جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
آمريڪا جو دٻاءُ واقعي به شفاف چونڊن لاءِ آهي؟
سومر 18 جون 2007ع
ملڪ ۾ عدالتي بحران جاري آهي، چيف جسٽس جو فيصل آباد ويندي استقبال به لاهور، ايبٽ آباد يا سنڌ وڃڻ جهڙو ٿيو آهي. ان ۾ ڪو فرق ناهي پيو ۽ حڪومتي مشير جيڪي چئي رهيا هئا ته چئن هفتن بعد معاملو ٿڌو ٿي ويندو، صورتحال هن مهل تائين ان جي ابتڙ ثابت ٿي آهي. ان سڄي بحراني ماحول ۾ آمريڪي وزارتِ خارجه جي ترجمان جو چند ڏينهن اڳ آيل بيان جنهن ۾ هن چيو هو ته صدر جنرل پرويز مشرف آمريڪا سان وردي لاهڻ بابت واعدو ڪيو آهي ۽ کين اميد آهي ته هو واعدو پورو ڪندو. ترجمان اهو به چيو ته اميد آهي ته صدر جنرل پرويز مشرف پاڻ کي ايندڙ مدت لاءِ نين اسيمبلين کان چونڊرائيندو ۽ موجوده اسيمبلين کان پاڻ کي صدر نه چونڊرائيندو. اهڙي بيان سبب ته ايئن معلوم ٿي رهيو هو ته هاڻي آمريڪا پاڪستان ۾ عام چونڊن جي شفاف هئڻ بابت جيڪا دلچسپي وٺي رهيو آهي، ان ۾ شدت ايندي، صدر مشرف تي دٻاءُ وڌندو ۽ ملڪ ۾ جاري بحران ۾ شدت پيدا ٿيندي. پر تازو آمريڪا جي ٽن اعليٰ عملدارن جي اسلام آباد ۾ هڪ ئي وقت موجودگي ۽ پاڪستاني اختيارين سان ملاقاتن کانپوءِ سندن بيان اپوزيشن لاءِ بظاهر يقينن مايوس ڪن آهن ۽ صدر جنرل پرويز مشرف جي لاءِ ڪافي سازگار ۽ سهارو ڏيندڙ آهن. جان ڊي نيگرو پانٽي جڏهن چند مهينا اڳ انٽيليجنس جو ڊائريڪٽر هو، تڏهن بيان ڏنو هئائين ته، پاڪستان القائده ۽ طالبان جو ڳڙهه آهي ۽ پاڪستان کي جنگ ۾ وڌيڪ اپاءَ وٺڻ گهرجن.
ساڳيو همراهه جڏهن هن سال فيبروريءَ ۾ نائب وزير خارجه بنيو، ۽ پهريون دفعو تازو پاڪستان جي دوري تي آيو ته امڪان اهو ئي هو ته پراڻي پچ تي کيڏندو پر سندس لهجو ايترو ته ماٺيڻو هو، جنهن جي توقع ئي نه پئي ڪئي وئي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو ڪمانڊر انچيف جنرل وليم، اسسٽنٽ سيڪريٽري خارجه رچرڊ بائوچر ۽ نائب وزير خارجه نيگرو پانٽي ٽئي الڳ الڳ پاڪستان پهتا ۽ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ مختصر قيام بدران ٽي ٽي ڏينهن رهي پيا. گادي واري شهر جي با خبر حلقن جي دعويٰ آهي ته جڏهن رچرڊ بائوچر آيو ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سان مليو ته هر طرف اهي چوٻول هئا ته هو حڪومت کي ڀاشن ڏيڻ وارو آهي، پر صدر جنرل پرويز مشرف هن سان ملاقات کان انڪار ڪيو. حڪومتي حلقا اهو ٿا چون پيا ته جڏهن رچرڊ بائوچر سان صدر نه مليو ته هن