تنظيم ختم نه ٿي سگهي ۽ نيٺ ”قومي مفاد“ ۾ ان سان سمجهوتو ڪيو ويو. اڄ بلوچستان ۽ سنڌ جي قومي ڪارڪنن سان اهو ساڳيو ئي سلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي ۽ اهو وقت پري ناهي ته حڪمرانن کي ٻيهر به ساڳيو ئي تجربو ٿئي.

    اسان جي ملڪ ۾ سرڪار هر اداري کي پنهنجن مقصدن لاءِ ئي قائم ڪيل سمجهندي آهي. نتيجي ۾ انصاف جا نمائنده ادارا به رڳو ذاتي دشمنين ۽ ملڪيتن جي جهيڙن جا ڪيس اڪلائڻ تائين محدود ٿي ويندا آهن. اسان جون عدالتون جيڪڏهن ڪن سياسي معاملن ۾ ڪي فيصلا ڏين به ٿيون، ته سرڪار انهن تي عمل لاءِ پابند نٿي هجي. اعليٰ عدالتون لاپته ماڻهن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي چڪيون آهن، پر سرڪار کي ان جي ڪابه ڳڻتي نه آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن حڪمرانن کي انصاف جي علامت عدليه تي به ڀروسو ناهي ۽ هو سالن کان لاپته سنڌي ۽ بلوچ اڳواڻن کي پي سي او هيٺ قسم کڻندڙ جج صاحبان آڏو به پيش ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن ته پوءِ لاپته ڪيل ماڻهن خلاف ڪو به ثبوت هٿ نه اچڻ جي اڃا ڪهڙي ثابتي گهربل ٿي سگهي ٿي؟.

    سنڌ ۽ بلوچستان جي هاءِ ڪورٽن ۾ حبس بيجا جا سوين ڪيس سالن کان التوا ۾ پيل آهن، پر شايد جج صاحبان حڪومت جي ذميوارن کي طلب ڪري کانئن وضاحت پڇي نٿا سگهن. ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدليه سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پراسرار طور لاپته ماڻهن جو جڏهن ڪيس کنيو ته ڪجهه ماڻهو سندن مداخلت تي آزاد به ٿيا، پر باقي ماڻهن جي بازيابي اڃا تائين سواليه نشان بڻيل آهي. جڏهن عدليه جي حڪمن کي سرڪار پاران گهربل موٽ نه ملي ۽ عوام جي چونڊيل ايوان آڏو ڪو به ادارو جوابده نه رهي، ته آخر ملڪ جي عوام جو ڇا ٿيندو؟

    سيد خورشيد شاهه جي بقول ته ”هيءُ هڪ عجيب ملڪ آهي. هڪ فوجي حڪمران اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته مذهبي سخت گير پيدا ڪريو، اهو مذهب ۽ ملڪ جي مفاد ۾ آهي. ٻيو فوجي حڪمران اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته بنياد پرستن خلاف ڪارروائيون مذهب ۽ ملت جي مفاد ۾ آهن! آخر ڪهڙو عمل قوم جي مفاد ۾ آهي ۽ ڪهڙو خلاف آهي، ان باري ۾ ڪير ٻڌائي سگهندو؟ ۽ اهو به ته نيٺ قومي مفادن جي تعين جو اختيار ڪنهن کي آهي؟“

    جڏهن رياستي ادارا پنهنجي ماڻهن تي ايئن شڪ ڪندا هجن ۽ سماجي نا انصافين واري ماحول ۽ معاشري ۾ پنهنجي ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙن سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو هجي، تڏهن قومن ۾ احساس محرومي ۽ گڏيل مفادن واري سوچ ۾ ڦيرو اچڻ فطري هوندو آهي. نا برابريءَ وارين اهڙين وارتائن سبب دکيل دونهين هوريان هوريان وڌندي، ڀنڀٽ جي شڪل اختيار ڪري وٺندي آهي، جنهن جو مثال خود افغانستان جي صورتحال به آهي. سياسي مسئلن جا حل هميشه سياسي طريقن سان ئي نڪرندا آهن. ڏنڊي ۽ طاقت جي زور تي ڪڏهن به مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن. دنيا اڄ مختلف شعبن سميت فڪري حوالي سان جيتري ترقي ڪئي آهي، تنهن کي ڏسندي ان ڳالهه جي ضرروت وڌي وڃي ٿي ته اسان پنهنجن شهرين کي وڌ ۾ وڌ اظهار جي آزادي ۽ انساني حق ڏيون. ان جي ابتڙ اسان وٽ ٽارچر سيلن جو وڌندڙ قيام ۽ ماڻهن کي لاپته ڪري آزار ڏيڻ جي روايت مضبوط ٿي رهي آهي. گهٽ ۾ گهٽ هاڻ انساني، بنيادي ۽ شهري حقن کسڻ واري روايت بلڪل به بند ٿيڻ گهرجي.

    جيڪڏهن خدانخواسته انهن لاپته ڪيل ماڻهن مان ڪو شخص ڪنهن سازش يا ٻئي ڏوهه ۾ ملوث به آهي ته ان لاءِ عدالتون موجود آهن. ڪيس سامهون آڻي، عوام کي ٻڌائڻ گهرجي ته سندن جرم هي آهي. باقي ملڪ ۾ لاپته ماڻهن جي فهرست ۾ ٿيندڙ اضافو نه فقط موجوده ”روشن خيال، اعتدال پسند ۽ جمهوري حڪومت“ لاءِ ڪيئي سواليه نشان جوڙي رهيو آهي، پر ملڪ ۾ ڳڻتيءَ ۽ ردعمل کي به وڌائي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به ريت سٺو سنئوڻ نه آهي.

    ahmahar@yahoo.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڊڪ چيني جو ”اوچتو دورو“ ۽ پاڪستان جي پاليسي!



    ڇنڇر 3 مارچ 2007ع

    تازو آمريڪي نائب صدر ڊڪ چيني اوچتو اڻ اعلانيل پاڪستان جي دوري تي آيو ۽ چار ڪلاڪ ترسڻ دوران 2 ڪلاڪ صدر جنرل پرويز مشرف سان ملاقات ڪيائين ۽ ڀاشڻ ڏئي ڪابل هليو ويو. ڊڪ چيني جي صدر مشرف سان ملاقات بابت دنيا ۾ جيڪي خبرون شايع ٿيون، تن مطابق هن صدر کي سخت پيغام ڏنو آهي ته طالبان خلاف ڪارروائي تيز ڪريو، جو پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ طالبان حامي وري ڪنڌ کڻي رهيا آهن.

    آمريڪي انٽيلي جنس مطابق سرديون ختم ٿيڻ بعد جيئن برف پگهرجندي ته طالبان آمريڪا ۽ سندن اتحادي فوجن خلاف ڪارروايون تيز ڪندا. افغانستان ۾ 15 هزار آمريڪي ۽ 6200 برطانوي فوجي آهن، جڏهن ته باقي نيٽو جي ميمبر ملڪن جا به چند هزار فوجي آهن. ڪمانڊ آمريڪا وٽ آهي ۽ کين خدشو آهي ته هنن تي حملا تيز ٿيندا. موسمِ بهار جي هونئن به آمد تي خوشيون ملهائبيون آهن ۽ پاڪستان ۾ بسنت پروگرام به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، پر افغانستان ۾ موجود آمريڪي اتحادي فوج لاءِ موسم بهار جي آمد وڏي خطري جي گهنٽي آهي.

    جڏهن کان پاڪستان حڪومت طالبان نواز شدت پسندن سان وزيرستان ۾ معاهدو ڪيو آهي، تڏهن کان مٿن دٻاءُ وڌي رهيو آهي. مغربي ميڊيا ۾ صدر مشرف تي تنقيد ٿي رهي آهي ته هن طالبان کي ڍر ڏني آهي، جنهن ڪري طالبان پاڻ کي نئين سر منظم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته صدر جنرل پرويز مشرف ڪافي عرصي کان چوندو ٿو رهي ته پاڪستان 700 سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار قربان ڪيا آهن. 0 8 هزار فوجي تعنيات ڪيا آهن. 1000 چوڪيون قائم ڪيون آهن. پر پوءِ به 2500 ڪلوميٽر ور وڪڙ واري پاڪ-افغان سرحد تان دراندازي جاري آهي ۽ اها روڪڻ سڄي عالمي برادريءَ تي ذميواري آهي. اصولي طور تي پاڪستان حڪومت جو اهو موقف درست آهي، پر پوءِ به آمريڪا چوي ٿو ته اڃا به پاڪستان وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاري. ظاهر آهي ته آمريڪا جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جا وسيلا گهٽ آهن ۽ هو جيترو ڪري سگهيا، اوترو انهن ڪيو آهي.

    افغانستان پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ڪڏهن به ايترا تعلقات خراب ناهن رهيا، جيترا هاڻي آهن. ڪرزئي حڪومت هر شئي جي ذميواري پاڪستان تي وجهي ٿي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته بظاهر ڌرين جو موقف پنهنجي لحاظ کان ٺيڪ آهي، پر ان ماحول ۾ ڪجهه تجزيه نگار چون ٿا ته حالتن جي خرابي پويان ٻيا به ڪيترائي سبب آهن. سندن خيال مطابق بلوچستان ۾ گڙ ٻڙ کي افغانستان مان هٿي ملي رهي آهي. مري ۽ بگٽي قبيلن جي مدد به افغانستان مان ٿئي پئي. پاڪستان چاهي ٿو ته ان معاملي ۾ آمريڪا مدد ڪري، پر ظاهر آهي ته آمريڪا جا پنهنجا مفاد آهن.

    تازو برطانوي تحقيق جي هڪ اداري پراڻي زماني جا دستاويز کوليا آهن، جن ۾ اهو چيو ويو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت انگريز جڏهن خطي مان واپس وڃي رهيو هو ته ان جي جرنيلن حڪمت عملي ٺاهي ته روس کي گرم پاڻي واري سمنڊ تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ هنن رياست قلات کي فوجي اڏي لاءِ مخصوص ڪيو ۽ ان کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ بدران ڌار آزاد رياست رکڻ جو فيصلو ڪيو، پر بعد ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته انگريزن جي دراندازي رڳو قلات رياست تائين محدود نه رهي. پاڪستان جي تڏهوڪي قيادت جي اهڙي حڪمت عملي بعد انگريز جرنيلن فيصلو تبديل ڪيو ۽ قلات رياست کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. برطانوي دستاويزات موجب محمد علي جناح ان وقت قلات رياست جو ليگل ايڊوائيزر هو ۽ اڳ ۾ هو موقف رکندو هو ته قلات رياست کي پاڪستان ۾ شامل نه ڪريو ۽ آزاد حيثيت برقرار رکو. پر جڏهن انگريز هن خطي مان هليا ويا ۽ قلات کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ويا ته پوءِ قائد اعظم به پنهنجو اڳوڻو موقف تبديل قلات رياست کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي.

    عالمي قوتن پاران بلوچستان کي اڏي طور استعمال ڪرڻ واري منصوبه بندي اڄ کان 60 سال اڳ جي هئي ۽ هاڻي ايندڙ 100 سالن تائين ان جي ان ئي پسمنظر ۾ اهميت آهي. پر هن مهل برطانيا بدران سپر پاور آمريڪا جي اها رٿابندي آهي. ظاهر آهي ته آمريڪا ان بلوچستان ۾ ڪوسٽل بيلٽ کي فري اسٽيٽ رکندو ۽ هو ان جي ڪري خاموش آهي. ظاهر آهي ته ان باري ۾ پاڪستان جو پنهنجو موقف ۽ پنهنجا مفاد آهن، ۽ ٻنهي جي مفادن جو ٽڪراءَ به آهي.

    افغانستان ۾ ڀارت جي موجودگي وڌڻ سبب پاڪستان کي پريشاني آهي. ان معاملي ۾ آمريڪا پاڪستان جي مدد نٿو ڪري ته ظاهر آهي ته پاڪستان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي مفادن جي تڪميل چاهيندو هوندو ۽ پاڪستان پنهنجي قومي مفاد مطابق الڳ پاليسي رکندو هوندو.

    طالبان جيڪي انتها پسند مذهبي سوچ رکن ٿا، انهن جا حامي پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن ۽ چيو ٿو وڃي ته خود مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ به اهي خطرو آهن. طالبان جا حامي کلي عام گهمي رهيا آهن، پريس ڪانفرنسون ڪندا ٿا رهن ۽ انهن خلاف حڪومت ڪارروائي جا اعلان ته ڪري پئي، پر آمريڪا کي انهن جي خلاف اڃا به تيز عمل گهرجي ٿو.

    ان سڄي مفادن جي ٽڪراءَ واري پسمنظر ۾ ظاهر آهي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو. ان مفادن جي جنگ ۾ هن مهل آمريڪا جو پلڙو ڀاري آهي ۽ ظاهر آهي ته هو مستقبل جي منصوبه بندي تي عمل ڪرائڻ واري پاليسي تي هلندو. ان مان ته لڳي ٿو ته آمريڪا اڃا ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان تي دٻاءُ وڌائيندو.

    ڪجهه سياسي مبصرن جو خيال آهي ته صدر جنرل پرويز مشرف تي هينئر ڪافي دٻاءُ آهي، جتي کيس ٻاهرين دٻاءُ جو زور آهي، اتي اندروني دٻاءُ به وڌي رهيو آهي ۽ هو پنهنجي 8 سالن جي دور ۾ ڪڏهن به ايتري پريشر ۾ ناهي رهيو، جيترو هاڻي کيس مقابلو ڪرڻو پيو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته صدر صاحب ان دٻاءَ کي ڪيئن ٿو منهن ڏئي؟

    ماضيءَ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته آمريڪا ضياءُ الحق کي فوجي ورديءَ ۾ ان ڪري قبول ڪيو ته سرد جنگ ۾ فوج جي مدد جي ضرورت هئي ۽ هنن اسامه بن لادن سميت دنيا ڀر مان مذهبي انتها پسند گهرائي روس خلاف کين سندرو ٻڌرايو. هاڻي اهي جهادي اڄ جي آمريڪي مفادن جي خلاف آهن، ان ڪري آمريڪا کين دهشتگرد قرار ڏئي سندن خاتمو چاهي ٿو. آمريڪا سميت عالمي طاقتن کي ڏنڊي جي زور تي سڀ ڪجهه ڪرڻ واري پاليسي بدران زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي، انسانيت جي بهتري کي سامهون رکندي پاليسي جوڙڻي پوندي. ظاهر آهي ته جيڪڏهن آمريڪا هاڻي بلوچستان ۾ اڏو بنائي مستقل جي مفادن جي تڪميل واري پاليسي تي عمل ڪندو ته متاثر ملڪ ۽ طاقتون کيس ٽف ٽائيم ڏينديون. اهڙي ماحول ۾ پاڪستان جي قيادت کي به رڳو بالادست قوتن جي مفادن جي حاصلات واري پاليسي تي نظرثاني ڪري عوام ۽ خطي جي بهتري ۽ مفادن بابت سوچڻ گهرجي. جيڪڏهن مخصوص قوميت ۽ صوبي ۽ نان سولين جهڙي اداري جي مفادن جي بالادستي برقرار رکڻ واري پاليسي برقرار رهي ته هن خطي ۾ وري ڀڃ ڊاهه اڻٽر ٿي ويندي.

    ahmahar@yahoo.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هنن سوالن جا جواب ڪير ڏيندو؟



    سومر 12 مارچ 2007ع

    پاڪستان جي تاريخ ته ايتري ڊگهي ناهي، پر هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي جنهن نموني جا حادثا ۽ واقعا ٿيا آهن، اهي قائد اعظم جي موت کان وٺي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي عهدي تان هٽائڻ تائين انهن جو تعداد تمام گهڻو آهي ۽ اهڙن واقعن جي جيڪڏهن برصغير جي تاريخ ۾ تلاش ڪبي ته به شايد ايترا نه ملي سگهندا.

    چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جڏهن بلوچستان جي ڪوٽا تي جج ٿيو ته ان بعد بلوچستان جي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان سپريم ڪورٽ جي جج ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو عهدو ماڻيو ته ڪافي ماڻهن کي مٿس ڪاوڙ هئي ته بلوچستان جي ڪوٽا تي هو اچي هن منزل تي پهتو، پر جڏهن کان هن ازخود ڪارروائي ڪندي غريب قيدين ۽ بيواهن جي عام خطن تي گهر ويٺي غريبن کي انصاف ڏيڻ شروع ڪيو ته هڪ پاسي عام تاثر سندس حق ۾ جڙندو رهيو ۽ نظريهءِ ضرورت تحت فيصلا ڪندڙ عدليا جي عوام ۾ جيڪا ساک گهٽجي رهي هئي، اها به بحال ٿيڻ لڳي. عدليه بطور ادارو هڪ حيثيت اختيار ڪرڻ لڳي.

    ماضي ۾ جيڪا عدليا اسٽيبلشمنٽ ۽ ايوان صدر سان گڏ اقتدار جي ٽرائڪا جو حصو هئي، (هاڻي به خير ان مان نڪري ڪو نه سگهي آهي) پر جنهن نموني چيف جسٽس افتخار چوڌري کي به گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي، ان پٺيان سرڪار پاران ٻڌايل اختيارن جي ناجائز استعمال جهڙا حيران ڪندڙ الزام ناهن.

    باخبر هئڻ جي دعويدار حلقن ۾ اهي سرٻاٽ آهن ته ڪنهن نجي محفل ۾ افتخار چوڌري اهڙو اشارو ڏنو هو ته موجوده اسيمبلين مان صدر جي چونڊ غير آئيني آهي ۽ نومبر 7 0 0 2 ع کانپوءِ صدر جو وردي ۾ رهڻ به آئين مطابق نه هوندو. انهن حلقن مطابق افتخار چوڌري چيو هو ته جيڪڏهن اهي معاملا سندس آڏو آيا ته هو پنهنجي ضمير ۽ آئين مطابق فيصلو ڏيندو. خبر ناهي ان دعويٰ ۾ ڪيتري صداقت آهي، پر جيڪڏهن فرض ڪريون ايئن به هجي ته ڇا حڪومت پاران کيس هٽائڻ جا ڄاڻايل سبب ڪافي آهن!؟ اڪثريت جي راءِ نه...نه...نه آهي.

    هن ملڪ ۾ اهو ڪهڙو آفيسر، وزير، مشير يا ڪنهن به اداري جو ڪو ذميوار ماڻهو آهي، جنهن پنهنجي پٽ يا مائٽ لاءِ نوڪري نه ورتي آهي. جيڪڏهن انهن کي ڪير ڪجهه نٿو چوي ته پوءِ ان بنياد تي ڪارروائي رڳو چيف جسٽس خلاف ڇو؟ مان اهو نٿو چوان ته اختيارن جو ناجائز استعمال درست آهي، پر اسان جهڙي ملڪ ۾ اها ڳالهه معمول جو حصو بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن آئين ٽوڙي چونڊيل حڪومت برطرف ڪرڻ ٺيڪ آهي ته پوءِ پُٽ لاءِ نوڪري وٺڻ ڇا ان کان وڏو معاملو آهي.

    پهرين ڳالهه اها ته جنهن نموني افتخار چوڌري جي پُٽ کي قانون کي باءِ پاس ڪري نوڪري ڏني وئي، ان جو حڪم جاري ڪندڙ خود وزير اعظم آهي. جيڪڏهن اهو غير قانوني ڪم آهي ته پوءِ اهو جنهن غير قانوني ڪم ڪنهن ڪيو؟ ۽ جنهن ڪيو، ڇا ان کي ڪجهه به نه چوڻ گهرجي؟

    صدر جنرل پرويز مشرف کان جنهن به چيف جسٽس کي هٽائڻ جو ڪم ڪرايو آهي، اهو سندس سٺو صلاحڪار ناهي ۽ صدر صاحب جي غير مقبوليت ۾ واڌارو ڪرائڻ لاءِ کانئس هي فيصلو ڪرايو ويو آهي. يا ته واقعي حڪمران ايترو ڊنل آهن جو پريشاني ۾ اچي ايڏو وڏو قدم کنيو اٿن ۽ جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ چيف جسٽس جي هٽڻ کان وڏي خبر جو جلد اعلان ٿيڻ وارو آهي!

    بظاهر مبصرن جي راءِ آهي ته پروٽوڪول گهرڻ ۽ پٽ کي نوڪري ڏيارڻ جهڙا الزام چيف جسٽس جهڙي عهدي تان ڪنهن کي هٽائڻ لاءِ اطمينان بخش جواز ناهي. هاڻي جيڪي وزير اعليٰ صاحبان چون ٿا ته اسان کان دڙڪا ڏئي جهاز ۽ مرسڊيز ڪارون وٺندو هو ته انهن کي ان وقت ان جو خيال ڇو نه آيو؟

    ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته جنهن ڏينهن اسٽيل ملز جي نجڪاري رد ڪرڻ جو فيصلو آيو، ان ڏينهن کان وزير اعظم ۽ سندس ساٿي ناراض هئا، پر جڏهن کان لاپته ماڻهن جي بازيابي جو ڪيس شروع ٿيو ته اصل ڌرين جي صاحبان کي به ناگوار گذريو. اهي بالادست ادارا، جيڪي ڪنهن به اداري کان پاڻ کي سگهارو سمجهن ٿا، تن کان ماڻهن جي اغوا تي پڇاڻو ٿئي ته ظاهر آهي کين ڪاوڙ لڳندي. گمشده ماڻهن جي ڪيس دوران سرڪاري وڪيل ڪيترائي دفعا چئي چڪا ته 0 1 کان 5 1 ماڻهو عدالتي حڪم تي بازياب ٿيا آهن، هاڻي بس ڪريو جڏهن ڳالهه اتي ختم نه ٿي ته ظاهر آهي ان طرف به ڌيان وڃي ٿو.

    جيڪڏهن اسٽيل ملز جي وڪري واري ڪيس جو مطالعو ڪجي ته خبر پوندي ته 5 2 ارب رپين جي روڪ، مشينري ۽ خام مال جي موجودگي ۾ هزارين ايڪڙ زمين سوڌو اسٽيل ملز 1 2 ارب رپين ۾ جن وڪرو ڪئي، ڇا انهن خلاف ڪارروائي اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي، يا پٽ کي نوڪري ڏيارڻ ۽ پروٽوڪول گهرڻ جي خطا ڪندڙن تي قدم اڳ ۾ کڻڻ گهرجي؟

    اسٽاڪ مارڪيٽ جي مصنوعي بحران پيدا ڪندڙن ۽ ننڍن سرمائيدارن جا 0 3 ارب رپيا هڪ ڌڪ ۾ هضم ڪندڙن جو احتساب اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي، يا مرسڊيز گاڏي هڪ اڌ ڏينهن لاءِ استعمال ڪرڻ وارن تي قدم کڄڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج سليم اختر جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ٽاسڪ فورس جن 2 1 بروڪرن جي مصنوعي بحران پيد اڪندڙن جي نشاندهي ڪئي، انهن ۾ ٽاپ تي اهي ئي هئا، جيڪي اسٽيل ملز جا خريداري هئا، ۽ انهن جو پيڇو ڪريو ته رستو وزير اعظم هائوس وٽ وڃي ختم ٿئي ٿو. ملڪ جي هڪ اعليٰ شخصيت جنهن تحفي طور فارم هائوس قبول ڪيو ۽ پنهنجي ناٺي جي سهري کي ڪراچيءَ ۾ ريلوي جو اربين رپين جو سرڪاري ٺيڪو ڏيارو ڇا احتساب جي تلوار اڳ ۾ ان تي ڪرڻ گهرجي، يا ڪار گفٽ ۾ وٺڻ وارن کان اڳ ۾ پڇاڻو ڪرڻ کپي؟ فارم هائوس ملڻ بعد رات ئي رات ڊبل روڊ سرڪاري خرچ تي ٺهي ويا ۽ سي ڊي اي وارا گل ٻوٽن جون ٽرڪون ڀري آيا. ڇا اهو اختيارن جو غلط استعمال نه هو؟

    جڏهن مخصوص جماعت کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ هارس ٽريڊنگ جو قانون معطل ڪيو ويو، نيب جا ڪيس ختم ڪري الزامن هيٺ آيلن کي وزير بنايو ويو، ڪيترن جا ڪروڙين رپيا قرض معاف ڪيا ويا. انساني اسمگلنگ ۾ جن جي نشاندهي ٿي ۽ وڏن ماڻهن جي سيڪريٽرين جا نالا غير قانوني طور ماڻهو پرڏيهه موڪلڻ جا اسڪينڊل ٿيا ته ان وقت احتساب اختيارين جي ڪن تي جونءِ به ڪو نه چُري.

    جڏهن سپريم ڪورٽ جي هڪ سابق چيف جسٽس معذورن جي ڪوٽا مان پلاٽ ورتو ۽ ٻيو سابق چيف جسٽس بازار روڊ اسلام آباد جي هڪ گهر ۾ مجري ۾ ڏٺو ويو ۽ ڪيترن ئي ججن تي مختلف ڪرپشن جا الزام لڳا، ان وقت احتساب وارن ڪجهه ڇو نه ڪيو؟ ۽ اوچتو پروٽوڪول وڌيڪ گهرڻ واري چيف جسٽس کي هٽائڻ ئي حقيقي احتساب لڳو!

    پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي، حقيقي احتساب، حقيقي انصاف مطلب ته گهڻو ڪجهه حقيقي ڏسي چڪا آهيون ۽ جيڪڏهن اڃان به اتي ئي رهياسين ته پوءِ گهڻو ڪجهه حقيقي ڏسڻو پوندو.

    سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري واري سوال تي ملڪ جي وڪيلن، سياسي ۽ سماجي ڌرين کي هڪ آواز ٿي حق ۽ سچ لاءِ احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي به ان معاملي تي ”سياست“ نه ڪرڻ گهرجي.

    حڪمران جيڪو ڪجهه چون ٿا ۽ افتخار چوڌري خلاف الزام هڻن ٿا، کين اهو نه چوڻ گهرجي ته هو آزاد آهي. آرمي هائوس کان نڪرڻ بعد بنا پروٽوڪول جڏهن سيرينا هوٽل وٽان کيس سپريم ڪورٽ وڃڻ کان پوليس وارن روڪيو ۽ گهر ۾ کيس محدود ڪري ڪنهن به عزيز دوست سان ملڻ کان روڪيو ويو آهي. سندس گهر جا فون ڪٽي ٽي وي ۽ ريڊيو ٻڌڻ يا ڏسڻ ۽ اخبارون به نه ڏيڻ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي ته اهڙو سلوڪ چيف جسٽس سطح جي شخصيت سان ڪرڻ نٿو جڳائي. جنهن نموني آرمي هائوس ۾ مبينا طور استعيفا ڏيڻ لاءِ مٿس دٻاءُ وڌو ويو ۽ 4 ڪلاڪ کيس ذهني اذيت ڏني وئي، ان بعد تادم تحرير به مٿس دٻاءَ وڌو پيو وڃي ته هو قومي مفاد ۾ استعيفا لکي ڏئي، پر اڃا تائين چوڌر ي افتخار محمد ان کان انڪار پيو ڪري. مان سمجهان ٿو ته ايتري جرئت اهڙي ڪنهن ماڻهو ۾ ناهي هوندي، جيڪو غلط ڪم ڪندو آهي، يا پنهنجن اختيارن جو غلط استعمال ڪندو آهي.
    ahmahar@yahoo.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا ڪا وڏي خبر اچڻ واري آهي؟



    آچر 18 مارچ 2007ع

    پاڪستان جي چيف جسٽس (معطل) افتخار محمد چوڌري خلاف حڪومت جي لڳايل الزامن جي سماعت جاري آهي، ان ڪري انهن جي ميرٽ يا ڊي ميرٽ بابت تبصرن تي به پابندي آهي. تنهنڪري پاڻ انهن معاملن تي بحث نٿا ڪري سگهون، البته جنهن نموني صورتحال پيدا ٿي آهي، ان بابت تذڪرو ٿا ڪريون.

    9 مارچ تي صدر جنرل پرويز مشرف چيف جسٽس کي معطل ڪيو ۽ 13 مارچ تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن بعد 16 مارچ تي ٻيهر سماعت ٿي ۽ هاڻي 21 مارچ تي سماعت ٿيڻي آهي. بظاهر لڳي ٿو ته حڪومت جلد هن معاملي کي اڪلائڻ چاهي ٿي ۽ چيف جسٽس جا وڪيل ان کي اينگهائڻ جي ڪوشش ۾ آهن. سپريم ڪورٽ جو سينئر ترين جج رانا ڀڳوانداس به 23 يا 24 مارچ تي موٽڻو آهي ۽ جيڪڏهن ملڪ ۾ اچي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇو ته سينئر ترين جج هئڻ ڪري کيس ئي قائم مقام چيف جسٽس ٿيڻو آهي ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو سربراهه به هن کي ٿيڻو آهي. ان باري ۾ چيو پيو وڃي ته هو موڪل وڌائي ڇڏيندو، يا استعيفيٰ ڏيندو. ڇو ته ٽيون رستو اهو آهي ته هن کي قائم مقام چيف جسٽس بنايو وڃي، جيڪو موجوده حالتن ۾ مشڪل ضرور آهي، پر ناممڪن ناهي. ڇو ته صدر صاحب کي هاڻي ڪجهه دوستن مشورو ڏنو آهي ته هو رانا ڀڳوانداس کي نظرانداز نه ڪري، ان سان هڪ ته ملڪ اندر ٿيندڙ تنقيد کي ٻنجو ايندو، ٻيو ته انٽر نيشنل سطح تي سندس وقار بهتر ٿيندو ته ملڪ جي هڪ فوجي سربراهه هڪ هندو جج کي قائم مقام چيف جسٽس بنايو آهي. هونئن به رانا ڀڳوان داس هن ئي سال ڊسمبر ۾ رٽائر ٿيڻو آهي، ۽ ان بعد موجوده قائم مقام چيف جسٽس خود بخود ان عهدي تي اچي ويندو ۽ سندس ملازمت واري مدت جسٽس افتخار جيان 2011ع تائين آهي. ڳالهه ته چڱي آهي، پر جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ان تي حيرت ضرور ٿيندي.

    جنهن نموني چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پهرين ڏينهن سرڪاري گاڏي ۾ ويهڻ کان انڪار ڪيو ۽ زال سوڌو پيادل عدالت جو رخ ڪيو ۽ بعد ۾ جيڪو ساڻس پوليس سلوڪ ڪيو، اهو پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڇو ته جڏهن ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت جي سربراهه کي رات ئي رات ۾ معطل ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ پوليس پاران سندس ڪوٽ جي ڪالر کان ڇڪڻ ان جي ڀيٽ ۾ ننڍي ڳالهه آهي. چيف جسٽس خلاف حڪومتي قدم درست يا غلط ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل ثابت ڪندي، پر ان باري ۾ عوامي راءِ گهڻو ڪري چيف جسٽس افتخار جي حق ۾ ۽ حڪومت جي مخالفت ۾ آهي. 13 ۽ 16 مارچ تي جڏهن چيف جسٽس چوڌري سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ آيو ۽ جنهن نموني وڪيلن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، ان مان ته لڳي پيو ته ڄڻ هڪ هيرو جيان سندس خير مقدم ڪيو ويندو هجي. حڪومت جي نظر ۾ هو ڀلي معطل آهي، پر اڪثر وڪيل کيس هيرو سمجهن ٿا.

    سنڌ ۾ جڏهن ڪجهه پوليس آفيسرن ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ادا ڪئي، جيڪو سندن فرض هو ۽ جنهن لاءِ هو پگهار ٿا وٺن ته عام ماڻهن کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون. بشير ميمڻ هجي، يا اي ڊي خواجه، ثناءُ الله عباسي، خالق شيخ، خادم رند يا ڪو ٻيو، جڏهن به کين ڪنهن ضلعي مان بدلي پئي ڪيو ويو ته ماڻهو روڊن تي نڪري ايندا هئا ته کين بدلي نه ڪريو. اهڙي طرح عدليه ۾ دراب پٽيل ۽ فخرالدين جي ابراهيم سميت ڪيترائي اهڙا نالا آهن، جن جڏهن وقت جي حڪمرانن کي چيلينج ڪري پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي آواز تي نوڪرين کي ڇڏي ڏنو ته اڄ تائين سندن احترامآهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي سي او هيٺ حلف کڻڻ جي باوجود به جسٽس افتخار چوڌري عوام کي رليف ڏنو، شام جو 5 ۽ 6 وڳي تائين ڪيس ٻڌندو هو، وڪيل بور ٿيندا هئا، پر هن ماڻهو عدالتي وقت کان پوءِ به ڪم ڪار ڪري پنهنجو فرض نڀايو ۽ اڄ شايد اهو ئي سبب آهي ته هن جو احترام وڌيو آهي. سندس لاءِ همدردي ۾ به اضافو ٿيو ۽ وڪيل کيس ڪلهن تي کڻڻ لاءِ بي تاب آهن.