کي مجبورن يا فرمائش تي اهو بيان به ڏيڻو پيو ته آمريڪا لاءِ صدر جا ٻه عهدا ايتري اهميت نٿا رکن، جيترو ايندڙ عام چونڊن جي شفاف بنائڻ جو معاملو اهم آهي. جنهن ڏينهن هن بيان ڏنو، ان ئي شام جو سندس باس نيگرو پانٽي پهتو ۽ ٻئي ڏينهن هن صدر مشرف، آءِ ايس آءِ جي سربراهه، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل احسان الحق ۽ نائب آرمي چيف جنرل حسن سليم حيات سان به ڌار ڌار ملاقات ڪئي. چون ٿا ته نيگرو پانٽي کي اوچتو خصوصي طور پاڪستان اچڻ لاءِ چيو ويو، ڇو ته صدر مشرف بائوچر سان ملڻ لاءِ انڪار ڪيو هو. ان ڪري سينيئر کي اچڻو پيو. جڏهن هو گڏجي صدر سان مليا ۽ ان بعد پريس ڪانفرنس ڪئي ته ايئن پيو لڳي، ڄڻ آمريڪي نائب وزير خارجه نه، پر بقول هڪ دوست جي ته چوڌري شجاعت بيان ڏئي رهيو آهي. نيگرو پانٽي چيو ته، پاڪستان اسان جو اهم اتحادي ملڪ آهي، صدر مشرف، آءِ ايس آءِ ۽ حڪومت افغانستان ۾ شدت پسنديءَ جي خاتمي لاءِ تمام اعليٰ ڪم رهيا آهن. پاڪستان وڏي قرباني ڏني آهي. فوجي عهدو ڇڏڻ بابت فيصلو صدر جنرل پرويز مشرف حالتن جو جائزو وٺي پاڻ ڪندو. هن اڃا هڪ قدم اڳتي ويندي چيو ته، پاڪستان ۾ ميڊيا وسيع ٿي آهي، آزادي به آهي، انساني حقن جي صورتحال به بهتر آهي. ظاهر آهي ته اهڙا بيان ته چوڌري شجاعت ڏيندو آهي، پر آمريڪي عملدار واتان ٻڌي سڀني کي حيراني ٿي آهي.
آمريڪي عملدار جي ان بيان بابت حڪومتي حلقن ۾ ڪافي خوشي آهي ۽ صدر جنرل پرويز مشرف به سمجهي ٿو ته في الحال بلا ٽري وئي آهي، پر ساڳئي وقت ڪجهه تجزيه ڪار اهو به سوال اٿاري رهيا آهن ته آخر اهڙي ڪهڙي گدڙ سنگي صدر صاحب وٽ آهي، جيڪا ڏسي آمريڪي عملدار پاڻي پاڻي ٿي ويا آهن؟ ڪجهه چون ٿا ته اها آمريڪا جي پراڻي چال آهي ته جڏهن به ڪنهن نان سويلين کان کين پاسيرو ٿيڻو هوندو آهي ته هو ان جي خوب تعريف ڪندا آهن. ان باري ۾ وال اسٽريٽ جنرل (آمريڪي اخبار) ۾ ته هڪ ڀرپور تجزيو به شايع ٿيو آهي ته مارڪوس کان وٺي ضياءُ الحق ۽ پنوشي تائين سڀني سان آمريڪا مقصد ماڻن بعد ايئن ڪيو، جيئن هاڻي هو پاڪستان سان ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن. وال اسٽريٽ ۾ اهو به چيو ويو ته اهڙيون حالتون هاڻي پاڪستان ۾ به پيدا ٿي رهيون آهن، جن حالتن ۾ آمريڪا ڪنهن ملڪ اندر تبديلي چاهيندو آهي. وال اسٽريٽ جو تجزيو پنهنجي جاءِ تي، پر جيڪڏهن ضياءُ الحق ۽ نواز شريف جي دور جي پڄاڻين جو اسين جائزو وٺون ته انهن ٻنهي معاملن ۾ اها راءِ ڪافي فٽ ٿئي ٿي.