    اسان جي معاشري ۾ بي همت پڻو، مايوسي، ڊپ ۽ لالچ سبب اڪثر ڪري جرئت ڪرڻ جو عنصر گهٽجي رهيو آهي ۽ اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪير به همت ڪري ٿو ته ان کي همدردي ملي ٿي. عوام اهڙي جرئت ۽ همت پوليس ۽ عدليه سميت هر کاتي مان چاهي ٿو، پر انفرادي طور جيڪڏهن اسين سڀ سوچيون ته ڇا اسان پاڻ همت ڪري سگهون ٿا؟ جيڪڏهن ڪري سگهون ٿا ته ڪريون ڇو نٿا؟ جنهن ڏينهن انفرادي طور اسين همت ٻڌڻ جو ارادو ڪيو ۽ همت جو مظاهرو ڪيو ته معاشري ۾ تبديلي ناگزير ٿي ويندي، پوءِ ڪير طاقت جي زور تي هيسائي نه سگهندو، جنهن نموني وڪيلن همت جو مظاهرو ڪيو آهي. اهڙي همت بعد جيڪڏهن ايل ايف او خلاف تحريڪ وقت ڪن ها ته شايد صورتحال مختلف هجي ها. ان سڄي معاملي ۾ خير سان لنڊن ۾ رٿيل نواز ليگ جي ڪل جماعتي ڪانفرنس ته لڙهي وئي، پر سمورين سياسي ۽ مذهبي ڌرين چيف جسٽس واري معاملي تي عدليه جي بطور اداري کي بچائڻ بدران سياست چمڪائڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. جيڪڏهن ڪنهن جماعت جا ڪارڪن 6 جهنڊا آندا ته ٻئي دفعي وري ٻي جماعت جي ڪارڪن 7 جهنڊا آندا. چيف جسٽس جي گاڏي جي ڇت تي چڙهي جهنڊا جهولائڻ ۾ پي پي ۽ قاضي جي حامين ۾ ڄڻ ته مقابلو هو. 3 1 مارچ واري ڏينهن به وقت ته وڪيل چيف جي گاڏي تي چڙهيا ۽ هنن جي ناچ سبب ڪار جي ڇت چٻي ٿي جڏهن چيف جسٽس مٿي کي لڳي، تڏهن سيڪيورٽي وارن گيٽ کوليو، پر گاڏي جي ڇت تي نچندڙن کي پرواهه نه هئي. 16 مارچ تي ته حد ٿي وئي، جڏهن 2 بدران 8 کان ڏهه ڄڻا گاڏي تي چڙهيا ۽ گاڏي جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿي ته اعتراز احسن تنگ ٿي زوري کين لاٿو. ان مان ته لڳي ٿو ته هر ڀيري هڪ گاڏي جي قرباني ڏيڻي پوندي.

    پيپلز پارٽي وارا جيڪي 15 مارچ تائين چيف جسٽس جي معطلي خلاف مظاهري وغيره ڪرڻ کان پري رهيا، تن پنهنجي 16مارچ تي خاموشي ٽوڙي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ هڪ پي پي ايم اين اي آيو، جنهن چيو ته طئي ايئن ته نه ٿيندو جو سڀاڻي چيف صاحب بحال ٿي وڃي ۽ صدر سان هم خيالي بعد موجوده اسيمبلين جي هڪ سال مدت وڌائي صدر جي موجوده اسيمبلين کان چونڊ کي جائز قرار ڏئي. ان همراهه جي خدشي بعد خيال آيو ته شايد اهو ئي سبب هجي جو تڪڙ ۾ هو چيف جسٽس جي حمايت ۾ روڊ تي نه پيا اچن.

    چيف جسٽس جي ويجهن حلقن هئڻ جا دعويدار اهي سرٻاٽ ڪري رهيا آهن ته پاڪستان جي هڪ اهم ترين عورت جي ويجهي عزيز، جيڪو خود هڪ اهم عهدي تي آهي، تنهن جي چيف جسٽس سان گرما گرمي ٿي ۽ ان طاقتور همراهه چيف کي گهٽ وڌ ڳالهايو، ۽ ان جي دانهن جڏهن ”مٿي“ پهتي ته ”مٿان“ به انصاف نه ٿيو.

    ان سڄي پسمنظر ۾ هڪ افواهه اها به هلي رهي آهي ته جيڪو به بظاهر بحران آهي، اهو ٻن اهم ادارن جي پاڻ ۾ اختيارن جي جنگ آهي. جنهن نموني ان ۾ ميڊيا ورهايل پئي لڳي ۽ سرد جنگ وڌندي پئي وڃي، ان مان ته مستقبل ۾ هڪ وڏي بحران جو انديشو آهي. ”وڙهن سان لتاڙجن ٻوٽا“ جيان لتاڙبا وري به اسان ئي آهيون.

    اها راءِ رکندڙن جو چوڻ آهي ته 7 سالن ۾ اهو پهريون دفعو آهي، جو ايڏو سنجيده بحران پيدا ٿيو آهي. هن وقت ”اندران“ لڳي اٿن ۽ هن ملڪ جي اقتدار جي اصل ڌڻين جي رڌڻي ۾ رولو پيو آهي. جيڪڏهن اهو رولو ترت ختم نه ٿيو ۽ اها اختلافي جنگ جاري رهي ته ان ۾ اهي امڪان به آهن ته تمام جلد هڪ وڏي خبر ٻڌڻ لاءِ ملي، جنهن جي بظاهر ڪيترن ئي ماڻهن کي توقع ئي شايد نه هجي. قومي مفاد ۾ اها اهم خبر ملڪ جي سياسي وايومنڊل ۾ وڏي تبديلي جي خبر به ٿي سگهي ٿي.
    ahmahar@yahoo.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بينظير ۽ نواز شريف ملاقات ۾ ڇا طئي ٿيو؟



    ڇنڇر 24 مارچ 2007ع

    لنڊن ۾ ٻن اڳوڻن جلاوطن وزير اعظمن وچ ۾ ملاقات ٿي آهي ۽ سندن اعلان مطابق 6 2 مارچ تي ٻئي ڌريون اي آر ڊي جي پليٽ فارم تان ملڪ ۾ هلندڙ عدالتي بحران خلاف احتجاج جو ڏينهن ملهائيندا. بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ ڏسجي ته بظاهر ڪافي هم خيالي آهي، پر سندن پاڪستان ۾ موجود پارٽين جي مک اڳواڻن ۾ واضح اختلاف راءِ آهي، ۽ ايئن پيو لڳي ته ڄڻ ته ملڪ ۾ موجود ٻنهي پارٽين جي قيادت پنهنجي ليڊرن جي ابتڙ هلي رهيا آهن. ان ڳالهه جو عملي نمونو 21 مارچ تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ٿيل احتجاج دوران به واضح نظر آيو جڏهن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز اي آر ڊي ۾ هوندي به هڪ ٻئي کان پري پري نظر آيا. بلڪه مسلم ليگ نواز پيپلز پارٽي بدران پنهنجي فطري اتحادي جماعت اسلامي سان گڏجي احتجاج ڪيو. مولانا فضل الرحمان ۽ سندس جماعت جو ڪو به اهم اڳواڻ 21 مارچ واري احتجاج ۾ 4 وڳي تائين شامل نه ٿيو، پر جڏهن احتجاج ختم ٿيڻ وارو هو ته ڪجهه ماڻهو هڪ مدرسي مان جي يو آءِ جا جهنڊا کڻي جلوس ۾ شامل ٿيا ۽ مولانا فضل الرحمان به ڪار ۾ چڙهي سپريم ڪورٽ پهتو.

    مسلم ليگ نواز ۽ جماعت اسلامي جا ڪارڪن رڪاوٽون ٽوڙي پوليس ۽ رينجرس اهلڪارن کي ڌڪا ڏئي جنهن نموني سپريم ڪورٽ پهتا، ان مان ته لڳي پيو ته ڪٿي حڪومت کين سهولت فراهم ڪري رهي آهي يا وري حڪومت مجموعي طور تي احتجاج ڪندڙن خلاف سختي نه ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. جنهن نموني ڪنڊيدار تارون وڇائي رڪاوٽون بيهاري روڊ بلاڪ ڪيا ويا هئا، ان مان قطعي اهو نه پئي لڳو ته حڪومت سخت پاليسي اختيار ڪندي، بهرحال اهو هڪ ڌار بحث آهي. ڳالهه پئي ڪئي سين 1 2 مارچ جي احتجاج جي. ان دوران لياقت بلوچ ۽ قاضي حسين کلم کلا مسلم ليگ نواز جي اڳواڻن دٻيل لفظن ۾ نالو کڻڻ کان سواءِ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪئي ته هو هن نازڪ مرحلي تي متحده حزب مخالف جي مخالفت پئي ڪري. هنن پپيلز پارٽي جي خاموشي اختيار ڪرڻ تي به تنقيد پئي ڪئي. اڃا هنن جا ڳلا ئي خشڪ نه ٿيا هئا ته اوچتو پيپلز پارٽي وارا هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ پهتا ۽ سندن سمورا ننڍا وڏا ليڊر به جلوس ۾ شريڪ هئا. پيپلز پارٽي وارن جو هجوم ڏسي مٿن تنقيد ڪندڙ همراهن جا پيچ ڍلا ٿي ويا ۽ پنهنجو جلسو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ بعد به مجبورن هو بيهي رهيا ۽ توقع ڪندا رهيا ته شايد پي پي وارا هنن ڏانهن ايندا. پي پي وارن پنهنجي عليحده احتجاج بعد نعريبازي ڪئي ۽ ڪافي دير بعد منتشر ٿي ويا. پي پي وارن جا نعرا به ايترا ئي سخت هئا، جيترا قاضي حسين وارن جا هئا. قاضي جا ڪارڪن چون پيا ”جنر ل مشرف کي هٽاءِ اي موليٰ“ جڏهن ته پي پي وارن جو نعرو هو ”جنرل مشرف ٻڌي ڇڏ، اسين تنهنجو انت آهيون.“ اهڙي صورتحال بعد ظاهر آهي ته چند منٽ اڳ ڪيل تنقيد تي نون ۽ جماعت اسلامي وارا پشيمان هئا. ان دوران مان پي پي جي ٻن ٽن ۽ اهم اڳواڻن سان موقعو وٺي ڪچهري ڪئي ته ڀائي چڪر ڇا آهي؟ اڄ 1 2 مارچ تي بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف لنڊن ۾ ملي رهيا آهن ۽ اوهين هڪ ٻئي جا منهن ئي نٿا ڏسو ته انهن جو چوڻ هو ته ”لنڊن ملاقات“ مستقبل ۾ ”اي آر ڊي“ جي فعال يا خاتمي لاءِ اهم آهي. پي پي اڳواڻن چواڻي ته ايندڙ چونڊن جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي ۽ ظاهر آهي ته هو مذهبي ڌرين سان اتحاد نٿا ڪرڻ چاهين. هنن جو چوڻ هو ته مذهبي جماعتون هڪ پاسي حڪومت ۾ شامل آهن، ٻئي پاسي حزب مخالف ۾ به آهن، سندن ٻٽو رويو آهي. خير هنن جي ڳالهه ۾ وزن به آهي. بهرحال لنڊن ملاقات بابت معلوم ٿيو آهي ته بي بي صاحبه ميان صاحب کي اهو سمجهايو ته هنن جون پارٽيون ماضي ۾ اقتداري ڌريون رهيون آهن ۽ آئنده به ملڪ ۾ ٻه پارٽي سسٽم هلڻ گهرجي. موجوده حالتن ۾ بقول پي پي وارن جي ته ملا-ملٽري الائنس جي صورت ۾ سامهون ايندڙ مذهبي جماعتن جي ٽئين قوت کي مضبوط ڪرڻ بدران ڪمزور ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ٻنهي جي مستقبل جي مفاد ۾ اهو ئي آهي. ظاهر آهي ته ”ٻه پارٽي“ سسٽم برقرار رکڻ جو فوري طور فائدو پي پي کي آهي، ڇو ته ايندڙ حڪومتي ٽرم انهن جو آهي ۽ ٻيو ٽرم نواز شريف جو آهي. ان ڳالهه تي اطلاعن موجب ميان صاحب مڃي ويو آهي، پر سندس ملڪ ۾ موجود قيادت کي اڃا تائين اختلاف آهن. راجا ظفر الحق ۽ چوڌري نثار جو خيال آهي ته مذهبي ڌرين سان گڏجي اسان پنهنجي قوت جو مظاهرو ڪريون، پي پي وارن هٿان سندن جماعت استعمال نه ٿئي. ڏسجي ته هاڻي ڪڏهن ۽ ڪيتري حد تائين ميان صاحب پنهنجي ماڻهن کي مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿو وڃي؟ ٻي ڳالهه اها به بي بي رکي آهي ته اي آر ڊي موجوده بحراني ڪيفيت ۾ ليڊ ڪري ۽ مولوي سندن پويان هلڻ چاهين ته ڀلي هلن، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته هو بلوچستان حڪومت کان عليحده ٿين.

    صدر جنرل پرويز مشرف پاران تازو ڪامران خان کي ڏنل انٽرويو ۾ بينظير ڀٽو جي مستقبل جي سياسي سيٽ اپ ۾ ڪردار بابت ڪافي نرم رويو رکيو. ڪامران خان ٻڌايو ته صدر جي رويي ۽ لهجي مان واضح طور لڳي رهيو هو ته هو پيپلز پارٽي لاءِ هاڻي نرم گوشو رکي ٿو. صدر پاران ڪافي عرصي کان روشن خيال ۽ ترقي پسند جماعتن جي اتحاد واري ڳالهه به هاڻي ڪافي ميچوئر ٿي رهي آهي. جنهن نموني آمريڪا ۽ يورپي يونين واضح طور تي ايندڙ چونڊون شفاف رکڻ تي زور ڀري رهيا آهن ۽ ٻي صورت ۾ امداد بند ڪرڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين. ان مان به لڳي ٿو ته اهو صدر جنرل پرويز مشرف لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته هاڻي اهو ”جهرلو“ قبول نه ڪندا، جيئن 2002ع ۾ ٿيو هو. ان سڄي صورتحال ۾ اهو پيو لڳي ته جيڪڏهن صدر جنرل پرويز مشرف موجوده بحران (چيف جسٽس ۽ وزيرستان واري بحران) مان نڪري ٿو وڃي ته مستقبل جي سيٽ اپ ۾ سندس جاءِ جو تعين ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ان جي اتحادي پي پي هوندي. بلڪه ٻين لفظن ۾ ته مستقبل ۾ صدر جنرل پرويز مشرف لاءِ پي پي سان اتحاد ڪرڻ کان سواءِ اقتداري راند ۾ سندس ڪردار نه هجڻ برابر آهي. اها ٻنهي ڌرين کي چڱي طرح خبر آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿيڻو آهي، اهو ان فارمولي تحت ئي ٿيندو. اوهان کي ياد هوندو ته ٻن مهينن کان مان ٻه ٽي ڀيرا هنن ڪالمن ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪندو رهيو آهيان ته جيڪڏهن صدر جنرل پرويز مشرف گهريلو بحران مان نڪري ويو ۽ ٽي چار مهينا ڪڍي ويو ته سندس مستقبل روشن آهي ۽ اتفاق سان چيف جسٽس جو بحران پيدا ٿيو، جنهن وزيرستان بحران ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ڪيو ۽ بظاهر صدر جنرل پرويز مشرف 7 سالن جي دور ۾ ڪڏهن به اهڙي بحراني ڪيفيت جو شڪار ناهي ٿيو. وزيرستان بحران ۾ آمريڪا جو اهو چوڻ ته ”پاڪستان گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، پر اڃا وڌيڪ ڪري.“ جيڪڏهن اڃا وڌيڪ نٿو ڪري ته سامهون آمريڪا آهي ۽ جيڪڏهن اڃان وڌيڪ ڪري ٿو ته سندس گهر ۾ بحران وڌي ٿو. ان سڄي ماحول ۾ جڏهن هن اڃا گهڻو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس گهران ٿورڙو گهيرو تنگ ٿيو ۽ هن مجبور ٿي چيو ته ”منهنجي خلاف سازش ٿي رهي آهي.“ جيڪڏهن صدر ۽ آرمي چيف جا عهدا رکندڙ طاقتور ترين شخصيت اهو چوي ته معنيٰ پاڻي تار ٿي چڪو آهي ۽ جيڪو ڪجهه اسان کي نظر نٿو اچي، اهو کيس چڱي طرح نظر اچي رهيو آهي. اهو ته فطري عمل آهي ته ماڻهو دانهن ڪوڪ ان مهل ڪندو آهي، جڏهن مصيبت ايندي آهي ۽ صدر پاران اهو چوڻ ته سندس خلاف سازش ٿي رهي آهي، سا هڪ ڳنڀير صورتحال جي نشاندهي ڪري ٿي. وزيرستان جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ شدت پسند القائده ۽ طالبان نواز باغين سان بهادر قبائلي جنگجوئن کي وڙهائڻ واري حڪمت عملي تي عمل درآمد سان آمريڪا ته ٿورو خوش ٿيو آهي، پر گهر ۾ ڪافي ڳڙ بڙ آهي. خميس ڏينهن نالو ظاهر نه ڪندڙ آمريڪي وزارت خارجه جي هڪ اهلڪار ڏکڻ ايشيا جي صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته چيف جسٽس جي معطلي سبب پيدا ٿيل بحران سبب صدر جنرل مشرف جي وڃڻ جو ڪو امڪان ناهي ۽ آمريڪا سندس حمايت ڪري رهيو آهي. سيپٽمبر 1999ع جي آخري هفتي ۾ جڏهن ميان نواز شريف ۽ صدر مشرف ۾ سرد جنگ هلي رهي هئي ته ان وقت به هڪ آمريڪي وزير خارجه جي عملدار اهڙي بريفنگ ۾ چيو هو ته نواز شريف جي حڪومت کي خطرو ناهي ۽ آمريڪا جمهوري حڪومت جي حمايت ڪري ٿو ۽ ان جي 2 هفتن بعد ميان صاحب جيل ۾ پيو هو.
    ahmahar@yahoo.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اسلام آباد ۾ ڏنڊا بردار عورتن جو اوچتو ظهور ڪيئن ٿيو؟



    جمع 30 مارچ 2007ع



    اسلام آباد ۾ هڪ مبينه بدڪاريءَ جي اڏي تي مدرسي جي نقاب پوش نوجوان شاگردياڻين پاران ڇاپو هڻي، گهر ڌياڻيءَ آنٽي شميم، سندس ڌيءُ ۽ ننهن کي پڪڙي مدرسي ۾ يرغمال بڻائڻ واري واقعي کان پوءِ جتي عام ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار آهي، اُتي سفارتڪار ۽ غير ملڪي خاص ڪري مغربي دنيا جا شهري ڪافي پريشان آهن. اسلام آباد جي مقامي ۽ غير ملڪي شهرين جي پريشاني پنهنجيءَ جاءِ تي، پر انتظاميه جي انداز مان لڳي ٿو ته سندن ڪَن تي جونءَ به ڪو نه چري آهي.

    هڪ پاسي بلوچستان ۾ قانوني بالادستي قائم ڪرڻ جي نالي تي شهرين مٿان جنگي جهازن سان بمباري ڪئي وڃي ٿي، ٻئي پاسي باجوڙ ۽ وزيرستان ۾ پاڪستانين کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، پر اسلام آباد جيڪو وفاقي گاديءَ جو شهر آهي، ان شهر ۾ هڪ مدرسي جون شاگردياڻيون ٻارن جي لائبريريءَ تي ٻن مهينن کان قابض آهن ته انهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. هاڻ جڏهن جامع حفصه جي انهن ئي برقع پوش شاگردياڻين هڪ عورت کي بدڪار قرار ڏئي، سندس گهر ۾ گهڙي کيس گرفتار ڪيو آهي ۽ گهر کي تالو لڳايو آهي، تڏهن به حڪومت بيوس ئي نظر آئي آهي. ان مدرسي جي شاگردياڻين آبپاره ٿاڻي جي وڊيو ۽ ميوزڪ دڪانن جي مالڪن کي ڌمڪيون ڏنيون ته فحش فلمون ۽ گانا نه هلايو، نه اهڙيون سي ڊيز وڪرو ڪيو، پر ان باوجود به حڪومت مسلسل خاموش ۽ چپ اختيار ڪئي.

    مدرسي جي ٻن استادياڻين کي جڏهن پوليس گرفتار ڪيو ته مدرسي جي ڏنڊا بردار طالبن ٻه پوليس جون موبائيلون ۽ پوليس اهلڪارن کي پڪڙي مسجد ۾ بند ڪري ڇڏيو. ايڏي وڏي ڪارروائيءَ جي باوجود پوليس انتظاميه مدرسي جي انتظاميه آڏو گوڏا کوڙي ڊيل ڪئي ۽ استادياڻين کي آزاد ڪري، پنهنجا اهلڪار ۽ گاڏيون ڇڏائي ورتيون، پر انهن 3 عورتن کي آخر تائين نه ڇڏايو ويو، جيڪي 6 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود مدرسي جي شاگردياڻين جي نجي تحويل ۾ رهيون ۽ انهن کي نيٺ ان اعتراف کان پوءِ ته هو اهڙي ڪاروبار ۾ ملوث رهيون آهن، کين معافي ڏئي آزاد ڪيو ويو. اهو ته ثابت عدالت ۾ ئي ٿيندو ته جن عورتن تي بدپيشي جو الزام آهي، واقعي هو ڏوهاري هيون يا نه، پر دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ رياستي اختيار نجي ادارو يا فرد استعمال ڪري ٿو. پاڪستان کي دنيا جي جديد، معتدل ۽ روشن خيال رياست بڻائڻ جي دعويدارن کي ڇا هي سڀ ڪجهه نظر نٿو اچي؟.

    جڏهن قبائلي علائقن ۾ سي ڊي ۽ آڊيو شاپس تي پابندي لڳائي وئي ته ان مهل به ڪو خاص ايڪشن نه ٿيو. اڄ ٽانڪ ضلعي ۾ ڪرفيو آهي ۽ انتها پسند اسلامي سوچ جا حامي پنهنجي مرضيءَ جو نظام مڙهائڻ لاءِ انتظاميه جي هٿن مان نڪرندا پيا وڃن. بظاهر انتها پسنديءَ کي هٿي وٺرائي، دنيا کي اهو تاثر ڏنو ويو ته پاڪستان ۾ باوردي فوجي صدر ضروري آهي. ٻيءَ صورت ۾ هي طالبان سڄي ملڪ تي ڇانئجي ويندا ۽ ان چڪر ۾ نظريه ضرورت هيٺ مذهبي انتها پسندن کي ڇوٽ ڏني وئي. ضياءُ الحق جي زماني ۾ ته انتها پسندن کي منظم ڪرڻ جي سرڪاري پاليسي هئي، پر موجوده حڪمران چون ڪجهه پيا ۽ ڪن ڪجهه پيا.

    سوال اهو آهي ته مذهبي انتها پسندي آخر ڇو وڌي ۽ اوچتو ئي اوچتو ايڏي طاقتور ڪيئن ٿي وئي، جو اهڙا عناصر پاڪستان جي طاقتور ترين ادارن جي ڪنٽرول ۾ به نه رهيا آهن. حقيقت ۾ جيڪڏهن انتها پسند ايترا طاقتور هئا ۽ اڃا جڏهن القائده مضبوط ۽ منظم هئي، انهن جا 800 ماڻهو گرفتار نه ٿيا ۽ نه مئا هئا، ته پوءِ ماضيءَ جي سياسي حڪومتن، جيڪي نان سولين سرڪار کان وڌيڪ ڪمزور هيون، آخر انهن خلاف ايترو ڇو نه ڪيو، جيترو اڄ هو ڪري رهيا آهن. اسلام آباد جهڙي حساس شهر ۾ هڪ مدرسي جي شاگردياڻين پاران بدڪاريءَ خلاف مهم هلائڻ تي حڪومت انهن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏي، اهو ڪنهن به ريت آسان ناهي ۽ ان سان ڪيترا ئي سوال پيدا ٿيڻ فطري آهن.

    هڪ اهم سوال ۽ خدشو اهو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ اڳ ئي عدالتي بحران آهي ۽ صدر جنرل پرويز مشرف چوي ٿو ته هن خلاف سازش ٿي رهي آهي، هي واقعو ان دوران ئي ٿيو آهي. ڇا اهو سمجهيو وڃي ته هي واقعو عدالتي بحران تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪيو ويو يا وري ”صدر خلاف سازش“ کي ڪجهه وڌيڪ ڦهلائڻ جو حصو آهي؟ يا وري ڪو ”نظريه ضرورت“ تحت نئون قصو آهي ۽ مغربي دنيا کي ايندڙ چونڊن کان اڳ اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته ملڪ ۾ طالبان طرز جون ڪارروائيون وڌي ويون آهن، ڪنهن شهر ۾ ڪرفيو آهي ته ڪٿي مارا ماري. هاڻي ته وفاقي گاديءَ وارو شهر به محفوظ ناهي رهيو. طالبان هرهنڌ پهچي ويا آهن ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته موجوده حاڪم کي ورديءَ ۾ ئي رهڻ ڏنو وڃي ۽ عام چونڊن ۾ پنهنجي مرضيءَ جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڇوٽ ڏني وڃي. حڪمرانن جو مقصد کڻي ڪهڙو به هجي، پر جيڪڏهن اهي ايئن سمجهن ٿا ته شايد مغرب کي هن ڀيري به جُل ڏئي ويندا ته موجوده حالتن ۾ اهو ناممڪن ٿو لڳي. مبصرن کي خدشو آهي ته جنهن ڪوڙڪيءَ ۾ هو ٻين کي ڦاسائڻ ٿا چاهين، ان ۾ هو خود نه ڦاسي پون.

    مدرسي جو نائب پرنسيپل غازي عبدالرشيد مزاري ان تاثر کي رد ٿو ڪري ته هو حڪومت هٿان استعمال ٿي رهيا آهن. بلڪه هن جو چوڻ آهي ته هو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ ۽ ان جي نبي پاڪ صل لله و عليه وسلم جي احڪامات تي عمل ڪندي، اسلامي ملڪ ۾ اسلامي نظام رائج ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهن. غازي عبدالرشيد مزاري روجهاڻ مزاريءَ جو آهي ۽ سندس والد حاجي عبدالله مزاري مرحوم ڪافي عرصو اڳ قبائلي ڏچن کان تنگ ٿي، لڏي اچي اسلام آباد ويٺو هو، جتي هن لال مسجد جي امامت سنڀالي ۽ ٻه مدرسا هڪ ڇوڪرن جو ۽ ٻيو ڇوڪرين جو قائم ڪيو. سندس مدرسن تي ڪنهن زماني ۾ افغان جهاد ۽ ڪشمير جهاد لاءِ جهادي پيدا ڪرڻ جو الزام به لڳندو رهيو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته هنن جو ملڪ جي سيڪيورٽي ايجنسين سان ڪافي ويجهو لاڳاپو پڻ رهيو آهي. جڏهن افغان ۽ ڪشمير جهاد بند ٿيا ۽ حڪمرانن جي ڪنهن قدر پاليسي نظريه ضرورت هيٺ تبديل ٿي ته سندن تعلقات ۾ لاها چاڙها ته آيا، پر ذريعن موجب سندن تعلق مڪمل طور تي ختم ناهي ٿيو. جامعه حفصه جي ايڪشن ڪميٽي جي سرڪرده رڪن آمنه عبدالله سان جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ کانئس پڇيوسين ته اسلام آباد سميت ملڪ جي سمورن شهرن ۾ بدڪارين جا اڏا آهن ۽ هر شهر ۾ ڪيترائي اهڙا اڏا آهن، آخر اوهان اوچتو هڪ اڏي خلاف اهڙي ڪارروائي ڇو ڪئي؟ ته هن چيو ته اهو مدرسي کي ويجهو آهي ۽ شهرين شڪايت ڪئي هئي. سندس موقف پنهنجيءَ جاءِ تي، پر مدرسي وارن جي ئي چوڻ موجب مبينه اڏو ڪافي سالن کان هلي پيو ۽ مدرسو به ڪافي پراڻو آهي، ته پوءِ آخر هن وقت ئي اها ڪارروائي ڇو ڪئي وئي؟ جيڪڏهن بدڪاري ختم ڪرڻي آهي ته ٻيا به اهڙا اڏا جام آهن، آخر هڪ ئي اڏي خلاف ڪارروائي ٿيڻ ڇا ٿو ظاهر ڪري؟ ان مان ته ايئن به لڳي ٿو ته ڪٿي هن ڪارروائيءَ پٺيان ڪي ذاتي شڪايتون ۽ اختلاف نه هجن.

    اهو به عين ممڪن آهي ته جنهن نموني ٽن عورتن کي تحويل ۾ رکيو ويو هو، انهن کان زوريءَ اهو اقرار ڪرايو ويو هجي ته هو واقعي اڏو هلائي رهيون هيون ۽ هاڻ توبه تائب ٿيون آهن. اهڙي ڪا به توقع ڪري سگهجي ٿي، پر اصل سوال سيڪيورٽي ايجنسين ۽ موجوده طاقتور حڪومت لاءِ آهي ته ڇا اهي ملڪ ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ڏيندا يا مجبور ٿي انتها پسندن آڏو گوڏا کوڙيندا؟.

    جيڪڏهن نظريه ضرورت يا ڪنهن به مصلحت يا مجبوريءَ هيٺ حڪمرانن اهڙن واقعن تي اکيون ٻوٽي رکيون ته پوءِ حجمن جا دڪان بند ڪرائڻ جا واقعا رڳو باجوڙ، سوات ۽ وزيرستان تائين محدود نه رهندا بلڪه ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، ڪوئٽا ۽ ٻين شهرن ۾ به ٿيڻ شروع ٿي ويندا. دنيا ۾ sex worker طور انساني حقن جي عالمي چارٽر مطابق ان دنيا جي ماڻهن جا حق به تسليم شده آهن. انڊونيشيا، ملائيشيا، دبئي، بحرين، مراڪش، سينٽرل ايشيا جي اڪثر مسلمان رياستن ۾ سيڪس ورڪرز کي ايتري بري ۽ نيچ انداز ۾ نٿو ڏٺو وڃي، جيترو اسان جهڙن معاشرن ۾ ڏٺو وڃي ٿو. آخر اهو اختيار ڪنهن فرد يا نجي اداري کي ڏيڻ ڪيترو درست ٿي سگهي ٿو ته هو ڪنهن جي به گهر تي حملو ڪري، گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائين؟ ۽ ڪنهن به الزام يا حقيقت جي بنياد تي ساڻن ڪهڙو به سلوڪ ڪن؟!.

    ahmahar@yahoo.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    محترمه جي ڪتاب ۾ ٿيل انڪشاف ۽ نئون سيٽ اپ!



    سومر 9 اپريل 2007ع

    صدر جنرل پرويز مشرف جي آٽو بايوگرافي واري ڪتاب جا چرچا ختم ٿي ويا آهن ۽ هاڻي بينظير ڀٽو جي آٽو بايوگرافي Daughter of The East جي ٻيهر شايع ڪرايل ڪتاب جا چرچا شروع ٿي ويا آهن. بينظير ڀٽو اهو ڪتاب ته ڪافي عرصو اڳ لکيو هو، پر هاڻي واري ايڊيشن ۾ هڪ باب جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بينطير ڀٽو آءِ ايس آءِ، صدر جنرل پرويز مشرف ۽ جهادين بابت تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. هي ڪتاب 14 مارچ تي جاري ٿيو ۽ 20 اپريل تائين امڪان آهي ته پاڪستان ۾ به عام جام ٿي ويندو. بينظير ڀٽو هن ڪتاب ۾ اهم رازن تان پردو کنيو آهي. اڳ ۾ ته هوءَ ماٺ هئي پر جڏهن صدر جنرل پرويز مشرف حاضر سروس جرنيل ۽ صدر هوندي پنهنجو ڪتاب شايع ڪيو ۽ ان ۾ ڪافي راز کوليا، جنهن بعد بينظير ڀٽو به همت ڪري سندس پيروي ڪئي آهي.

    بينظير ڀٽو نئين باب ۾ لکيو آهي ته جڏهن هوءَ وزير اعظم هئي ته ايم ڪيو ايم سان جنرل پرويز مشرف جي خصوصي تعلقات هجڻ جي شڪ سبب هن جنرل پرويز مشرف جو پروموشن روڪيو هو. سندس موجب جڏهن صدر مشرف ميجر جنرل ٿي ويو ۽ 1996ع ۾ ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشن ٿيو ته هڪ بريفنگ ۾ منصوبو پيش ڪيائين ته ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير جي گادي واري شهر سرينگر تي قبضو ڪريون. محترمه موجب هن کانئس پڇيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ته جنرل مشرف منهنجي سوال تي حيران ٿي ويو ۽ چيائين ته پوءِ سرينگر پارليامينٽ تي پاڪستان جو جهنڊو هڻنداسين. مون کيس چيو، پوءِ ڇا ٿيندو؟ جنرل چيو ته اوهين اقوام متحده وڃجو ۽ سرينگر تي ڪنٽرول جو اعلان ڪجو. جنهن تي وري کيس چيو ته، پوءِ ڇا ٿيندو؟ ته جنرل وڌيڪ پريشان ٿيو ۽ چيائين اوهين دنيا جو نقشو تبديل ڪرائجو. ”مون جنرل سان اکيون اکين ۾ ملائي چيو ته ان سان سواءِ رسوائي جي ڪجهه نه ٿيندو ۽ ميٽنگ ختم ڪري مان هلي ويس.“

    بينظير لکيو آهي ته پهريون ڀيرو هن کي ڪشمير فتح ڪرڻ جي آڇ افغانستان ۾ عرب جهادين آءِ ايس آءِ ذريعي 1990ع ۾ ڪئي ته هڪ لک مجاهد تيار آهن، اوهان رڳو اجازت ڏيو. پر مون ان کي ويٽو ڪري ڇڏيو ۽ اجازت نه ڏني. سندس موجب جنرل اسلم بيگ وٽس آيو ۽ چيو ته محترمه اوهان رڳو اجازت ڏيو ۽ ڏسو ته اوهان جا جوان ڇا ٿا ڪن ۽ ڪيئن اوهان جي سر تي فتح جو تاج ٿا سجائين. يعني ٻنهي دورن ۾ کيس ڪشمير فتح ڪرڻ لاءِ ٻه ڀيرا آڇ ڪئي وئي، پر هن حالتن جي نزاڪت ۽ بعد ۾ ٿيندڙ اثرن سبب ان جي مخالفت ڪئي. محترمه اهو به لکيو آهي ته هڪ دفعي جنرل پرويز مشرف کي سندس ملٽري سيڪريٽري بنائڻ جي تجويز آئي ته هن مخالفت ڪري ڇڏي ۽ کيس مقرر نه ڪيو.