جيڪي تجزيه ڪار اهو سوال اٿاري رهيا آهن ته آخر صدر صاحب اوچتو آمريڪي عملدارن کي ڪيئن پنهنجي حق ۾ بيان ڏيڻ تي مجبور ڪيو، تن جو خدشو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته صدر جنرل پرويز مشرف ان لاءِ تمام وڏي قيمت چڪائي هجي. جيڪا اصل ۽ حقيقي معنيٰ ۾ طالبان مخالف حڪمت عملي، جنهن ۾ ملا عمر جي گرفتاريءَ کان وٺي ڪجهه به ممڪن ٿي سگهي ٿو. اها راءِ رکندڙ چون ٿا ته جيڪڏهن سڀاڻي ملا عمر جي گرفتاري ۽ کيس آمريڪا حوالي ڪرڻ جي ڪا خبر اچي ته حيران نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ اهو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي يا نه ان جو فيصلو ”ذميوار قوتون“ پاڻ ڪنديون. ڪجهه مبصرن جي راءِ آهي ته صدر جنرل پرويز مشرف آمريڪا سان وردي لاهڻ، پاڻ کي نين اسيمبلين مان چونڊرائڻ ۽ بينظير ڀٽو جي پارٽيءَ سان اقتدار ۾ ڀائيواري ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي ۽ بظاهر کيس موجوده بحراني ڪيفيت ۾ ٽيڪو وٺرائڻ لاءِ آمريڪي عملدارن سندس حق ۾ بيان ڏنا آهن. رچرڊ بائوچر، جنهن جي ايجنڊا تي بينظير ڀٽو سان ملاقات به سرفهرست آهي، ڏسجي ته هو ساڻس ڪڏهن ٿو ملي ۽ ان جو نتيجو ڇا ٿو نڪري؟جيڪڏهن انهن ٻنهي راين کي به اسين ملائي ڏسون ته به نتيجو اهو ٿو نظر اچي ته مستقبل جي سياسي سيٽ اپ ۾ صدر جو اقتدار تي رکيل شڪنجو ڪمزور ٿيندو ۽ ڪردار به محدود ٿيندو پيو وڃي.
جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته صدر جا خاص ماڻهو، جيڪي ٻه منٽ ملي فوٽو گڏ ڪڍرائي ڊرائنگ روم ۾ هڻي رهيا هئا، اهي به هاڻي کانئنس ڪنارو ڪندي ۽ مٿس تنقيد ڪندي نظر اچي رهيا آهن. سابق وزير اعظم مير ظفر الله جمالي هجي يا سيد مشاهد حسين، ڪبير علي واسطي هجي يا ليفٽيننٽ جنرل (ر) مجيد ملڪ، انهن جا تازو آيل بيان جتي حڪمران مسلم ليگ جي رڌڻي ۾ رولي جو واضح ثبوت فراهم ڪري رهيا آهن ته ساڳئي وقت موجوده صورتحال ۾ صدر لاءِ به سٺو سنئوڻ ناهن. هڪ پاسي صدر جي مسلم ليگ جي سرڪرده ليڊرن جا اهي حال آهن ته ٻئي پاسي ان جماعت جي لاتعداد ايم اين ايز مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي سفارشون ڪرائي ايندڙ چونڊن ۾ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ آتا آهن. هن مهل تائين جيترن ماڻهن پي پي ۽ نواز ليگ سان رابطا ڪيا آهن، انهن جي جيڪڏهن لسٽ شايع ٿئي ته گهڻن کي دل جو دورو پئجي سگهي ٿو. مسلم ليگ (ق) جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر جيڪا صورتحال آهي، ان ۾ شايد ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ به گهٽ ماڻهو رابطو ڪن.
ahmahar@yahoo.com