    هن اهو به لکيو آهي ته آءِ ايس آءِ وارن چيو ته افغانستان کي پاڪستان سان ملايون ۽ هن ڪنفيڊريشن جي مخالفت ڪئي هئي. خير ڪافي ڳالهيون آهن، سندس ڪتاب ۾ ۽ باقي حقيقتون ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچڻ بعد سامهون اينديون. پر هن سان هڪ ڳالهه ضرور واضح ٿي آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان سندس تڪرار پراڻو آهي ۽ صدر جنرل پرويز مشرف جي کانئس کان نفرت جي ڪهاڻي به ڊگهي آهي.

    سندس ڪتاب ان وقت مارڪيٽ ۾ اچي رهيو آهي، جڏهن پاڪستان ۾ سياسي مارڪيٽ گرم آهي، سازشين جا چوٻول آهن ۽ مستقبل جي سياسي سيٽ اپ جو نقشو تيار ٿي رهيو آهي.

    اهو ته خير هنن ئي ڪالمن ۾ اڳ ۾ به اوهين پڙهي چڪا آهيو ته صدر جنرل پرويز مشرف اڄڪلهه سخت بحراني ڪيفيت جو شڪار آهي ۽ هن ان ڳالهه جو پاڻ به اقرار ڪيو آهي. ڪالهه به ٽيڪسيلا ۾ غلام سرور خان، جيڪو پيپلز پارٽي ٽڪيٽ تي چونڊجڻ بعد وفاداري مٽائي (ن) ليگ ۾ ويو ۽ هاڻي محنت واري وزارت جو بادشاهه آهي، ان پاران ڪرايل جلسي ۾ صدر مشرف اقرار ڪيو آهي ته مٿس دٻاءُ آهي ته هو اسيمبليون ٽوڙي، پر سندس مطابق هو ايئن نه ڪندو.

    ظاهر آهي ته بينظير ڀٽو هڪ سال کان اهو چوي پئي ته اسيمبليون ٽوڙيو، ڇو ته هي ڌانڌلي جي پيداوار آهن ۽ قومي حڪومت جوڙي شفاف چونڊون ڪرايو، پر لڳي ٿو ته اهو پريشر هاڻي صدر تي پنهنجي حلقهءِ احباب مان به آهي ۽ فوج مان به اهڙو دٻاءُ پيدا ٿيو اٿس، جنهن جو هو جلسن ۾ ذڪر ڪري رهيو آهي. سندس انداز ۽ ڪيفيت مان ته لڳي ٿو ته هو عروج جي آخري ڏاڪي تي پهچي چڪو آهي، جتان زوال شروع ٿيندو آهي.

    اسلام آباد جي اهم حلقن ۾ اهي چوٻول آهن ته چيف جسٽس جي معطلي وارو معاملو صدر کي ڪو نه ڦٻي سگهيو ۽ ان عمل سبب جيڪو بحران پيدا ٿيو، تنهن سندس جو گهيرو تنگ ڪيو آهي ۽ هاڻي ان بحران مان نڪرڻ لاءِ هو وزير اعظم شوڪت عزيز جو صدقو ڏيڻ وارو آهي. انهن حلقن جو چوڻ آهي ته اهو ڪم هيستائين ٿي چڪو هجي ها، پر هاڻي معاملو رڪيو ان ڳالهه تي آهي ته چيف جسٽس جي ريفرنس جي فيصلي سان گڏ ئي ڌماڪو ڪجي. بظاهر ته چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري اخلاقي طور ڪيس کٽي چڪو آهي ۽ جنهن وقت هن جي بحاليءَ جو باضابطه اعلان ٿيو ته پوءِ غلط ريفرنس موڪلڻ جي ڏوهه ۾ ظاهر آهي ته وزير اعظم جي رهڻ جو اخلاقي جواز نه هوندو. اصولي طور تي صدر جنرل پرويز مشرف جو به صدر رهڻ جو جواز نه هوندو، پر قرباني رڳو وزير اعظم جي ڏبي.

    ان سڄي ماحول ۾ خاموش ويٺل همايون اختر وري سرگرم آهي، پر صدر جنرل پرويز مشرف چوڌري شجاعت کانسواءِ ڪنهن تي اعتبار نٿو ڪري ۽ هن کي ٻه ڀيرا وزير اعظم ٿيڻ جو اعزاز ڏياري بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي صف ۾ کيس آڻڻ چاهي ٿو. چوڌري صاحب جنهن عدالتي بحران بابت آمريڪا ۾ بيان ڏنو ته اهو عدليا ۽ فوج جي گهر جو جهيڙو آهي، تنهن کڙڪ پوڻ بعد وطن ورندي ئي اعلان ڪيو ته فوج کي گار ڏيندڙن کي ڏنڊا نه، پر گولي هڻڻ گهرجي. اسلام آباد جي اقتداري ايوانن ۾ چڻگ ٻري چڪي آهي ۽ ڏسڻو اهو آهي ته ان مٿان گاسليٽ جو ڊرم ڪنهن مهل ٿو هارجي، جو اها چڻنگ هڪ ڀڀڙ بڻجي. موجوده بحران مان نڪرڻ لاءِ جيڪڏهن صدر صاحب وري نئون وزير اعظم ٺاهي ٿو ته ظاهر آهي ته سياسي جماعتون وري مهينو ٻه ان چڪر ۾ لڳي وينديون ۽ ملڪ ۾ نئين سياسي هلچل سبب بحران تان ڌيان به هٽندو. حڪومت جي خواهش ۽ حڪمتِ عملي پنهنجي جاءِ تي، پر ظاهر آهي ته بحران پيدا ڪندڙ ۽ سازشون سٽيندڙ به ماٺ ڪو نه ڪندا ۽ اهي به پنهنجي حڪمتِ عملي هيٺ عمل ڪندا. پاڪستان جي تاريخ ۾ اقتدار جي ٻن انهن ڌرين ۾ جهيڙو آهي، جيڪي اڇي ڪاري جون مالڪ رهيون آهن، ڏسجي ته ان ۾ ڪير ٿو ڪامياب ٿئي.

    آخر ۾ ٿورو ذڪر نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو جي ملاقات جو، جنهن ۾ هنن گڏ رهڻ جو عزم ورجايو آهي. مون کي ياد پيو اچي ته جڏهن ته ايل ايف او جو بحران حل ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ ايم ايم اي وارن وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون هيون، تڏهن جنهن به وقت حڪومت سان معاملو نه ٺهندو هو ته ايم ايم اي وارا اي آر ڊي وارن سان ملاقاتون شروع ڪندا هئا ۽ گرينڊ الائنس جون ڌمڪيون ڏيندا هئا. بلڪل اهڙي ئي نموني جڏهن حڪومت ۽ بينظير ڀٽو ۾ معاملو تکو مٺو ٿئي ٿو ته بي بي وري بابو سان ٿي ملي.

    بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صدر جنرل پرويز مشرف ۽ بينظير ڀٽو ۾ ڳالهيون هلن ٿيون، ٻئي مستقبل ۾ هڪ ٻئي جي ضرورت آهن ۽ ٻنهي کي هڪٻئي جي خبر آهي ته ٻه تلوارون هڪ مياڻ ۾ نه اينديون آهن، پر پوءِ به ايئن ڪرڻ سندس مجبوري آهي ۽ ان جو هو ڪهڙو رستو ٿا تلاش ڪن؟ ڪهڙي حل تي اتفاق ٿا ڪن؟ اهو ايندڙ وقت ۾ سامهون ويندو. باقي شيخ رشيد چواڻي ته ”حڪومت ۽ پي پي جي ڳالهين جو سيمي فائنل ٿي رهيو آهي.“
    ahmahar@yahoo.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اسلام آباد جي گرم موسم ۾ ڇا پيو وهي واپري



    اڱارو 17 اپريل 2007ع

    چيف جسٽس جي معطليءَ بعد پيدا ٿيل عدالتي بحران اڃا جاري آهي ۽ حڪومت ان مان نڪرڻ لاءِ حيلا وسيلا هلائي رهي آهي. جهڙيءَ ريت چيف جسٽس جو پهرين پشاور ۽ هاڻ سکر ۽ حيدرآباد ۾ آڌر ڀاءُ ڪيو ويو آهي، تنهن مان نه فقط هو پاڻ به خوش آهي، پر سياستدانن مٿان اعتماد نه ڪندڙ عوام کي به هن بي اعتماديءَ واري ماحول ۾ ڄڻ هڪ نئون اڳواڻ ملي ويو آهي. هاڻ جيڪڏهن چيف جسٽس کي بحال نه به ڪيو ويو، تڏهن به سياست جو ميدان ڄڻ ته هن لاءِ ازخود کلي چڪو آهي.

    تازو ئي وڪيلن جي هڪ رات واري ڪچهريءَ ۾ موجود ذريعي جي چوڻ موجب چيف جسٽس کين ٻڌايو ته پيادل عدالت ويندي 13 مارچ تي ساڻس جيڪو ڪجهه ٿيو ۽ ان بعد کيس بلوچستان هائوس پهچايو ويو، ان کان وڌيڪ توهين سندس 9 مارچ تي ان وقت ٿي هئي، جڏهن هو ملڪ جي صدر سان ملڻ ويو هو. چيو پيو وڃي ته سپريم ڪورٽ پاران پوليس اهلڪارن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائيءَ کي ڏسندي، چيف جسٽس پنهنجي وڪيلن سان مشورو ڪيو آهي ته ان معاملي سان گڏ ورديءَ وارن جي ورتاءَ وارو معاملو به ڇو نه اٿاريو وڃي. ان لاءِ وڪيلن کيس چيو آهي ته ان سلسلي ۾ هو ايندڙ حاضريءَ تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل آڏو پنهنجو بيان ڏئي.

    چيف جسٽس جي معطلي ۽ ان کان پوءِ سياسي پارٽين توڙي عوامي ردعمل جي حوالي سان حڪومت جي حڪمت عملي اها هئي ته ماڻهن کي ڪنهن به ريت روڪيو وڃي، پر بعد ۾ صورتحال جي نزاڪت کي سمجهندي، صدر جنرل پرويز مشرف پاڻ ئي ان جي نگراني سنڀالي ۽ ماڻهن کي احتجاج جي اجازت به ڏني. ابتدا ۾ سپريم جوڊيشل ڪائونسل منجهند کان پوءِ هن ڪيس جي سماعت پئي ڪئي، پر بعد ۾ ان جو وقت تبديل ڪيو ويو ۽ هاڻ صبح جي وقت ئي سماعت ٿئي ٿي. حڪومت کي اندازو هو ته صبح جو ماڻهو نه ايندا، جو سوير اٿڻ يقينن وڌيڪ ڏکيو مسئلو آهي، پر جنهن نموني 13 اپريل تي سخت گرميءَ باوجود ماڻهو روڊن تي بيٺا رهيا، ان مان ته لڳي ٿو حڪومت جو اهو حربو به ناڪام ئي ٿيندي نظر پيو اچي.

    ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته حڪومت چيف جسٽس واري معاملي کي ڊگهي مدت تائين اڪلائڻ جي پاليسي جوڙي آهي، پر جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي وڪيلن ان کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ طئي ڪيو آهي ته هو ايندڙ هڪ ٻن حاضرين تي پنهنجا دليل مڪمل ڪري، جلد کان جلد معاملي کي حتمي صورت تائين پهچائڻ گهرن ٿا. هنن جي خواهش آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جلد کان جلد هن ڪيس جو فيصلو ٻڌائي. موجوده حالتن ۾ ڪائونسل جيڪو به فيصلو ڪندي، اهو يقينن حڪومت ۽ صدر جنرل پرويز مشرف لاءِ وڏي چئلينج کان گهٽ ڪونه هوندو.

    ان سڄي ماجرا کان حڪومت به واقف آهي. ان ڪري ئي هڪدم پ پ قيادت سان رابطا وڌايا ويا آهن ۽ کين آسرو ڏنو ويو آهي ته جيئن اوهان چاهيندا ايئن ئي ٿيندو، في الحال موجوده بحراني ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏنو وڃي. اسلام آباد ۾ اهي به سرٻاٽ هلن پيا ته صدر جنرل پرويز مشرف محترمه کي ٽيون ڀيرو وزير اعظم بڻائڻ لاءِ به راضي ٿي ويو آهي، جنهن پٺيان به بنيادي سبب موجوده بحران ئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي بااختيار شخص پاڻ کي لڙهندو ڏسي رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران هڪ نان سولين ۽ ورديءَ واري حڪمران سان ڊيل کي سياسي مبصر به نواز شريف جي لفظن ۾”آمريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ سياست ۾ فوج جي مستقل ڪردار کي هٿي وٺرائڻ“ سڏي رهيا آهن. هاڻ جڏهن ملڪ جو نان سولين حڪمران ڪمزور وِڪيٽ تي آهي، تڏهن ان کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پ پ پاران اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ ڪهڙيءَ ريت جمهوريت جي استحڪام جو سبب بڻبو؟ يا ان جا ملڪ جي مستقبل تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ان کي اسان آسانيءَ سان مستقبل ۾ ڏسي سگهنداسين ۽ اهو به ڏسي سگهنداسين ته سڀاڻ جو مورخ پ پ کي ڪهڙي لفظن ۾ ياد ٿو ڪري.

    برطانوي اخبار ”سنڊي ٽائيمز“ کي بينظير ڀٽو جي ڏنل انٽرويو بعد هاڻ ان ۾ شڪ جي ڪا به گنجائش نه رهي آهي ته حڪومت ۽ پ پ ۾ وچ ڊيل ٿي چڪي آهي. محترمه واضح ڪيو آهي ته ”مان صدر مشرف سان ڊيل ڪرڻ چاهيان ٿي، پر في الحال اهو چوڻ قبل از وقت آهي ته اها ٿيندي“. هن اها به اميد ظاهر ڪئي آهي ته صدر مختصر مدت لاءِ پاڻ کي موجوده اسيمبلين مان چونڊرائيندو“. محترمه اڳ ۾ به چئي چڪي هئي ته صدر جو ورديءَ وارو معاملو سپريم ڪورٽ طئي ڪندي ۽ جيڪو فيصلو عدالت ڪيو، اهو ئي هوءَ به قبول ڪندي. هاڻ سندس پارٽي جي هڪ سينيٽر بيان ڏنو آهي ته صدر جي ورديءَ وارو معاملو جلد سپريم ڪورٽ ۾ اچڻ وارو آهي. هي اهو ئي سينيٽر آهي، جيڪو معطل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ خلاف اختيارن جي غلط استعمال ۽ وڪيلن سان اڍنگي رويي بابت خط لکندڙ نعيم بخاريءَ سان صلاح مشورن ۾ هو. هن سينيٽر نعيم بخاريءَ کي خط لکڻ جي همت ٻڌرائي. جڏهن بعد ۾ معاملو وڌي ويو يعني چيف جسٽس جي حمايت ۽ همدردي وڌي ته ان سينيٽر چيو ته هن نعيم بخاريءَ کي صلاح ڪو نه ڏني هئي، پر بعد ۾ نعيم بخاري هن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه هڪ چينل تي نشر ڪرائي ڇڏي ته هو ڦڪو ٿيندو رهيو.

    هڪ پاسي پيپلز پارٽي جي هڪ سينيٽر جو اهو ڪردار آهي ته هو چيف جسٽس خلاف ريفرنس ٺهرائڻ ۽ چارج شيٽ ۾ سرگرم رهيو ته ٻئي پاسي اعتراز احسن هن جو مک وڪيل آهي. هاڻ وري پي پي قيادت عدالتي بحران جي حل لاءِ صدر جنرل پرويز مشرف جي مدد ۾ مصروف آهي. مون تازو نواز شريف جو مختصر انٽرويو ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته اهو افسوسناڪ معاملو آهي ته جڏهن به آمرن خلاف گهيرو تنگ ٿيندو آهي، ته ڪي موقعي پرست سياسي ٽولا کين سليوٽ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن.

    ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڀٽو ۽ نواز شريف ٻئي اسٽيبلشمينٽ جي خواهش ۽ مدد سان اڳتي آيا هئا ۽ اڳتي هلي عوامي ليڊر بڻيا هئا. موجوده بحران ۾ جيڪو ڪردار نواز شريف ادا ڪري رهيو آهي، اهو بلڪل ايئن ئي آهي، جيئن ذوالفقار ڀٽي ايوب خان خلاف ڪردار ادا ڪيو هو ۽ وڏو عوامي ليڊر ٿي اڀريو هو. جنهن نموني نواز شريف سوچي ۽ ڪري رهيو آهي، تنهن مان هو واحد سياسي اڳواڻ محسوس ٿئي ٿو، جيڪو عملي طور سياست مان فوج جي مداخلت ختم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي.

    جڏهن سيد مشاهد حسين اطلاعات وارو وزير هو، تڏهن قاضي اسلم صاحب، قاضي علي صاحب ۽ مون کانئس پينل انٽرويو ڪيو هو. ان انٽرويو ۾ هن چيو هو ته سندس وڏو ڪردار اهو آهي ته هن نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ جي حامي هجڻ کان باغي بڻايو آهي. اڄ واقعي نواز شريف ايئن نظر اچي ٿو، جيئن مشاهد حسين ٻڌايو هو، پر اڄ جو الميو اهو آهي ته مشاهد حسين پاڻ ان ئي ڪيمپ ۾ بيٺو آهي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي آهي. هن وقت جڏهن اقتدار جا پنج سال پورا ٿي رهيا آهن، تڏهن شايد کين افسوس به ٿيندو هجي، پر وقت ثابت ڪيو آهي ته ڪير ڇا آهي.

    حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڊيل واري پسمنظر ۾ چيف جسٽس جي وڪيلن واري حڪمت عملي ڪيترو ڪارگر ثابت ٿئي ٿي، اهو ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ واضح ٿي ويندو. البته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ حالتون ڪنهن وقت به پلٽو کائڻ ۾ دير ناهن ڪنديون. اهڙي ماحول ۾ ڊيل يا ڊيل جي خواهشمند ڌرين کي ضرور اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪو ڪجهه هو سوچي رهيا آهن، معاملا ان جي ابتڙ به وڃي سگهن ٿا، ان صورت ۾ هو ڇا ڪندا؟.

    اسلام آباد ۾ اڄڪلهه جتي عدالتي بحران جا چرچا آهن، حڪومت ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڊيل جا چرچا آهن، اتي نگران سيٽ اپ جي ٿيوري به عام بحثن جو موضوع آهي. نگران سيٽ اپ جا افواهه اڏائيندڙن جو چوڻ آهي ته ان ۾ معطل چيف جسٽس جو ڪردار تمام گهڻو اهم هوندو. نگران سيٽ اپ جي ڳالهه ڪرڻ وارن جو اهو به چوڻ آهي ته بزرگانِ سياست جن ۾ اصغر خان، غلام مصطفيٰ جتوئي، بلخ شير مزاري ۽ غلام مصطفيٰ کر وغيره جا نالا ورتا پيا وڃن، تن پاڻ ۾ رابطا وڌائي ڇڏيا آهن ۽ لڳي ٿو ته جلد اهي به پنهنجو دڪان کولڻ وارا آهن.

    گاديءَ واري شهر ۾ اڄڪلهه جتي موسم ايتري گرم آهي، جو سنڌيءَ جي هڪ چوڻي موجب ڪانءَ جي اک پئي نڪري، اتي سياسي گرمي به گهٽ نه آهي. اهڙي گرما گرم ماحول ۾ هڪ گرم خبر اها به ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته هڪ اهم حڪومتي شخصيت ڏکڻ پنجاب جي مشهور گهراڻي سان تعلق رکندڙ سنهڙي سيپڪڙي نوجوان سياستدان سان خفيه شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب ان اهم شخصيت جي پراڻي گهر واري رُسي وئي هئي، پر معافين تلافين بعد واپس موٽي آئي آهي ۽ اڄڪلهه سندس وڏي گهر ۾ ڪڏهن محفل ميلاد ٿي ٿئي ته ڪڏهن تعويذ ۽ ڦيڻا آزمايا پيا وڃن. اسان جي دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ سندس گهر آباد رکندو.
    ahmahar@yahoo.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    نئون ڪوٽ جي جلسي ۽ لاهور واري ريليءَ ۾ ڪهڙو فرق هو؟



    آچر 6 مئي 2007ع

    سپريم ڪورٽ جي عملي طور معطل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪالهه اسلام آباد کان لاهور لاءِ روڊ رستي روانو ٿيو ۽ کيس حڪومت پاران روڪڻ جا جيڪي خدشا هئا، صورتحال ان جي برعڪس رهي. جنهن نموني پنجاب حڪومت جي تياري هئي، ان مان لڳي پيو ته کيس روڊ ذريعي وڃڻ نه ڏنو ويندو ۽ هڪ دفعو ٻيهر توهين عدالت جو منظر نظر ايندو، پر لڳي ٿو حڪومت کي مشورو ڏيندڙ ڪجهه بهتر ماڻهو به آهن ۽ کيس زوري جهاز ذريعي روزانو نه ڪيو ويو. چيف جسٽس جو هيرو وانگر جيڪو استقبال ٿيو آهي، هر ننڍي وڏي شهر ۾ سندس گل پاشي ٿي، سخت گرميءَ ۾ سوين ماڻهو رستي تي بيٺا رهيا. ان مان ته ڪجهه سينئر تبصره ڪارن جي بقول ڄڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي جلوسن جي ياد تازه ٿي وئي.

    اڄڪلهه جنهن نموني ملڪ جي مخالف ڌر وارين سياسي جماعتن جي اپيل تي عوام رستن تي ايتري تعداد ۾ نه آيو آهي، جيتري تعداد ۾ چيف جسٽس سان اظهارِ يڪجهتيءَ لاءِ عوام پاڻ ئي ٻاهر آيو آهي. عوام جي انهن جذبن کي هڪ تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ تمام آسان به آهي، پر ان لاءِ اهڙي قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا عوام ذريعي تبديلي ۾ ايمان رکڻ واري هجي. هن وقت پاڪستان ۾ سياسي قيادت بقول ڪنهن جي ته پارٽ ٽائيم ۽ بي همت آهي، تنهن ڪري انهن مان اها اميد نٿي رکي سگهجي. پاڪستان ۾ سچي سياسي قيادت جي اڻاٺ ته يقينن آهي، پر جيڪا به جهڙي تهڙي قيادت آهي، اها عوام بدران سگهارين ڌرين ذريعي اقتدار ۾ اچڻ کي وڌيڪ موزون سمجهي رهي آهي، جنهن ڪري ان پاسي کي ترجيح ڏئي ٿي، بلڪه ان تي ڄڻ ته سندن ايمان آهي.

    چيف جسٽس جا جذبا ايڏو عوامي سمنڊ ڏسي ڇا هوندا، اهو ته هو پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو، پر جنهن نموني هن ماڻهن جا هجوم ڏٺا، ان ۾ ته سندس کان ماني به وسري وئي. اسلام آباد کان گجرات بمشڪل 3 ڪلاڪن جو پنڌ آهي، پر چيف جسٽس کي پهچڻ ۾ ٻارنهن ڪلاڪ لڳي ويا آهن، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته عوام ڪيڏو جذباتي هو.

    پنجاب حڪومت پوليس ذريعي سوين ماڻهن جا جلوس روڪي ڇڏيا ۽ جي ٽي روڊ تي جلوس کي وڃڻ نه ڏنو، پر ان جي باوجود عيني شاهدن مطابق هڪ هزار کان وڌيڪ گاڏيون سندس جلوس سان گڏ هلنديون رهيون. چيف جسٽس هزارين ماڻهن جي قافلي ۾ 6 کان 8 ڪلوميٽر ڊگهي جلوس جي قيادت ڪندي لاهور پهتو. هاڻي جيڪڏهن سندس نوڪري بحال به نه ٿي ته هن پنهنجي لاءِ سياسي اسٽيج ايتري تيار ڪري ڇڏي آهي، جيڪا صدر جنرل پرويز مشرف 8 سالن جي مڪمل اقتدار جي باوجود به پنهنجي لاءِ تيار نه ڪري سگهيو. اهو به عجب اتفاق آهي ته جنهن وقت هزارين ماڻهو سخت گرميءَ ۾ پنهنجي خرچ تي چيف جسٽس جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ آتا هئا، عين ان وقت صدر جنرل پرويز مشرف سنڌ جي وارياسي علائقي نئون ڪوٽ ۾ سرڪاري انتظام هيٺ ڪيل جلسي کي مخاطب هو. صدر صاحب پاڻ به اقرار ڪيو ته سندس اهو جلوس هيستائين پنجاب ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيل جلسن کان وڏو هو، جنهن ۾ لک سوا ماڻهو هئا.

    ظاهر آهي ته سڄي صوبائي مشينري، وزير مشير، پوليس رينجرز ۽ فوج صدر جي سيڪيورٽي کان ماڻهن کي جلسه گاهه تائين آڻڻ ۾ مصروف هئا. سڄي سنڌ جا هميشه حڪومتي ٻيڙي ۾ سوار رهڻ وارا وڏيرا پنهنجي ماڻهن کي ڪشمور کان ڪارونجهر تائين بسون ڀري وٺي آيا هئا ته ظاهر آهي ته جلسو وڏو ٿيندو. پر هتي اهو نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ جي آبادي ساڍا ٽي ڪروڙ آهي ۽ صدر جي جلسي ۾ سڄي حڪومتي مشينري جي استعمال جي باوجود به سندس بقول لک سوا ماڻهو آيا ته ڇا پوءِ ايئن سمجهيو وڃي ته ساڍا ٽي ڪروڙ سنڌ جي آبادي ۾ هن جا حامي فقط هڪ لک آهن؟ اهي هڪ لک ماڻهو به دل سان پهتا، يا ڀڳل دل سان؟ ان سوال کي اتي ئي رهڻ ڏيون ٿا.

    اهو پيمانو صدر صاحب پاڻ طئي ڪري چڪو آهي، چاهي اپوزيشن جو جلسو هجي يا وڪيلن جو صدر صاحب فرمائيندو آهي ته، لاهور ۾ هيترا هزار وڪيل آهن ۽ روڊ تي صرف چند سئو آيا، باقي سڀ ساڻس گڏ آهن. صدر صاحب جي ئي مقرر ڪيل فورمولا يا پيماني جي بنياد تي ڇا ايئن چئون ته صدر صاحب اوهان سان سنڌ جو هڪ لک ماڻهو گڏ آهي. هاڻي حقيقت جو اوهان پاڻ فيصلو ڪريو ته ماڻهو دل سان ڪنهن سان گڏ آهن، صدر سان يا چيف جسٽس سان؟

    شايد اهو ئي سبب آهي ته صدر مشرف کي پاڻ کي به خبر آهي ته آئنده اقتدار ۾ رهڻ لاءِ رڳو مسلم ليگ (ق) تي دارومدار رکڻ ڪافي ناهي، ان لاءِ هاڻي ڪنهن تازه دم پيپلز پارٽيءَ جهڙي ڪنهن قدر عوامي حمايت رکڻ واري نئين مُهري کي آزمائڻو آهي. بينظير ڀٽو جو اهو بيان ته Deal is pill for democracy in Pakistan يعني پاڪستان ۾ جمهوريت جي حياتيءَ لاءِ ڊيل ڪرڻ هڪ گوريءَ جيان آهي، جيڪا جمهوريت جي حياتي بچائي سگهي ٿي. سندس ان بيان بعد شڪ شبهي جي ڪا گنجائش باقي ناهي ته هوءَ ڊيل ڪري چڪي آهي، هاڻي رڳو نوڪ پلڪ ٺيڪ ڪرڻي آهي ۽ مناسب وقت تي ان جو اعلان ڪرڻو آهي. حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڊيل بابت آخري اطلاع اهي هئا ته صدر جي نمائندن فوجي وردي لاهڻ جي صورت ۾ مشروط آڇ ڪئي ته صدر پاڻ کي موجوده اسيمبليءَ مان چونڊرائي ۽ پيپلز پارٽي مخالفت نه ڪري، پر پيپلز پارٽيءَ شرط رکيو ته 3 دفعا وزير اعظم چونڊجڻ تي پابندي واري آئيني شق ۾ ترميم ڪريو ۽ پي پي صدر کي موجوده اسيمبلين مان چونڊڻ وقت بظاهر مخالفت ڪندي، پر آئيني ترميم تي ووٽ ڏيندي. جڏهن ته حڪمرانن جو ضد هو ته پي پي صدر جي چونڊ ۾ ووٽ ڏئي ۽ ايندڙ يعني ٽئين چونڊيل اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ به ڏئي، پوءِ 3 دفعا وزير اعظم جي چونڊ وارو شرط ختم ڪرڻ لاءِ نئين اسيمبليءَ مان ترميم ڪرائي وڃي.

    خير نئين يا پراڻي اسيمبلي مسئلو اهو ناهي ۽ ان اختلافي معاملي کي خود پي پي وارا هڪ طريقهءِ ڪار جو معاملو قرار ڏئي معمولي اختلاف سڏي رهيا آهن. اصل ڳالهه اها آهي ته هنن ۾ وسيع تر خاڪي بابت اتفاق راءِ آهي ۽ ان ۾ گارنٽي آمريڪا ۽ برطانيا کنئي آهي. رچرڊ بائوچر ۽ پاڪستان ۾ برطانيا جو اڳوڻو سفير مارڪ لائل گرانٽ ان ڏس ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف سان مليا به هئا. نواز شريف ته ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو هو، البته پيپلز پارٽي معاملا اڳتي وڌايا ۽ حتمي اسٽيج تائين به پهتا. ملڪ ۾ جڏهن کان عدالتي بحران شروع ٿيو ته حڪومت ۽ پيپلز پارٽي کي جيڪا نوڪ پلڪ ٺيڪ ڪرڻي هئي، اها تعطل جو شڪار ٿي وئي، ڇو ته پيپلز پارٽي سمجهي رهي آهي ته متان چيف جسٽس جي معطلي بعد عوام اٿي پوي، جنهن جو ڏينهون ڏينهن امڪان وڌندو نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته ساڳئي وقت حڪمرانن جو خيال آهي ته چيف جسٽس وارو معاملو کين ڦٻندي نظر اچي رهيوآهي، ڇو ته ڏينهون ڏينهن چيف جسٽس جي حامي مظاهرين جي تعداد ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.

    ڌرين جو خيال آهي ته عدالتي بحران واري اٺ جي ويهڻ جو انتظار ڪيو وڃي، جنهن بعد ان وقت جي صورتحال ۾ هر ڌر پنهنجي بارگيننگ پوزيشن مطابق معاملي کي حتمي شڪل ڏئي.

    حڪومت ۽ پي پي جي ڳالهين تي سڀ کان وڌيڪ پريشاني پيٽرياٽ وارن ۽ انهن وڏيرن کي آهي، جيڪي مسلم ليگ (ق) جي ٻيڙي ڪناري لڳندي ڏسي رهيا آهن ۽ هاڻي نئين موٽر بوٽ جي تلاش ۾ آهن. اطلاعن موجب جهنگ جو فيصل صالح حيات پنهنجي روايتي سياسي حريف بيگم عابده حسين جي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت بعد پراڻي زماني جا فائيل ڳولي ايوان صدر پهچائي رهيو آهي، جن ۾ غلام اسحاق خان سان ڊيل ڪري بينظير ڀٽو بدلجندڙ ماحول ۾ سندس تختا ڪڍيا هئا. چون ٿا ته هو صدر کي ڏاڍيون منٿون به ڪري ٿو ته بينظير هوشيار عورت آهي، ساڻس ڊيل نه ڪريو، ڀلي کڻي آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ پون. پر صدر صاحب به ظاهر آهي ته دل سان ته اهو سڀ ڪجهه ڪو نه پيو ڪري، حالتن کيس مجبور ڪيو آهي ته وڌيڪ عرصو اقتدار ۾ رهڻ واري خواهش جي تڪميل خاطر ڊيل ڪري، ڇو ته پنهنجي پيرن تي هاڻي هو پاڻ گهڻو وقت شايد ئي هلي سگهي.
    ahmahar@yahoo.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڪراچيءَ واري راند ڪهڙي ڌر هارايو؟



    خميس 17 مئي 2007

    ٻارنهن مئي تي ڪراچيءَ ۾ رتو ڇاڻ جيڪا شروع ٿي هئي، ان ۾ هيستائين 0 5 بيگناهه ماڻهو مارجي چڪا آهن، اڃا ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ خوف جي ماحول ۾ جيئندڙ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو پريشان آهن ته اڳتي ڇا ٿيندو؟

    چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ڪراچي بار کي خطاب لاءِ 12 مئي تي ڪراچي آمد جي موقعي تي وفاقي ۽ سنڌ جي گهرو کاتن خدشو ظاهر ڪيو هو ته خودڪش حملو ٿي سگهي ٿو، بم ڌماڪن ۽ فائرنگ جو به امڪان آهي. هڪ پاسي حڪومتي ايجنسين جي اها رپورٽ هئي ته ٻئي پاسي ڪراچيءَ ۾ ٻارنهن مئي لاءِ جيڪو سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو ۽ سڀني ٽي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز کي 11 مئي جي شام تائين سنڌ پوليس جي ايس ايس پي سيڪيورٽي جي صحيح سان جيڪو سيڪيورٽي پلان مليو، ان ۾ آفيسرن کي واضح هدايت مليل هئي ته پوليس اهلڪارن کي رائيفلون جاري نه ڪجو، ٻارنهن مئي تي صبح جو 5 وڳي کين ڊيوٽي تي موڪليو ۽ صرف لٺيون ۽ ڳوڙها گئس جي شيلنگ واريون بندوقون ڏجو.

    اهو سمجهه کان بالاتر آهي ته هڪ پاسي حملن جو خدشو، ٻئي پاسي پوليس کان رائيفلون واپس وٺڻ جو حڪم! آخر اهو حڪم ڪنهن ڏنو؟ ڇا اقتدار جا ڌڻي ان باري ۾ عوام کي سبب ٻڌائڻ پسند ڪندا؟ جڏهن ڪراچيءَ ۾ جينز پاتل نوجوان کلئي عام رائيفلون، بندوقون، مائوزر ۽ ٽي ٽي پستول کڻي فائرنگ ڪندا رهيا ۽ 12 مئي تي شام تائين 34 ماڻهو مارجي چڪا ته ظاهر آهي پوليس لاءِ حملا آورن کي لٺين جي زور تي روڪڻ ممڪن ئي نه هو.

    12 مئي تي ايم ڪيو ايم دعويٰ ڪئي ته سندن 11 کان 14 ڪارڪن مارجي ويا آهن، پر ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ صرف هڪ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي جنازي جي خبر شايع ٿي، پر ايم ڪيو ايم جي ويب سائيٽ تي هنن پاڻ 3 ڪارڪنن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ظاهر آهي ته ان مان واضح ٿئي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي 11 کان 14 ڪارڪنن جي مرڻ واري دعويٰ غلط هئي، ڇو ته مارجي ويلن جو تعلق ٻين جماعتن سان ثابت ٿي چڪو آهي. جڏهن سنڌ جي گهرو وزارت ايم ڪيو ايم وٽ هجي ۽ ڪارڪن سندن مخالف جماعتن جا ماريا وڃن ته پوءِ پوليس اهلڪارن کي لٺيون ڏيڻ واري حڪم جاري ڪرڻ بابت ڪنهن حد تائين معاملو واضح نظر اچي ٿو ۽ ايم ڪيو ايم ان عمل جي ڪيتري به ترديد ڪري حقيقتون سندن ذميوار هجڻ ڏانهن اشارو ڪن ٿيون.

    ايم ڪيو ايم جو 12 مئي تي جيڪو جلوس هو، اهو بندر روڊ تي تبت سينٽر وٽ منعقد ڪيو ويو. روڊ تي دريون وڇائي ڪارڪنن کي ويهاريو ويو ۽ ٽي وي چينلز تي جن به ان جلوس جي ڪوريج ڏٺي، انهن جي ذهن تي اڃا به اها فلم واضح هوندي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي دريون خالي خالي پيل هيون. 2 1 مئي کان ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪو جلوس ايم ڪيو ايم ڪڍيو، ان جي ڀيٽ ۾ ماڻهو به گهٽ هئا. تبت سينٽر وٽ هونئن به بندر روڊ سوڙهو ٿي ويندو آهي، گهٽ ماڻهو جمع ٿين ته به گهڻا نظر ايندا آهن، پر ان جي باوجود به الطاف حسين خطاب ڪري ۽ ايم ڪيو ايم جي جلسي يا جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن جو تعداد گهٽ هجي، اهو سمجهه ۾ نٿو اچي.

    اخباري خبرن موجب 12 مئي تي خونريزيءَ سبب ڪراچي ۾ هڪ ڏهاڪو اڳ ٿيل لساني فسادن واري بوءِ اچي رهي آهي ۽ ان حوالي سان ميڊيا ۾ پڻ تنقيد ڪئي وئي ته ايم ڪيو ايم، جنهن پاڻ کي مهاجر لسانيت مان ڪڍي متحده قومي موومينٽ جي شڪل ۾ سڄي ملڪ جي ٻين شهرن تائين پنهنجو دائرو وسيع ڪيو، اها متحده 12 مئي جي فسادن بعد وري 10 سال پراڻي لساني سڃاڻپ جي چولي ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿي. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم 12 مئي تي جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو صدر جنرل پرويز مشرف ۽ حڪمران مسلم ليگ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪيو، پر حڪمران مسلم ليگ هن جماعت جي دفاع ۾ هيستائين نه پارليامينٽ ۾ ڪو آواز اٿاريو، نه ئي پارليامينٽ کان ٻاهر.

    12 مئي جي واقعن ڪراچي ته ڇا ملڪي سطح تي ايم ڪيو ايم کي تنها ڪري ڇڏيو ۽ منتشر مخالف ڌر کي ايم ڪيو ايم مخالفت واري اڪيلي نقطي تي متحد ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو. ملڪي سطح تي سياسي، مذهبي ۽ قوم پرست ڌريون ايم ڪيو ايم کي ڪراچي واقعي جو ذميوار قرار ڏيندي الزام مڙهي رهيون آهن. پارليامينٽ ۾ سمورين مخالف ڌر جي جماعتن ايم ڪيو ايم جي مخالفت ۾ نعرا به هنيا ۽ ايم ڪيو ايم بظاهر پهريون دفعو حاليه چند سالن ۾ ”بيڪ فٽ“ تي بيٺل نظر اچي رهي آهي. ڪراچي ۾ اين اين پي پاران جوابي ڪارروائين بعد گورنر سنڌ کان وٺي سياسي اڳواڻن تائين سڀ اسفند يار ولي سان ٽن ڏينهن کان رابطي ۾ آهي ته معاملي کي وڌايو نه. اي اين پي جا 10 ڪارڪن ڪراچي ۾ موت جي منهن ۾ هليا ويا، ظاهر آهي ته پٺاڻ ان تي جوش ۾ ايندا.

    ايم ڪيو ايم جي جلسي واري ڏينهن گرو مندر وٽ جنهن نموني ”آج“ ٽي وي هٿياربند ڪارڪنن جي ڪارروائي ٽي وي تي ڏيکاري، ان سان به هنن لاءِ ڪافي صورتحال نازڪ ٿي وئي ۽ 5 ڪلاڪ ”آج“ ٽي وي آفيس تي فائرنگ باوجود پوليس ۽ رينجرز جو نه پهچڻ ۽ ”آج“ ٽي وي اعليٰ اختيارين کي آگاهه ڪندي سيڪيورٽي لاءِ اپيل ڪندي رهي، پوءِ به ڪير ڪو نه آيو. اهڙي صورتحال پڻ ڪافي سوالن کي جنم ڏنو. ”آج“ ٽي وي تي حملي خلاف صحافين جي تنظيمن مظاهرا ڪيا ۽ ذميواري ايم ڪيو ايم تي عائد ڪئي، جنهن جي اڳ ۾ ترديد ڪئي وئي، ۽ بعد ۾ فاروق ستار ۽ ٻين کلئي عام ميڊيا کان معافي ورتي.

    آج ٽي وي پاران الطاف ڀائي جي تقرير براههِ راست نه ڏيکارڻ ۽ 5 ڪلاڪ گولين جي منهن ۾ ويهي رپورٽنگ ڪرڻ واري عمل هڪ پاسي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي چئلينج نه ڪري سگهڻ واري ڏندڪٿا کي ختم ڪيو آهي ته ٻئي پاسي خود ميڊيا سان وابسطا مالڪن توڙي صحافين کي هڪ لحاظ کان ڄڻ همت به ٻڌارائي آهي. جنهن نموني ملڪ ۾ ميڊيا ڦهلي آهي، ان صورتحال ۾ ڪنهن به جماعت يا گروهه لاءِ اهو ناممڪن بڻجي رهيو آهي ته هاڻي هو ميڊيا کي بندوق ۽ ڏنڊي جي زور تي ڪنٽرول ڪري سگهن.

    ٻارنهن مئي تي سياسي ڪارڪنن جي قتل ۽ جلوس تي حملن ۽ صحافين کان ڪميرا ڦرڻ، ڪوريج کان روڪڻ ۽ ”آج“ ٽي وي تي حملي خلاف ڪراچيءَ کان خيبر تائين خلاف احتجاج جو آواز بلند ٿيو آهي ۽ سندن خلاف الزام لڳي رهيا آهن. ان سموري صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪردار هاڻي ڪراچيءَ ۾ به ڄڻ جارحاڻي روئي بدارن دفاعي پوزيشن وارو لڳي رهيو آهي. جنهن نموني گذريل چند ڏينهن کان يعني 12 مئي کان هڪدم پوءِ ايم ڪيو ايم اي اين پي جي قيادت سامهون معذرت خواهانا رويو اختيار ڪيو ۽ ميڊيا کان معافي ورتي آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ تبت سينٽر سامهون تنگ روڊ تي وڇايل دريون پنهنجي ماڻهن سان نه ڀري سگهي آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هنن جي ”بيلٽ پاور“ ۾ قابلِ ذڪر حد تائين گهٽتائي ٿي آهي.

    اهڙي صورتحال ان وقت پيدا ٿي آهي، جڏهن حڪمرانن موجب اليڪشن جو سال اچي چڪو آهي. اليڪشن کان چند مهينا اڳ 12 مئي جي صورتحال، جنهن نموني ايم ڪيو ايم کي متحده مان مهاجر بنايو آهي. ان ۾ ملڪ جي مختلف شهرن تائين وسعت ماڻڻ ۽ قومي ڌارا جي پارٽي ٺاهڻ واري حملي آورن حڪمتِ عملي به بظاهر ناڪام نظر اچي رهي آهي. چيف جسٽس خلاف ريفرنس داخل ٿيڻ واري معاملي ۾ پاڪستان جي سياسي گنگا جنهن طرف وهي رهي آهي، ان جي ابتڙ سفر ڪرڻ ايم ڪيو ايم کي ڏاڍو مهانگو پوندو ۽ هاڻي ملڪي سطح تائين نمائندگي ته پري جي ڳالهه آهي، پر گهر بچائڻ به سندن لاءِ مشڪل نظر اچي رهيو آهي.

    ڪراچي جي ٻارنهن مئي وارن واقعن ۾ مارجي ويل 2 نوجوانن جا لاش جڏهن ڪشمير پهتا ته انهن جي تدفين ۾ شرڪت لاءِ ايم ڪيو ايم جا ٻه اهم ماڻهو ڪشمير جي مقتول جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ سميت ٻيون سهولتون آڇڻ وڃي رهيا هئا، پر کين اربع تي ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل نيوز مطابق خبر ملي ته وارث چون ٿا ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وارا آيا ته هو ساڻن وڙهندا ۽ پوءِ هنن دورو رد ڪيو.

    پاڪستان ۾ ميڊيا جي ڦهلاءَ ۽ ڪنهن قدر کين خيرات ۾ مليل آزادي نه رڳو ايم ڪيو ايم، پر گهڻين جماعتن جي سياسي چالاڪين کي وائکو ڪيو آهي ۽ هاڻي اهڙين جماعتن لاءِ ڏينهون ڏينهن ڏکي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ سياست کي هڪ نئون موڙ ملي رهيو آهي.

    ahmahar@yahoo.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    صدر جي چونڊ بابت حڪومتي ڌر جي حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟



    سومر 28 مئي 2007ع

    جڏهن کان چيف جسٽس آف پاڪستان، جناب جسٽس افتخار محمد چوڌري جي آئيني پٽيشن جي روزانو سماعت شروع ٿي ته سپريم ڪورٽ آڏو سياسي دنگل به ڍرو ٿيو ۽ حڪمران اهو سوچي رهيا هئا ته هو عدالتي بحران جي ڪُن مان نڪري رهيا آهن پر 6 2 مئي تي جنهن نموني رات جو حڪومت شاهراهه دستور جون لائٽيون بند ڪري ان کي ”شاهراهه اوندهه“ بنائي ڇڏيو، ته هنن جو خيال هو ته سندن ان قدم سان چيف جسٽس جا حامي ۽ حمايتي هليا ويندا پر صورتحال ان جي ابتڙ رهي، سوين ماڻهو، مرد ۽ عورتون عدالت سامهون چيف جسٽس جو استقبال ۽ تقرير مڪمل ٿيڻ بعد ئي ويا. سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن جا ڪارڪن ۽ عام شهري جنهن جذبي جو مظاهرو ڪري رهيا هئا، ان مان ته اهو لڳي رهيو هو ته عدالتي بحران جو ڪمبل آسانيءَ سان حڪومت جي جان ڇڏڻ وارو ناهي.

    اهڙي ماحول ۾ صدر جنرل پرويز مشرف جا وقفي وقفي سان ڏنل ٻه بيان اهميت جوڳا آهن. هڪ اهو، جنهن ۾ صدر مشرف اهو چيو ته، هو پاڻ کي اقتدار ۾ رکڻ لاءِ آئين کان مٿانهان قدم کڻي سگهي ٿو ۽ ٻيو اهو ته، هن فوج کي ڪنهن به هنگامي صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. سندس انهن ٻنهي بيانن کي اسلام آباد جي حلقن ۾ ڪافي اهميت ڏني پئي وڃي. اپوزيشن وارا سندس بيانن کي مايوسي ۽ ڪمزوريءَ جي علامت قرار ڏئي رهيا آهن، ته حڪومت وارا پنهنجي اقتدار جي عمر اڃا هڪ سال وڌڻ جي خوابن سان تعبير ڪري رهيا آهن. هاڻي ته حڪمران پاڻ ان ڳالهه جو اقرار ڪري رهيا آهن ته چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف صدارتي ريفرنس واري معاملي کي سرڪار جي ”بقراطن“ غلط هينڊل ڪيو ۽ انهن جي اها حڪمت عملي ۽ اندازو به غلط ثابت ٿيو، جنهن موجب هو چئي رهيا هئا ته، حڪومت جلد ان بحران مان نڪري ويندي ۽ اسٽيل ملز جي ”نجڪاري“ جيان هي معاملو به کين ڦٻي ويندو.

    هيستائين جنهن نموني سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بئنچ جي سربراهه ۽ ٻين ججن سماعت دوران ريمارڪس ڏنا آهن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن وقتي گورنر نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان سان حڪومت لاءِ صورتحال وڌيڪ ڏکي ٿي ويئي آهي، ٻرنديءَ تي تيل سان جيڪي ڀنڀٽ ڀڙڪيا آهن، انهن شعلن کي شڪست ڏيڻ هاڻي شايد حڪومتي وس ۾ نه رهيو آهي، ۽ حڪومتي سياسي فائر برگيڊ جي سموري مشق باوجود اقتدار جي خوبصورت ملڪه کي بچائڻ ۾ ڪاميابيءَ جي اميد گهٽ نظر اچي ٿي.

    چيف جسٽس آف پاڪستان، جناب جسٽس افتخار محمد چوڌري جو ڪيس اڃا هلڻو آهي ۽ عدالت ۾ زير سماعت هئڻ ڪري ان باري ۾ ڪو به تبصرو مناسب ناهي پر ان کان قطع نظر ته فيصلو ڪهڙيو به اچي، اهو ملڪي سياسي تاريخ ۾ هلچل ضرور پيدا ڪندو. چيف جسٽس واري ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين حڪومت ۽ مخالف ڌر پنهنجي پنهنجي منصوبه بنديءَ ۾ مشغول آهن. اپوزيشن وارا اسيمبلين تان استعيفا ڏيڻ جو سوچي رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن مولانا فضل الرحمان تي ان حوالي سان دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته هو گهٽ ۾ گهٽ سرحد حڪومت کان ڌار نٿو ٿئي ته بلوچستان جي بي اختيار حڪومت کان ڌار ئي ٿيڻ جو اعلان ڪري ۽ پنهنجي ساٿي اپوزيشن کي اعتماد ڏياري ته هو واقعي ۾ ساڻن گڏ آهي.

    تازو مرڪزي حڪومت جي ٻن وزيرن سان ڪچهريون ٿيون ۽ ڌار ڌار ٿيل انهن ڪچهرين ۾ بحث جو موضوع عدالتي بحران ئي رهيو، ته هاڻي ڇا ٿيندو؟ جڏهن مون کانئس ساڳيو سوال پڇيو، ته هنن پنهنجي معلومات ۽ اقتداري ايوانن ۾ هلندڙ افواهن ۽ سرگوشين جي آڌار تي ٻڌايو ته، حڪومت جا ”ٿنڪ ٽئنڪ“ (سندن چوڻ مطابق) جتي مونجهارن جو شڪار آهن، اتي ورهايل به لڳن ٿا. هنن ٻڌايو ته هڪڙا سرڪاري اڪابر صدر کي مشورو ڏئي چڪا آهن ته هو مستقبل ۾ چيف جسٽس ڪيس جي فيصلي کان فوري پوءِ پاڻ کي موجوده اسيمبلين کان چونڊرائڻ جو اعلان ڪري. ان سان ملڪ ۾ سياسي ڀونچال ڀلي اچي ۽ اهڙي صورتحال جو فائدو وٺي ملڪ ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي ۽ موجوده اسيمبلين جي هڪ سال مدت وڌڻ سان اپوزيشن جي جماعتن جا اڪثر ماڻهو استعيفا ڪو نه ڏيندا، ڇو ته هر ڪو سوچيندو ته جيڪڏهن استعيفا ڏني ويئي ته حڪومت ننڍي يعني ضمني چونڊ ڪرائيندي ۽ استعيفا ڏيندڙ هڪ سال ۾ ٻن چونڊن، يعني هڪ ننڍي چونڊ ۽ وري سال ۾ عام چونڊن لاءِ خرچ برداشت ڪري نه سگهندا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايم اين اي جي چونڊ لاءِ هڪ ڪروڙ ۽ ايم پي اي جي چونڊ لاءِ 40-50 لک گهرجن ٿا ۽ خاص ڪري پيپلز پارٽي سميت اهي جماعتون، جيڪي 1 1 سالن کان اپوزيشن ۾ هجن، انهن جا ميمبر ته سئو ڀيرا سوچيندا. سو اها صلاح ڏيندڙن کي يقين آهي ته جڏهن موجوده اسيمبلين جي مدت هڪ سال وڌندي ته پ پ وارا استعيفا نه ڏيندا ۽ نتيجي ۾ مولانا فضل الرحمان به رڪاوٽ وجهندو، ۽ موجوده اسيمبلين کان صدر پاڻ کي چونڊرائي سگهي ٿو. انهن جي اها به راءِ آهي ته جيڪڏهن پ پ وارا استعيفا ڏئي به ڇڏين ته مستقبل تي ”سياسي ڪيڪ“ ۾ مولانا فضل الرحمان جو حصو طئي ڪري ”قومي مفاد“ ۾ سندس خدمت حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن هو بلوچستان حڪومت کان ڌار نٿو ٿئي ۽ سرحد اسيمبلي به برقرار هجي ته پوءِ به حڪومت کي سياسي ۽ اخلاقي جواز هوندو ته چئني صوبن جي اسميبلين هوندي هو چونڊجي آيو آهي.

    ڪجهه قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته موجوده اسيمبلين کان اخلاقي ۽ سياسي طور صدر پاڻ کي نٿو چونڊرائي سگهي، ڇو ته جنهن اسيمبلي جي پنهنجي مدت 5 سال آهي، اها صدر کي ٻن مدن يعني 0 1 سالن لاءِ ڪيئن ئي چونڊي سگهي؟ پر ساڳئي وقت قانوني اعتبار کان هنن جو چوڻ آهي ته آئين ۾ اهو جهول آهي يعني ٻيهر چونڊجڻ وارو معاملو تڪراري آهي. اهڙي ماحول ۾ سرڪار جي ٻي راءِ رکندڙ ”بقراطن“ جيڪو صدر صاحب کي مشورو ڏنو آهي، اهو هي آهي ته سرڪاري وڪيل چيف جسٽس جي ڪيس جي سماعت کي ڊيگهه ڏيارين، حڪومت 9 جون تي مجوزه بجيٽ پيش ڪري، اها منظور ڪرائي ۽ جيئن ئي عدالتي فيصلو اچي ته، وزير اعظم تي مشوري تي عمل ڪندي اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو وڃي ۽ سيپٽمبر/آڪٽوبر ڌاري عام چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي، نگران حڪومت به جوڙي وڃي ۽ ان لاءِ پ پ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ان سان هڪ ته چيف جسٽس واري فيصلي جي امڪاني رد عمل بدران هر ڪو اليڪشن جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويندو ۽ حڪومت جيئن ته اڳ ۾ ئي تياري ڪري پئي پر مخالف ڌر جي جماعتن کي تياريءَ جو موقعو به گهٽ ملندو.

    همراهن ڳالهه پوري ڪئي ته وري ساڳيو سوال، ته هاڻي ڇا ٿيندو؟ مون چيو ته، اوهان سان ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته هن وقت ملڪي سياست تي عدالتي بحران جي ڇانيل بادلن سبب صورتحال ڌنڌلي آهي ۽ ان سڄي ماحول ۾ حڪومت جا ٿنڪ ٽينڪ جتي پريشان ۽ ڪنفوز آهن، اتي خود اقتدار ڌڻين جا به پير ڏڪي رهيا آهن. پاڪستاني سياست جي باري ۾ ڪا به اڳڪٿي ڪرڻ تمام مشڪل ڪم آهي پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چيف جسٽس جي ڪيس جو فيصلو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهڙي هلچل پيدا ڪندو، جو شايد جاگرافيائي حقيقتن جا بنياد به لڏي وڃن.

    منهنجي راءِ موجب، صدر صاحب کي جنهن نموني چيف جسٽس جي مزاحمتي ڪردار ۽ ٻارنهن مئي جي ڪراچي وارن واقعن جهٽڪا ڏنا آهن، ان کان وڌيڪ جهٽڪو کيس پنهنجن مان لڳڻ جو انديشو آهي. هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل احسان الحق ۽ نائب آرمي چيف جنرل احسن سليم حيات ريٽائر ٿي رهيا آهن، ان سان گڏو گڏ هلندڙ سال جي آخر تائين ڪافي ٻيا ٽاپ جنرل به رٽائر ٿيڻا آهن ۽ هن وقت صدر صاحب جي ٻين ترجيحات سان گڏو گڏ اها به اولين ترجيح هوندي ته هو انهن عهدن تي پنهنجا اعتماد وارا ساٿي مقرر ڪري. جنرل احسن سليم حيات ۽ جنرل احسان الحق صدر صاحب جا ڪافي اعتماد وارا ساٿي چيا وڃن ٿا ۽ ٻئي فور اسٽار جنرل آهن. انهن جا متبادل ۽ اعتماد وارا ساٿي تعينات ڪرڻ مشڪل ڪم آهي، ڇو ته اعتماد وارن کي آڻڻ سان سينارٽي لسٽ متاثر ٿئي ٿي ۽ ڪجهه سينئر جرنيلن کي هن ڏکئي ۽ نازڪ وقت ۾ باءِ پاس ڪرڻ به ا يترو سولو ناهي. ايندڙ چند مهينن ۾ نان سويلين بيورو ڪريسي ۾ اٿل پٿل جو امڪان آهي ۽ ان معاملي بعد ئي صدر صاحب پنهنجي سياسي مستقبل بابت پلان منظور ڪندو. تازو هڪ اخبار ۾ اها خبر به آئي هئي ته ملڪ ۾ جاري عدالتي بحران بابت چند هفتا اڳ ٿيل عسڪري قيادت جي اجلاس ۾ غور کان پاسو ڪيو ويو. ان بابت به مختلف قياس آرائيون ٿي رهيون آهن.
    ahmahar@yahoo.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ميڊيا تي پابندي مان سرڪار ڇا ماڻيندي؟



    سومر 4 جون 2007ع

    ملڪ جي اڪثر حلقن ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جو بيان بحث جو موضوع بڻيل آهي. صدر جنرل پرويز مشرف جا حامي ان جو مطلب پنهنجي مخصوص سوچ واري دائري ۾ رهندي ڪڍي رهيا آهن ۽ سندن خيال ۾ ته صدر صاحب ڏاڍو ڪمال ڪيو، جو عين وقت تي فوجي قيادت جي حمايت ثابت ڪري مخالفن کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي ڇڏيائين.

    صدر جنرل پرويز مشرف جا مخالف پنهنجي عينڪ سان ان ماجرا کي ڏسندي پنهنجو مطلب ڪڍي رهيا آهن ۽ سڀ کان اهم سوال اهو اٿاري رهيا آهن ته آخر دنيا جي ڪهڙي ملڪ جي فوج جي سربراهه پنهنجي ماتحت آفيسرن کي گهرائي اهو پڇيو آهي ته ڇا اوهين منهنجي حمايت ڪريو ٿا؟ اهو سوال اٿاريندڙ ڪور ڪمانڊرز جي حمايت حاصل هئڻ واري صدر جي بيان جو مقصد اهو به ڪڍي رهيا آهن ته اها صدر صاحب جي اندروني ڪمزوري، اضطرابي ۽ بي چيني واري ڪيفيت جي علامت آهي. يا ته سندن بقول اهو لمحو اچي ويو آهي جو صدر کي ذهن ۾ اهو سوال اڀريو آهي ته شايد ماتحت آفيسر گڏ ناهن.

    چوڌري نثار علي خان جي هن وقت چوٿين پيڙهي فوج ۾ آهي ۽ سندس تمام ويجها عزيز هميشه جنرل جي عهدي تي رهندا آيا آهن. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس واري بيان بعد هي پهريون شخص هو، جنهن دعويٰ ڪئي ته صدر جي ٻن عهدن جي حمايت وارو بيان ڪور ڪمانڊرز جو ناهي ۽ جيڪڏهن صدر جي دعويٰ درست آهي ته پوءِ هو ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جو سڄو احوال لفظ به لفظ قوم آڏو پڌرو ڪري ته جيئن ته قوم کي خبر پوي ته ڪهڙي ڪمانڊر ڇا چيو آهي؟

    چوڌري نثار پنهنجي خاندان جي فوج سان نسبت جي آڌار تي اها به دعويٰ ڪئي ته صدر جنرل پرويز مشرف خوفزده آهي ۽ هن تاش جي راند ۾ رنگ يعني ترپ جو آخري پتو به کيڏي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي وٽس ڪجهه ناهي رهيو.

    مخالف ڌر جو ظاهر آهي ته پاڪستاني سياست ۾ مخالفت وارو ئي رويو هوندو آهي، پر اڪثر تجزيه ڪار ۽ مبصر چوڌري نثار جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي سندس سان سهمت هجڻ جو اظهار ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته صدر جي ترڪش ۾ هاڻي ڳڻڻ جيترا تير بچيا آهن.

    9 مارچ کان شروع ٿيل عدالتي بحران جهڙي ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ حڪومت جي تڪڙ ۾ کنيل قدمن سبب ان ۾ گهٽتائي اچڻ بدران اڃا شدت پيدا ٿي رهي آهي. ڪالهه هڪ ڪچهري ۾ ويٺا هئاسين ته هڪ دوست ٻڌايو ته امام ڪعبه صاحب جنهن جي پويان اسلام آباد جي فيصل مسجد ۾ هزارين ماڻهن نماز پڙهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ به ناهي ته اسلام آباد ۾ 13 سالن دوران مون ايترا ماڻهو ڪو نه ڏٺا، جيترا امام ڪعبه جي پويان جمع نماز پڙهڻ لاءِ آيل هئا. امام ڪعبه صاحب بعد ۾ ايوانِ صدر ويو، جتي صدر سان ملڻ بعد هن کان خصوصي دعا به ڪرائي وئي، جنهن ۾ پاڪستان جي ڀلائي ۽ صدر جنرل پرويز مشرف جي مخالفت ۾ گهٽتائي جي دعا به شامل هئي.

    هڪ سينيئر دوست ٻڌايو ته، جڏهن 77ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم پنهنجي عروج وارو اقتدار ڏسي ”پي اين اي“ جي تحريڪ آڏو بلڪل ڪمزور وڪٽ تي هو ته ان وقت مولانا ڪوثر نيازي ان وقت جي امامِ ڪعبه کي گهرايو هو ۽ امام صاحب بلڪل ايئن ئي دعا گهر ي هئي ته يا الله ذوالفقار علي ڀٽو جي مخالفت کي ختم ڪر. جيئن صدر جنرل پرويز مشرف جي حق ۾ هاڻي گهري وئي آهي.

    ٻيو ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ پڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي حمايت ۾ اهڙي طريقي جو ئي بيان آيو هو، جهڙو صدر صاحب جي حمايت ۾ آيو آهي. امامِ ڪعبه جي دعا ۽ ڪور ڪمانڊرز جي حمايت وارن بيانن بعد مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو جو تختو اونڌو ڪيو ويو هو. هن وقت پي اين اي جو ڪم بظاهر چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڇنڇر وارو جلوس لاهور واري جلوس کان گهٽ نه هو. سرڪار ٽي وي چينلز تي براهه راست چيف جسٽس جو جلوس ڏيکارڻ تي بندش هڻي ڇڏي ۽ خلقِ خدا چيف جسٽس جي آڌر ڀاءَ ڏسڻ کان محروم ٿي وئي، پر ڇا ان سان چيف جسٽس جي جلوس ۾ شامل ماڻهن جو جذبو گهٽيو، يا انگ گهٽيو؟ هر گز نه. سخت گرمي ۾ ترنول کان (اسلام آباد ويجهو) ايبٽ آباد تائين جو سفر، جيڪو عام طور تي ٻن ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو آهي، اهو چيف جسٽس جي جلوس 12ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو. رات جو 2 وڳي تائين چيف جسٽس جي تقرير جو وارو نه آيو هو، پر پوءِ به صبح جي گرميءَ کان رات جي پڇاڙڪي ننڊهارڪي پهر تائين هزارين ماڻهو ديوانن جيان اُڀي پير بيٺا رهيا. چيف جسٽس، جنهن بابت اڪثر وڪيل چون ٿا ته هن صدر مشرف جي جاري ڪيل عبوري آئيني حڪم هيٺ حلف کنيو هو، ان جي باوردي فوجي صدر آڏو استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار واري هڪڙي ادا کيس مزاحمت جو اهڙو ڪردار بنائي ڇڏيو آهي، جيڪو انقلاب جي رومانس ۾ ڪنهن به تحريڪ جي سرواڻ جو هوندو آهي. ايبٽ آباد ۽ هريپور جي ماڻهن تي پنجاب جي ماڻهن جيان سدائين ميار رهي آهي ته هو وفا جا آسرا ڏئي عين وقت تي هوا جي وهڪري ۾ وهي ويندا آهن، پر چيف جسٽس جي آڌر ڀاءَ ٻنهي ڌرين لاءِ تاريخ کي سندن باري ۾ راءِ تي نظرثاني ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. پوٽوهار جي هن خطي جي ماڻهن واقعي حضرت ميان محمد بخش جي پوئلڳ هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. جتي پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ساٿي ججن سان گڏ بنا ڪنهن نتيجي جي پرواهه ڪندي سڄي رات انتطار ڪندو رهيو.

    ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته عدليه جي بحران ۾ جج هجن يا وڪيل يا وري سياسي جماعتون اڳواڻيءَ جو رول وري به سنڌ ادا ڪيو آهي، پر جرنيلن جي ديس وارن به گهٽ ناهي ڪيو.

    ميڊيا کي پابنديءَ وارا چتاءَ ڏئي حڪومت جا ميڊيا مئنيجر چون پيا ته هو ڪامياب رهيا، پر ڪيترائي تجزيه ڪار چون ٿا ته هو بظاهر کٽي به هارايل نظر اچي رهيا آهن، ڇو ته عوامي سمنڊ آڏو ٽي وي چينلز تي پابندي هڻي ته هو ان آڏو بند ٻڌي نه سگهيا آهن.

    ڪالهه تائين ميڊيا کي آزادي ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙ حڪمران اڄ پابندي هڻي پنهنجي پريشاني ۽ خوفزدگيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن. حڪومت وري قومي مفاد جي نام نهاد خلاف ورزي جو سهارو وٺي ميڊيا تي پابندي هڻي رهي آهي، پر هاڻي اهو وقت ناهي جو اخباري مالڪ ڪاپي شايع ڪرڻ کان اڳ ڪنهن مقرر ڪيل عملدار کان چيڪ ڪرائي اچن. يا ٽي وي چينل پنهنجي ٽيپ ڪنهن کان ايڊٽ ڪرائي اچن. پاڪستان ۾ ميڊيا 60 سالن جي مسلسل جدوجهد ۽ قربانين بعد اها نالي ماتر آزادي حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻي ان کي طاقت جي زور تي کسي نٿو سگهجي. اڄ جيڪڏهن پاڪستان ۾ ميڊيا تي پابندي وارو فيصلو سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي رسوائي جو سبب بڻيو آهي، ان جا ذميوار حڪمران ئي آهن. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ايئن تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن پويون پهر هوندو آهي. پر ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته شايد کين اهو آپشن به کپي ته بجيٽ کانپوءِ اسميلبي ٽوڙي چونڊ ڪرايون، يا موجوده اسيمبلين کان ٻيهر صدر چونڊرائي ملڪ ۾ ايمرجنسي هڻي هڪ سال اسيمبلين جي مدت وڌائي ڇڏجي.

    محلاتي سازشن واري هن آبادڪارن جي شهر اسلام آباد جي اڪثر ڪچهرين ۾ بحث جو موضوع عدالتي بحران ۽ نکيٽي ان شعر تي ٿئي ٿو ته،

    اب ڪي جانا ٺهر گيا هي

    صبح گئي ڪه شام گئي!
    ahmahar@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو